Thursday, March 31, 2016

ڪيستائين ڪّليون ڪومائبيون رهنديون!

ڪيستائين ڪّليون ڪومائبيون رهنديون!
شفيق شاڪر

اهو موڪل جو ڏينهن هو.پر اڄوڪو سج لاهور جي زنده دل شهرين جي لاء هڪ لڪيل طوفان کڻي آيو هو.خدا جي مخلوق انهيء اڻ ڏٺل طوفان کان بي خبر موڪل جي ڏينهن کي پنهن جن معصوم ٻارن سان گڏ ملهائڻ ،تفريح بهاني پنهن جن گهرن مان ٻاهر نڪري، مختلف تفريحي ماڳن جو رخ ڪيو هو.ڪنهن کي خبر هئي ته صبح جي سناٽي ۾ پنهن جن گھرن مان نڪتل اهي مائٽ  واپسيء ۾پنهن جن پيارن جگر جي ٽڪرن جا رتورت لاشا کڻي گھر موٽندا .يا وري ڪيئي معصوم پنهن جي مائرن جي ممتا ۽ پيئرن جي شفقت ڀري ڇانو کان هميشه جي لاء محروم ٿي ويندا.جڏهن ڪنهن ڪٺور وجود ۽ سنگدل هٿن اقبال جي گلشن ۾ انسانيت دشمنيء جي انڌ ۾ بم جو اهو ڌماڪو ڪيو ته هن کي انهن معصوم وجودن تي به ذرو برابر ڪهل نه آئي، جن جا دامن هر گناھ کان خالي ۽ جن جا هٿ هر پاپ کان پوتر هئا.انهن کي ته اها به خبر نه هئي ته کين ڪهڙي ڏوھ ۾ قتل ڪيو پيو وڃي! بي گناھ معصوم ٻارن جي قتل جهڙو ڪيس! جنهن ڏوھ تي ڏاڍا ڏونگر به ڏڪي وڃن،.جنهن تي آسمان جون اکيون آليون ٿي وڃن ۽ جنهن تي ڌرتي ڌٻڻ لڳي وڃي.پر اهي ڪهڙا انسان آهن جن جا ان پاپ تي نه ته هٿ ٿا هٻڪن ۽ نه ئي دليون ٿيون ڌڙڪن.اقبال جي گلشن ۾ اهڙي خزان آئي جيڪا ڪئين اڻ ٽڙيل ڪليون ڪومائي ويئي.هيء ڪهڙي هوا هئي جيڪا اميدن جا سڀ ڏيئا وسائي ويئي. هي ڪهڙو طوفان هو جيڪو چوطرف غمن،صدمن.سورن،آهن ۽ دانهن جي دز اڏائي ويو.هر طرف انساني جسمن جا ٽڙيل پکڙيل عضوا،معصوم هٿن مان ڇنل،ٽٽل ۽ ڀڳل رانديڪا.هوڏانهن ته ڏسو! هي ڪنهن جون گڏيون ماتم ڪري رهيون آهن.هي ڪنهن جو گھوڙو پنهن جي سوار کان وڇڙي ويو.هيء ڪنهن جي بوتل چپن کي چمي نه سگھي.هي ڪنهن جا پتڪڙا سينڊل وکريا پيا آهن. اهي جيڪي هر اڱڻ جي سونهن هئا.اهي جيڪي اسان جي اميدن جي باغ جا گلاب هئا،جيڪي اسان جو حال به هئا ته مستقبل به !.اڄ جڏهن اداسين جي ٽياس تي ٽنگيل انهن جا اسڪول بيگ سندن جيجلون ڏسنديون هونديون ته انهن جي من۾ دردن جو جيڪو درياء ڇوليون هڻندو هوندو انهيء کي سواء انهن مائرن جي ٻيوڇا محسوس ڪري سگھندو.اڄ جڏهن انهن گھرن ۾ انهن شريرن جون شرارتون نه گونجنديون هونديون ته انهن گھرن ۾ ڪيڏي نه قبرستان واري خاموشي ڇانيل هوندي. دهشت ۽ وحشت جي هر کيل ۾ جيڪا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندي آئي آهي سا  ويچاري“ماء” ئي آهي.شايد انهن پاپي هٿن جن خدا جي انساني گلشن کي اجاڙڻ جو ڪڌو ڪم پنهن جي ڪنڌ تي کنيو آهي انهن جي دلين ماء جي احساسن ، جذبن ۽ ممتا کي مورڳو محسوس ئي نه ڪيو آهي. محبت،خلوص،سچائي ۽ اميد جي نشاني اهي ٻارڙا! جيڪي هر ڪنهن کي موٽ ۾ اهڙي دلربا مسڪراهٽ ڏيندا آهن جو سفر جو سڄو ٿڪ لهي وڃي، غمن جو سمورو بار هلڪو ٿي وڃي،ماضيء جا سڀ عذاب وسري وڃن. ڪائنات ۾ قدرت جا حسين رنگ،دوکيباز دنيا ۾ سچائيء ۽ سادگيء جا خوبصورت منظر،گردش دوران ۾ مائٽن لاء دل وندرائڻ جا رانديڪا! افسوس انهن کي اسلام جي نالي تي قتل ڪيو پيو وڃي.انهن کان نظريي جي نالي تي زنده رهڻ جو حق کسيو پيو وڃي.هي ڪهڙو اسلام هنن ايجاد ڪيو آهي ۽ هي ڪهڙو نظريو هنن برآمد ڪيو آهي.ٻنهي جهانن جا سردار ﷺ محفل ۾ ويٺا هئا ته ڪنهن جو جنازو اتان گذريو،پاڻ ﷺاحترام وچان اٿي بيٺا،صحابن عرض ڪيو ته حضور! هي ته ڪنهن مشرڪ جو جنازو آهي.پاڻ فرمايائون ته مشرڪ آهي ته ڇا ٿي پيو، انسان ته آهي!هنن جو اسلام پنهن جو آهي.جهاد جو اعلان ته آمريڪا ۽ يورپ جي خلاف پر مارين صرف معصوم ٿا.جڏهن ته آمريڪا ۽ يورپ جي بي گناھ ماڻهن کي مارڻ جي به اسلام هرگز اجازت نٿو ڏئي.
دهشتگردن کي ڪهڙا ڏوراپا ۽ ميارون ڏجن جو هنن وٽ ته انسانن واري دل ئي اندر ۾ ڪانهي،جذبا ۽ احساس ئي مري چڪا آهن پر پنهن جن سنگدل حڪمرانن کي ڇا چئجي  جن جا احساس ۽ جذبا به گهري ننڊ ستل آهن. انسانن جي ڪنهن قتل عام کان پهرين سندن اکيون نٿيون پٽجن،ڪنهن واقعي کان پوء اهو ئي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ وارا بيان ته  “دهشتگردن جي چيلھ چٻي ڪئي ويندي، دهشتگردن جي ڳچيء ۾ هٿ وڌا ويندا،مجرمن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو،مقتولن کي معاوضو ڏنو ويندو، زخّمين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪيو ويندو.مجرم اسان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجھن،ڪنهن کي انسان دشمن ڪاروائين جي اجازت نٿي ڏيئي سگھجي،حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بنائيندي،” انهن فضول قسم جي بيانن سان ڇا ٿيندو. معصوم انسانن جو قتل بند ٿي ويندو.ماڻهن جا پنهن جن جي وڇوڙي جا گھاء ڀرجي ويندا،جيڪي قيمتي زندگيون ضايع ٿي وييون تن جو ازالو ٿي ويندو.رياست جو بنيادي ڪم ڇا هوندوآهي؟ اهو ته صرف ڪجھ اشرافيا جي زندگين کي تحفظ ڏيڻ،انهن لاء بليٽ پروف سيڪيورٽيء جو بندوبست ڪرڻ،انهن جي ٻارن ٻچن جو خيال رکڻ ۽ باقي ٻي خلق خدا کي دهشتگردن جي حوالي ڪري ڇڏڻ! جڏهن آرمي پبلڪ اسڪول توڙي باچا خان يونورسٽيء ۾ معصومن ٻارن ۽ نوجوانن مٿان اڳ به اهڙيون قيامتون اچي چڪيون آهن تڏهن به حڪومت جون اکيون نه پٽيون.اهي اڄ ڪهڙي منهن سان مقتولن جي پونئين سان همدرديون جتائين ٿا جو دنيا کي خبر آهي ته  خودانهن جي وزيرن ۽ مشيرن جا ڪهڙين ڪهڙين دهشتگرد تنظيمن سان لاڳاپا ڳايا وڃن ٿا ۽ ڪهڙين ڪهڙين دهشتگرد تنظيمن طرفان سندن اليڪشن مهمون هلائڻ جا داستان عام آهن.انهن آخر پنجاب ۾ پهرين دهشتگردن  ۽سندن سهولت ڪارن  خلاف رينجرز کي آپريشن ڪرڻ ڇو نه ڏنو؟ ان ڏينهن تي اقليتن جو مذهبي تهوار به هو ته پوء حڪومت سيڪيورٽيء جا ڪهڙا غيرمعمولي انتظام ڪيا هئا؟ عام انسان جي خون جي قيمت انهن وٽ ڪجھ به ناهي،اهي ته چاهين ٿا ته ماڻهو گھرن جي اندر ئي گھٽجي ٻوساٽجي مري وڃن. جيستائين انهيء اشرافيا کان مڪمل  سرڪاري سيڪيورٽي واپس نٿي ورتي وڃي تيستائين انهن کي اهو پتو ئي نه پئجي سگھندو ته ملڪ ۾ ڪيترو امن آهي!
عوام تي به ڏاڍي حيرت ٿئي ٿي جو اهو سڀ ڪجھ سمجھندي به انهن حڪمرانن جا گيت ڳائي ٿو. بار بار پنهن جن پيارن جا لاش وصول ڪرڻ باوجود به انهن مڪارن تي اعتبار ڪري ٿو.حڪمران جڏهن دهشتگرديء جي جنگ ۾ پنهن جن عظيم قربانين جي ڳالھ ڪن ٿا ته ان وقت انهن کي ٽڪي جو به خيال نٿو ٿئي ته آخر هيستائين هن جنگ ۾ انهن پاڻ ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن..هنن سواء مذمت جي ٻيو هيستائين ڪيو ڇاهي؟ قربانيون يا ته فوج،رينجرز ۽ پوليس جا جوان ڏيئي رهيا آهن يا عام ماڻهو !.حڪمران ته مال ميڙڻ کان ئي واندا ناهن.اهي ته هيترو ڪجھ ٿيڻ باوجود اڃا تائين ناٽڪ کيڏي رهيا آهن.اهي عوام کي بي وقوف بنائڻ لاء ٽي ويء تي اچي تقريرون ڪن ٿا ته سندن دل ان سانحي تي خون جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي،اهي عوام کي اهو ڇونٿا ٻڌائين ته هنن هن وقت تائين نيشنل ايڪشن پلان جي ڪيترن نڪتن تي عمل ڪيو آهي.ڪهڙي بلا آهي جيڪا انهن کي اڳتي وڌڻ نٿي ڏئي.ڪهڙيون زنجيرون آهن جيڪي هنن کي سڪ ڪيو ڇڏين.آخر اهي ڪهڙو انتظار ڪري رهيا آهن ته خدا نخواسته  وري ڪو اهڙو واقعو ٿئي،وري ڪي گھر برباد ۽ چمن ويران ٿين،وري ڪي فضائن ۾ سسڪيون،سڏڪا ۽ آهون بلند ٿين!
