Tuesday, February 27, 2018

تاريخ سان ايڏي هٿ چراند ته نه ڪيو!


شفيق الرحمان شاڪر
ڏکڻ آفريڪا جي ڳوٺ “مويزو”۾ “ ٿيمبو” قبيلي ۾ 18 جولائي  1918ع تي جنم وٺندڙ ان شخص جي سموري زندگي اصولن پويان سختيون سهڻ ۽ قيد ڪاٽڻ ۾ گذري.هن جي عمر اڃا 9 سال هئي ته سندس پيء گذاري ويو جنهن کان پوء سندس ئي قبيلي جي هڪ اعليٰ ڪردار اڳواڻ “جونگن ٽيبا” کيس پنهنجو پٽيلو بنايو ۽ قبائلي اڳواڻيء لاء سندس  تربيت ڪرڻ لڳو.پنهنجي خاندان ۾ هو پهريون ٻار هو جنهن روايتي تعليم حاصل ڪئي. پنهنجي پرائمري تعليم هن هڪ مقامي مشنري اسڪول ۾ مڪمل ڪئي جنهن بعد هو “ ڪلارڪيبري بورڊنگ انسٽيٽيوٽ ويو، جتي هن نه رڳو پنهن جون نصابي سرگرميون جاري رکيون پر ان سان گڏ باڪسنگ ۾ به مهارت حاصل ڪئي .1939ع ۾ هن “ايليٽ يونيورسٽي فورٽ هيئر” ۾ داخلا ورتي جيڪا ان وقت ڏکڻ افريڪا ۾ ڪارن ماڻهن لاء اعليٰ تعليم لاء واحد تعليمي ادارو هئي،انهيء کان ايندڙ سال يعني 1940ع ۾ کيس سندس دوست “ اولور ٽيمبو” سان گڏ يونيورسٽيء مان انهيء ڪري ڪڍيو ويو جو هنن يونيورسٽي پاليسين خلاف ٿيندڙ بائيڪاٽ ۾ شرڪت ڪئي هئي.  اها خبر ٻڌي سندس سنڀاليندڙ هن جي شاديء جو فيصلو ڪيو.انهيء ئي عرصي ۾ هو “ جوهنسبرگ” هليو ويو جتي هن پهريائين رات جي چوڪيدار۽ بعد ۾ قانوني ڪلارڪ جي نوڪري به ڪئي ۽ ان سان گڏ گريجيوئيشن به ڪئي. ڪجھه ئي عرصي بعد هو “ وٽ واٽيرسينڊ” يونيورسٽيء قانون پڙهڻ ويو جتي هن جا لاڳاپا نسل پرستيء خلاف جدوجهد ڪندڙ تحريڪن سان قائم ٿيا.1944ع ۾ هن آفريڪن نيشنل ڪانگريس  ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پنهنجن پراڻن دوستن سان گڏ ان تنظيم جي “يوٿ ونگ” جو بنياد وڌو. 1949۾آفريڪن نيشنل ڪانگريس سمورن ڏکڻ افريڪين لاء هڪجهڙي شهريت جو حق حاصل ڪرڻ لاء بائيڪاٽن، هڙتالن،مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ۽ سول نافرمانيء جي تحريڪ شروع ڪئي. 1952 ع ۾ هن غير منصفاڻن قانونن خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ رياست جي  نسلي تعصب وارين پاليسين خلاف عوام کي منظم ڪيو ۽ “آزاديء جو چارٽر“ نالي هڪ مينيفيسٽو جاري ڪيو.5 ڊسمبر 1956ع ۾ هن کي سندس 155ساٿين سميت جيل موڪليو ويو ۽ سندن خلاف غداريء جو ڪيس هلايو ويو.انهن سڀني کي 1961ع ۾ بري ڪيو ويو.انهيء ئي عرصي ۾ آفريڪن نيشنل ڪانگريس جو هڪ ڌڙو هٿياربند جدوجهد واري معاملي تي آفريڪن نيشنل ڪانگريس کان جدا ٿي “پين آفريڪن ڪانگريس” جي شڪل اختيار ڪئي.ايندڙ سال پوليس ڪارن ماڻهن جي جلوس تي فائر کولي ڇڏيو جنهنجي نتيجي ۾ 59 مظاهرين مري ويا جنهن کان پوء ملڪ ۾ سخت غصي،چڙ ۽ بدامنيء جو ماحول پيدا ٿيو جنهن ڪري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ  ۾ تشدد سان ڀريل مظاهرا شروع ٿي ويا.نيٺ حڪومت آفريڪن نيشنل ڪانگريس ۽ پين آفريڪن ڪانگريس  ٻنهي تي پابندي وجھي ڇڏي.انهن حالتن ۾ انهن تنظيمن  جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن کي زيرزمين وڃڻو پيو.اهو ئي وقت هو جڏهن هن سوچيو ته وقت اچي ويو آهي ته سرگرم ۽ کليل جدوجهد جي شروعات ڪئي وڃي.1961ع ۾ هن “ايم ڪي“ جي نالي سان آفريڪن نيشنل ڪانگريس ويڙهاڪ ونگ جو بنياد وڌو ۽ پاڻ ان جو سربراه بڻيو.ڪجهه سال پوء انهيء عدالتي ٽرائل دوران جنهن ۾ هن کي اٽڪل ٽن ڏهاڪن لاء جيل وڃڻو پيو،هن چيو ته آفريڪي اڳواڻ ڪيئن پرامن جدوجهد ذريعي پنهن جا حق حاصل ڪري سگھن ٿا جڏهن حڪومت اسان جي جائز ۽ پرامن مطالبن جي جواب ۾ اسان تي تشدد ڪري ٿي.هٿياربند جدوجهد  جو رستو اسان رڳو ان ڪري اختيار ڪيو آهي جو اسان لاء جدوجهد جا ٻيا سمورا امن ڀريا رستا بند ڪيا ويا آهن. 1962ع ۾ ايٿوپيا ۾ آفريڪن نيشنل ڪانگريس جي ليڊرن جي ٿيندڙ اهم ڪانفرنس ۾ شرڪت لاء هن غيرقانوني سفر اختيار ڪيو.هن لنڊن ۾ موجود آفريڪي جلاوطن ليڊر اوليور ٽيمبو سان ملاقات ڪئي ۽ الجيريا ۾ گوريلا تربيتي ڪيمپن جو دورو به ڪيو.5 آگسٽ 1962ع تي هو جيئن ئي وطن موٽيو ته هن کي گرفتار ڪري کيس پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي ويئي.نام نهاد “ روونيا ٽرائل“ اڄ به دنيا کي ياد آهي جنهن ذريعي هن کي سندس ستن ساٿين سميت موت جي سزا ڏني ويئي جيڪا بعد ۾ عمر قيد ۾ تبديل ڪئي ويئي.انهيء ٽرائيل دوران مٿانئس لڳايل ڪيترن ئي الزامن کي تسليم ڪندي پنهن جي تاريخي بيان جي اّخر ۾  هن چيو هو “مون هڪ اهڙي مثالي، جمهوري ۽ آزاد سماج جي سوچ پالي آهي جتي سمورا انسان هم آهنگي ۽ هڪجهڙن حقن سان گڏ زندگي گذاري سگھن. اهو هڪ اهڙو خواب آهي جيڪو منهن جي اندر جيئڻ  ۽ انهيء مقصد کي حاصل ڪرڻ جي اميد پيدا ڪري ٿو بلڪه جيڪر ضرورت پوي ته آئون ان لاء مرڻ لاء به تيار آهيان. ” هن پنهنجي 27 سالا قيد جا پهريان 18 سال “رابن آئزلينڊ “ جي قهري جيل ۾ گذاريا، اهو جيل ڪيپ ٽائون جي سامونڊي ڪناري تي موجود آهي.هن کي هڪ اهڙي بند خولي۾ رکيو ويو جتي ڪابه انساني زندگيء واري سهولت موجود نه هئي ايستائين جو کيس سمهڻ لاء بسترو به مهيا نه ڪيو ويو ۽ هن کان سخت پورهيو ڪرايو ويندو هو.“ڪارو” قيدي هئڻ ڪري هن کي نسلي بنياد تي ٻين قيدين جي ڀيٽ ۾ گھڻيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پييون.هن کي صرف سندس زال سان جيڪا ٻن ڌيئرن جي ماء هئي ڇهن مهينن ۾ صرف هڪ ڀيرو ملاقات جي اجازت مليل هئي .هن کي سندس ساٿي قيدين سميت جيل ۾ نهايت ئي غيرانساني جسماني سزائون ڏنيون وينديون هيون. مثال انهن کي ڳچيء تائين زمين ۾ پوري مٿانئن پيشاب ڪيو ويندو هو.پر اهي سموريون سختيون هن جي حوصلن جي جبل کي لوڏي نه سگھيون.هن انهن حالتن ۾ به جيل اندر لڪ ڇپ ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪم جاري رکيو،هو ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجا سياسي بيان جيل کان ٻاهر پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو،هن جيل جي اندر ئي پنهنجي آتم ڪٿا “ آزاديء ڏانهن ڊگھو پنڏ” نالي ڪتاب لکيو جيڪو سندس آزاديء کان پنج سال پوء شايع ٿيو.حڪومت جي سمورن ظلمن، ڏاڍاين ۽ حرفتن باوجود اها هن کي آفريڪي عوام جي دلين مان نه ڪڍي سگھي ۽ جيئن پوء تيئن هو نه رڳو آفريڪا پر دنيا جي برادريء ۾ به وڌيڪ عزت ۽ محبت حاصل ڪندو ويو. 1980ع ۾ هن جي آزاديء جي باقائدي مهم شروع ٿي ۽ آفريڪي نسل پرست حڪومت خلاف بين الاقوامي ليول تي دٻاء گھڻو وڌي ويو.حڪومت آخر ۾ مجبور ٿي هن کي آزاد ڪرڻ جي بدلي۾ ساڻس اين آر اوڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس آڇ ڪئي ته جيڪر هو پنهنجن ڪجھه ڳالهين تان هٿ کڻي ته کيس آزاد ڪيو ويندو پر هن واضح انڪار ڪيو.1982ع ۾ هن کي  “پولزمور” جيل منتقل ڪيو ويو ۽ 1988ع ۾ هن کي عوامي ۽ عالمي دٻاء تحت جيل مان ڪڍي گھر ۾ نظربند ڪيو ويو. 1989ع ۾ صدر ايف ڊبليو ڊي ڪلرڪ آفريڪن نيشنل ڪانگريس تي لڳايل پابندي هٽائي ڇڏي ۽  ڏکڻ آفريڪا ۾ غيرنسل پرستيء جو اعلان ڪندي  11فيبروري1990ع تي آخرڪار هن جي آزاديء جو حڪم جاري ڪيو.26 اپريل 1994ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ هو ڏکڻ آفريڪا جو پهريون ڪارو صدر چونڊيو ويو.صدارت دوران هن پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاء جيڪي ڪجھه ڪيو ۽ پنهن جي سوچ ۽ نظريي کي جهڙيء طرح عملي طور تي پنهنجي ملڪ ۾ نافذ ڪيو اهو هڪ الڳ داستان آهي.امن جي نوبل انعام سان نوازجڻ سان گڏوگڏ هن جي حصي ۾ جيڪي عوامي اعزاز، ماڻهن جون محبتون ۽ تاريخ جون عظمتون آيون اهي دنيا ۾ تمام گھٽ ماڻهن کي نصيب ٿينديون آهن. 1999ع ۾ هن عملي سياست تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو شايد هو گھڻو ٿڪجي پيو هو ۽ گھڻو پوڙهو به ٿي چڪو هو.نيٺ سندس فسانو 2013ع ۾ زندگيء جي سالن واري ڪتاب ۾ 95 صفحي تي پورو ٿيو.اها ڪهاڻي ان ارڏي ۽ اصولن جي ماڻهوء جي آهي جنهن کي تاريخ نيلسن منڊيلا جي نالي سان ڄاڻي،سڃاڻي ۽ مان ڏئي ٿي.
هاڻي حالتن جي ستم ظريفي ڏسو جو ميان نواز شريف جا پوئلڳ کيس نيلسن منڊيلا سان ڀيٽي رهيا آهن.ان سانحي يا حادثي کي ڪهڙو نالو ڏجي.تاريخ سان ايڏي وڏي مذاق!ڪيڏانهن منهن ملير جو ڪيڏانهن ٽڻڊو الهيار.باقي سڀ ڪجھه پڙهندڙن جي ديانتداري ۽ انصاف تي ڇڏجي ٿو ته اهي منڊيلا جي پوري ڪهاڻي پڙهي پوء اهو ضرور اشارو ڪن ته ميان صاحب جي ڪهاڻيء ۾ ڪهڙي شيء منڊيلا سان  ملندڙ ۽ مشابهت رکندڙ آهي؟ڪجھه ته خدا جو خوف ڪجي.تاريخ سان ايڏي وڏي مذاق ڪرڻ کان اڳ ڪجهه ته سچائين جو آئينو به ڏسي وٺڻ گھرجي.
(روزاني عوامي آواز)

Sunday, February 25, 2018

روڊن،رستن کان پوء پارليامينٽ ۾ به!


شفيق الرحمان شاڪر
سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف طرفان پنهنجي  بچاء ۾ ڪو مظبوط قانوني ثبوت پيش ڪرڻ بدران ادارن سان مزاحمت ۽ چٽاڀيٽيء جي جيڪا خطرناڪ پاليسي اختيار ڪئي ويئي آهي  انهيء جو مظاهرو روڊن،رستن ۽ جلسن کان پوء هاڻي پاريامينٽ جي ايوانن تائين به پهچي چڪو آهي.جنهنجو بنيادي مقصد سندس خلاف هلندڙ مقدمن ۾ ممڪنا ايندڙ فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ ۽ عدليا کي دٻاء ۾ آڻڻ آهي.نون ليگ جو وزيراعظم شاهد ّاقان عباسي سومر تي قومي اسيمبليء ۾ خصوصي طور تي پاليسي بيان ڏيڻ پهتو ۽ انڪشاف ڪيائين ته عدالتن جي اجائي مداخلت سبب حڪومت جي روزمره جي ڪارڪردگي بيحد متاثر ٿي رهي آهي ۽ حڪومتي عملدار عدالتن جي خوف کان ڪوبه حڪومتي وهنوار اڳتي وڌائڻ لاء تيار ناهن.هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ججن جي غلط طرز عمل ۽ عدالتن جي جمهوري حڪومتن خلاف قدمن کي بحث هيٺ آڻجي ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪئي وڃي.مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاه توڙي جو اهو چئي وچ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به فرد جي ذاتي فائدي لاء ڪا قانونسازي ڪرڻ مناسب ناهي تنهن هوندي به هن وزيراعظم جي موقف سان اصولي طور تي اتفاق ڪندي پاريامينٽ جي مان ۽ مرتبي جا قصيدا پڙهيا ۽ خاطري ڪرائي ته جيڪر حڪومت ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪرڻ لاء ڪوبه بل اسيمبليء ۾ آندو ته ان جي حمايت ڪئي ويندي.جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نه رڳو مسلم ليگ نون نه پر اٽڪل پاريامينٽ ۾ موجو سموريون سياسي ڌريون عدليا جي موجوده سرگرمين ۽ طرزعمل کان خوش ناهن.ايستائين جو پاڪستان تحريڪ انصاف جيڪا ظاهر ۾ عدالتي فيصلن جي احترام ۽ ملڪ مان ڪرپشن ۽ لاقانونيت ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندي رهي آهي انهيء جا ڪيئي اڳواڻ پڻ عدالتن جي انهن سوموٽوز ۽ سرگرم ڪردار تي دلي طور تي مطئمن نظر نٿا اچن جنهنجو مثال عمران خان جو قومي اسيمبليء جي اجلاسن مان غيرحاضر رهڻ آهي جڏهن ته خان صاحب چڱيء طرح ڄاڻي ٿو ته ميان نوازشريف پنهنجن سياسي ساٿين سان گڏجي عدليا خلاف پاريامينٽ ۾ به رستا سوڙها ڪرڻ جي سٽ سٽي آهي تنهن هوندي به خان صاحب پنهنجن  ٻين ذاتي مسئلن ۾ منجهيل ۽ مصروف نظر اچي ٿو ۽ موجوده حڪمرانن جي عدليا خلاف اختيار ڪيل حڪمت عملين خلاف عمران خان  به ڪو مناسب سياسي  ٽوڙ مهيا ڪرڻ جي ڪا به سنجيده ڪوشش ڪندي نظر نٿو اچي. بلڪه تازو هن معيد پيرزادي کي هڪ ٽي وي انٽرويو ڏيندي ميان نواز شريف جي موقف جي اهو چئي اڻ سڌي تائيد ڪري ڇڏي ته“ نوازشريف کي پناما بدران اقاما جي بنياد تي نا اهل ڪيو ويو جيڪو غلط هو.“
مطلب اهو ٿيو ته اقتداري سياست ۾ موجود سموريون ڌريون عدليا جي ڪردار کي آئيني طور تي محدود ۽ ڪمزور ڪرڻ واري معاملي تي متفق نظر اچن ٿيون ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ان سلسلي ۾ قانونسازيء جو بل به پاريامينٽ ۾ اچي سگھي ٿو.شايد انهن سمورين سياسي ڌرين وٽ جمهوريت جي اها پاڻمرادي ترميم ڪيل وصف مڪمل طور تي تسليم ٿي چڪي آهي ته جمهوريت جو مطلب ئي اهو آهي ته جيڪر عوام هڪ ڀيرو پنهنجي ووٽ ذريعي نمائندا چونڊي ايوانن يا حڪومتن ۾ موڪلي  ته ڪنهن به اداري يا عدالت کي اهو حق حاصل ناهي ته انهن کان ڪنهن به قسم جو پڇاڻو ڪيو وڃي ڇوته انهن جو پڇاڻو صرف عوام ئي ووٽ ذريعي ڪري سگھي ٿو.جمهوريت جي اها اهڙي عجيب وصف ۽ نرالو منطق آهي جنهنجو مثال دنيا جي ڪنهن به جمهوريت ۾ نٿو ملي.انهيء ۾ ٻه رايا نٿا ٿي سگھن ته پارليامينٽ هڪ عوامي ادارو آهي ۽ انهيء جو مان مرتبو هرحال ۾ برقرار رهڻ گھرجي پر سوال اهو به آهي ته انهيء اداري کي مضبوط ڪرڻ،ان کي اعليٰ اخلاقي بنيادن تي استوار ڪرڻ ۽ انهيء جي شان شوڪت بحال ڪرائڻ لاء خود انهن عوامي ۽ جمهوري نمائندن اڄ تائين ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي.سينيٽن جي ايندڙ اليڪشن ۾ جنهن قسم جي هارس ٽريڊنگ لاء ٻوليون لڳي رهيون آهن ۽ جهڙيء طرح هڪڙا سياسي اڳواڻ بين تي وفاداريون خريد ڪرڻ جا الزام لڳائي رهيا آهن اهي ٻڌي ۽ پڙهي  ڪنڌ ئي شرم مان جھڪيو وڃي. اهو دنيا جي ڪهڙي مهذب جمهوري معاشري ۾ ٿئي ٿو ته ڪنهن ملڪ جي اعليٰ عدالت ڪنهن شخص کي ڪنهن ڏوه ۾ سزا ڏئي ته پوري حڪومت ان شخص جي حمايت ۾ عدالتن جي خلاف محاذ کولي ڇڏي،ججن جي ذاتي ڪردار کي تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ۽ عوام کي رياستي ادارن خلاف متنفر ڪري ڀڙڪايو وڃي. جڏهن پاريامينٽ جهڙي مقدس اداري ۾   اهم عوامي ۽ ملڪي معاملن تي بحث بدران ملڪ جي عدالتن خلاف جنگ جو اعلان ٿي رهيو هجي ۽ پاريامينٽ جو اجلاس ئي فقط ڪجھه اڳواڻڻ کي ذاتي تحفظ ۽ فائدو مهيا ڪرڻ لاء قانونسازيء جي بحثن لاء ٿيندو هجي ته پوء اها اميد رکڻ ته پاريامينٽ جو مان ۽ مرتبو وڌندو ڪا معقول سوچ ناهي.جڏهن اهو اعتراض ڪيو وڃي ٿو ته عدالتن کي حڪومتي معاملن ۾ ٽنگ نه اڙائڻ گھرجي ته اتي اهو بحث به ٿيڻ گھرجي ته آخر عدالتن کي ان مداخلت تي مجبور ڪير ڪري ٿو؟ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملڻ بدران جيڪر انهن کي گندو ۽ زهريلو پاڻي پياريو پيو وڃي ته ان وقت ته انهن عوامي نمائندن وٽ ايترو وقت ئي ناهي جو پارليامينٽ ۾ اهي ان معاملي تي پاڻ بحث ڪري حڪومتن کي صحيح طرز عمل اختيار ڪرڻ لاء مجبور ڪن.جڏهن حڪومتون پنهنجون بنيادي ذميداريون پوريون نه ڪنديون ته آخر عوام ڪنهن ڏانهن واجھائيندو؟هڪ هڪ ڪري سمورا قومي ۽ عوامي ادرا تباهه ۽ برباد ٿي ويا.پي آئي اي جو جنازو نڪتو،پاڪستان اسٽيل مل آخري پساهه کڻي رهي آهي.پاڪستان ريلوي آڪسيجن تي هلي رهي آهي.تيل ۽ گئش ڪمپنيون،پاور ڪمپنيون،تعليمي ادارا ۽ اسپتالون،آخر ڪهڙو ادارو باقي بچيو آهي جنهنجي شاندار ڪارڪردگيء جو حوالو ڏيئي سگھجي.آخر اسان جا چونڊيل نمائندا ۽ حڪومتي وزير مشير ان انڪار واري ڪيفيت مان ٻاهر نڪرڻ لاء ڇو تيار ناهن؟ اهي پنهن جن غلطين ۽ ڪوتاهين جو اعتراف ڪرڻ ۾ عوام کان آخر ڇو ٿا عار محسوس ڪن؟ ڪو قتل ٿئي ٿو ته ان جي قانون مطابق ايف آئي آر ئي داخل نٿي ٿئي ته اخر ماڻهو عدالتن جو در کڙڪائيندا يا عدالتون ازخود نوٽيس وٺنديون.ماڻهن کي خطرناڪ دوائون مهيا ڪندڙن کان جيڪر حڪومتون ڪو پڇاڻو نٿيون ڪن ته ڇا عدالت به ڪجھه نه ڪري.ڀلي ماڻهو مري کپي وڃن ڇو ته جمهوريت آهي.جمهوريت ڪنهن خاص طبقي،چند فردن يا ڪجھه خاندانن جي خريد ڪيل جاگير ته ناهي جو جيڪر اهي سياسي ميدان ۾ موجود آهن ته جمهوريت به آهي ۽ جيڪر اهي پنهنجن نااهلين ،گناهن يا غلطين سبب ڪا سزا کائين ته واويلا ٿئي ته جمهوريت خلاف سازش ٿي ويئي.دنيا ۾ ڪٿي به ايئن نه ٿو ٿئي جيئن اسان جي ملڪ ۾ ملڪ جي اهم ادارن کي تماشي جو نشان بنايو پيو وڃي.پاريامينٽ جيڪو هڪ اهم جمهوري ۽ عوامي نمائندگيء جو ادارو آهي اتي اهو رياست ۾ قانون جي هڪجهڙي عملداري قائم ڪرڻ لاء بين ادارن سان گڏوگڏ پاڻ به ايترو ئي ذميوار آهي.جيڪر سماج مان سزا ۽ جزا، احتساب،نگراني ۽ پڇاڻي جو نظام ئي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ٿينديون هجن ۽ انهن ڳالهين لاء پاريامينٽ جهڙي باوقار  اداري جو ايوان استعمال ٿيندو هجي ته بس پوء هڪ عظيم انارڪي ۽ قانوني ڇڙواڳيء جو انتظار ڪرڻ گھرجي جنهن جي اچڻ سان سماج ڪنهن جھنگ جو منظر پيش ڪرڻ لڳي ٿو.
(روزاني جيجل)

Friday, February 23, 2018

شاعريء جي زبان؛ اوهان جي آسري آهيون. (قمر ڪوهستاني)


قمر ڪوهستاني


ڀلي  دلبر  ڪريو  ديريون،   اوهان جي آسري  آهيون.

دلاسن تي  پيا دل  هيريون،  اوهان جي آسري  آهيون.

لنگھي راتيون وڃن ڏينهن، اوهان سان  نڀايون نينهن،

نظر ڪيڏانهن نٿا ڦيريون، اوهان جي آسري  آهيون.

اوهان کان مور نه مٽباسين، تڪي تارا نه ٿڪباسين،

اکيون ڀل ٿي وڃن کيريون، اوهان جي آسري  آهيون.

اوهين   اهڃاڻ   الفت جا،    مٺا   وڻ    پڻ   محبت  جا،

اسين آهيون  ٻٻر  ٻيريون،  اوهان جي آسري  آهيون.

هلي  ايندا  سڄڻ  سائين،    ڀري   پيرا   اڱڻ   سائين،

“ قمر” نچندو ٻڌي ڇيريون، اوهان جي آسري  آهيون.


Thursday, February 22, 2018

شاعريء جي زبان؛ نڪو شھر وارن سان ھوندي شڪايت


حافظ نظاماڻي
نڪو  شھر  وارن سان   ھوندي    شڪايت،
نڪو    ڳوٺ  وارن  سان ڳالھيون ڪبيون
اسين
 فرض  پنھن جو   نڀاھي    وينداسين،
ھِن   مِٺي   قوم   کي  ڇا  ميارون   ڏبيون
اسين
 ڏات  پنھن جي کي  ڏوراپو  ڏيون ٿا،
يا   انھن   جي   افعالن    کي   ويٺا   ڏِسون
ٿي
  عادت   کان   مجبو ر  يارو  پيا آھيون،
تڏھن    ڪنھن    جي   تقدير  لئه  ٿا    لِکون
جي سچل، ڀٽائيءَ کان سمجھي نه سگھيا،
انھن     ۾    ٻي    اميد     ڪھڙي      رکون
انھن
 ئي   افعالن   تي   ڌرتي  پئي کسجي،
اندر   ۾  اچن  ٿا   ڪئين     ڄٻرا     ڄڀيون
ھينئر
 ڊيم  جي  حد  نه  ڊاھي   سگھياسين،
ته   جيئنداسين  ڇا  تي  ۽  مرنداسين ڇا تي
ھي غيرن جون گاريون سُڻي تون نه سنڀرئين
، ته   پوءِ   ويڙھ   لئه     ٻيو  ورنداسين  ڇا  تي
ھي
 تنھن جو ۽ منھنجو جي سنڌو سُڪي ويو
، ته  تون   ئي   ٻڌائي  پوءِ  ترنداسين   ڇا تي
حرامين
 کان  حق  آھن  وڙھي    يار    وٺبا،
انھن  جي  اڳيان   ڪو  نه   نياڻيون  نِبيون
نڪو
   آڻ     مڃبي  نڪو ڪاڻ      ڪڍبي،
اچو    پنھن   جي    پيرن  تي  پاڻي بيھون
ھڪل
 ساڻ    ڌرتيءَ    جا   ”حافظ“    ٿجو،
پوءِ  کٽي  ڀاڳ پنھن جو  مرون  يا جيئون
جيسين
 ساھ  جي  رڳ  ھجي   يار     سائي،
تيسين ڪيئن ڪنھن ڌارئين کي ڪو دڳ ڏيون
سچائيءَ
 جي سٽ کي پڙھيو مون آ   پيارا،
ڪڏھن  ڦوڳ کي ڪونھي  مارويون  ڦٻيون

Wednesday, February 21, 2018

ممنون جو محل ۽ جرمن جا جوهر!


شفيق الرحمان شاڪر
 ميڊيا ۾ آيل تازيون ٻه خبرون پاڪستاني عوام لاء گھڻيون دلچسپ ۽ زبردست آهن.پهرين خبر ته اها جو شايد گھڻن کي خبر نه هجي ته پياري پاڪستان ۾ هڪ عدد ملڪ جو صدر به هوندو آهي جنهن کي اڄڪلهه جناب ممنون حسين صاحب سڏيو وڃي ٿو.پيپلز پارٽي جي گذريل وفاقي حڪومت ۾ اسيمبليء طرفان صدر کان 58 ٽو بي جا اختيار واپس وٺڻ بعد پاڪستان ۾ هاڻي صدر جو عهدو صرف ٽي وي ڏسڻ،اخبارون پڙهڻ ۽ تعزيتي بيان جاري ڪرڻ لاء رهجي ويو آهي.صدر ممنون حسين صاحب پڻ اڄ ڪلهه اهڙين ئي مصروفيتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي.وڌ ۾ وڌ 23 مارچ تي سال ۾ هڪڙو دفعو شاهي بگيء ۾ رونق افروز ٿي پريڊ گرائونڊ جو چڪر هڻي ۽ سلامي وٺڻ يا ڏيڻ بعد واپس صدارتي محل هليو ويندوآهي.اسان کي سندس مصروفيتن يا اڪيلاين تي اعتراض ڪونهي پر اعتراض اهو آهي ته سائين سدائين وقت بوقت قوم کي سادگي سان زندگي گذارڻ جي نصيحت ڪندا رهندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪرپشن خلاف به وڏيون وڏيون تقريرون ڪندا رهن ٿا.جيئن ڪجھه عرصو پهرين ڪنهن تقريب ۾ فرمايائون ته ڪرپشن ڪرڻ وارن جي ٻوٿن تي خدا جي لعنت ۽ نحوست وسندي آهي.وغيره وغيره.سندن اهو اشارو ڪنهن جي طرف هو انهيء سان پنهنجو ڇا؟پاڻ ته اها خبر ملڪ جي غريب عوام کي پهچائڻ گهرون ٿا ته جناب صدر صاحب ايترو فارغ به نه ويٺل آهي جيئن ماڻهو سمجھن ٿا.هو صدارتي محل ۾ ڪنهن نه ڪنهن شوق يا وندر ۾ لڳل هوندا آهن. مثال تازو قومي اسيمبليء جي اسٽينڊنگ ڪميٽيء۾ جمع ڪرايل هڪ رپورٽ مطابق جناب ممنون حسين گذريل چئن سالن دوران پنهن جي صدارتي محل وڌيڪ سينگارڻ،سجائڻ ۽ سونهارو بنائڻ لاء غريب عوام جي ٽيڪس جا صرف هڪ ارب ۽ ارڙهن ڪروڙ روپيا خرچ ڪري عوام کي پنهنجو ممنون بنائي ڇڏيو.اهو خرچ صرف صدارتي محل جي مرمت،سونهن ۽ سينگار جو آهي.عملي جون پگھارون،تيل،پاڻي ۽ ٻيا شاهي خرچ بلڪل جدا آهن.
ٻي خبر به زبردست آهي سا اها ته وزيراعظم جي قومي هوابازيء جي مشير جناب سردار مهتاب عباسي قوم کي اها عظيم خوشخبري ڏني آهي ته پي آئي اي جي اڳوڻي جرمن سي اي او هلڊن برانڊ سان ڪيل حڪومت پاڪستان جا سمورا ٺاهه رد ڪري ملڪ ۽ عوام کي هڪ وڏي مالي نقصان کان بچائي ورتو.عباسي صاحب اهو به ٻڌايو ته جرمن سي اي او پي آئي اي جو جهاز 47،000 يورو ۾ وڪيو جڏهن ته ساڳئي جهاز جي مارڪيٽ ۾ قيمت 14 لک ڊالر لڳي.هن ٻڌايو ته هلڊن برانڊ جهازن جون ڇهه عدد انجنون به وڪڻڻ وارو هو جنهن لاء هن هڪ لک ستر هزار ڊالرن جي هڪ ايگريمينٽ به صحيح ڪئي.ان معاملي متعلق هڪ ذيلي ڪميٽي به قائم ڪئي ويئي هئي جنهن پي آئي اي جي ڪارڪردگي سڌارڻ،گذريل معاملن جي تفصيلي جاچ ڪرڻ ۽ اڳوڻي جرمن سي اي او کي هٿ ڪري واپس پاڪستان آڻڻ جي سفارش ڪئي آهي.ڪميٽي اهڙين تجويزن کي منظور ڪندي اها رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.برنيڊ هلڊن برانڊ کي ان وقت گذريل اپريل ۾ پي آئي اي مان ڪڍيو ويو هو جڏهن پي آئي اي ۾ تمام وڏين بدعنوانين ۽ بي ضابطگين جون خبرون عام ٿيون هيون.تنهن کان پوء هن خلاف تفصيلي جاچ جي شروعات ڪئي ويئي جنهن ۾ هن پاران سريلنڪا جي هڪ هوائي ڪمپنيء کان جهاز ليز تي حاصل ڪرڻ جي معاملي جي تحقيقات به شامل هئي. قومي هوابازيء جي مشير اربع ڏينهن ڪميٽي اڳيان اهو به تسليم ڪيو ته پي آئي اي ۾ جرمن سي اي او مقرر ڪرڻ حڪومت جي وڏي غلطي هئي.سينيٽ جي خصوصي ڪميٽيء اڳيان ڳالهائيندي سردار مهتاب عباسيء ٻڌايو ته پي آئي اي ۾ اهڙي ماڻهوء کي سي اي او مقرر ڪيو ويو جنهن کي ايئر لائين متعلق ڪا ڄاڻ نه هئي  ايستائين جو هن جي تعليمي لياقت به هوابازيء جي شعبي ۾ نه هئي.
ياد رهي ته پي آئي اي  اهڙين ئي مالي بي ضابطگين،بدديانتي،عملدارن جي نااهلي سبب گذريل ڪيتري ئي عرصي کان زبردست مالي خساري جو شڪار آهي جنهن ڪري ڪيترن ئي هوائي روٽن تي اها پنهنجون اڏامون بند ڪري چڪي آهي.پي آئي اي جي مالي صورتحال مطابق سيپٽيمبر 2016ع تائين پي آئي اي تي 349 کرب روپين جو قرض هو جڏهن ته ان جي سمورن مالي اثاثن جي ڪل قيمت اٽڪل 113 کرب روپيا لڳائي ويئي آهي.اها آهي حالت اسان جي حڪمرانن جي جن کي اسان ملڪ ۽ ملڪ جا ادارا هلائڻ جو ڪم حوالي ڪيو آهي.هنن کي هيڏي سڄي ملڪ پاڪستان ۾ پي آئي اي کي پيشاوراڻي نموني هلائڻ لاء ڪو هڪڙو به اهل ماڻهو نظر نٿو اچي جو خبر ناهي ڪٿان وڃي ڪو دهليء جو ٺڳ هٿ ڪري آيا جيڪو هنن جو به استاد نڪتو.ٻيو ن جيڪي ڪجھه هٿ جون صفايون ڏيکاريائين سي ڏيکاريائين پر ويندي ويندي به پاڪستان ايئر لائينز جي هڪ ايئر بس ئي پاڻ سان گڏ کڻي ويو جنهن جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي.انهي گم ٿيل غريب جهاز جي باري ۾ حڪومت مختلف بيان ڏيندي رهي ٿي.ڪڏهن چون ٿا ته جهاز اسان وڪيو آهي ڪڏهن چون ٿا ته ڪرايي تي ڏنو آهي ته ڪڏهن چون ٿا ته جهاز ۾ فلمون ڀرجي رهيون آهن.ملڪ جا اهم قومي ادارا ايئن هلندا آهن؟صرف هڪڙي اداري جي ڳالهه هجي ته سور پيئجي پر هتي ته هنن هڪٻئي پويان هر اداري جو حشر نشر ڪري رکيو آهي.پاڪستان اسٽيل ملز جو حال ڏسو،ريلوي جو خانو خراب ڏسو.عوامي شگر ملون ،سيمنٽ ۽ ڀاڻ فيڪٽريون ته هي سڀ جون سڀ اڳيئي وڪڻي چڪا آهن.هاڻي تعليمي ادارا ۽ اسپتالون وڪجي رهيون آهن. ڳالهه اها ناهي جو هنن کان اهي ادارا هلن نٿا يا انهن ادارن کي هلائڻ جو هنن وٽ ڪو تجربو ناهي پر حقيقيت اها آهي جو اهو سمورو قصو بدنيتيء جي بنياد تي ڏسي وائسي خراب ڪيو پيو وڃي.نه ته انهن ئي حڪمرانن جا ذاتي ادارا،هوائي ڪمپنيون ۽ فيڪٽريون پوري آب تاب سان هلي رهيون آهن.انهن ادارن ۾ ته انهن کان ڪو نقصان ٿئي ئي نٿو.جڏهن ڳالهه اچي ٿي عوامي ادارن جي ته انهن وٽ انهن کي وڪڻڻ لاء ڪيئي ناٽڪ تيار ملن ٿا.هاڻي هوابازيء جو هي مشير صاحب جيڪو هن وقت عوام کي اهي تقريرون سڻائي رهيو آهي ته انهيء کان ڪوئي اهو ته پڇي ته اهڙن ٻه نمبر ماڻهن کي انهن ادارن ۾ مقرر ڪندڙ ڪير آهي؟ انهن ماڻهن کي آخر ڇو مقرر ڪيو ويو؟انهي سموري گندي ڌنڌي ۾ هن سان ٻيا ڪهڙا ماڻهو شامل هئا؟ انهن کان حساب ڪير وٺندو؟توهان جو عوام تي اهو احسان ئي کوڙ آهي جو اوهان ان ٻه نمبر ماڻهوء کي اداري مان ڪڍي ملڪ کي هڪ وڏي مالي نقصان کان بچائي ورتو. انهيء احسان لاء عوام کي ٻنهي هٿن سان توهان کي سلام پيش ڪرڻ گھرجي!
آخر ۾ خير سان اها خبر به ٻڌي ڇڏيو ته وفاقي ڪابينا نيٺ پي آئي اي ۽ پاڪستان اسٽيل مل کي وڪڻڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي.
(روزاني مهراڻ 21 فيبروري 2018ع)


Tuesday, February 20, 2018

سر ليلا چنيسر ؛ “ڏاهيون ڏک ڏسن.”



شفيق الرحمان شاڪر
ليلا چنيسر جو مختصر نموني قصو اهو ته ڪنهن زماني ۾ سومرن مان راجا چنيسر نالي ديول ڪوٽ تي راڄ ڪندو هو جنهن کي سندس راڻي ليلا سان تمام گھڻي محبت هئي،انهن ئي ڏينهن ۾ راجپوتن جي خاندان مان راڻو کنگھار لکپت صوبي تي حڪومت ڪندو هو جنهن کي ڪونئرو نالي هڪ خوبصورت نياڻي هئي جنهن جي حسن جي هنڌين  ماڳين هاڪ هئي سا پاڻ چنيسر جي عشق ۾ چري هئي.قصو ڪوتاه ته هن چنيسر کي پنهنجو ڪرڻ لاء سڀ حيلا هلايا پر ڪامياب نه ٿي سگھي. آخر  هوء پنهن جي چالاڪيء سان ليلا جي ٻانهيء جي حيثيت ۾ هڪ ڏينهن چنيسر  جي حويليء ۾داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي.هڪڙي ڏينهن هن موقعو تاڻي،پاڻ وٽ موجود قيمتي هار تي ليلا جو من موهي وڌو ۽ انهيء هار بدلي ليلا کان چنيسر جي جيون جون چند ساعتون اڌاريون  گھري ورتيون.جڏهن چنيسر کي ان سڄي پروليء جي پروڙ پيئي  ته ليلا هن جي محبت کي موتين عيوض مٽائي چڪي آهي ته هن سخت صدمي ۽ ڪاوڙ وچان ليلا کان هميشه لاء منهن موڙي ڇڏيو. اهڙيء طرح مت جي موڙهي ليلا موتين بدلي پنهنجي محبت کان هٿ ڌوئي ويٺي.
هن سر ۾ سهڻي لطيف تصوف جو هڪ خاص نڪتو بيان ڪيو آهي سو آهي “خدا جي غيرت،” ليلا مان مراد اهو سالڪ جنهن کي هڪ ڀيرو محبوب حقيقيء جو وصال نصيب ٿيو پر پوء نفس جي ڦندي ۾ ڦاسي رستو ڀلجي ويو ۽ حقيقي محبوب کان منهن موڙي مجازي مزن ۾ مست ٿي ويو.
مَڻِـئي تي موهِجِي، مُوڙِهِي ڪَيُءِ مَرَڪُ؛
چئِي  چَنيسَرَ
  ڄامَ  سين،  وِڌو  تو  فَرَقُ؛
وَرِي  ويو    وَرَقُ،  آييُءِ   ڏَنءُ  ڏُهاڳَ جو
.
اي مت جي موڙهي ليلا! تو هي پنهنجي لاء ڪهڙو مرڪ ڪمايو جو مڻيي جي لوڀ ۽ لالچ ۾ چنيسر ئي هٿن مان هليو ويئي.هي ته تو وڏي نقصان وارو سودو ڪيو.اهي ڏهاڳ جي ڏکن جا ورق تو پاڻ پنهن جي مٿان واري وڌا. اصل ۾ سالڪ کي طريقت جي واٽ ۾ ڪئين مڪاشفا ۽ مشاهدا حاصل ٿين ٿا.گھڻن جو ڌيان محبوب تان هٽي انهن مڪاشفن ۽ مشاهدن ۾ ڦاسي پوندو آهي ۽ اهي انهيء تي هرکجي، محبوب جي تلاش ڇڏيو ڏين.
مَڻِيو  ناه ِ مَڻِـيُون،  جو  تُون  پَسِي  هارُ  هِرکِـئين؛
اصلِ آهي اَڳَهين، سَندِيُون ڪُوڙَ  ڪَڻِيـُون؛
اِنَ گھوڙَنِ هَنئي گَھڻِـيُون، دوسَنِئان دُورِ ڪَيون
.
جنهن هار تنهنجو هانء هرکائي وڌو سو اصل ۾ مڻيو نه پر ڪو ڪوڙو موتي هو.انهيء دل جي هٻڇ گھڻين کي دوستن کان ڌار ڪري ڇڏيو.جڏهن انسان جو ڌيان محبوب حقيقيء کان هٽي ٻين  وڻندڙ مشغلن ۾ منجھامي ٿو ته غيرت حق جوش ۾ اچيو وڃي.جيئن هڪ حديث شريف مان به ان حقيقت جي تائيد ٿئي ٿي ته محبوبن ڪريمن  صلي عليه وسلم جن فرمايو  “ سعد غيرتمند آهي،آئون سعد کان وڏيڪ غيرتمند آهيان پر خدا مون کان به وڌيڪ غيرتمند آهي،پنهنجي ان غيرت جي ڪري هن لڪيل ۽ ڳجھين بڇڙاين کان به روڪي ڇڏيو آهي.”
مطلب ته انسان اڪيلائيء ۾ به جيڪر ڪو گناهه ڪري ٿو بلڪه هو ذهن جي اندر جيڪي سوچي ٿو يا دل ۾ جيڪو ارادو ڪري ٿو، خدا انهن سمورين شين کان پوريء طرح واقف آهي ته پوء هن سان ٻيائيء وارو وهنوار ڪرڻ صرف پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيڻ آهي.
ور وڃايئي ويسلي! توڻي لکين پائين هار،
عقل   نه    آهي   تو   ۾،   ويهون    ڀاڱو   وار،
چنيسر   ڀتار، دوست     مٽايئي      داسڙو.
اي انسان! توکي عقل هجي ها ته سمجھين ها ته محبوب کي صرف سچائيء جي سونهن ٿي وڻي.ان ظاهري نيڪين جي سونهن جا هار ڳچيء پائي تون ڪيئن ٿو گمان ڪرين ته هن کي پسند ايندين جو محبوب جي نظر ته فقط دلين تي هوندي آهي.
وَڏيرِي      هُياسِ،            چَنيسَرَ        جي      راڄَ     ۾؛
دائِيين،   ٻائِيين،   دَرِبانَنِ،    پَرِ    ۾      ٿي    پُڇِياسِ؛
دُهلين  دَمامين،   نَقرين،    ٿي     وِچَ     ۾    وِهارِياسِ؛
هُيَسِ دادُلِي دوسَنِ جي، کَـڻي هَلڪِي هارَ ڪَياسِ؛
تِنهان     پوءِ       ٿِياسِ،    ڪانيارِي    ڪانڌَ   جِي
.
ليلا کي ان هار جي هٻڇ اهڙو ته هلڪو ڪري وڌو جو سندس وڏيرائپ.دادلائپ،ناز ۽ ادائون سڀ ڪجھه ڀسم ٿي ويو ۽ هوء ڪانڌ اڳيان ڪاڻياري ٿي پيئي، حڪيم سنائيء ان نڪتي کي پنهن جي هڪ قول ۾ ڪهڙي نه خوبصورت انداز سان بيان ڪيو آهي.
“ بهرچه   ازراه  اوماني، چه  ڪفر آن حرف  چه  ايمان،
بهرچه از دوست دور افتني،چه زشت آن نقش چه زيبا.”
يعني شيء ڪهڙي به هجي پر جي اها توکي محوب جي راهه کان پري ڪري پوء اهو ڪفر جو ڪلمو هجي يا ايمان جو حرف ۽ نقش ڪهڙو به هجي پر جي اهو توکي دوست کان دور ڪري، پوء اهو سهڻو هجي يا بڇڙو،انهن مڙني شين کان پري ڀڄ.اها ڏاهپ ئي ڏهاڳ جو ڪارڻ بڻجي ٿي جنهن تي گھمنڊ ڪري انسان بارگاه محبوب مان هميشه لاء تڙجيو وڃي ۽ ان ڀورائيء ۾ ئي ڀلائي آهي جنهن جو احساس ۽ اقرار هن کي محبوب جي محفل ۾ مانائتو بڻايو ڇڏي.
الا! ڏاهي    م ٿيان،    ڏاهيون    ڏک ڏسن،
مون تي مون پرين، ڀورائيء ۾ ڀال ڪيا.
سلطان محمود جا سندس غلام اياز سان قرب جا ڪيئي قصا مشهور آهن.هڪ ڏينهن اميرن ۽ مشيرن  ساڙ وچان محمود کي مهڻو ڏنو ته هو هڪ ڪاري غلام سان ايڏي الفت ڇو ٿو رکي؟ محمود چيو ته ان سوال جو جواب اهي سڀاڻي کانئس معلوم ڪن. ٻئي ڏنهن تي محمود سمورن اميرن مشيرن کي گھرائي قيمتي شراب جون بوتلون انهن حوالي ڪندي کين اهي ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو.  جڏهن سڀني اهي بوتلون ٽوڙي وڌيون ته محمود سوال ڪيو ته اوهان هي بوتلون ڇو ٽوڙيون.سڀني يڪ آواز جواب ڏنو ته بادشاه سلامت!اسان اوهان جو حڪم مڃيندي اهي بوتلون ٽوڙيون آهن. هاڻي محمود ساڳئي قسم جي هڪ بوتل اياز جي حوالي ڪندي کيس اها ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو.اياز جڏهن اها ٽوڙي وڌي ته محمود چيو؛ اي اياز! تو هي ڇا ڪيو.بوتل ٽوڙي  ڇڏي؟ اياز نماڻائي  ۽ شرمساريء وچان ترت هٿ ٻڌي عرض ڪيو؛ آقا! مونکي معافي ڏيو،مون کان غلطي ٿي ويئي. اها هئي اياز جي انمول ادا جنهن ڪري محمود هن تي موهت هو.محبوب سان هوڏ هلائڻ،بحث يا حجت ڪرڻ جائز ناهي. توڙي قصور هجي يا نه پر هميشه هيٺاهين هلت هلڻي آهي ۽ پنهنجي خطا ئي خيال ڪرڻي آهي.
روء  ته  رحم  پويس،  ڳچيء  پلئه پاء،
آڌيء اٿي ادب سان،   ليلا! تون ليلاء،
پرينء کي پرچاء،نائي ڪنڌ نياز سين.
حافظ شيرازي چوي ٿو ته “ ضدي ۽ هٺيلو نه ٿيء متان محبوب جي جلال غيرت سان  سڙي خاڪ ٿي وڃين ڇو ته دلبر جو هٿ اهڙو اهي جنهن ۾ ايندي ئي سخت پهڻ به ميڻ ٿيو پون.”
لِيلا! حِيلا   ڇَڏِ،        جي   تُون سوڀِي! سِکِـئين؛
پائي     پاندُ     ڳِچيءَ ۾،   پاڻُ       غَرِيـبيءَ    گَڏِ؛
هَڏِ نه چَوَندُءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِـئَين ڪانڌَ کي
.
ڦاسڻ کان پوء ڦٿڪڻ ڇاجو؟ خطا کان پوء حيلا بهانا ڪهڙا؟بس، هڪڙو ئي رستو آهي پرينء کي پرچائڻ جو ته غريبي ۽ نماڻائيء واري شڪل ڪري،پاند ڳچيء ۾ پائي،آزيون،نيازيون ۽ ايلاز ڪجن، پنهنجن پاپن تي پڇتاء ۽ پشيماني ڪجي ته پوء وڏو امڪان آهي ته انهن آهن. دانهن، ٻاڪارن ۽ پڪارن تي ڪانڌ کي ڪا ڪهل اچي وڃي ۽ هن جي محبت سندي محفل ۾ وري ڪو مقام ملي وڃي.


(روزاني مهراڻ 19 فيبروري 2018ع)