Friday, April 29, 2016

سوچن جي سڳنڌ؛ صرف هڪ دفعو زندگي.


سوچن جي سڳنڌ؛ صرف هڪ دفعو زندگي.

You only live once, but if you do it right, once is enough. (Mae Waest)
توهان صرف هڪ دفعو زندگي پايو ٿا پر جيڪڏهن ان کي صحيح نموني گذارجي ته هڪ دفعو ئي ڪافي آهي. ( مئي ويسٽ)

Wednesday, April 27, 2016

سوچن جي سڳنڌ؛ ايندڙ صديء جا ليڊر

سوچن جي سڳنڌ؛ ايندڙ صديء جا ليڊر



سنڌڙي تنهن جي سونهن..8






سنڌڙي تنهن جي سونهن..8  


مادري ٻوليء کي بگاڙ کان بچائڻ گھرجي

مادري ٻوليء کي بگاڙ کان بچائڻ گھرجي.
شفيق شاڪر

پنهن جي مادري ٻوليء کان سواء ٻي ٻولي ذريعي انسان پنهن جن خيالن.جذبن ۽ احساسن جو اتم نموني  اظهارڪري نٿو سگھي توڙي جو.ٻوليون سڀ سهڻيون آهن ۽ انهن سان ساڙ رکڻ انڌي تعصب سبب آهي، جنهن ڪري انسان دنيا جي هڪ وڏي علمي خزاني ۽ دانش جي موتين کان پا ڻ کي محروم ڪيو ڇڏي. اهڙن ماڻهن  کان جڏهن ڪنهن غيرمادري ٻوليء واري شاعر يا اديب جي ڪنهن ڪتاب  يا شعر جي باري۾ سوا ل ڪجي ٿو ته اهي طنز واري انداز۾ جواب ڏين ٿا ته  “اهوشاعر يا اديب ته فلاڻي قوم يا نسل جو آهي!”.ڇا اسان سعدي شيرازيء جي شاعري ۽ جلال الدين روميء جون حڪمت ڀريون حڪايتون ان ڪري سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيون جو هڪڙو ايراني ۽ ٻيو رومي آهي! خليل جبران جا جوت ڀريا جواهر صرف ان ڪري ضايع ڪري ڇڏيون جو هو هڪ لبناني عرب عيسائي آهي، ابوالڪلام آزاد جي قادرالڪلاميء کي صرف ان ڪري نظر انداز ڪري ڇڏيون جوهوڀارتي آهي.اقبال، لال حسين،بابا غلام فريد،شيخ باهو، ۽بلي شاه جي سموري دانش تي پاڻي ڦيري ڇڏيون جو اهي پنجابي آهن.هي جو چيو ويندو آهي ته“ فن ۽ فنڪار جون ڪي ملڪي يا علاقائي سرحدون نه ٿينديون آهن”سو اهو فن صرف ڳائڻ،وڄائڻ ۽ ادڪاري ڪرڻ ئي ته ناهي. ان سڄي بحث جو مقصد اهو ته پنهن جي ٻوليء سان پيار ڪرڻ جو مطلب ٻين ٻولين سان نفرت ۽ حقارت ڪرڻ هرگز ناهي.ها جيڪر پنهن جي مادري ٻوليء کي نظرانداز ڪري ٻين ٻولين طرف ڌيان ڏنو وڃي ته ان کي مناسب رويو نه چئبو.



سنڌجيڪا پنهن جي تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان شاندار تاريخ جي وارث رهي آهي، تنهن تي  ماضيء ۾غير ملڪين جي حاڪميت جي باوجود اڄ به سنڌي ٻولي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ پنهن جي مجموعي هيئت ۽ صورت برقرار رکندي پيئي اچي.پر ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته سنڌي ٻوليء کي مستقبل ۾ ڪي خطرا نه آهن.خاص طور تي دنيا ۾ جيڪو انٽرنيٽ،ميڊيا ۽ ٽيليويزن جو اوچتو طوفان آيو آهي،انهيء سنڌيء ٻوليء لاء ڪيترائي چيلينج پيدا ڪيا آهن.انهيء جو هڪ وڏو سبب اهو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ انٽرنيٽ خاص طور تي سوشل ميڊيا تي جنهن ٻوليء جو رواج وڌندو ٿو وڃي،انهيء لاڙي جي اڳيان جيڪر ڪي مضبوط بند نه ٻڌا ويا ته صورتحال گھڻي تشويشناڪ ٿي ويندي.توهان سوشل ميڊيا توڙي موبائيل جي ذريعي ٿيندڙ ميسيجنگ مان ان جو اندازو لڳائي سگھوٿا.هڪ معاملو جيڪو سمجھ کان ٻاهر آهي ته جيڪر ميسيجنگ جي عمل ۾ ٻئي ڌريون سنڌي ڳالهائيندڙ آهن ته پوء اهي هڪٻئي ڏانهن ميسيج سنڌيء ۾ لکڻ بجاء اردوء ۾ڇو ٿا لکن؟جيڪر انگريزيء جا ميسيج انگريزيء ۾ لکيا وڃن ته وري به ڪو منطق ٺهي ٿو پر ميسيج انگريزي اسڪرپٽ ۾ لکجي پيو پر آهي اردو! مثال؛ Aap ko shadi ki Mubarak ho.، يعني اردو رومن ۾ لکڻ! هاڻي جيڪر ڪنهن کي رومن لکڻ جو ايتروئي شوق آهي ته رومن ۾ اردوء جي بدران سنڌي ڇو نٿو لکي؟خير،اهو ته هڪ بحث طلب موضوع آهي ته رومن ۾ سنڌي لکڻ گھرجي يا نه، پرهتي اسان صرف اهو ظاهر ڪرڻ گھرون ٿا ته اسان جي مادري ٻوليء سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ٻيا ته جيڪو ڪن پيا سو ڪن پيا پرهن معاملي ۾ اهو اسين پاڻ به ڪري رهيا آهيون.اسان خبر ناهي ٻين جي تهذيب کان ايترو دٻيل ڇو آهيون جو “امان” جهڙي محبتن سان ٽمٽار لفظ کي به “ مما” ، “ مڌر” يا “ موم” جي لفظن سان مٽائڻ لاء سندرو ٻڌي بيٺل آهيون.“ چاچا” مان “چچويا انڪل”، “ماما” مان “ خالو” ، “اديء ” مان “ديدي”،“ادا” مان “ڀائي جان.” ۽ ڀاڄائيء مان “ ڀاڀي” ،مطلب ته ڪهڙا ڪهڙا مثال ڏجن.. ٻوليء جي ترقي ته رهي پنهن جي جاء تي اسان ته هروڀرو پنهنجي ئي ٻوليء کي هليم بنائڻ ۾ لڳي ويا آهيون. ضروري آهي ته ٻوليء کي وڏي بگاڙ کان بچايو وڃي نه ته ايندڙ وقت ۾ “ امان”جهڙا لفظ به اسان جي ڊڪشنريء مان ئي غائب ٿي ويندا!
ٻوليء جي بگاڙ جو ٻيو اهم ذريعو اليڪٽرانڪ ميڊيا آهي توڙي جو سنڌي پرنٽ ميڊيا اڃا گھڻي حد تائين ڪنهن وڏي حادثي کان بچيل آهي تڏهن به اخبارن ۽ رسالن ۾ به ٻولي جي بگاڙ جي حوالي سان ڪافي شيون روزانو نظر مان گذرنديون رهن ٿيون.هڪ اهم ڪمي اها پيدا ٿي رهي آهي جو نوجوان پوء انهن جو تعلق ڪهڙي به شعبي سان هجي انهن جي اڪثريت پراڻي سنڌي ادب جي خزاني سان پنهن جو تعلق ٽوڙي چڪي آهي ايستائين جو انهن اخبار پڙهڻ به ڇڏي ڏني آهي.ظاهر آهي ته اخبار رڳو واقعاتي ۽ حادثاتي خبرن جو پنو ته نه هوندو آهي،اخبار جو جوهر ته ايڊيٽوريل صفحو ٿئي ٿو جن ۾ نه رڳو انهن واقعن ۽ حادثن جو تنقيدي جائزو ورتو ويندو آهي پر ٻولي، تهذيب۽ثقافت جا رنگ به نروار ٿيندا آهن ۽ وڏي ڳالھ اها ته پڙهندڙن جو پنهن جي مادري ٻوليء سان رشتو به قائم رهي ٿو.جڏهن اخبارئي پڙهي نٿي ٿئي ته ڪتابن ۽ رسالن جو ڪهڙو ذڪر ڪجي! جيئن موجوده ڪمرشلائيزيشن جي ڀوت سماج جي هر ڌر کي متاثر ڪيو آهي،اتي اخبارن جي دنيا به ان جي وڪڙ ۾ آيل آهي.جنهن ڪري اخبار جي معيار کان وڌيڪ اشتهارن ۽ سنسني خيز خبرن طرف لاڙو ٿيندو پيو وڃي.اهڙا ايڊيٽر به آهن جيڪي ڪنهن مضمون يا خبر جو هر لفظ اڄ به پڙهن ٿا ته جيئن ٻولي يا گرامر جي غلطين کي درست ڪري سگھجي پر افسوس سان اهڙيون اخبارون به آهن جيڪي صرف ليکڪ يا رپورٽر جو وڏو نالو هئڻ ڪري سندن مواد جيئن جو تيئن ڇپيو ڇڏين .حالانڪه ايڊيٽر يا نائب ايڊيٽر جو ڪم صرف هڪ هنڌان مليل مواد کي پنن تان کڻي اخبار تي ٽپائڻ نه هوندو آهي پر ان مواد جي تدوين ،ترڪيب۽ ترتيب ڪرڻ هوندو آهي.جهڙيء طرح ڪو موسيقار ڪنهن راڳيء جي وات مان نڪرندڙ هر لفظ کي موسيقيء جي پيماني تي تڪيندو ۽ توريندو آهي
مذڪر کي مونث ۽ مونث کي مذڪر ڪرڻ به سنڌي ٻوليء ۾ عام ٿيندو ٿو وڃي جنهن جو ڪو خاص خيال نٿو رکيو وڃي.مثال؛ “ اخبار” لفظ اردو ۾ نر جڌهن ته سنڌيء ۾ مادي آهي پر ڪيترائي پڙهيل لکيل دوست چوندا آهن ته “ اڄوڪو اخبار” ۽ ڪافي اردوء وارا به غلطيء وچان چوندا آهن ته “ آج ڪي اخبار”. اهڙيء طرح “ آواز” سنڌيء ۾ مذڪر پر اردو ۾ مونث آهي.“ دل ” اردو ۾ نر پر سنڌيء ۾ مادي آهي.لفظ “ شان” سنڌيء ۾ مذڪر پر اردوء ۾ مونث آهي.لفظ “ روح” سنڌيء ۾ نر پر اردوء ۾ مادي آهي.لفظ “ عرض” سنڌيء۾ مذڪر پر اردوء ۾ مونث آهي. “ بازار” اردوء ۾ مذڪر پر سنڌيء ۾ مونث آهي.اهڙا ٻيا کوڙ لفظ آهن، مقصد اهو ته ان قسم جا ٻيا لفظ به پرکي انهن جو صحيح استعمال ڪرڻ گھرجي.
گفتگو۾ ته ٺهيو پر اخبارن جي ڪالمن جا موضوع به انهن غلطين کان بچيل ناهن.مثال؛ “ نفرتن جو بازار” ، “حق جي آواز”، “ دردن ڀريو دل” ، “ مزدور جي شان” ،“ معصوم جي روح” وغيره وغيره
هم شڪل ۽ هم مطلب لفظن، تشبيهن ۽ استعارن،محاورن،اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين جي استعمال  ۾ به غلطيون ڪيون وڃن ٿيون.هم شڪل لفظ اهي آهن جيڪي ڏسڻ ۾ هڪ جهڙا آهن پر انهن جون معنائون الڳ ٿين ٿيون.مثال؛ اثر،اسر ۽ عصر، اثر نتيجي، اسر رات جي آخري حصي جڏهن ته عصر وچين جي وقت يا زماني لاء ڪم اچي ٿو.اهڙيء طرح سمر۽ثمر، آسي ۽ عاصي، زد ۽ ضد، بسر ۽ بصر،قمر ۽ ڪمر، نظر ۽ نذر،  سحر ۽ صحر،شڪي ۽ شقي، ساگر ۽ ساغر، آتشي ۽ آشتي، بغل ۽ بگل،نڪتو ۽ نقطو، زندان ۽ زنده،مرحوم ۽ محروم،قصر ۽ ڪسر، حجر۽ هجر،
سُڌ ۽ سَڌ، سُرهو ۽ سَرهو،ڪثرت ۽ ڪسرت، باد ۽ بعد، روزو ۽ روضو، ساحل ۽ سائل ،سرير ۽ شرير،لرزش ۽ لغزش ، تڪثير ۽ تقصير،غضب ۽ غصب، ڪسر،ڪثر ۽ قصر وغيره جهڙا لفظ جن مان گھڻا لفظ فارسي،اردو ۽ عربيء جا به آهن پر سنڌيء ۾ استعمال ٿين ٿا.
گھڻ معني لفظ جيڪي هڪ کان وڌيڪ معنائون ڏين ٿا.مثال؛ لفظ “ چاڪ” زخم، تندرست ،ٽانڪي توڙي ڪنهن لباس جي بکيي جي لاء به استعمال ٿئي ٿو. شعر جي هيء سٽ ڏسو؛
“ جڏهن کان “چاڪ” ڪئي دل تو،تڏهن کان “چاڪ” ٿي ناهي.”
لفظ “ دم” ساه ،وقت جي گھڙي ۽ سهڪي جي بيماريء لاء به استعمال ٿئي ٿو وري جڏهن چانور تيار ٿيڻ جي ويجھو هوندا آهن ته انهن جي هيٺان باه جھڪي ڪري ڇڏبي آهي ۽ چئبو آهي ته چانور هاڻي “ دم ” تي آهن.هم معني لفظ اهي آهن جن جو مطلب ساڳيو هوندو آهي مثال؛ “اميد ”جي لاء ٻيا ساڳي معنٰي وارا لفظ آهن، آس،آشا، امڪان وغيره ۽ “خواهش” جي لاء تمنا،ارمان،گھرج، تقاضا،حسرت، چاهت وغيره ساڳي معنٰي وارا لفظ آهن. اهڙيء طرح اصطلاح به ٻوليء جي سونهن ۾ اضافو ڪن ٿا.اصطلاح اهڙا مرڪب لفظ ٿين ٿا جن جي ٻوليء جي لحاظ کان ظاهري معنٰي هڪڙي پر اصل معنٰي ٻي ٿئي ٿي.مثال “ اک لڳڻ” جو مطلب محبت ٿي وڃڻ به آهي ته ننڊ ڪرڻ به.ساڳي شاعر جي غزل جي هڪ سٽ ڏسو؛
“ جڏهن کان“ اک لڳي” توسان تڏهن کان“ اک لڳي” ناهي.”
رڳو “اک” جي لفظ تي مشتمل اصطلاحن جوجائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو  ته اهولفظ ڪهڙيء طرح مختلف معنائن جا ويس پائي ٿو. مثال؛ اکيون اٽڪڻ،اکيون پورڻ،اکيون پٽڻ،اکيون ڏيکارڻ،اکيون پسائڻ،اکيون ملائڻ،اکيون جھڪائڻ،اکيون ڦاٽڻ،اکيون وڇائڻ،اکيون چورائڻ ۽.اکيون ڦيرڻ وغيره
تشبيهون ۽ استعارا به ٻوليء کي خوبصورت لباس پارائيندا آهن. “ تشبيھ” جي معنٰي آهي ڀيٽ ڪرڻ. “استعارو” به هڪ قسم جي ڀيٽ ئي هوندي آهي پر ٻنهي ۾ فرق اهو جو تشبيھ اهڙي ڀيٽ آهي جيڪا امڪانات مان هجي ۽ گھڻو ڪري جنس جي جنس سان ڀيٽ ڪبي آهي،مثال هڪڙي ماڻهوجي ڪنهن خوبي يا خاميء جي ٻئي ماڻهوء جي خوبي يا خاميء سان ڀيٽ ڪرڻ.مثال؛ “ سخي اهڙو جهڙو حاتم طائي!” يا “ هو ظلم ۾ هلاڪو خان بڻجي ويو!”
جڏهن ته استعاري جي لفظي معنٰي آهي ڪا شيء اڌاري ورتل.يعني اها وصف ان جنس ۾ موجود ئي ناهي پر ٻي جنس مان اڌاري وٺي ڀيٽ ڪئي ويئي. مثال؛ “ڪنوار جو چهرو چوڏهينء جو چنڊ هو!”

اهڙيء طرح ڪيترا اصطلاح به استعاري ٿين ٿا.مثال؛ علم جي روشني،جهالت جي اونده،لڙڪن جو سمنڊ،ظلم جو گھاڻو،سماج جو آئينو،عروج جو آسمان، ذلت جي کڏ،دل جي زبان،نظرن جا تير،زبان جو خنجر،دردن جي زنجير،اميدن جو محل،پکين جي پارليامينٽ وغيره وغيره.اهڙيء طرح چوڻيون ۽ پهاڪا آهن جن ۾ وسيع ۽ جامع مفهوم سمايل هوندو آهي.انهن اصطلاحن جي استعمال ۾ به گھڻي احتياط ۽ ڄاڻ جي ضرورت آهي. مثال؛ ڪو ايئن نٿو چئي سگھي ته “ اميدن جي اونده” بلڪه “اميد” لفظ هڪ مثبت تصور رکي ٿو جڏهن ته “اونده” هڪ منفي تصور آهي ان ڪري انهن ٻنهي تصورن کي ڪنهن اصطلاح ۾ عام طور تي گڏي نٿو سگھجي.اهي رڳو چند مثال هئا ته اسان ٻوليء جي صحيح استعمال جي معاملي ۾ ڏينهون ڏينهن غيرذميداريء جو شڪار ٿيندا ٿا وڃون جنهن طرف گھڻي ڌيان جي ضرورت آهي.انهيء جي لاء پنهن جي مادري توڙي ٻين آس پاس جي ٻولين جو مطالعو ۽ مشاهدو تمام ضروري آهي.
روزاني سوڀ 27 اپريل 2016ع 

شاعريء جي زبان؛ ڪيترو روح کي ڦٽي ماڻهو.اقبال رند


يادن جو البم؛ميان نوازشريف مريم نواز سان گڏ.


يڪهين صدي ۾ به پٿر واري دور جهڙو ڪوهستان


ايڪهين صدي ۾ به پٿر واري دور جهڙو ڪوهستان
فهد جانوري

 قدرتي وسيلن سان مالا مال هن ديس جا ڌڻي اڄ به پنهنجي زندگي بک، بدحالي، بيروزگاري جي ۽ بکن زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آهن، سڄي سنڌ اندر هر پاسي ظلم جي  انتها آهي، اُتي ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعي جو ڪوهستان وارو علائقو به جنت جهڙي ديس ۾ انتظامي بي ڌياني ڪري ماروئڙن لاءِ دوخ بڻيل آهي. ڪوهستان جي قديم وسندين کي ڪابه بنيادي سهوليتن نه هجڻ ڪري کين اڄ به پٿر واري دور ۾ زندگي گذارڻي  پئجي رهي آهي، برسات جي پاڻي تي گذر ڪندڙ هن ديس جا ماروئڙا پيئڻ جي پاڻي جي پاڻي لاءِ پڻ هر آيل نئي ڏينهن تي مينهن وسڻ جو اميدون ڪندا آهن پر افسوس جو شايد خدا به هنن مٿان راضي نه آهي ۽ هاڻي ته برساتون وسڻ به گھٽجي ويون آهن هن ڪائنات جي ڳجھ ڳوھ ۾ جاچڻ ته انسان ذات جو وس نه آهي پر هتي جي واڳ ڌڻين کان اهيو سوال ضروري آهي ته ڇا اوهان هتان جا نه آيو يا هنن اوهان کي ووٽ نه ڏنا آهن ڏٺو وڃي ته ڪوهستاني ڪنڌي جا هي ماروئڙا مڙئي مشڪلن ۾ ورتل آهن ئي آهن ڪڏهن ڪوهستان جو هزارين ايڪڙ زمينون سرمائيدارن حوالي ڪري سوين قديمي ڳوٺ ڏاڍ جي بنياد تي خالي ڪرائڻ وارا عمل به جاري آهن ڪوهستاني پٽي جي سوين ڳوٺن جن ۾ ڳوٺ ڪرم خان پالاري، ڳوٺ گودڙ چانگ، ڳوٺ ڦل جاکرو، ڳوٺ صادق چانگ، عظيم جاکرو، ڳوٺ مارڪ جاکرو، ڳوٺ جمعو شورو، ڳوٺ سوڍو کوسو، ڳوٺ مينهن وسايو کوسو، ڳوٺ سومر کوسو، ڳوٺ چاڪر شورو، ڳوٺ رمضان شورو، ڳوٺ سوز علي پالاري، ڳوٺ آچار شورو، ڳوٺ عزيز پالاري، ڳوٺ جاڙو چانگ، ڳوٺ مامن چانگ، ڳوٺ حاجي امين جوکيو، ڳوٺ رسول بخش درس، ڳوٺ جاني خاصخيلي، ڳوٺ لطيف گوپانگ، ڳوٺ خدا ڏنو پالاري، ڳوٺ احمد سولنگي،سميت سوين ڳوٺ شامل آهن جيڪي ايڪهين صدي جي هن سڌريل دور ۾ به روڊ رستن، پاڻي، بجلي ۽ گيس جهڙين سهولتن کان محروم بڻيل آهي سرڪار پاران ڪوهستان جون زمينون سرمائيدارن حوالي ڪري صدين کان آباد ڪوهستان واسين کي سرڪار پاران  معاوضو ڏيڻ بدران انگريز دور کان به اڳ وارين زمينن وارا مقامي رهواسين جا کاتا تبديل ڪيا ويا، جنهن سبب ڳوٺاڻا اجهن کان محروم ٿيڻ سميت معاوضي کان پڻ واجهائي رهيا آهن، ڪوهستان واسي 21 هين صدي واري هن دور م به بنيادي سهولتن کان محرومي سبب عذاب ڀوڳي رهيا آهن، مٿن ڏاڍ جبر ۽ بنيادي سهوليتن جي اڻهوند سان گڏوگڏ  سندن واحد معاشي ذريعي هزارين ايڪڙن وارين زمينن جا انگريز جي دور وارا جا کاتا به رد ڪرڻ هڪ وڏي ناانصافي آهي ملٽي نينشل ڪمپنين کي هزارين ايڪڙ زمينون الاٽ ڪيون ويون پر افسوس جو ان ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ روزگار لاءِ به ڪوهستان واسي لڳاتار نظرانداز ٿيندا اچن پيا، اختيار ڌڻي ڪوهستان واسي ماروئڙن تي رحم جي مدنظر رکندي هنن کي ڪمپنين اندر روزگار جو حق ته ڏنو وڃي هڪ طرف سرڪار مڪمل طور تي ڪوهستاني ماروئڙن کي نظر انداز ڪندي پئي اچي مٿان ڪوهستان ۾ قائم ملٽي نيشنل ڪمپنين وري ڪوهستان واسين کي روزگار لاءِ نظرانداز ڪري ڏاڍ جبر واري رياست قائم ڪري ڇڏي آهي، ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعن جي ڪوهستان جي ڪنڌي ۾ هينئر وري هڪ ٻيو به ظلم برپا ٿي رهيو آهي ڀوتارن جا دوست شهزادا عرب شڪاري ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعي جي ڪوهستاني ماروئڙن مٿان ڏمر ٿي لڳا آهن، دبئي قطر، سعودي، بحرين جي شڪاري عرب شهزادن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوهستان جي قديمي ڳوٺن ۾ عرب شهزادن لاءِ شڪارگاهون بڻايون ويون آهن  عرب شڪارين ڪوهستان واسين لاءِ ڌرتي ٽارمو ڪري ڇڏي آهي عرب شڪارين کي سرڪار پکين جي شڪار جو لائسنس ڏنو آهي يا ڪوهستان واسين جي شڪار جو؟ عرب شڪاري رات جي ٽائيم شراب پيئو پنهنجي ڇاڙتن سان گڏ اچي ڳوٺاڻن کي پريشان ڪندا رهن ٿا،  ته هر سال شڪار جي موسم ۾ ڪوهستانين سان اهڙا ظلم ٿين ٿا پر سرڪار ڪو کڙتيل ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهي ويتر ڪوهستاني ماروئڙن خلاف پوليس  ڪاروايون ٿي رهيون آهن، مطلب ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هتان جي رهواسين کي پنهنجي ماڳن مان بي دخل ڪرڻ جي سازش هلي رهي آهي عرب شهزادي کي سرڪار پاران ڏنل زمين جي ليزنگ واري مسئلي تي ڪورٽ سڳوري ۾ داخل ڪيل پٽشن تي پڻ ڪيس هلندڙ آهي تازو ٺٽي جي عدالت سڳوري شڪاري عرب شهزادي کي نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي ڪجھ ڏينهن اڳ عدالت سڳوري سنڌ سرڪار پاران عرب شڪارين کي ليز تي ڏنل زمينون رد ڪرڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو هو ۽ شڪارگاهون ختم ڪري شڪار تي پابندي جاري ڪرڻ جو چيو ويو هيو پر ان باوجود شڪارگاهون ختم ڪري شڪار تي پابندي واري عمل تي عمل نه ٿي سگھيو آهي، سوال اهيو آهي ته هي ڪهڙي رياست آهي جتي ان رياست جي ماڻهن کي پادر ۽ ڌارين کي پروٽوڪول ملن ٿا.

آن لائين انڊس نيوز جي ٿورن سان

Tuesday, April 26, 2016

ميان صاحب هڪ دفعو وري مزاحمت جي موڊ ۾

ميان صاحب هڪ دفعو وري مزاحمت جي موڊ ۾.
شفيق شاڪر
ڪيترن ئي ڏينهن کان ملڪ ۾ پکڙيل سياسي انتشار، غيريقيني ۽ ڇڪتاڻ واري ڪيفيت ۾ جڏهن وزيراعظم ميان نوازشريف جي قوم کي خطاب ڪرڻ واري خبر سامهون آئي هئي ته ملڪ جي ساڃاه وند ڌرين ۾ اها اميد ڪئي پئي ويئي ته ميان صاحب ڪنهن سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪندي اهڙو واضح ۽ چٽو اعلان ڪندو جنهن سان پاناما ليڪس وارو معاملو ڪنهن مناسب ۽ باوقار طريقي سان حل ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿيندو ۽ عوام توڙي ٻين سياسي ڌرين جي اطيمينان جو ڪو سامان پيدا ٿي پوندو پر هتي ته معاملو ئي ابتڙ نڪتو! ميان صاحب جي تقرير جيڪا اڃا تائين ته گھڻن جي سمجھ ۾ نه آئي آهي تنهن هيڪاري معاملن کي وڌيڪ منجھائي ۽ سياسي گرميء ۾ اضافو ڪري وڌو آهي.خبر ناهي ميان صاحب جي جن صلاحڪارن کيس “عظيم سياسي بصيرت”  سان لبريز اها تقرير لکي ڏني هئي تن جو ميان صاحب تي ڪهڙو پراڻو پلاند رهيل هو جيڪو وٺڻ جي هنن ڪوشش ڪئي آهي.

هونئن ميان صاحب جي پنهن جي ماضيء جي تاريخ به سندس انهن “شاندار سياسي بصيرتن” سان لبريز رهي آهي. ستل نانگ تي لت ڏيڻ، رستي تي پيل بم کي ٿڏو هڻڻ،ککرن ۾ کڙا هڻڻ، خطرن سان کيڏڻ ۽ مهمجوئين  جا مقابلا ڪرڻ ميان صاحب جو محبوب مشغلو ۽ شاندار شوق رهيو آهي. سندس شان حڪمرانيء جي ڪتاب جا ورق ورائي ڏسو ته خبر پوندي ته ميان صاحب سدائين “اصولن جي صاف سٿري” سياست ڪندي ڪنهن به آرمي چيف سان نه ٺهيو سواء پاڪستاني تاريخ جي بدترين آمر جنرل ضياء جي. اهڙيء طرح هو ڪنهن به صدر سان مفاهمت وارو رويو اختيار نه ڪري سگھيو سواء رفيق تارڙ ۽ ممنون حسين جي.سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به چيف جسٽس سان نه ٺهيو سواء چوڌري افتخار حسين جي.حزب اختلاف جي ڪنهن به ليڊر سان سندس تعلقات ڪڏهن به صحيح نه رهيا سواء سيد خورشيد شاه جي.سو ماضيء جي ان تاريخي آئيني ۾ ڏسجي ٿو ته صرف زورآزمائي،مزاحمت،مقابلو،هوڏ،انا،ضد،تڪبر۽ آمراڻو طرزعمل ئي نظر اچي ٿو.جن دانشورن ۽ صحافين يا عوام کي جيڪر اڄ به اها خوشفهمي آهي ته ميان صاحب بدلجي چڪو آهي،يا سندس سوچ يا روين ۾ ڪا تبديلي آئي آهي يا جمهوريت جي ديويء کيس پالش ڪري باقائدي هڪ جمهوري ليڊر بنائي ڇڏيو آهي يا وقت جي وهڪرن کيس ڪو سياسي سبق سيکاريو آهي ته اهڙن ماڻهن جي ساده دليء تي صرف ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو.ميان صاحب ڪجھ به نه بدليو آهي نه سندس سوچون ۽ نه ئي سندس انداز حڪمراني! هو اڄ به ٺيٺ واپاري آهي جنهن کي طاقت جي نشي وڌيڪ آمر،هٺيلو،ضديلو ۽ لالچي بنائي ڇڏيو آهي.سو ان پس منظر کي سامهون رکندي اهو اندازو لڳائڻ بلڪل مشڪل ناهي ته ميان صاحب هن معاملي ۾ به پنهن جي هوڏ ۽ ضد تان نه لهندو بلڪه هن جي تقرير مان صاف ظاهر آهي ته هن ان معاملي کي جمهوري انداز ۾ باوقار طريقي سان منهن ڏيڻ بدران جھيڙي وارو رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.جن اڪابرن کي ميان صاحب طرفان سپريم ڪورٽ ذريعي جوڊيشل ڪميشن جو اعلان مثبت ۽ نتيجاخيز نظر اچي رهيو آهي انهن کي ايندڙ چند ڏينهن ۾ سخت مايوسي ٿيندي جو ڪميشن ٺاهڻ جو اهو اعلان ، معاملو حل ڪرڻ لاء نه پر معاملي کي وڌيڪ منجھائڻ لاء ڪيو ويو آهي جنهن طرف ان ڪميشن جا ٽي آر اوز واضح نموني اشارو ڪري رهيا آهن.سو پهرين ڳالھ اها ته ان ڪميشن تي نه ته حڪومت مخالف سياسي ڌريون ئي متفق ٿينديون ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ اهڙن منجھيل ۽ تڪراري ٽي آر اوز تحت ڪا جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ قبول ڪندي.
سڄو جھيڙو پاناما ليڪس تي متل آهي پر جوڊيشل ڪميشن 1857ع جي ايڪٽ تحت ٺاهي ان کي 1947ع کان ٿيندڙ هر ڪرپشن جي جاچ ڪرڻ جي صلاح ڏني پيئي وڃي.يعني پاڪستان جو هر اهو ماڻهو جنهن ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ڪا ڪرپشن ڪئي هجي ،ڪڻڪ جون ٻوريون لڪايون هجن،مسجد مان جوتا چوراياهجن،اسڪول ٺاهڻ وقت سيمنٽ صحيح استعمال نه ڪيو هجي ،پهرين انهن سڀني جو احتساب ٿيندو۽جڏهن ڪميشن ان سموري ڪم کان واندي ٿئي ته پوء ڀلي پاناما ليڪس واري معاملي جي به تحقيقات ڪري!انهيء کان وڌ ٻي قوم سان ڪهڙي مذاق ٿي سگھي ٿي.
هاڻي ٿورو ذڪر وزيراعظم جي تقرير جو ڪيون جيڪا مختلف سوالن،مطالبن، الزامن،طعنن، مهڻن، شڪايتن،روڄ راڙي ، پنهن جي آتم ڪهاڻي ۽ پنهن جي خاندان جي پارسائي،پنهن جي مٿان ٿيل ظلمن ۽ ستمن،ڏوراپن ۽ آخر ۾ ڌمڪين جو مرڪب هئي.خبر ناهي ان سموري فضول گفتگوء مان ميان صاحب ڇا حاصل ڪرڻ گھريو ٿي ۽ هن ڇا حاصل ڪيو؟
پنهن جي جمهوري جدوجهد،سياسي جرئت ، قيد بند ۽ جلاوطنيء جا داستان ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي پر جيڪر اهو داستان ٻڌائڻ ايترو ئي ضروري هو ته پوء ميان صاحب قوم کي اهو سچ به ته ٻڌائي ها ته هن ان وقت جي آمر سان معاهدو ڪري مقدس ملڪ جو گس ڇو ورتو ۽ وقت جي ان آمر سان حساب ڪتاب ڪرڻ کان سندس طاقتور حڪومت کي ڪنهن روڪيو هو؟ اهو به ٻڌائڻ کپندو هو ته مشرف کي ڪنهن سازش ڪري جهاز ۾ ويهڻ ڏنو. اهو به ته ان ئي آمر جا اڪثر وزير ۽ مشير اڄ ميان صاحب جي حڪومت جو اهم حصو ڪنهن بڻايا؟
هاڻي اچو ميان صاحب جي انهن مطالبن جي فهرست تي جيڪي هن تقرير دوران ڪيا. ان کان وڌيڪ عجيب ڳالھ ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي جو ميان صاحب پاڻ وزيراعظم هوندي ٻين کان احتساب جا مطالبا ڪري رهيو آهي.حڪومت اهو احتساب ڪري ڇونٿي، آخر حڪومت کي ڪنهن روڪيو آهي؟
سازشن جا حوالا به ڏنا ويا،ميڊيا،مخالف ڌر ۽ مقتدر ادارن کي به تنقيد جو نشانو بنايو ويو،پنهن جي پارسائيء جا قصا به ٻڌايا ويا،مظلوميت جا داستان به بيان ٿيا،عوامي حمايت جون دعوائون به ڪيون وييون پر ان سڄي لاحاصل گفتگوء مان ڪابه شيء حاصل نه ٿيندي سواء ان جي ته ميان صاحب کي اڄ نه ته سڀاڻي احتساب جي ان بيرحم عمل مان گذرڻو ضرور پوندو جو اهو معاملو ايترو آسانيء سان ماضيء جيان ڪنهن سردخاني ۾ دفن ٿي نه 
سگھندو

روزاني مهراڻ ،سرواڻ 26 اپريل 2016ع

سنڌ سجاڳ بلاگ

سنڌ سجاڳ بلاگ



Sunday, April 24, 2016

مايوسين جي هنج مان اميد ڦٽي ٿي!


مايوسين جي هنج مان اميد ڦٽي ٿي!
شفيق شاڪر

پنهنجي چوڌاريء ماحول ۾ مايوسين جي ٻاٽ اونده آهي.حالتون تبديل ٿيڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن. سڌاري جي ڪا صورت نطر نه پيئي اچي.ساڳيا ستمگر ۽ ساڳيو ستم جو سلسلو.اهو ئي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.اهي ئي مانيء جي رکي ڀور لاء تڙپندڙ وجود.اهو ئي دور جهالت ۽ اهي ئي جيئري دفن ٿيندڙ بي گناھ نياڻيون.اهو ئي هوس ۽ هوڏ جي بي رحم راڪاس هيٺان لتاڙجندڙ معصوم انسانيت جا لاش.شايد انسان انسانن جي هن ديس ۾ اڳ ڪڏهن به ايترو ويڳاڻو نه هو ۽ هن سڌريل سماج جي هنج ۾ انسان ٻئي انسان  کان ايترو خوفزده اڳ ڪڏهن به نه هو.جتي حاڪمن جي دنيا الڳ ۽ محڪومن جو جهان جدا آهي.جتي غريبن جي خون سان اميرن جي محلن جون بتيون جرڪن ٿيون. جتي ڪمزورن جي ڳوڙهن مان ئي استحصال جي زهريلي باغ جي آبياري ٿئي ٿي.اهو سچ آهي ته هن ملڪ جي نوانوي سيڪڙو جيئن جون جھوليون صرف جھورين سان ٽمٽار آهن پر ڇا ڪجي؟ هي شهر ڇڏي ڪنهن ويراني ڏانهن لڏي وڃجي؟ عوامي لٽيرن،قاتلن،دهشتگردن،ستمگرن ۽ ظالمن کي ميدان خالي ڪري ڏيئي ڇڏجي!خدا جي هن ڌرتيء تي انهن جي اجاره داري ۽ داداگيريء کي هميشه جي لاء تسليم ڪري ڇڏجي!ايئن نٿو ڪري سگھجي.اميد ۽ آسن جو ڏيئو وسائي اونده کي ويتر وڌائي نٿو سگھجي.اسين ستايل ۽ محروم ٿيل هڪ ٻه ته ناهيون بلڪه پورا ويھ ڪروڙ انسان جن کي هن اشرافيه جي ننڍڙي اقليت ڏاڍ، طاقت،اختيار،مڪاري ۽ دوکي سان پنهن جو غلام بنائي رکيو آهي.هنن جو وس هلي ته اهي اسان سڀني کي آفريڪا ياعرب جي ڪنهن ويران ريگستان يا سائيبيريا جي برفاني جبلن ۾ اڇلي اچن ته جيئن اڃن بکن کان تڙپي يا سرديء کان ٿڙڪي مري وڃون پر ايئن نه ٿيندو. جڏهن  به عوام جي سوچ ۾ تبديلي آئي ۽ عوام انهن مڪارن جي ميلي ۾ نچڻ ڇڏي ڏنو ته سڀ ڪجھ بدلجي ويندو۽ انهن ظالمن جي پيرن هيٺان خدا جي ڌرتي کسڪڻ شروع ٿي ويندي. مايوسيء ۾ ورتل ماڻهو پڇن ٿا ته ان ملڪ ۾ تبديلي ايندي جتي هر اختيار،هر اداري، هر سياسي پارٽي،هر اسيمبلي ۽ هر ايوان تي،هر ڌنڌي ۽ هر ڪاروبار تي چند خاندانن جو ڄائي ڄمندي قبضو آهي.اهي جيڪي ڄاڻي واڻي قوم کي اڻ پڙهيل،غريب،ڪمزور ۽ محتاج رکندا پيا اچن.انهن سڀني دليلن جي جواب ۾ اسان وٽ صرف هڪڙو دليل آهي ته اهو ظلم جو نظام هڪ ڏينهن پوري شان سان انهن ظالمن جي مٿان ڪرندو.مڪافات عمل جي ان فطري اصول کي ٻئي ڪنهن دليل جي ضرورت نه آهي.اهو ڪم قوم نه ڪيو ته قدرت ڪندي.اهي نادان  ان انجام ۾ٿيل دير جي ڪري وڌيڪ بي خوف بڻجي ويا آهن ۽ سندن بداعمالين ۽ انسانيت آزاريء جي چٺي ۾ ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ نئون اضافو ان آفت جو اهڃاڻ آهي جيڪا بجليء وانگر اوچتي انهن تي ڪڙڪڻ واري آهي. صدمن جو ستايل عوام مايوس ٿيڻ بدران اميدن ۽ همت جو سندرو ٻڌي. خاموشيء جي قبرستان مان ٻاهر اچي، ناانصافين جي خلاف پرامن آواز بلند ڪري.جيڪو ناانصافين تي چپ رهي ٿو اهو به ظلم جا هٿ مضبوط ڪري ٿو.آئيني حدن ۾ رهي پنهن جا آئيني حق گھرڻ ڪو ناقابل معافي ڏوھ ته ناهي.مايوسين کي شڪست ڏيڻي پوندي.جيستائين آڪاش سلامت آهي تيستائين سج اڀرڻ جي آس به قائم آهي.جيستائين گلشن آهي تيستائين بهار جي اميد باقي آهي. دنيا ۾ ڪيتريون ئي قومون اسان کان وڌيڪ ايزائن مان گذريون آهن.ڪيترن ئي ملڪن جي ڌرتين اسان جي حاڪمن کان وڌيڪ بي درد حاڪم پسيا آهن.پر اڄ اهڙا ڪئين قصا ماضيء جو افسانو بڻجي چڪا ۽  عوام کي بدحالين جي گھاڻي ۾ پيڙهيندڙ ڪيئي عياش حڪمران تاريخ ۾ عبرت جو نشان بڻيل آهن.اسان کي مايوس نه ٿيڻ گھرجي جو هن ملڪ کي خوشحاليء جي رستي تي وجھڻ لاء ڪنهن ڳري مشينريء جي نه پر صرف هڪ ٺاهوڪي ڌڪي جي ضرورت آهي. عوام جو ڳڙڪايل مال هنن بي پهچ حڪمرانن کان وياج سميت واپس وٺڻ لاء صرف عقابي اک ڏيکارڻ جي ضرورت آهي.آسمان انهن کي قبول نه ڪندو ۽ ڌرتيء مان اهي پنهن جون پاڙون پاڻ ڪپي چڪا آهن. جيڪڏهن مڇرن واري گندي ٻيٽ کي “لي” جهڙو معمار ملي سگھي ٿو جنهن ان کي سنگاپور جهڙو سهڻو ملڪ ٺاهي ڇڏيو ۽ ملائيشيا جهڙي پوئتي پيل ملڪ کي “مهاتر” جهڙو مهان سرواڻ ملي سگھي ٿو جنهن ملائيشيا کي ترقيء ۽ خوشحاليءجي شاهراھ تي وجھي ڇڏيو ته  پوء اسان کي ڪو اهڙو بي غرض اڳواڻ ڇو نٿو ملي سگھي جيڪو هڪ معمولي مڪار ٽولي مان عوام جي جان ڇڏائي ملڪ جي نئين تاريخ لکي. پهريون ڀيرو ان اشرافيا جي محفلن ۾ پيل ٿڙ ڦٿڙ،سندن چهرن تي اڀريل پريشانين ۽ ڪرب جا نشان، سندن چپن تي  سندن بيوسيء جو ماتم،بار بار بدلجندڙ سندن مزاحيه بيان.اهو سڀ ڪجھ ڪنهن اهڙي اڻ ڏٺل طوفان جو اهڃاڻ آهي جنهن جي اچڻ جي آهٽ شايد انهن جي گوش سماعت سان ٽڪرائجي رهي آهي.اهي جيڪي سدائين عوام جي بيوسيء جو تماشو ڏسڻ جا عادي آهن، اڄ عوام انهن جو تماشو ڏسي رهيو آهي.شايد مليل مهلت ختم ٿيندي ٿي وڃي ۽ ظلم تي قائم معاشرو عين فطرت جي اڻ ٽر اصول مطابق وکري هڪ نئين سماج جي اڏاوت طرف پنهن جي فطري رفتار سان اڻ محسوس ٿيندڙ انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي.تبديليء جو اهو سفر ڪيترو وقت وٺندو اها اڳڪٿي ته ڪري نٿي سگھجي پر اها ڳالھ پوري يقين سان چئي سگھجي ٿي ته تبديليء جي عمل جي شروعات ٿي چڪي آهي جنهن کي روڪڻ انساني وس کان ٻاهر هوندو آهي!

روزاني مهراڻ 24 اپريل 2016ع
 http://sindhsujag.blogspot.comمنهنجو بلاگ ؛ــــــــــ

Friday, April 22, 2016

يادن جو البم؛ نوازشريف 1960ع ۾ پنهن جي ڪار سان.


سنڌڙي تنهنجي سونهن؛ (7)


شاعريء جي زبان ؛ نه ڪم نبريو نه غم نبريو. (استاد بخاري)


انڌا اونڌا ويڄ ؛ (دينداري )


انڌا اونڌا ويڄ ؛ (سازش )


آرمي چيف جو بيان ڪنهن لاء “خطرو” آهي؟

آرمي چيف جو بيان ڪنهن لاء “خطرو” آهي؟
شفيق شاڪر

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته  “ هر سطح تي احتساب لازمي آهي، ڪرپشن جي خاتمي تائين ملڪ ۾ امن امان جو قيام ممڪن ناهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم جي مڪمل حمايت حاصل آهي، هر سطح تي احتساب جو عمل لازمي آهي، ڇوته ڪرپشن جي خاتمي تائين امن امان جو قيام ۽ خوشحالي ممڪن ناهي ڪرپشن جي لعنت کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪرڻ کانسوءِ ملڪ ۾ مستقل امن قائم نٿو ٿي سگهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج مڪمل سهڪار ڪندي،  بنا فرق جي سڀني جو احتساب پاڪستان جي يڪجهتي، سالميت ۽ خوشحالي لاءِ ضروري آهي، قوم جي تعاون سان اسان دهشتگردي ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪري دم پٽينداسين.”
اهو آهي پاڪستان جي فوجي سربراه جو اهو بيان جنهن تي ڪيترائي  “جمهوريت پسند” سياستدان ،دانشور ۽ صحافي چڙيل نظر اچن ٿا ۽ هنن جي نظر ۾ ان بيان سان هڪ ڀيرو وري “جمهوريت” خطري ۾ پئجي ويئي آهي.اهي پاڪستاني عوام کي سمجھائڻ جي ڪوششش ڪري رهيا آهن ته آئين مطابق فوجي قيادت کي ان قسم جا غيرجمهوري بيان ڏيڻ جو اختيار ڪونهي. ٻئي طرف وفاقي وزير “عمرانيات” پرويز رشيد جو اهو بيان به سامهون آيو آهي ته ڪرپشن جو خاتمو صرف جمهوري عمل جي جاري رهڻ سان ئي ڳنڍيل آهي ۽ ڪرپشن جي آڙ ۾ ڪنهن کي به سياست ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي..هن قوم کي اها خوشخبري به ٻڌائي ته ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي آئي آهي.
ٽيون بيان “تازوبيماريء مان صحتياب ٿيل” وزيراعظم نواز شريف جوآهي جنهن چيو ته پاڪستانين جي اڪثريت ڌرڻا نه ٿي چاهي، پر بدقسمتي سان 1990ع واري ڏهاڪي جي ”مان نه مڃان“ واري سياست ٻيهر شروع ٿي وئي آهي . وزيراعظم چيو ته پاناماليڪس منهنجي ذات تي ڪوبه الزام ناهي مڙهيو، پر ان کانپوءِ به اسان چاهيون ٿا ته جاچ ڪميشن ضرور ٺهي، هن چيو ته ملڪ ۾ موجود ماڻهن کي اسان جون ڄنگهون نه ڇڪڻ گهرجن، ، ملڪ ۾ ڪجهه اهڙا سياستدان موجود آهن، جيڪي اڃا بالغ ناهن ٿيا. الله ڪري انهن کي به پاڪستان جي ترقي ايتري پياري ٿي وڃي، جيتري مون ۽ ٻين پاڪستانين کي آهي.
هن سڄي صورتحال ۾ پاڪستان جو عوام اهو سمجھڻ کان عاجز آهي ته آخر آرمي چيف جي بيان ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالھ آهي جنهن سان جمهوريت کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي! ۽ اها ڪهڙي سازش آهي جنهن جا چوٻول چوڌاريء ٻڌڻ ۾ پيا اچن.
پورو ملڪ ڪرپشن ۽ دهشتگرديء ۾ ورتل آهي اها ڳالھ جيڪر جنرل صاحب ڪري ٿو ته اها ساڳي ڳالھ پوري پاڪستاني قوم به ڪري رهي آهي.دهشتگردن کي ڪرپشن ذريعي ڪمايل پئسي مان مالي سهڪار ملي رهيو آهي،جيستائين انهن جي مالي سهڪار جي اها لائين نٿي ڪٽي وڃي،ملڪ مان دهشتگرديء جو مڪمل خاتمو نه ٿي سگھندو.اها ڪهڙي نه سمجھ ۾ ايندڙ حقيقت آهي،پورو عوام اها ئي ڳالھ بار بار ڪري رهيو آهي.بنان متڀيڌ ۽ فرق جي سڀني جو احتساب هئڻ گھرجي،انهيء تي چڙڻ يا انهيء کي جمهوريت جي لاء خطرو قرار ڏيڻ جي خبر ناهي ڪهڙي منطق آهي.سڀ سڄاڻ ڌريون ۽ عوام گذريل ڪيتري عرصي کان اهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته احتساب منصفاڻو،شفاف ،اڻ ڌريو ۽ بنان ڪنهن فرق جي هئڻ گھرجي.جڏهن احتساب جي عمل لاء“ اڪراس دي بورڊ ”جو لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته زندگيء جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ڪرپٽ عناصر جو احتساب ٿيڻ گھرجي جن ۾ سياستدانن سان گڏ جنرل،صحافي،مذهبي جماعتون،اين جي اوز، جج،وڪيل،آفيسر، واپاري۽ ڪارخانيدار انهيء ۾ شامل آهن هاڻي.جڏهن به انهيء احتساب جي لاء ڪٿان ڪو آواز يا صلاح اچي ٿي ته ان وقت جمهوريت کي خطرو لاڳو ٿي وڃي ٿو. مسئلو رڳو اهو ناهي جو ڪرپشن جي خلاف ڪنهن موثر احتسابي عمل جي خلاف رڳو ڪرپٽ سياستدان ئي “جمهوريت جي خلاف سازش” جون رڙيون ڪن ٿا پر هتي ته پوري سياسي ڪرپٽ مافيا آهي جنهن ۾  ڪجھ وڪيل، صحافي،اينڪرز۽ اين جي او اڳواڻ وغيره به شامل آهن جن کي خوف آهي ته جيڪر ملڪ ۾ هڪ دفعو حقيقي احتساب جو ڪو نظام عمل ۾ اچي ويو ته پوء انهن سڀني جي پارسائيء جو ڀانڊو ڦاٽي پوندو ان ڪري اهي سڀ گڏجي ان احتسابي عمل خلاف مزاحمت ڪرڻ لڳن ٿا.انهيء مزاحمت جي لاء جيئن ته وٽن ٻيو ڪو جواز موجود ناهي ان ڪري جمهوريت جمهوريت ڪرڻ لڳن ٿا.جنهن آئين جون انهن کي اهي شقون هروقت ڍنڍوري پٽڻ لاء ياد رهن ٿيون جن ۾ فوج ڪنهن جمهوري حڪومت جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگھي اتي آئين جون اهي شقون انهن کي ياد ڇو نٿيون رهن جن ۾ عوام جي بنيادي حقن جو حڪومتن کي ئي تحفظ ڪرڻو آهي، شهرين جي عزت،جان ۽ مال جي حفاظت به وقت جي حڪومت جي ذميداري آهي .ماڻهن کي زندگيء جون بنيادي سهوليتون فراهم ڪرڻ به حڪومت جي اولين فرضن ۾ شامل آهي.جڏهن اپوزيشن ۽ اها نام نهاد سول سوسائٽي وقت جي ڪنهن سياسي حڪومت تي پنهن جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ لاء ڪو حقيقي دٻاء وجھڻ بدران پنهن جا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لڳي وڃي، مڪ مڪائو جي بازار گرم هجي،حڪمرانن جي بدديانتيء،ڪرپشن ۽ ڦرلٽ تي سڀ چپ سبيو ويٺا هجن.سياسي بيانبازين کان سواء عملي ميدان ۾ ٻيو ڪجھ نظر نه ايندو هجي ته پوء عوام ڪنهن مان اميدون رکي، ڪنهن ڏانهن انصاف ۽ تحفظ لاء نهاري ؟
پاناما ليڪس واري معاملي تي آخر حڪومت کي ايڏي گوٿناٿ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ پهرئين ڏينهن ئي سپريم ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس جي سربراهيء ۾ هڪ تحقيقاتي ڪميشن قائم ڪري وٺي ها ته معاملو ان حد تائين نه پهچي ها..حڪمرانن وٽ عقل ۽ حقيقت شناسي هجي ها ته جنرل راحيل شريف جون روڊن تي لڳل وڏيون تصويرون ۽ سوشل ميڊيا تي سندس تعريف ڏسي ۽ پڙهي هيستائين سڀ ڪجھ سمجھي وڃن ها ته عوام آخر سياسي حڪومت کان ايترو مايوس ڇو ٿيو آهي. ڪجھ پنهن جي افعالن ۽ پرڪارن جو جائزو وٺڻ گھربو هو ته سڄي ملڪ کي انهن جنهن جنگ جي ميدان ۽ قتل عام جي بازار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو انهيء جي ذميداريء کان آخر اهي سول حڪومتون پاڻ کي ڪيئن ٿيون آجو ڪري سگھن.هر سياسي پارٽي ء جي هڪ دهشتگرد ونگ،ڏوهارين جا حڪمرانن سان لاڳاپا،گھر گھر ۾ لاش،رستن تي نڪرڻ موت کي دعوت ڏيڻ،اهي سڀ شيون اڃا ڪلھ جي ڳالھ آهي.سپريم ڪورٽ هڻي هڻي بيهي رهي،عوام مطالبا ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو،بين الاقوامي برادري رڙيون ڪندي ڪندي لاچار ٿي ويئي پر سياسي حڪمرانن جي ڪن تي جونء به نه سري.آخر اهو ڪم جيڪو سول حڪومتن کي ڪرڻو هو سوبه فوج کي ڪرڻو پيو.اڄ جڏهن دهشتگردي،ڀتاخوري،ٽارگيٽ ڪلنگ يا ٻين ڏوهن ۾ واضح ڪمي آئي آهي ته ان جو ڪريڊٽ به فوج ڏانهن ئي وڃي ٿو ۽ هاڻي جڏهن فوجي سربراه دهشتگرديء جي مستقل خاتمي جي راه ۾ هڪ حقيقي رڪاوٽ يعني دهشتگردن جي مالي سپورٽ جيڪا اڃا تائين جاري آهي ان جي خاتمي جي لاء ڪرپشن ۽ معاشي دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪاروائيء طرف قوم ۽ وقت جي حڪمرانن جو ڌيان ڇڪائي رهيو آهي ته هر طرف کان “جمهوريت بچايو” جو صدائون بلند ٿي وڃن ٿيون.
جمهوريت کي غيرسياسي قوتن يا ادارن کان ڪوبه خطرو ناهي بلڪه جمهوريت کي اڄ به انهن سياستدانن کان ئي خطرو آهي جيڪي عوام کي صرف جمهوريت جا لالي پوپ ڏيکارڻ جي پاليسيء تي قائم رهندي، حقيقي جمهوريت قائم ڪرڻ جي لاء اڄ به بلڪل تيار ناهن.ٻيو ڪجھ ته اهي نام نهاد جمهوري حڪمران عوام کي نه ڏيئي سگھيا پر قانون نافذ ڪندڙ جوانن جي هيترين قربانين کان پوء ملڪ ۾ جيڪو امن بحال ٿيو آهي اهي ان امن کي هڪ ڀيرو وري پنهن جن سياسي ۽ معاشي مفادن جي لاء داء تي لڳائڻ لاء آتا نظر اچن ٿا.انهن کي سمجھڻ گھرجي ته امن تباه ڪندڙ ڪنهن به سازش جو هاڻي عوام حصو نه بڻبو.هي آخر ڪهڙي بيمار جمهوريت آهي جيڪا اڃا تائين آئي سي يو ۾ داخل آهي ۽ هروقت اوهان کي اهو خوف آهي ته ڪو ان جي آڪسيجن بند ڪري کيس مرحوم بنائي ڇڏي.
فوج جي ماضيء جي ڪردار جي ڳالھ ڪندا ته پوء ماضي ته سياستدانن جو به ڪو قابل مثال نه رهيو آهي.ڪير بوٽ وارن کي ماضيء ۾ سڏيندو رهيو ۽ ڪير انهن جي وزارتن ۾شامل ٿيندو رهيو،ڪير ٻين سياستدانن جي خلاف انتقامي ڪاروائيون ڪندو رهيو،ڪير ورديء وارن کي ورديء ۾ ست دفعا چونڊڻ تي فخريا انداز ۾ اعلان ڪندو رهيو.جنرل ايوب کان ويندي مشرف تائين ڪير ڪير انهن جا تخت سجائيندا ۽ درٻارون صاف ڪندا رهيا.اهي سڀ قصا تاريخ ۾ محفوظ آهن.بوٽن وارن کي قبضو ڪرڻو هوندو آهي ته پوء اهي سٺيون ۽ سچيون صلاحون نه ڏيندا آهن ۽ نه ئي انهن جي اچڻ کي اوهان جي هيء لولي لنگڙي مڪاراڻي جمهوريت ئي روڪي سگھي ٿي.عوام کي جمهوريت جي خوبصورت ديويء جي مورت پنهن جي من ۾ سجائي ان جي پوڄا ناهي ڪرڻي،عوام کي سٺي حڪمراني کپي،سندن بنيادي مسئلن جو حل کپي،امن امان کپي جيڪي شيون انهن کي صرف ان ڪري نه ملي سگھيون آهن جو جن کي چونڊي انهن ايوانن تائين پهچايو اهي صرف پئسو ڪمائڻ ۾ لڳي ويا ۽ جمهوريت توڙي عوام انهن کي صرف تڏهن ياد اچي ٿو جڏهن اهي پنهن جن ئي ڪارن ڪرتوتن سبب ڪنهن ڪن ۾ ڦاسن ٿا يا وري کين اليڪشن ۾ عوام جي ووٽ جي ضرورت پوي ٿي.

فوجي سربراه جو تازو بيان ان اشرافيا جي ڀلي پسند وٽان نه هجي پر حقيقيت اها آهي ته عوام سمجھي ٿو ته جنرل راحيل شريف عوام جي دلي جذبن ۽ خواهشن جي ترجماني ڪئي آهي.باقي ڪنهن حڪومت جو وڃڻ يا ڪنهن حڪمران جو احتساب ٿيڻ دنيا جي جمهوريتن ۾ عام روٽين آهي پر پاڪستان ۾ جمهوريت کي خطري جو راڳ ان وقت آلاپيو ويندو آهي جڏهن حڪمرانن کي سندن نااهليون ٻڌايون وينديون آهن. اسان جي ملڪ جا نام نهاد جمهوري حڪمران پنهن جي پاڇي کان خوف کائي رهيا آهن .آرمي چيف جو هاڻوڪو بيان جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاء نه پر جمهوريت کي اڳتي وڌائڻ لاء به ته سمجھي سگھججي ٿو.جيڪر اڄ به اسان جا سياسي حڪمران ڪنهن سنجيدگيء جو مظاهرو ڪن ته ملڪ ۾ مارشل لا جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي.

روزاني سنڌ،عبرت،سرواڻ 22 اپريل 2016ع

Thursday, April 21, 2016

يادن جو البم ؛ محترمه بينظير ڀٽو، مير مرتضي ‘ ڀٽو ۽ صنم ڀٽو


يادگار تصويرون؛ ذوالفقارعلي ڀٽو،بيگم نصرت ڀٽو چيني صدر سان گڏ


يادگار تصويرون؛ ذوالفقارعلي ڀٽو،بيگم نصرت ڀٽو چيني صدر سان گڏ

شاعريء جي زبان؛ تو وڌو ٿورو ڪيو (احمد خان مدهوش)


صرف هڪ اک ئي کليل رهي ٿي!






صرف هڪ اک ئي کليل رهي ٿي!
شفيق شاڪر
قدرت واري انسان کي ٻه اکيون ان ڪري ڏنيون ته هڪ اک سان ڪائنات ۾ مالڪ جي جمال ۽ ٻي اک ذريعي سندس جلال جو مشاهدو ڪري سگھي،قدرت جي ڪارخاني ۾هڪ اک ذريعي اميد ۽ ٻي اک جي ذريعي خوف جا منظر ڏسي سگھي، هڪ اک ذريعي قومن جي عروج ۽ ٻي اک ذريعي زوال جون ڪهاڻيون پڙهي سگھي،هن جادو نگريء ۾ هڪ اک ذريعي دل کي مسحور ڪندڙ نظارن ۽ ٻي اک ذريعي عبرت جا داستان مطالعي هيٺ آڻي سگھي. پر انسان جي اها ازلي بدنصيبي ۽ فطري حماقت جو هو صرف پنهن جي هڪڙي اک ئي هميشه کليل رکي ٿو .جنهن جي ذريعي هو قدرت جو جمال،سونهن،رحمت،اميد۽ عروج ته پسي ٿو پر قدرت جو جلال، غضب، قومن جو زوال،انهن سمورين شين کان سندس اک سدائين انڌي رهي ٿي.ايستائين جو زندگيء جي جنهن حسين تصور ۾ هو پنهن جن جاڳندڙ اکين ۾ ڪئين خوبصورت خواب سجائي گھمندو رهي ٿو،هن جي اک اهو المناڪ منظرڏسڻ کان قاصر رهي ٿي جنهن جو ٻيو نالو موت آهي .هڪ ترش،تند،سخت۽ اڻ وڻندڙ پر اڻ ٽر حقيقت!جوانيء جي جنهن نشي ۾ ڌت ٿي هو سڀ ليڪا لتاڙي ٿو،هن جي اک ان ٻڍاپي کي نه ڏسي سگھندي آهي جيڪو جوانيء کان صرف ڪجھ فاصلي تي بيٺل هوندو آهي.دولت ۽ اختيار جي جنهن شهزور گھوڙي تي چڙهي هو ڪيترن ئي ڪمزورن ۽ مسڪينن کي لتاڙي ٿو، سڃائي ۽ بي اختياري ان سان گڏ سفر ڪري رهي هوندي آهي جيڪا هن جي اک کان اوجھل رهي ٿي.جڏهن زندگيء ۾ صرف هڪڙي اک ئي کليل هجي ته پوء دنيا ۾ فساد پيدا ٿئي ٿوان ڪري جو انسان پنهن جن مقرر حدن مان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.تاريخ جو مطالعو اهو ئي ٿو ٻڌائي ته دنيا ۾ جن جن ماڻهن ۽ قومن فساد ڦهلايو انهن پنهن جن مقرر حدن مان قدم ٻاهر رکيو. پوء انهن زمين تي خدائيء جون دعوائون ڪيون هجن،يا خدا جي پوري زمين تي حڪمرانيء جو حق جتايو هجي يا پوري دنيا جي دولت تي اڪيلي استحقاق جون دعوائون ڪيون هجن.پر اهي سڀ “ مفسدين” يعني فساد ڪندڙن جي فهرست ۾ شامل آهن ۽ انهن کي خدا جي هن زمين تي ان فساد جي جرئت ڇو ٿي؟ ان ڪري جو هنن صرف پنهن جي هڪ اک کليل رکي ۽ ٻي اک بند ! پوء ان فساد جو انجام ڇا ٿيو؟ قرآن ڪريم جي لفظن ۾ “ پوء زمين ۾ گھمو ڦرو۽ پوء ڏسي وٺو ته انهن فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي.” پر اها پڇاڙي ڏسڻ، سمجھڻ ۽ ان مان عبرت پرائڻ لاء به ته ان اک جو کليل هئڻ ضروري آهي جيڪا بند آهي.ٻئي هنڌ قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو ته      “ انهن وٽ اکيون ته آهن پر انهن سان ڏسن نٿا.” تاريخ ۾ قومن جي عروج ۽ زوال جا جيڪي قصا بيان ٿيل آهن،اهي رڳو افسانا ناهن پر ايندڙ انساني نسل جي لاء ڪئين سبق سمايل آهن.پر سبق اهي ئي پرائين ٿا جن جون ٻئي اکيون کليل هجن.قرآن ڪريم اهڙن قصن کي بيان ڪرڻ کان پوء پوري انسانذات کي هنن لفظن ۾ ان طرف ڌيان ڇڪائي ٿو ته “ پوء عبرت حاصل ڪريو،اي عقل وارو!” ماضيء ۾ فردن يا قومن تي ڪهڙا ڪهڙا قدرتي عذاب نازل ڪيا ويا،انهيء ڏوھ ۾ جو انهن عبرت جي اک بند ڪري فسادين وارو رويو اختيار ڪيو هو.جن معاشرن ۾ ماپ ۽ تور ۾ کوٽ بازار جو اصول بڻجي ويو،يا بيحيائي ۽ بڇڙائي وڻندڙ شيء بڻجي ويئي يا دولت ميڙڻ جي نشي انهن کي هر قائدي،قانون ۽ اخلاقي ضابطن کان آزاد ڪري ڇڏيو يا اهي ڪمزورن کي ڪهڻ لڳا يا مسڪينن مٿان زمين تنگ ڪري ويٺا.اهڙن فسادين کي بار بار وارننگ ڏني ويئي ته پنهن جن مقرر حدن ۾ موٽي اچن پر جيئن ته خوشحالين تي نظر رکندڙ سندن اک کليل رهي ۽ عبرت واري اک بند هئي ان ڪري انهن تي ڪنهن به وارننگ ۽ وعيد جو ڪو اثر نه ٿيو ۽ هو پنهن جي فساد کان باز نه آيا.پوء وقت جي اک ڏٺو ته کين زمين سوڌو مٿي آسمان جي بلندين تائين کڻي وري ان انداز ۾ هيٺ ڦٽو ڪيو ويو جو اهي زمين تي اونڌي منهن ڪريل هئا.نه ڪو مٿانئن نوحه گر بچيو ۽ نه ئي ڪو ماتم ڪندڙ سلامت رهيو.انهن جي ڏوه جو اهو اعلان ڪيو ويو ته اهي “ معتدين” يعني حد ٽپندڙ هئا.
اڄ به قدرتي آفتون نازل ٿين ٿيون،زلزلن جا جھٽڪا محسوس ٿين ٿا،سيلاب ۽ ڏڪار اچن ٿا پر اسان جي اها ئي هڪڙي اک کليل ۽ ٻي بند رهي ٿي.جنهن ڌرتيءجي مٿان اسان ظلم جي بازار گرم ڪيون ٿا انهيء ئي ڌرتيء جي تھ ۾ نه ڄاڻان ڪيترا زلزلا لڪيل آهن.جن جبلن مان اسان معدنيات جا ذخيرا هٿ ڪري انهن ئي زخيرن کي انسانيت جي خلاف استعمال ڪيون ٿا انهن ئي جبلن جي هنج ۾ خبر ناهي ڪيترا آتش فشان زمين کي تهس نهس ڪرڻ جي انتظار ۾ آهن.جنهن سمنڊ مان اسين قيمتي موتي تلاش ڪري انهن موتين سان پنهن جا گھر سجايون ٿا انهيء سمنڊ جي تري ۾ خبر ناهي ڪيتريون لهرون اٿلي شهرن جا شهر ڳهڻ لاء آتيون آهن.طوفان اڄ به اچن ٿا پر اسان جي صرف هڪڙي اک کليل رهي ٿي.آسماني آفتون اڄ به نازل ٿين ٿيون پر اسان جي عبرت واري اک هميشه بند رهي ٿي. حضرت لقمان پنهن جي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو هو “ پٽ! زمين تي آڪڙ ڪري نه هل جو خدا آڪڙ ڪرڻ وارن کي پسند نٿو ڪري” پر اڄ هر معاشري کي ڏسو خاص طور تي وقت جي حڪمرانن جا رويا آڪڙ ۽ تڪبر جي انتهائن کي ڇهي رهيا آهن.سندن اٿڻ ويهڻ،سندن بيان، سندن زبان مان نڪرندڙ هر لفظ ،سندن زندگي گذارڻ جو رنگ ڍنگ،سندن محفلون ۽ مجلسون، سندن حضر ۽ سفر،سندن جلوتون ۽ خلوتون،پوري ڪائنات جي خزانن جون چاٻيون هٿ ڪرڻ جي سندن خواهش،مسڪين،يتيمن،بيواهن ۽ ستايلن جا حق کائي وڃڻ جي نيت،قدم قدم تي شاهي محل اڏڻ جي تمنا،هر ڪاروبار ۽ ڌنڌي تي قبضو ڪرڻ جي آس،اهو ڪهڙو معاملو آهي جنهن ۾ اهي پنهن جون مقرر حدون نه ٽپيا هجن ۽ قدرت جي قانون مطابق حدون ٽپندڙ ۽ آڪڙ ڪندڙ ئي فسادي آهن،ان فساد ۽ آڪڙ جي ڏوھ جو انجام قرآن جي قانون مطابق اهو ئي آهي ته

“ پوء زمين ۾ گھمو ڦرو ۽ ڏسي وٺو ته فساد ڪندڙن جو انجام ڇا ٿيو”

روزاني سنڌ 21 اپريل 2016ع

Wednesday, April 20, 2016

سنڌ سجاڳ بلاگ: شاعريء جي زبان؛ تون ايندين ضرور ( آڪاش انصاري)

سوچن جي سڳنڌ؛ ليڊر (جوهن ڪئنسي ايڊمس)


شاعريء جي زبان؛ تون ايندين ضرور ( آڪاش انصاري)


نوازشريف خلاف واقعي ڪاسازش ٿي آهي؟



نوازشريف خلاف واقعي ڪاسازش ٿي آهي؟
شفيق شاڪر

جڏهن محترم نواز شريف ڪجھ ڏينهن پهرين سرڪاري ٽيليويزن تي نهايت ئي معصوميت واري انداز ۾ قوم کي پنهن جي ۽ پنهن جي خاندان جي بي گناهيء،ايمانداري ۽ حلال رزق ڪمائڻ جي مشقتن جا داستان ٻڌائي رهيو هو ان وقت ايئن ٿي محسوس ٿيو ته هو دنيا جو واحد مظلوم ترين ماڻهو آهي جنهن تي نه  رڳو ماضيء ۾ سندس مخالفن ستم جا جبل ڪيرائي وڌا پر هن وقت به هن کي حڪومت تان هٽائڻ ۽ سندس ساک توڙي ڪاروبار برباد ڪرڻ جون سازشون ڪيون پييون وڃن. ماضيء جي حوالي سان ته کڻي ڳالهه سمجھ ۾ اچي ٿي ته هن سان ان وقت جو صدر مرحوم غلام اسحاق خان نٿي ٺهيو.پي پي جون ٻه حڪومتون سندس خلاف هيون،بعد ۾ مليٽري ڊڪٽيٽر پرويز مشرف کيس تنگ ڪيو.پر هن وقت آخر ڪير ميان صاحب کي اهي ايذاء ڏيئي رهيو آهي ۽ ڪير سندس حڪومت جي خلاف رٿون رٿي رهيو آهي!اپوزيشن ته هن جي پنهن جي آهي،سائين خورشيد شاھ کي ته ميان صاحب سان خاص خيرخواهي آهي.مولانا فضل الرحمان ۽ محمود اچڪزئي به حڪومت جو حصو آهن.ايم ڪيو ايم جا به حڪومت سان پوئين در کان رابطا پڪا آهن.جماعت اسلامي جي به اهم قيادت ميان صاحب سان کير کنڊ آهي.باقي هڪڙو عمران خان ۽ ٻي سول ۽ فوجي بيوڪريسي رهجي وڃي ٿي.جيستائين سول بيوڪريسيء جو تعلق آهي ته انهن کي ميان صاحب کان ڪهڙي تڪليف! اهم عهدن تي پنهن جي پسند جا ماڻهو لڳل آهن جيڪي حڪومت سان مڪمل مفاهمت ۾ آهن.هاڻي صرف عمران خان ۽ فوجي بيوروڪريسي ئي رهجي وڃي ٿي.خبر ناهي سازشن جي حوالي سان ميان صاحب جي نظر عمران خان تي آهي يا فوجي اسٽيملشمينٽ تي ؟يا وري ايئن به هجي ته ميان صاحب جي نظر ۾ عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ پاڻ ۾ ملي هن جي خلاف سازش ڪري رهيا هجن.هڪ ته اسان جي سياسي حڪمرانن ۾ اڄ تائين اها اخلاقي جرئت پيدا نه ٿي سگھي آهي جو اهي سازش جا حوالا ڏيڻ سان گڏ سازش ڪندڙن جا نالا به عوام کي ٻڌائين.پر اهي نالا ڇو کڻندا جو انهن جو پنهن جو سياسي ڪردار ڪرپشن،ڦر لٽ.ڪوڙ.دوکي ۽ غلط بيانين سان داغدار آهي. جيڪر ميان صاحب جي سازش واري ان ٿيوريء کي صحيح به مڃجي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پاناما ليڪس جي حوالي سان پاڪستاني ڌرين مان ايترو اثررسوخ ڪنهن وٽ آهي جو اهي عالمي تحقيقاتي ادارن تي اثرانداز ٿي اهڙيون شيون منظرعام تي آڻائي سگھن؟وري معاملو صرف پاڪستان جو هجي ها ته کڻي ان امڪان تي به سوچجي ها پر هڪ اهڙو معاملو جنهن پوري دنيا کي پنهن جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هجي،ان تي ايئن چوڻ ته اها نواز حڪومت جي خلاف سازش آهي،کل جوڳي ڳالھ آهي.سڄي دنيا۾ جن به عالمي اڳواڻن جي باري۾ اها رپورٽ آئي آهي انهن مان هڪڙي به اڃا تائين انهن الزامن کان انڪار نه ڪيو آهي،ان جو مطلب ٿيو ته پاناما ليڪس جي رپورٽ تمام مستنند ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهي.ٻي ڳالھ اها ته جيڪر ان رپورٽ جو ڪو بنياد ئي ناهي ته پوء اوهان  کي ايتري پريشاني ڇو آهي،ايڏي ڀڄ ڊڪ ڪهڙي مقصد لاء آهي ۽ اهڙي فضول رپورٽ تي تحقيقاتي ڪميشن ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ افسوس جو هيڏي سڄي خواري ۽ بدناميء باوجود اڃا تائين حڪمرانن طرفان پنهن جي عوام سان لاڳيتو ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي ۽ بيانن جي هيراڦيرين ذريعي حقيقتن کان فرار جي پاليسي اختيار ڪئي پيئي وڃي.خبر ناهي اسان جا حڪمران ڪهڙي دنيا ۾ رهن ٿا.اهي اڃا تائين پراڻي سياست واري دور ۾ ڦاٿل نظر اچن ٿا انهيء حقيقيت کان بي نياز ته ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي موجوده تيز معلوماتي دور ۾ ماڻهن کي گھڻي دير تائين بيوقوف نٿو بنائي سگھجي.پر بدقسمتيء سان اهي پئسي ۽ پيٽ جا ايترو ته اسير بڻجي ويا آهن جو عزت،وقار۽ خودداري اهي سڀ ثانوي شيون بڻجي ويون آهن.هر طرف کان چور چور جو شور بلند ٿي رهيو آهي،اخبارن جا صفحا ۽ ٽي وي جا اسڪرين سندن بدديانتين ۽ غلط بيانين جي داستانن سان ڀريا پيا آهن،سڄي دنيا ۾ سندن ۽ ملڪ جو تماشو بڻيل آهي پر هنن حڪمرانن کي ٽڪي جي به پرواھ ڪانهي.بجاء حقيقتن جو اقرار ڪرڻ ۽ انهيء تي شرمسار ٿيڻ جي سندن وزير ۽ مشير وڏي ڍٽائيء ۽ فخرسان ڪڏهن جواز،ڪڏهن وضاحتون ته ڪڏهن ڌمڪيون ڏيندي نظر اچن ٿا.هر شيء جي ڪا حد ٿيندي آهي پر شايد بي اصولين جي ڪا حد ئي نه هوندي آهي.ڪهڙي ڪم جي اها حڪمراني ۽ ڪهڙي ڪم جو اهو پئسو جيڪو ماڻهوء کي ڪٿي منهن کڻڻ جهڙو نه ڇڏي.اجلاسن کان ڀڄڻ،ميڊيا کان منهن لڪائڻ، عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن کان ٽهڻ،غيرملڪي دورا منسوخ ڪري ڇڏڻ،پنهن جي زبان کي باربار ڪوڙ سان ناپاڪ ڪرڻ،جيڪر اها ئي حڪمراني آهي ته پوء ان حڪمرانيء کان ته فقيري لکين دفعا بهتر آهي.ڀلا ٿوري دير لاء محترم نوازشريف جي ان موقف کي صحيح به مڃجي ته پاناما ليڪس جي حوالي سان سندس باري ۾ جيڪي به سامهون آيو آهي سو سراسر سازش آهي ته پوء ڪرپشن.بدعنوانيء ۽ مني لانڊرنگ جي انهن قصن کي ڪيڏانهن ڪجي جيڪي پاناما ليڪس وارو معاملو سامهون اچڻ کان ڪيترائي سال اڳ جا آهن ۽ جن جون رپورٽون ٻاهرين ادارن نه پر خود پاڪستان جي تحقيقاتي ۽ احتسابي ادارن ڏنيون هيون.اچو ته انهن جو ٿورو جائزو وٺجي.                                                                                                                        مئي 2013ع ۾ جڏهن ميان صاحب ٽيون ڀيرو وزيراعظم جي ڪرسيء تي ويهڻ وارو هو ته قومي احتساب بيورو يعني نيب اوچتو سرگرم ٿي ويو ۽ اهو ڪرپشن ريفرنسز جي حوالي سان ميان صاحب کي راولپنڊيء جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو.انهيء کان اڳ   3 ڊسمبر 2012ع تي لاهورهائي ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ  اتفاق فائونڊريز،رائيونڊ جي اثاثن ۽ لاهور حديبيه پيپر ملز ۾ ڪرپشن جي داخل ريفرنسز ڪيسن جي خاتمي جي لاء نوازشريف جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو.اهي ريفرنسز احتساب عدالت ۾ 2000ع کان سماعت هيٺ هئا.نيب جڏهن احتساب عدالت ۾ انهن ريفرنسز تي وڌيڪ ڪاروائي ڪرڻ جي شروعات ڪئي ته نوازشريف خاندان پاران انهن ڪيسن جي خاتمي جي لاء پٽيشن داخل ڪرائي ويئي هئي. 18 فيبروري 2011ع تي لاهور هائي ڪورٽ  ان معاملي جو فيصلو اچڻ تائين نيب کي شريف خاندان خلاف ڪنهن به ڪاروائيء کان روڪي ڇڏيو هو ۽ اهو حڪم سيپٽمبر 2014ع تائين موثر رهيو ايستائين جو راولپنڊيء جي احتساب عدالت نيب طرفان شريف خاندان خلاف ٻيهر ڪيسن جي ڪاروائي شروع ڪرڻ واري درخواست کي رد ڪندي حديبيه پيپر ملز ۽ رائيونڊ جي اثاثن وارن بدعنوانين جي ٻنهي ڪيسن مان ميان نوازشريف کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.انهن ڪيسن ۾ ميان نوازشريف،شهبازشريف،سندن والد محمد شريف ۽ والده شميم اختر،حمزه شهباز، حسن نواز،اسحاق ڊار ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو هو. چوڏهن سال اڳ جي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ به نوازشريف ۽ شهبازشريف کي بري ڪيو ويو.   
  حديبيه پيپرز ملز ۾ ٿيل بدعنوانين جي حوالي سان نيب جي يارهن صفحن تي ٻڌل جاچ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته شريف خاندان ناجائز ذريعن سان ڪمايل رقم ٻين ماڻهن جي نالي تي کوليل بينڪ اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائي ان رقم کي پنهن جن ذاتي ڪمپنين جا قرض واپس ڪرڻ لاء استعمال ڪيو .نيب جي هڪ جاچ آفيسر جي جوڙيل رپورٽ ۾ ان وقت جي وزير خزانه اسحاق ڊار جو اعترافي بيان به شامل آهي جيڪو نوازشريف طرفان ڪيل مني لانڊرنگ جو سلطاني گواه بڻيو هو.

رائيونڊ جي اثاثن جي باري ۾ ميان نوازشريف تي اهو الزام هو ته هن ڪشادي زمين حاصل ڪري ان تي جيڪو قيمتي محل تعمير ڪيو ان جي خرچ جا ذريعا سندس آمدنيء جي ظاهر ڪيل ذريعن سان ڪابه هڪجهڙائي نٿا  رکن.                                                            ميان نوازشريف هڪ دفعو ٻيهر نيب کي سندس خاندان خلاف ڪرپشن جا ڪيس کولڻ تي سخت ڇنڊ پٽي آهي جنهن ڪري نيب في الحال پوئتي هٽي ويو آهي.نيب جي اتفاق فائونڊريز واري ريفرنس مطابق شريف خاندان مجموعي طور تي مختلف بينڪن جي 3.8 ارب روپيا قرضن جو ڊيفالٽر آهي.نيب جو چوڻ آهي ته ڊسمبر 2011ع تائين شريف خاندان کي نيشنل بينڪ کي 2.31 بلين روپيا،حبيب بينڪ کي 336 ملين روپيا،يونائٽيد بينڪ کي 343 ملين روپيا،مسلم ڪمرشل بينڪ کي 456 ملين روپيا، فرسٽ بينڪ پنجاب کي 202 ملين روپيا،بينڪ آف پنجاب کي 95 ملين روپيا،زرعي ترقياتي بينڪ کي 60 ملين روپيا،اين آئي بي کي 27 ملين روپيا جڏهن ته آئي سي بي پي کي 8 ملين روپيا واپس ڪرڻا هئا جيڪي هن اڄ تائين واپس نه ڪيا آهن.                                          
  ٿي سگھي ٿو ته اهي سموريون حقيقتون ۽ انگ اکر به ڪنهن سازش جو نتيجو هجن!