Tuesday, March 29, 2016

لاهور واقعو ۽ نيشنل ايڪشن پلان.

لاهور واقعو ۽ نيشنل ايڪشن پلان.
شفيق شاڪر


27 مارچ تي لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ دهشتگرديء جي پيش آيل هانء ڏاريندڙ واقعي جتي هڪ طرف پوري ملڪ کي سوڳ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي اتي ٻئي طرف نيشنل ايڪشن پلان ،پنجاب حڪومت جي غفلت،قانون نافذ ڪندڙ ۽ انٽيليجنس ادارن جي ڪارڪردگيء جي حوالي سان ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪئين سوال ۽ مونجھارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. جيڪڏهن حڪومت ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي دعوائن مطابق انهن دهشتگردن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي ته پوء اهي ايڏي ديده دليريء سان جڏهن به چاهين پاڪستان جي اهم شهرن کي پنهن جو نشانو ايترو آسانيء سان ڪيئن بنائي وٺن ٿا! ميڊيا ۾ شايع ٿيل پراڻن بيانن ۽ ڪالمن جو جائزو ورتو وڃي ته ڪيتري عرصي کان ان تاثر جو اظهار ڪيو پئي ويو ته ملڪ جي ڪجھ مخصوص حصن ۾ دهشتگردن خلاف ٿيل آپريشن جي نتيجي ۾ مبينه طور تي دهشتگردن پنجاب کي پنهن جو مرڪز بنائي ڇڏيو آهي ۽ تجزيانگارن مطابق پنجاب دهشتگردن لاء محفوظ پناه گاه بڻيل آهي.اڄ کان اٽڪل ٽي مهينا اڳ پنجاب ۾ ٿيل اپيڪس ڪميٽيء جي اجلاس ۾ جنهن ۾ عسڪري قيادت به موجود هئي،پنجاب حڪومت کي اها صلاح ڏني ويئي هئي ته رينجرز جي ذريعي ڪراچيء جي طرز جو هڪ موثر آپريشن پنجاب ۾ به شروع ڪرڻ گھرجي. پر رپورٽن مطابق پنجاب حڪومت مختلف جواز ڄاڻائي اهڙي آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي.پنجاب حڪومت جو موقف هو ته اهي صوبائي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ذريعي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪري رهيا آهن پر موجوده بم ڌماڪي پنجاب حڪومت جي ان آپريشن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي.مختلف دهشتگرد گروپن ۽ بندش پيل انتها پسند تنظيمن سان حڪومت جي لاڳاپن جون خبرون به وقت بوقت ميڊيا ۾ ڇپبيون رهيون آهن.  تازين خبرن موجب پنجاب حڪومت صوبائي وزير قانون رانا ثناءﷲ  جي نگرانيء ۾ پنجاب جي دهشتگرد ٽوڙ اداري ذريعي ڏکڻ پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي جنهن مان ان آپريشن جي نوعيت ۽ حڪومت جي سنجيدگيء جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سموري آپريشن جو عمل هڪ اهڙي وزير جي حوالي ڪرڻ جيڪو انهن بندش پيل تنظيمن  سان لاڳاپن جي حوالي سان پاڻ ئي ڊگھي عرصي کان تڪراري رهندو پيو اچي، سو صوبي مان ڪهڙي طريقي سان دهشتگرديء جو خاتمو آڻيندو،سمجھ کان ٻاهر آهي. اصل ۾ پنجاب حڪومت صوبي  ۾ڪنهن فوجي آپريشن کان بچڻ لاء وري اهو ناٽڪ رچائي رهي آهي، باقي صوبائي حڪومت جي  ان طي ڪيل آپريشن جو ڪوبه نتيجو نه اڳم نڪتو آهي ۽ نه هاڻي ڪونڪرڻو آهي.عوام ۾ پنجاب حڪومت خلاف جيڪو غصو آهي ۽ قوم عسڪري قيادت کان پنجاب ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن خلاف  ڀرپور فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جو جيڪو مطالبو ڪري رهي آهي  پنجاب جا حڪمران وري به ان آپريشن جي رستي ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني رڪاوٽون وجھڻ گھرن ٿا. پنجاب جي انسداد دهشتگردي واري اداري وٽ نه ته جديد هٿيار ۽ مشينري آهي ۽ نه ئي انهن وٽ ايتري افرادي قوت آهي.اهو ادارو صوبائي گاديء واري شهرجي ڪنهن پبلڪ پارڪ ۾ ڪنهن دهشتگرد ڪاروائيء کي ئي روڪي نٿو سگھي سودهشتگردن جي مضبوط ڳڙهن ۾ وڃي انهن سان وڙهندو،سوال ئي پيدا نٿو ٿئي!  