“را” جي دهشتگرد ڪاروائين ۾ ملوث هئڻ وارو فيڪٽر بلوچستان مان “را ”جي ايجنٽ جي گرفتاريء کان پوء کلي ڪري سامهون آيو آهي پر مجال آهي جو حڪومت جا وزير ۽ مشير ان معاملي تي زبان به کولين وزيراعظم جي سڄي تقرير مان ايم ڪيو ايم جي حوالي سان يا وري تازو گرفتار ڪيل را ايجنٽ جي گرفتاريء جي باري ۾ پراسرار خاموشي  ڇانيل رهي جڏهن ته ٻئي طرف آئي ايس پي آر ڪلڀوشن جي اعترافي بيان جي وڊيو جاري ڪري چڪي آهي جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاروائين ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي شايد مصطفى ڪمال گروپ جي ڳالهين وانگر حڪومت ان کي به صرف لفاظي سمجھندي هجي.
.گھڻو تماشو ٿيو،هاڻي  حڪمرانن کي خدا جو خوف کائڻ گھرجي،پاڪستان  تي رحم ۽ قوم تي ڪا ڪهل ڪرڻ گھرجي.امن جي طرف جيڪو به قدم کڄي ٿو اهي خود ان ۾ رڪاوٽ بڻجي بيهن ٿا، آخر ڇو؟ ڇا پاڪستاني قوم جي اها اڻ بدلجندڙ تقدير آهي ته اها بدامنيء جي هن نه وسامندڙ باھ ۾ هميشه سڙندي رهندي!ميڊيا ۾ ويٺل حڪمرانن جا ڪجھ درباري اهڙو نقشو چٽي رهيا آهن ڄڻ ته انهن حالتن جا ذميدار حڪمران نه پر عوام پاڻ هجي.اهي خوشامدڙيا به ڪجھ خدا جو خوف ڪن ۽ حڪمرانن جي غيرذميداري، لاپرواهي،غفلت،سستي ۽ غلط پاليسين تي سڀ ٺيڪ واري بانسري وڄائڻ هاڻي بند ڪن. ميڊيا جي به بنيادي ذميداري آهي ته اها حڪومت تي نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرڻ لاء دٻاء وجھي ۽ ٽاڪ شوز ۾ انهن جون فضول تقريرون عوام کي ٻڌائن بدران انهن کان نيشنل ايڪشن پلان جي مختلف نڪتن تي عمل درآمد بابت سوال ڪري جيڪي سوال اهي بار بار گول ڪري وڃن ٿا. هن وقت ملڪ جي جن حصن ۾ دهشتگردن خلاف قانون نافذ ڪندڙ ادارا جيڪو آپريشن ڪري رهيا آهن اهو به ضروري آهي پر اهو ته نيشنل ايڪشن پلان جو صرف هڪڙو جز آهي ،انهيء سان وقتي طور تي ته دهشتگردي کي گھڻي حد تائين ٻنجو به اچي ويندو پر مستقل بنيادن تي دهشتگرديء مان جان تيستائين نه ڇٽندي جيستائين نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن نڪتن تي پوريء طرح عمل نه ٿو ٿئي.فوج ته  ان حوالي سان پنهن جي حصي جو ڪم ڪري رهي آهي پر حڪومتون ان نيشنل ايڪشن پلان تان عملي طور تي هٿ کڻي چڪيون آهن. اهي مذهبي اڳواڻ ۽ ٻيا حلقا جيڪي اگر، مگر ،چونڪه ۽ چنانچه جي چادر۾ماضيء۾ دهشتگردن جو حوصلو وڌائيندا آيا آهن انهن کي به مري خدا کي جواب ڏيڻو آهي .انهن معصوم ٻارڙن جي قتل جي لاء اهي قيامت جي ڏينهن ڪهڙو جواز ڳولهيندا ۽ ڪهڙو عذر تلاش ڪندا! انهن کي به توبه ڪري پنهن جو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ڪاش آئينده ڪو اهڙو سانحو وري نه ٿئي!.فيض احمد فيض جي لفظن ۾
“ ڪب نظرمين آئيگي بي داغ سبزي ڪي بهار

خون ڪي ڌڀي ڌلين گي ڪتني برساتون ڪي بعد!”

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو