Monday, January 29, 2018

سياسي فلمون،سسپينس ۽ تماشائي !


شفيق الرحمان شاڪر
گذريل ڪيتري عرصي کان اسان جي پياري ملڪ پاڪستان  جي سياسي اسڪرين تي سسپينس سان ڀرپور جن چوٽيء جي فلمن جا ٽيلر هلي رهيا آهن انهن کي ڏسندي تماشائين جا حيرت وچان وات پٽجيو ۽ ڏندين آڱريون اچيو وڃن.انهن ٽيلرن جيڪر اسان کي پورو پاڳل نه ته اڌ چريو ضرور بنائي ڇڏيو آهي.اهي سين ڏسي سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڏند ٽيڙي تهڪ ڏجن يا اوناڙيون ڏيئي روئجي. نه فلمن جو مٿو ٿو مغز ۾ ويهي نه پڇ ٿو سمجهه ۾ اچي.نڪا ٿي اسٽوري ڊول ۾ ويهي ۽ نه ئي ٿي هيري ۽ ولين جي خبر پوي.بلڪه هيرو ۽ هيروئن جي سڃاڻپ به نٿي ٿئي.مرحوم سلطان راهيء واريون رڙيون، مصطفيٰ قريشيء واريون ڌمڪيون،پنجابي فلمن واري مارڪٽ ، پشتو فلمن واري ڊانس ، رنگيلي واري مسخري ۽ ننها واري سادگي.مطلب ته “آل ان ون” يا “ون ونڊو آپريشن” يا ”سڀ ڪجهه اوهان جي گھر جي چانئٺ تي“.ويچارن تماشائين جي عقل جو ڪو کر پير لڳي ئي نٿو.خبر ناهي مهمان اداڪارن ڪهڙي ميخاني مان منهن ٻوڙيو آهي جو سندن مستيء مخلوق خدا جون متيون ئي منجھائي ڇڏيون آهن.ان انمول ۽ عقل کان چڙهيل اسٽورين تي اسٽوري ليکڪن توڙي بهترين اداڪاريء جو مظاهرو ڪندڙن کي قومي خزاني مان ڪجهه ڪروڙ ڊالرن جو“ اقامو ”سندن همت افزائيء لاء کين ڏيئي ڇڏجي ته سڙندڙن کي هروڀرو ساڻن سڙڻ ۽ ٻوٿ سڄائڻ جي ڪهڙي ضرورت ! اسان ته اصل سڙڻ ڇڏي ڏنو آهي جو روڊ تي رڙهندڙ اڪثر ٽرڪن ۽ ٽرالن پويان لکيل ڏٺو اٿئون ته             “ جلني والون کا منهن ڪالا”.هونئن  به ڪنهن جي قسمت سان ڪهڙي ريس.ڪنهن جي جلون تي جلڻ معنيٰ پنهنجو جيء جلائڻ. مسئلو رڳو اهو آهي جو اهي فلمون جيڪر بنان سينسر جي ايئن ئي سستيون هلنديون رهيون ته اسان جي عقل شريف جو خدا ئي حافظ آهي ۽ شايد اهو وقت جلد اچي وڃي جڏهن اسان جو شمار به انهيء ئي بي فڪر لڏي ۾ ٿئي جن لاء ڊڪشنريء ۾ “پاڳل مخلوق” جو  جو خوبصورت لفظ استعمال ٿئي ٿو.پوء بلوچستان جي هردلعزيز اڳوڻي وڏي وزير جناب اسلم رئيساڻيء جي مايه ناز ماهراڻي موقف مطابق؛ “ پاڳل ته پاڳل هوندو آهي پوء اهو اصلي هجي يا نقلي،” سو جيڪر چرين جي نگريء ۾ رهڻ ئي مقدر هجي ته پوء چريو بنجي رهڻ ۾ ئي عافيت آهي. ها،ڀلجي به ڪڏهن پنهن جي سياسي بادشاهن جي ذهني حالت تي شڪ ڪرڻ جي گستاخي نه ڪجو جو سمورا عمل برباد ٿي سگھن ٿا ۽ اوهان جو شمار ڪنهن “ سازشي” ٽولي ۾ ٿي سگھي ٿو. البت جيڪر انهن جي ڪا اونهي ڳالهه اوهان جي عقل ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ته ايئن سمجھو ته اوهان جي دماغ جي ڪاربوريٽر ۾ ڪو ڪچرو اچي ويو آهي يا اوهان جي کوپري ڪا خالي لوٽو بڻجي ويئي آهي.اهي اسان جا عالي دماغ جن ۾ دانائيء جا ڌاڻا ڪٽي ڀرپور نموني ڀريا ويا آهن اهي خدانخواهسته دماغي طور تي ڪمزور ڪيئن ٿا ٿي سگھن.انهن جي دانائي ڀريل دليلن ۽ حڪمت ڀريل حرفن کي هضم ڪرڻ لاء عقل جي اونهائي کپي،خوشقسمتيء يا بدقسمتيء سان اسان کي اهڙي اونهائي هٿ چڙهي ئي ڪانهي. اسان وٽ ته صرف هڪڙي ئي اونهائي رهي آهي سا آهي غربت، مصيبت، سورن ۽ بدحالين جي اونهائي جنهن مان اسان کي ٻاهر ڪڍڻ جي غلطي نه ته انهن مهربانن ڪڏهن ڪئي نه ئي اسان پنهن جو پاڻ کي اڄ تائين پنهن جي ان بنيادي حق کان محروم ڪرڻ جو ڪڏهن ڀلجي به ڪو ارادو ڪيو آهي.سو اهي فلمون مٿو ٻڌي ۽ هٿ جگر تي رکي ضرور ڏسڻيون آهن پوء جمهوريت زنده باد جا اڀ ڦاڙيندڙ نعرا بلند ڪرڻا آهن ته جيئن سمورا “سازشي“ عنصر پنهن جو منهن مٿو پٽڻ تي مجبور ٿي پون ۽ مائي“ جمهوريت“ مخلوق خدا کان پورو پورو انتقام وٺي سگھي.هاڻي اچو ته انهن سياسي فلمن جا ڪجھه انقلابي ڊائلاگ ٻڌون، ڏسون  ۽ ياد ڪيون.جناب وڏو ميان صاحب فرمائي ٿو ته سندس نااهليء متعلق ڪيل عدالتي فيصلو عوام هرگز قبول نه ڪري.ويچارو ڪم عقل عوام اهو سمجھڻ کان قاصر آهي ته ميان صاحب خود ته پهرئين ڏينهن عدالت جو فيصلو قبول ڪري،وزيراعظم جي محل مان سڀ ٽين ٽپڙ گول ڪري وڃي جاتي امرا ۾ ديرو ڄمايو ۽ هاڻي وڏي معصوميت سان مخلوق خدا کي عدالتن ڏانهن پٿر اڇلائڻ جون نيڪ صلاحون ڏيئي رهيو آهي.ان جو مطلب اهو نه وٺجو ته عام مخلوق مان به ڪو رستي  جي وچ تي بيهي وتي اهو اعلان ڪندو ته بزرگو ۽ ڀائرو! اڄ کان عدالتن جو ڪو حڪم ناهي مڃڻو.ٻيو ڪجھه ڪونه ٿيندو البت آئين ۽ رياست سان بغاوت جي ڏوهه ۾ توهان کي ڦاهي ء جي معمولي سزا ضروراچي ويندي .پر جيئن ته اهڙا اعلان ميان صاحب پاڻ ڪري رهيو آهي ان ڪري “وسيع تر قومي مفاد” ۾ ماٺ ئي بهتر آهي. ملڪ جي وڏي ۾ وڏي انتظامي عهدي تي ويٺل وزيراعظم جناب عباسي صاحب فرمائي ٿو ته عوام کي گھرجي ته اهو عدالت جو فيصلو کڻي ڪنهن رديء جي ٽوڪريء ۾ اڇلائي ڇڏي. ان کي سنڌيء ۾ چئبو آهي ته “ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن.”  زبردست...! قانون تي قربان ٿيندڙ ۽ عدالتن جي احترام تان گھور ويندڙ اهڙا دلير وزير اعظم صرف خوشقسمت پاڪستاني قوم جي ئي حصي ۾ اچن ٿا.سائين جن اهو به اعلان فرمائين ٿا ته هو هڪ بااختيار وزيراعظم آهي پر سندس دل جو وزيراعظم صرف ميان نوازشريف آهي.اڃا اهو نه ٻڌايو اٿس ته سندس جيري ،جگر، گردي ،معدي ۽ اکين وغيرهه جو وزيراعظم ڪير آهي؟هوڏانهن ميان صاحب ڏوراپا ڏئي ٿو ته کيس زوريء شيخ مجيب بنايو پيو وڃي اها ته سراسر بي واجبي آهي. هئڻ ته اهو گھرجي جو ميان صاحب کي پنهن جي خوشيء سان شيخ مجيب بڻجڻ جي آزادي  هئڻ گھرجي. وزيراعظم فرمائي ٿو ته حڪومت مضبوط آهي ۽ معيشت کي ڪو خطرو ناهي، هر شيء“ اوڪي” لڳي پيئي آهي پر ٻئي طرف سندس دل جو وزيراعظم فرمائي ٿو ته سندس نڪرڻ کان پوء ملڪ جي هر شيء جو خانو خراب ٿي چڪو آهي جنهن جو جواب عدالتن کان ورتو وڃي.هوڏانهن زرداري صاحب فرمائي ٿو ته پنجاب حڪومت آبادگارن جو ساه ڪڍي ڇڏيو آهي ٻئي طرف سنڌ ۾ سندس حڪومت آبادگارن توڙي استادن جا مٿا ڦاڙيندي وتي .خيرآهي، اهي لٺيون ته ايجاد ئي  اصول پسند عوام  جي مٿن تي وسڻ لاء ٿيون آهن.عمران خان جيڪو ساٿين سميت  جنهن پارليامينٽ ۾ ويٺو آهي  انهيء ئي پارليامينٽ تي لکين لعنتون وجھي رهيو آهي پرمجال آهي جو اهي پنهنجن پگھارن تان ئي هٿ کڻن. قادري صاحب جن کي ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ سمورين خرابين جو ذميوار قرار ڏيندو ٿو اچي انهن کي ئي اڄ پنهن جي ساڄي کاٻي ويهاري،  کين حلوا کارائي، کانئن ماڊل ٽائون جي شهيدن لاء انصاف  ۾ مدد گھري رهيو آهي. ڳالهه پاڪستان ۾ نظام جي تبديليء جي ڪري رهيو آهي پر مس ڪينيڊا طرفان مليل شهريت جي هار مان به هٿ نٿو ڪڍي. . ريلوي واري رولي جو منتري جيالو سعد رفيق فرمائي ٿو ته ميان نوازشريف وزيراعظم هائوس ۾ رهندي ايترو خطرناڪ نه هو جيترو هو جاتي امرا ۾ خطرناڪ بڻجي چڪو آهي. يعني شينهن پڃري ۾ ايترو هاڃيڪار ناهي جيترو جھنگ ۾! سعد رفيق اهو واضح نه ڪيو ته ميان صاحب مان آخر ڪنهن کي ۽ ڪهڙو خطرو آهي. ملڪ کي خطرو آهي يا مخلوق خدا کي يا وري عدالتن کي؟ فلم جي ان سين جو سسپينس به ٻين سينن جيان برقرار آهي.مخلوق خدا انهيء ئي مسئلي ۾ منجھي پيئي آهي ته عدالتن جا فيصلا مڃجن يا انهن کي رديء جي ٽوڪريء ۾ اڇلائي ڇڏجي؟وزيراعظم جي ڳالهه مڃجي يا  سندس دل جي وزيراعظم جي؟پارليمينٽ تي لعنت وجھجي يا پارليمينٽ جي عظمت جا گيت ڳائجن؟ملڪ ترقيء جي راه تي گامزن آهي يا تباهيء جي؟

آخر ۾ هڪڙو سين پنڊيء واري  شيخ سائينء جو شيئر نه ڪرڻ به سازشي عمل ٿيندو. استعيفا جي اتڪي اعلان کان پوء اهو انڪشاف به ڪري وڌائين ته حڪومت 30 فيبروري تائين ختم ٿي ويندي    اها 30 فيبروري ڪڏهن ٿي اچي ،اچو ته گڏجي ٿورڙو انتظار ڪيون جيڪر ان جي اچڻ تائين اسان مان ڪو مڪمل پاڳل ٿيڻ کان بچي وڃي ته !
(روزاني هلال پاڪستان 29 جنوري 2018ع)


                                                                                                                        سنڌ سجاڳ بلاگ

Sunday, January 28, 2018

علم ۽ ان جا پنج بنيادي ذريعا.


شفيق الرحمان شاڪر
علم ڪنهن شيء جي ڄاڻ،سڃاڻ ۽ سمجھه کي چئجي ٿو.ڄاڻ ۽ فهم جو حاصل يا نتيجو جنهن ذريعي ڪجھه معلوم ڪجي يا معلوم ڪري سگھجي،سوچ سمجھه يا وقت سان گڏوگڏ مشاهدا، تجربا، اطلاع، ڇنڊڇاڻ ۽ اڀياس ذريعي بني نوع انسان جو زخيرو، حقيقتن يا سچائين جو مجموعو ۽ ان مجموعي متعلق ڄاڻ کي علم چئجي ٿو.
انسان جي فطرت ۾ اها شيء شامل آهي ته هو ڪائنات جي لڪيل رازن کي ظاهر ڪرڻ جي جستجو ۽ کوجنا ۾ لڳل رهي ٿو ۽ هن جي اها طلب بدستور وڌندي رهي ٿي ته جيئن هو قطعي ڄاڻ حاصل ڪري وٺي.اهي سمورا سوال جيڪي ڪائنات جي شين کي ڄاڻڻ لاء اٿاريا وڃن،اهي سڀ علم جي دائري ۾ اچن ٿا.علم الاهي عطيو ۽ ڄاڻ ان جو عظيم تحفو آهي. ان ڪري علم کي  اللہ جو نور چيو ويو آهي جنهن جي هڪ تجلّي عقل آهي ۽ ان جون ٻيون به ڪيتريون ئي تجلّيون آهن. جيئن ڪشف ۽ وجدان،وحي ۽ الهام جيڪو يقيني ۽ قطعي علم جو هڪ قسم آهي جنهن کي الهامي يا وهبي علم به چيو وڃي ٿوجيڪو علم جو سڀ کان مٿانهون درجو آهي.ٻيو علم ڪسبي آهي جنهنجون ڪيتريون ئي صورتون آهن،مثال احساس،عقل،منطق،استدلال ۽ دانائي وغيره.                          
    منطق ۽ تجربي ذريعي حاصل ٿيندڙ علم به برحق آهن پر انهن کي قطعيت يعني آخري ڳالهه هئڻ جو درجو حاصل ناهي.اهو ئي سبب آهي جو انهن علمن جا باني روزمره جي تبديلين تي يقين رکن ٿا ۽ سندن نظريا ۽ علمي حقيقتون روزمره جي تبديلين کان متاثر ٿينديون رهن ٿيون.

علم جا بنيادي طور تي پنج مکيه ذريعا آهن.

1. حسي علم(Sense perception)؛ــ پنجن انساني حِسن يعني ڏسڻ،ٻڌڻ،ڇهڻ، سنگھڻ ۽ چکڻ ذريعي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ کي حسي علم چئجي ٿو.حسي علم هڪ زنده حقيقت آهي ۽حواس به اللہ جو عطيو آهن.اهو علم حاصل ڪرڻ جو عام ۽ بنيادي ذريعو آهي. حسي علم جو وڏي ۾ وڏو مظاهرو اڄ جي جديد سائنس آهي.سائنسي مفروضن جي مشاهدن ۽ تجربن ذريعي ترديد يا تائيد ڪئي ويندي آهي.سائنسي نظريا برابر بدلجندڙ ۽ سائنسي حقيقتون هروقت زيرتڪميل رهن ٿيون. ياد رکڻ گھرجي ته سائنسي نظريا يا حقيقتون آخري حرف ناهن ان ڪري انهن جي اقرار يا انڪار ۾ سخت احتياط جي ضرورت هوندي آهي.

2. عقلي علم (Reasonism)؛ـــ هن کي قياس،استدلال،برهان ۽ فڪري علم به چيو وڃي ٿو.سوچ ۽ ويچار به علم حاصل ڪرڻ جي ذريعن مان هڪ آهي.پر هن نظريي جي مفڪرن جيڪا غلطي ڪئي سا اها ته انهن صرف عقل کي ئي حق ۽ سچائيء جو معيار سمجھيو.مثال؛ افلاطون جي چوڻ مطابق؛ “صرف اهو علم ئي سچو علم آهي جيڪو عقل ذريعي حاصل ٿئي.” جڏهن ته زندگيء ۽ ڪائنات متعلق ڪجھه معاملا ۽ مسئلا اهڙا آهن جو انهن جي نوعيت جي لحاظ کان عقلي علم بيڪار ثابت ٿئي ٿو ۽ رڳو عقل ذريعي انهن کي سلجھائي نٿو سگھجي.جهڙيء طرح حسي علم ڪيترن ئي معاملن ۾ لاچار نظر اچي ٿو اهڙيء طرح هر مسئلو عقلي علم جي ذريعي به حل ڪري نٿو سگھجي.

3. ادراڪ يا وجدان (Intuition)؛ــ اهڙو علم جيڪو بنان ڪنهن حس،استدلال ۽ سوچ جي سڌو سنئون ذهن ۾ ڪنهن ڇوليء جيان پيدا ٿئي يا ايئن چئجي ته اونهي سوچ ويچار سان ماڻهوء تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿئي جو هن جي اندر مان ڪنهن حقيقت يا سچائيء جو آواز اڀري ۽ هن جي دل ان ڪيفيت مان سڪون ۽ اطمينان حاصل ڪري ته اهڙي علم کي ادراڪ يا وجدان چئبو آهي.ان علم جي نه ته ڪا خاص ڪسوٽي آهي ۽ نه ئي ڪو واضح دليل. پر اهو علم به برحق آهي.انهيء علم کي انڪشاف،ڪشف يا القا به چيو وڃي ٿو.

4. سَنَد (Authority)؛ـــ ڪنهن شخصيت،اداري يا ڪتاب وغيره کي علم جو جامع يا سند سمجھيو ويندو آهي ۽ انهن جي قول،فعل ۽ نظرين کي حرف آخر سمجھندي پيروي ڪئي ويندي آهي.انهي تعليم ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم يا تبديلي ممڪن نه سمجھي ويندي آهي ۽ سمورن نظرين کي جيئن جو تيئن قبول ڪيو ويندو آهي.مثال؛ مذهبي . سياسي ۽     پرچارڪ شخصيتون، مستند ڪتاب،مختلف رياستون،حڪومتون،تنظيمون ۽ ادارا وغيره جيتوڻيڪ سَنَد علم حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي پر ان ۾ به هڪ وڏي ڪمزوري آهي.سند ڪنهن ماهر معاشيات جي هجي يا ڪنهن جج،سائنسدان،دانشور،مذهبي اڳواڻ. والدين يا سياستدان وغيره جي ،اهو غلط به ٿي سگھي ٿو ان ڪري علم جي صرف ان ذريعي تي حتمي ڀروسو ڪرڻ نه رڳو قابل اعتماد ٿي نٿو سگھي بلڪه گھڻا دفعا اهڙو علم خطرناڪ ثابت به ٿي سگھي ٿو.

5. وحي ۽ الهام (Revelation)؛ــ وحيء مان مراد خدا تعاليٰ جو پنهنجن چونڊيل بندن  ( نبين ۽ رسولن) کي ڪنهن غيبي ذريعي سان اطلاع يا خبر پهچائڻ آهي.اهوعلم روحاني ذريعن جي آخري ۽ اعليٰ حد آهي.وحيء تي ٻڌل علم به انسان لاء ايتروئي ضروري آهي جيترو حسي يا ٻيو ڪو علم. اصل ۾اهو علم انسان جي باطني زندگيء سان تعلق رکي ٿو ۽ انهن معاملن جي گھرج آهي.زندگيء جا ڪيترائي اهم۽ بنيادي مسئلا اهڙا آهن جيڪي علم جي ڪنهن ٻئي ذريعي سان حل ڪري نٿا سگھجن.انهن جي حل لاء الهامي علم جي ضرورت پوي ٿي. نبوي علم يقين،عقيدو ۽ جذبو به مهيا ڪري ٿو ته ساڳئي وقت زندگيء جو عملي نمونو به پيش ڪري ٿو.اهڙا مسئلا جن ۾ ٻين علمن جهڙوڪ حواس،عقل،فلسفي جي حد ختم ٿي وڃي ٿي ۽ اهي ڪا حتمي راء ڏيڻ ۾ حيران،پريشان ۽ لاچار نظر اچن ٿا.مثال؛ زندگي،ڪائنات جي تخليق،موت کان پوء جي زندگي،خالق ڪائنات جي ذات ۽ سندس صفتون،جزا ۽ سزا،ڀلائي ۽ برائي،جبر ۽ قدر،وجود ۽ عدم وجود،روح ۽ بدن ۽ بيا به ڪيترا ئي معاشي.اخلاقي،سماجي ۽ روحاني معاملا جيڪي نبوي علم جي روشنيء سواء موثر نموني حل ڪري نٿا سگھجن.وحيء جو علم هر قسم جي نقص،اوڻائي،غلطي۽ خطا  جي امڪان کان پاڪ هوندو آهي.
(روزاني مهراڻ 27 جنوري 2018ع)
                                                                                                سنڌ سجاڳ بلاگ
  

Friday, January 26, 2018

ڇا لاءِ بهارن ۾، اڄ بوءِ ڀنل ناهي (قمر شهباز)



قمر شهباز

هر     رات           اُداسي      آ،      هر    صبح            ستم  آهي،

ڪجهه پنهنجي نصيبن جو، ڪجهه تنهنجو ڪرم آهي.

ڇا       لاءِ     بهارن      ۾،        اڄ      بوءِ       ڀنل          ناهي،

هر    مکڙي     آ      ڪومائي،      هر    گل      ۾ زخم آهي.

خاموش    فضائن    ۾      آواز       هي        ڪهڙو    آ،

آڪاس    ٿو     جهونگاري،    يا    منهنجو صنم آهي.

هر   وار    اُڃايل    کي،    ڪجهه      زياده اُڃائين ٿو،

يا     روح    ئي    پياسو    آ،    يا    پيالي    ۾ خم آهي.


تون   دل ۾    جڳهه   ڏيئي،    پوءِ    پل ۾    ڀُلي ويٺين،

هن   دل ۾    ليئو پائي،    ڏس    تنهنجو    ئي غم آهي.

ڪيئي    ڀيرا    خيال آيم ، مان  توکي وساريندس،

ڪا  ريت   ته ڪانهي  پر،     هي     دل جو مرم آهي

Thursday, January 25, 2018

ٽرمپ ، ٽيسٽ ۽ “فائر اينڊ فيوري ” .


شفيق الرحمان شاڪر
آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي مقبوليت ۾ وڌيڪ گھٽتائي اچي ويئي آهي.تازي سروي مطابق هن جي مقبوليت گھٽجي صرف 37 سيڪڙو رهجي ويئي آهي. ٽرمپ جي مقبوليت متعلق اها تازي سروي ٽيليفون ذريعي ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ پندرهن سو ماڻهن جي راء معلوم ڪئي ويئي. امريڪي ميگزين “نيوز ويڪ” مطابق عهدي جي مدي جي ٻئي سال ٽرمپ کي هن وقت تائين جو سڀني کان گھٽ مقبوليت ماڻيندڙ صدر قرار ڏنو ويو آهي.
ان کانسواء وائيٽ هائوس جي نائب پريس سيڪريٽري هوگن گڊلي چيو آهي ته امريڪي صدرٽرمپ جي طبي معائني ڪرائڻ جي خبر درست آهي پر ان ۾ دماغي معائنو شامل ناهي. غيرملڪي اخباري اطلاع مطابق  وائيٽ هائوس ۾ هڪ امريڪي اخبار سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته ميڊيا ۾ صدر ٽرمپ جي دماغي توازن خراب هئڻ بابت پروپيگنڊا ڪئي پيئي وڃي جڏهن ته صدر ذهين ۽ فوري فيصلي جي صلاحيت جو مالڪ آهي. هوگن گڊلي نفسيات جي ماهرن تي تنقيد ڪندي چيو ته  جيڪي ڊاڪٽر ٽرمپ جي ذهني ڪيفيت کان واقف ئي ڪونهن ۽ نه ئي ڪڏهن هن سان مليا آهن انهن کي اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گھرجي. وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ کي ذهني بيماري “ڊيمينشيا” لڳل ناهي ۽ هو ثابت ڪندا ته سندن صدر ذهني مريض ناهي.
واضح رهي ته والاريل بيت المقدس جي باري ۾ 6 ڊسمبر 2017ع تي ڪيل پنهنجي تقرير ۾ ٽرمپ لفظن جي صحيح ادائيگي نه ڪري سگھيو هو ۽ تقرير جي آخر ۾ هو  “ يونائيٽيد اسٽيٽس” کي       “ يونائيٽيڊ اشٽيٽس” چئي ويو هو.لفظن جي مناسب نموني ادائيگي نه ڪري سگھڻ سبب ٽرمپ کي ذهني بيماري “ڊيميشيا ” يا “الزائيمر” ۾ مبتلا هئڻ جا شڪ ظاهر ڪيا ويا هئا.ان حوالي سان وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جلد ئي طبي معائنو ڪرائيندو ۽ ثابت ڪندو ته هو چريو ناهي. “ڊيلي ميل” مطابق وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري سارا سينڊرز صحافين کي ٻڌايو ته صدر ٽرمپ جي ذهني صحت جي باري ۾ عجيب قسم جا سوال اٿاريا ويا پر حقيقت اها آهي جو صدر جي نڙي سڪل هئي  ۽ ٻيو ڪجھه به نه هو.هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽرمپ جو طبي معائنو والٽر ريڊ نيشنل ملٽري ميڊيڪل سينٽر ۾ ٿيندو جنهن جي رپورٽ ڊاڪٽر جاري ڪندا.
واضح رهي ته ان کان اڳ ويجھڙائيء ۾ ئي ٽرمپ برطانوي وزيراعظم ٿريسا مي سمجھندي ان جي ئي هم نالي عورت کي ٽئيٽ ڪري پنهن جو پاڻ کي مصيبت ۾ وجھي چڪو آهي.
هر وقت پنهنجو پاڻ کي اجاين تڪرارن ۽ فسادن ۾ ڦاسائيندڙ هن مسخري يا چريي امريڪي صدر لاء هڪ وڏي مصيبت تڏهن نازل ٿي پيئي جڏهن هن جو صرف صدارت جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي صحافي مائيڪل وولف جي ڪتاب “ فائر اينڊ فيوري” جا ٽرمپ جي شخصيت ۽ صدارت جي باري ۾ خوفناڪ راز کولي وڌا.ٽرمپ صحافيء جي انهن سمورن انڪشافن کي ڪوڙ جو ڍير قرار ڏنو آهي.پنهن جي هڪ ٽويٽ ۾ ٽرمپ فرمائي ٿو ته

“هن (صحافي) کي ڪڏهن به وائيٽ هائوس تائين پهچ ئي نه رهي آهي بلڪه هن کي ڪيترائي دفعا ڌڪا ڏيئي وائيٽ هائوس مان ٻاهر ڪڍيو ويو.مون هن سان ان ڪتاب جي باري ۾ ڪڏهن ڳالهايو ئي ناهي.جيڪو ڪتاب ڪوڙن ۽غلط ترجمانين  سان ٽمٽار  آهي ۽ جنهن جي ڏنل حوالن جو وجود ئي ڪونهي.ان ڇوري جي ماضيء ڏانهن نهاريو ۽ ڏسجو ته ان سان ڪهڙو سلوڪ ٿئي ٿو!“
هيء ڪتاب هن مهيني کان وڪري هيٺ اچي رهيو آهي ۽ ايمازون جي ويب سائيٽ تي ان جي وڪري لاء اڳواٽ آرڊر بڪ ڪيا پيا وڃن جنهن جي بنياد تي هن ڪتاب کي “بيسٽ سيلر” ڪتاب قرار ڏنو پيو وڃي.ٻئي طرف ٽرمپ انتظاميا ان ڪتاب تي بندش لڳائڻ تي غور ڪري رهي آهي ۽ ٽرمپ ڪتاب جي مصنف خلاف هتڪ عزت جي دعويٰ داخل ڪرڻ لاء صلاح مشورا شروع ڪري ڏنا آهن.تنقيد ڪندڙن ڪتاب ۾ بيان ڪيل انڪشافن کي صدر ٽرمپ لاء ڌماڪاخيز قرار ڏنو آهي. مائيڪل وولف امريڪي صدر جي باري ۾ پنهنجن انڪشافن ۾ چيو آهي ته ٽرمپ پنهنجن ملازمن سان رڙيون ۽ گوڙ ڪندو آهي.هڪ ئي وقت ٽي ٽي ٽي وي ڏسندو آهي ۽ پنهنجي ذاتي شين تي ٻئي ڪنهن کي هث به لائڻ نه ڏيندو آهي.جڏهن ته هن کي خوف آهي ته ڪو هن جي ٽوٿ برش کي زهر لڳائي ڇڏيندو.  ٽرمپ جي اسٽريٽجيڪ ايڊوائيزر اسٽينو بينن چيو هو ته صدر ٽرمپ جي پٽ ٽرمپ ٽاور ۾ روسي آفيسرن سان ملاقات ڪئي هئي جنهن کي بينن غداري ۽ بيوفائيء سان ڀيٽيو هو. ڪتاب ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ٽرمپ جو پٽ ڊون جونيئر روسين آڏو هڪ بيضي وانگر ڦاٽي پيو ۽ انهن کي ڪيترائي راز ٻڌائي ويٺو.ٽرمپ کي امريڪي آئين متعلق تمام ٿوري ڄاڻ هئي ۽ ڪيترن ئي ٻين ماڻهن هن کي امريڪي آئين جي بنيادي ڳالهين جي باري ۾ معلومات ڏني. ڊونلڊ ٽرمپ صدر بنجڻ جي اميد نه رکندو هو ۽ هن جي فتح تي سندس ٻي زال ميلانيا رني هئي پر اهي خوشيء جا لڙڪ نه هئا.ٽرمپ ۽ ميلانيا پنهنجي بيڊروم ۾ جدا جدا سمهندا آهن ٽرمپ ڳجھن ادارن جي مشورن جي ابتڙ پنهنجي سمهڻ واري ڪمري جو دروازو اندران لاڪ ڪري سمهندو آهي.هو روزانو شام جو ساڍي ڇهين وڳين پنهنجي بستري تي ئي ويهي پنير برگر کائيندو آهي. ارب پتي ٽام پيريگ صدر ٽرمپ کي پاڳل ۽ بيوقوف چئي سڏيندو آهي جڏهن ته رابرٽ مرڊوخ ٽرمپ کي جاهل سڏيندو آهي. ٽرمپ پنهنجن دوستن جي زالن تي نظر رکندو آهي ۽ انهن جي باري ۾ سندن مڙسن سامهون گندا لفظ چوندو آهي.ٽرمپ جي هڪ معاون چيو ته هو ضروري ڪاغذ به نه پڙهندو آهي. ٽرمپ ضد ۾ اچي ترت ٽويٽ جو جواب ڏيندو آهي.پنهنجا ٽويٽ پاڻ لکندو آهي.ٽرمپ پنهنجن ملازمن ۽ نوڪرن سان اڪثر جھيڙو جھڳڙو ۽ رڙيون ڪندو رهندو آهي ۽ انهن کي گندا لفظ به چوندو آهي.
تازو ئي ڪنهن شاندار دعوت ۾ ٽرمپ پنهنجن پراڻن دوستن کي سڃاڻن کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو ڏهن منٽن ۾ ساڳي ڳالهه ٽي ٽي ڀيرا ورجائيندو آهي . پنهنجي اسٽاف جي باري ۾ امريڪي صدر جا تاثرات ڪجھه هن طرح جا آهن. بينن ڪنهن ڪم جو ناهي،پريبيسٽن  بونو آهي ۽ ڪيليان سارو ڏينهن منهن سڄايو روئندي وتي.
ان کان سواء هي رنگيلو صدر پنهن جي عملي کي غائب دماغ، بي وقوف،جاهل،نااهل،مايوس ڪندڙ،بيڪار،سست،ڪاهل جي عظيم لقبن کانسواء هن وقت تائين بيشمار گارين سان به نوازي چڪو آهي.ٻئي طرف ٽرمپ جي ڌيء ايوانڪا پنهن جي پيء جي وارن جي اسٽائيل جو مذاق اڏائيندي رهندي آهي.

  (روزاني عوامي آواز 24 جنوري 2018ع)
                                                                                 سنڌ سجاڳ بلاگ

Wednesday, January 24, 2018

انڌا اونڌا ويڃ ؛ اڪيلائي


شفيق الرحمان شاڪر                                                                                                                    

اسان اسان مان گھڻا.......
ماڻهن جي محفلن ۽ ميڙن ۾ مليل پذيرائيء کي ئي پنهن جي ذات جي مڪمل هئڻ جو دليل سمجھندا آهن.
 جڏهن ته انسان صرف اڪيلائيء ۾ آئينو ڏسي اهو فيصلو ڪري سگھي ٿوته ڇا هو واقعي اهو آهي جيڪو ماڻهن کي نظر اچي ٿو؟

سر سريراڳ ۾ سدا سودو سچ جو.


شفيق الرحمان شاڪر
هن سر جو مرڪزي مضمون سمنڊ جو سفر۽ ان آڏو موجود خطرا ۽ مشڪلاتون آهن.پر ٻين سرن جيان هن سر ۾ به هڪ عظيم تمثيل سمايل آهي.پراڻي زماني ۾ شاهوڪار ماڻهو مال جا ٻيڙا ڀرائي، ڏورانهن ڏيهن ڏي وڻج واپار ڪرڻ ويندا هئا.چوماسي پوري ٿيڻ بعد اتر واء لڳڻ تي سفر جي تياري ڪندا هئا ۽ ناکئا به پنهنجون ٻيڙيون ڌوئاري،سڙهه سنباهي هلڻ هارا ٿيندا هئا.توڙي جو انهن ڏينهن ۾ سمنڊ عام طور تي ماٺو هوندو آهي تڏهن به وچ سير ۾ ۽ خاص ڪري وير چڙهڻ وقت سڀني کي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ گذارڻو پوندو هو.جيڪر ناکئا ٿوري دير لاء به آرام ۾ غافل ٿيندا هئا ته اوچتو مٿانهن وير وري ويندي هئي ۽ اهي اونهي اوڙاهه ۾ غرق ٿي ويندا هئا.پر جيڪر معلم يا سکاڻي سڄاڻ ۽ واقف هوندا هئا ته لڙ لهرون لنگھي وڃي پار پوندا هئا.پاڻ سان ٽوٻا يا ٽوٻيارا به کڻندا هئاجي پاتار ۾ پيهي،سپون سوجھي،آڻي سندن هٿن ۾ رکندا هئا.
هيء سنسار به مهاساگر آهي جنهن مان پار پوڻ نهايت ئي ڪٺن ڪم آهي.انسان جو وجود هڪ ٻيڙيء مثل ۽ سندس سينو سڙهه مثل آهي.جيڪڏهن هو پنهنجي جسم ۽ جان کي ڌوئي صاف ڪري،ڪنهن ڪامل معلم يعني مرشد کي سوپيندو ته هو نه صرف سندس دل معرفت جي موتين سان ڀري،هن جهان ۾ محبوب جو مشاهدو ماڻائيندس پر سنسار جي ساگر مان ثابت ۽ سالم لنگھائي وڃي منزل مقصود تي رسائيندس.جڏهن اهڙو ڪامل ڪشتيبان هٿ اچي وڃي ته پوء سنسار روپي ساگر جي لهرن ۽ لوڏن جي ڪا ڳڻتي ناهي.

مانَ پُڇَنِئِي  سُپِرِين،  چِتَ ۾ رکِج  چيتُ؛
سِڙهُ ڌُئاري صافُ ڪر، صابُڻَ ساڻ سُپيتُ؛
سامُونڊِي! سُچيتُ، ٿِيُ ته پَهچِين پارَ کي
.

سهڻو لطيف هن بيت ۾ ناکئن جي اصطلاح جي ويس ۾ انسان جي عضون جو ذڪر ڪري ٿو ۽ هدايت ٿو ڪري ته جهڙيء طرح ناکئا سمنڊ جي سفر تي اسهڻ کان اڳ ٻيڙيء جا سمورا ساز ڌوئاري صاف ڪندا آهن تيئن انسان کي به گھرجي ته هو روحاني مسافري اختيار ڪرڻ کان اڳ اندر کي ڌوئي اڇو ڪري.“ سڙهه” مان مراد آهي انسان جو سينو يا دل.جيئن سڙهه هوا سان ڀرجي ٻيڙيء کي اڳتي ڌڪيندو آهي تيئن انسان جو سينو به الاهي نور سان ڀرجي کيس عالم ملڪوت ڏانهن مائل ڪري ٿو.انسان بشري ڪمزورين سبب هن سنسار ۾ سچي سودي جي سونت وڃايو ويهي ۽ موتين جي بدران ڪائي جو واپار وڻجڻ لڳيو وڃي.

ڪايو ڪَمايومِ، موتِي مون نه وَڻجِيا!
سِيهي  جو سَيَّدُ چئي،  وَکَـرُ  وِهايومِ؛
هَهڙو حالُ سندومِ، توهَ تُنهنجي اُبَهان
!

هن سنسار روپي ساگر ۾ جتي وهه ويڌ پيو ڪري اتي پروردگار جي ٻاجھه ۽ ڪرم ٻيڙيء مثل آهي  ۽ اها ٻيڙي سندس وصال جي وکر سان ڀرپور آهي يعني جنهن تي هن جي ٻاجھه ٿئي ٿي ان کي بنان رياضت ۽ مجاهدي جي محبوب جو مشاهدو ميسر ٿئي ٿو ۽ دنيائي معلمن ۽ رهبرن جي هن کي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانه ٿي پوي.

ٻيڙي تنهن جي ٻاجھه، وکر تنهن وصال جو،
کوها،  اولا،  توڪڻا، سڀ  سونهارا  ساج،
ات ڪا معلمن حاج، جت پورڻ وارو پاڻهم.

جڏهن درياء ۾ چاڙهه هجي،هر طرف لهرون جوش ۾ هجن،اڇ  ئي اڇ نظر ايندي هجي ۽ هر پاسي لس لڳي پيئي هجي ته بيخبريء وچان ٻيڙيون وڃي ٻيٽن يا ٻيٽارين کي لڳنديون آهن جنهن ڪري گپي يا ڀڄي پونديون آهن.

لُڙَ، لَهِريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نه آبَ جو؛
الله!    اُتِ  مَ  اولِئَين،   ٻيڙا   مَٿي   ٻيٽَ؛
جوکو ٿِئي مَ جَهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ؛
لڳي ڪا مَ لَپيٽَ، هِنَ غارِيـبي غُرابَ کي
!

انسان جڏهن سنسار جي مهاساگر جي مصيبتن ۾ ڦاسي پوي ۽ظاهر ۾ ڪو حيلو وسيلو به نه سجھندو هجي ته ان وقت سهڻو لطيف سالڪ کي پنهنجي معبود حقيقي طرف متوجه ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو. انسان جي زندگيء جي ٻيڙيء کي انهن اوکائين مان پار ڪرائڻ ان جي ئي ٻاجھه ۽ ڪرم جي سهاري ممڪن آهي.نه ته انساني زندگيء جو هي غريباڻو غوراب هر وقت لهرن جي لپيٽ ۾ آهي. انساني عقل کي مار اها آهي جو هو صرف سمنڊ جي ظاهري سطح تي نظر رکي ٿو پر سهڻي لطيف مطابق اصل ماڻڪ،موتي،لال ته سمنڊ جي پاتار ۾ پيل آهن.

سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ؛
سَئين  وَهَن  سِيرَ ۾،  ماڻِڪَ،   موتِي، لالَ؛
جي ماسو جُڙيئِي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِئين
.

ڏيساور يعني ٻئي جهان م ڪهڙو وڻج وڪجي ٿو ۽ ڪهڙو وکرنٿو وهائجي اهو سڀ انسان کي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو ويو آهي پر انسان پئدائشي اتڪو ۽ احمق آهي ۽ آسانيء سان دوکي جو شڪار ٿيو وڃي ۽ سڄي ڄمار اهڙو ڪڌو ڪسب ڪمائيندو رهي ٿو جنهن جي آخرت جي بازار ۾ ڪابه قدر قيمت ڪانهي.پر عقلمند انسان صرف سچ سودين ٿا .

جِنين   سودي   سچ  جو،   وکر  وِهائيو،
“ بخيرو لٓهم البشريٰ”جو،اِنين لئي آيو،
ان کي لالن لنگھايو،ساندارو سمنڊ جو.

سنسار روپي مهاساگر جي لهرن،لس.لپيٽ ۽ لڙ سان مقابلو ڪري پار پوڻ ڪو آسان ڪم ڪونهي.ان جي اونهائيء جو ڪو پتو ناهي،ڪهڙيء ويل وير وري ٿي،ڪو ڀروسو ناهي،ڪهڙيء ساعت سامونڊي هوائون ٿيون غورابن کي غرق ڪن خبر ناهي.انهيء ساگر ۾ سفر لئي سونهان ساٿي کپن.

سُونهان سَڌِيون ڏِينِ، هِنَ ديواني درياهَ جون؛
ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ؛
عِجِزَ  جو    اَڌَ  راتِ  کي،  وَکـَرُ    وِهائِين؛
ساٿُ نِباهِيو نِينِ،  ثابِتُ   اِنهِيءَ سِيرَ مان
.

“ عجز جو وکر” ڪهڙو آهي؟ آزي نيازي،توبه زاري،آهه فرياد،نوڙت ۽ نماڻائي،وينتي،دعا،پنهن جن ڪمين ڪوتاهين جو احساس،پنهن جن پاپن ۽ غلطين جو اعتراف،پنهن جن عيبن ۽ اوڻاين جو اقرار، مالڪ سامهون سڀ هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ رڳو سندس فضل جي ڦيري جي آس رکڻ پر تنهن جو ته حال هيء آهي جو توکي ته توبهه جي توفيق به نصيب نٿي ٿئي ۽ هٿ پير ٻڌيو ويٺو آهين ۽ محبوب سان ملڻ جي ڪوشش به نٿو ڪرين.جيڪي به بنان محنت جي منهن سامهون آيو اٿئي ان تي ڀاڙيو ويٺو آهين ۽ سمجھين ٿو ته توکي سڀ ڪجھه ملي ويو.جنهن صورت ۾ ساريون راتون ننڊن ۽ فرحتن ۾ ستو پيو آهين تنهن صورت ۾ توکي موڙي ڪٿان ملندي؟

نڪو    سک         نکٽين،    نه    ويساند      نئين،
جيڪا  اچئي   سامهين،    ڀانئين       سا    سنئين،
موڙي ڪوهه مئين؟ جيئن سڄيون راتيون سمهين.

سوال اهو ته ان سنسار مهاساگر مان ڪهڙا ماڻهو آسانيء سان تري پار پون ٿا ڪهڙا سمنڊ جي سير ۾ ڦاسي پون ٿا؟

تارو  تريو  وڃن،  ننڍا  وڏا   واهڙا،
هاء! ٻر، اتارن،جيئن ڳرا مٿن موليا.

هتي “تارن“ مان مراد اهي انسان جيڪي دنيا جي دوکيبازين کان واقف آهن ان ڪري اهي دنيا سان دل نٿا لڳائين ۽ سنسار روپي ساگر مان پار پئي وڃيو منزل ماڻين پر مصيبت ته اڻ تارن لاء آهي  جيڪي هڪ ته ترڻ ڪونه ڄاڻن ٻيو وري پنهنجن مٿن تي وڏا ۽ ڳرا موليا يعني پڳڙ ۽ پٽڪا ٻڌائون. پڳڙ ۽ پٽڪن ٻڌڻ مان مراد آهي ته انهن احمقن هن دنيا جي زندگيء کي ئي سڀ ڪجھه سمجھندي ظاهري چڱمڙسي، طاقت،اختيار،غرور،ڪبر،حسب نسب ۽ ڪوڙي سرداريء جا پڳڙ مٿي تي سجائي پاڻ کي عقل جا اڪابر سمجھندا رهيا پر اڻ ڄاڻن پنهن جي بيوقوفيء سبب پنهنجو پاڻ کي دوکي جي درياء ۾ ٻوڙي وڌو.

(روزاني جيجل 23 جنوري 2018ع)



Tuesday, January 23, 2018

شاعريء جي زبان؛ اڙي شهر جانان. (حليم باغي)


حليم باغي

اڙي    شهرِ   جانان،    ڪي تو کي سنڀارون
ته  شاعر   جون   گذريون، هتي پنج بهارون
هي   جوڌن      جي    سينن  جا  فراخ رستا
هي      يوڪلپٽس جون نه کٽندڙ قطارون
هي     تنهن جي   گلين ۾،  اسان جا حوالا
هي تنهنجي پٽن تي اسان جون پچارون
هتي ٻن دلين جي به ڌڙڪن هئي گونجي
هيون جل پريءَ ڪنهن جھڪايون نهارون
اڃان  ڪجھه      نه    بدليو  آهي     اڙي   دل
تصور      ۾   اڀرن   ٿيون   ساڳيون پڪارون
هي وک وک تي منهنجيءَ پياريءِ جا پاڇا
۽ دڳ دڳ تي آنچل سندس جون اُڏارون
اٿلندڙ اکين ۾ ڪنهن چاهت جي پوڄا
۽ پنبڻين ۾ اٽڪيل ڪي سجدا سپارون
۽ هن جي هلڻ ۾ هئي سارنگ جي رم جھم
کلڻ     ۾ ته     ميران جي سرندي جون تارون
ڇڙيون      ۽ اسان کي ڪري ويون ويراڳي
او بلما!    ڪنهيا! ڪي اٻلا جيون سارون
اڃان    ڀي    ته      ساڳي     ئي      آ فارميسي
سپر  هاءِ  وي  لڳ  هو    پيليون      ديوارون
صبح  پهريان  ڪرڻا  جھٽ ي سنڌالاجي
هوائن  ۾   مهڪن   گلابن     جون     ڏارون
اُتر     واءُ        آڻي    ٿو   گينڊي     تي  جوڀن
ڪري      ماڪ   ڏاڙهون    پنن  تي پسارون
چڪائي       وجھن  چاڪ  ٿا   سارا   مارڳ
وري ڪنهن لنگهه تان سڏن هن جون سارون
نه  مٽجي  سگھيون سي ته دل جي پٽيءَ تان
ڪنهن شرميليءَ وينگس جون چُڪندڙ نهارون
نه  ڀلجي  سگهيس  هن  جي    گونگي   ڪلپنا
نه  وسري    سگھيس  هن  جيءَ اک جون الارون
تصور       ۾       اڀري    اچن  ٿا      سي       ڏينهڙا
جڏهن     هن جي     چوٽيءَ مان ڦٽيون به ڌارون
نه   اُڪليل        محبت   جا      رنگين      جذبا
نه سليل تنهن چاهت جون ڳجهيون ميارون
اڃان    ڀي      ته   هردو  اسان  جو     ڇِلن ٿيون
نه    پوري    ٿيل     پيار    جون    سي پچارون
سو     اڙي    شهر   دلدار،   تنهن جي   دڳن تي
ڪا    سفيد   ڪپڙن   سان  ايندي ته هوندي
۽    هوءَ     اپسرائن     جي    ٽولي    جي   راڻي
ڏسي     تو کي      اداس    ٿيندي    ته   هوندي