هڪ ڳالھ ته بلڪل واضح ٿي ويئي آهي ته پاڪستان جا عام شهري اڃا تائين دهشتگردن جي رحم ۽ ڪرم تي آهن.  دهشتگردن  خلاف  ملڪ  جي  هڪ  حصي  ۾ ڪاروائيون  ٿين ٿيون ته اهي ملڪ جي ٻين حصن ۾ وڃي پناه وٺن ٿا.انهيء حقيقت کان ڪيئن ٿو انڪار ڪري سگھجي ته جنهن به جڳھ تي ڪا دهشت گرد ڪاروائي ٿئي ٿي ته دهشتگرد ڀلي ڪٿان به اچن پر اهي اهڙيون ڪاروائيون مقامي سهوليت ۽ مدد کان سواء ڪري نٿا سگھن.انهن سهوليت ڪارن جو جيستائين خاتمو نٿو ٿئي، اهڙيون ڪاروائيون ٿينديون رهنديون.دهشتگرديء جي مڪمل خاتمي ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن انهن ۾ سرفهرست نيشنل ايڪشن پلان جي نوي سيڪڙو نڪتن تي عمل نه ڪرڻ آهي جن تي عملدرآمد جي لاء حڪومتون پنهن جي حصي جو ڪم ڪرڻ لاء تيار ناهن جنهن جا ڪيترائي سبب آهن.مثال؛ نيشنل ايڪشن پلان جي نڪتن مان هڪ اهم نڪتو اهو به هو ته غير قانوني طور رهندڙ غير  ملڪين کي سندن ملڪ واپس موڪلڻ جا انتظام ڪيا ويندا پر ان سلسلي ۾ حڪومت جي سنجيدگيء جو اهو حال آهي جو هن وقت تائين اٽڪل 25 لک غير ملڪي غير قانوني طور تي پاڪستان جي شهريت حاصل ڪري چڪا آهن ۽ اٽڪل هڪ لک ٽيھ هزار غير ملڪين کي رشوتون وٺي قومي شناختي ڪارڊ به اشو ڪيا ويا آهن.هڪ طرف هزارين  فوجي جوان پنهن جون زندگيون دهشتگرديء جي ان جنگ ۾ قربان ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف سياسي حڪومتون پنهنجن مصلحتن ۽ سياسي مفادن جي لاء انهن دهشتگردن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ويٺيون آهن. اهي انهن جي خلاف ڪاروائي ڪيئن ڪندا جو ڪجھ سياسي جماعتون انهن کان ووٽ وٺن ٿيون. هن وقت قوم جيڪا دهشتگرديء جي خاتمي جي لاء مڪمل طور تي سياسي حڪومتن کان مايوس ٿي صرف عسڪري قيادت کان اميدون لڳائي ويٺي آهي اها خود عسڪري قيادت کان اهو سوال پڇڻ ۾ حق بجانب آهي ته پنجاب يا پاڪستان جي ٻئي ڪنهن به علائقي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪرڻ لاء انهن سياسي حڪومتن جي رضامندي ڇو ٿي ڳولهي وڃي؟ انهن جي نااهلين جي ڪهاڻي ڪا لڪيل ته ناهي.هر سياسي پارٽيء ۾ دهشتگرد ونگ،ٽارگيٽ ڪلر،قبضا مافيا ۽ ڪرمنل گروپن جي موجودگيء جو اعلان ته سپريم ڪورٽ به ڪري چڪي آهي ته پوء انهن کان آئينده ان معاملي ۾ ڪنهن چڱائيء جي اميد رکڻ دهشتگرديء جي جنگ ۾ قربان ٿيندڙ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي شهيدن ۽ معصوم شهرين،ٻارن ۽ عورتن جي شهادتن سان وڏي ناانصافي ٿيندي.عوام اهو ٿو چاهي ته دهشتگرديء خلاف فيصلاڪن ۽ موثر جنگ هر حالت ۾ پنهن جي منطقي انجام تائين پهچڻ گھرجي.جيڪر حڪومت پنهن جي حصي جو ڪم نٿي ڪري ۽ نه ئي ڪندي ته پوء ڇا ان جنگ کي اتي ئي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ويندو.پاڪستان جي سياسي تناظر ۾ عسڪري قيادت وٽ ايترو اختيار آهي جو اها سياسي حڪومتن کي پنهن جي من ماني ڪرڻ کان روڪي سگھي ٿي ۽ انهن کي قومي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ لاء مجبور به ڪري سگھي ٿي.وقت اچي ويو آهي ته عسڪري قيادت عوام جي خواهشن ۽ اميدن مطابق پوري عزم، طاقت ۽ رٿابنديء سان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد جي لاء اڳتي وڌي ۽ جيڪو به ان عوامي ايجنڊا ۽ قومي سلامتيء جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي انهيء کي به دهشتگردن جو سهولت ڪار سمجھندي سندس خلاف به ڪاروائي ٿيڻ گھرجي پوء اهو ماڻهو يا ادارو سياسي هجي يا غير سياسي، مذهبي هجي يا لبرل!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو