Friday, July 6, 2018

اچو ته ڳڙهي خدابخش ۾ ستل ڀٽن سان پ پ جي تعزيت ڪريون


 ڊاڪٽر شاهنواز ايم ڪي دل

1967ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر مبشر حسن جهڙن ترقي پسند دانشورن سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو پ پ جو بنياد وجهندي، 3 رنگو جهنڊو منظور ڪرائيندي، پ پ جي منشور ۾ اٽو، اجهو ۽ روزگار سان گڏ طاقت جو سر چشمو عوام سوشلزم کي اقتصاديات چيو هو ته انهي مهل ايوانن مان نڪتل سياست جي ديوي عوام جي دلين ۾ ديرا ڄمايا هئا، جونا ڳڙهه جي خمير مان جڙيل روح جڏهن سنڌ پاڪستان ۾ محلول ٿي اڀريو، ته ڊرائنگ رومن جي سياست کي ڄڻ طلاق ملي وئي هئي. جيترو چاهه ۽ چس عوام کي ذوالفقار علي ڀٽي جي پ پ سان ٿيو، ان جو مثال دنيا جي تاريخ مان نٿو ملي، سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ اها هڪڙي اهڙي اڀار واري لهر هئي جو سنڌ توڙي پوري پاڪستان جي مظلوم عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ رهبر سمجهڻ لڳي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اوج جون چاڙهيون چڙهندو ويو، سندس تيز تڪڙ واري طبيعت جتي سندس مقبوليت ۾ واڌارو ڪيو، اتي سندس حياتي جي لڪيرن کي به ڪٽڻ شروع ڪيو، ملڪي توڙي بين الاقوامي حالتون، 1971ع وارو آپريشن، بنگال جو رهاڱو، اسلامي بلاڪ جو ٺهڻ، ايٽم بم ڏانهن سفر، قادياني فتنو، سنڌ ۾ ٻولي جا فساد، نئين ٻه اڌ ٿيل ملڪ جي سنڀال ۾ مشڪلاتون ۽ ٻيا انيڪ معاملا ڀٽو کي فائدو ۽ نقصان ڏيندا ويا، سندس سحر انگيز شخصيت وقت جي خلائي مخلوق جي آڌار تي اسيمبلين ۾ پهچڻ ۽ حمود رحمان ڪميشن جي لڪايل رپورٽ ڀٽي کي بچي ويل پاڪستان ۾ هڪ هيرو ثابت ڪيو پر سندس ماضي ۾ ڪيل فيصلن جنهن ۾ جڏهن هن اڪثريت واري مجيب الرحمان کي علي اعلان چيو هو ته “ اڌر تم اڌر هم اڌر آئو گي تو ٽانگي توڙ دي گي” جهڙين ناڪاري اقتدار حاصل ڪرڻ وارن روين کي اٻوجهه عوام وساري عزت ۽ آبرو ڏني، ملڪي توڙي عالمي فيصلن عوام کي مان ڏيڻ واري منشور ڀوتار، جاگيردار، سرمائيدار جي مخالفت ڀٽي جي وڙهيل اليڪشن جي نتيجن تي وڏا اثر ڇڏيا ۽ وقت جا وڏا اجگر جهڙا جاگيردار، سرمائيدار هارائي ويا هئا، سندس ٻه اقتدار وقت جي اسٽيبلشمينٽ سان فرضي تڪرار عوام کي سندس ديوانو بڻائي ويا، هڪ اڻ ڏٺو قرض جيڪو واڻئي جي وياج وانگر ويو عوام تي چڙهندو، هن وقت ڀٽو جي قرض جي موڙي به ڏنيسين وياج به ڏنوسين پر قرض آهي، جو لهڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، سندس شهادت کانپوءِ ڊگهي ضياءَ جي مارشل لا ايم آر ڊي تحريڪ جو اڀرڻ ۽ عوام جون ڀٽي طرفان ڪيل محبت بدلي قربانيون محترمه نصرت ڀٽو ۽ بينظير جون جدوجهدون ۽ مستقل مزاجي سان سياست ۾ رهڻ عوام جي ويساهه کي ڀٽن جي ساهه سان سبي ڇڏيو، ڦاهيون، جيلون، ڦٽڪا، ڪوڙا، اذيتون ۽ اڻ ڳڻيا ظلم عوام جي روح ۾ رتل ڀٽي جي سحر کي ڌوڏي ۽ لوڏي نه سگهيو. پارٽي جي آڳ ۽ واڳ جڏهن محترمه جي روپ ۾ اڀري ته تاريخ ڏٺو ته ڪيئن پيرن اگهاڙن، ڦاٽل ڪپڙن واري عوام لاهور جي روڊن تي آيل ڀُٽي جي آجيان ۾ ڪيئن هجومن جي شڪل ۾ نڪتا. ضياءِ مارشل لا جو خاتمو آمر جي موت سان ٿيو. طويل آمريت ۾ چيڀاٽيل عوام آمريت کي انتقام ڏيندي محترمه کي اقتدار 1988 ۾ حوالي ڪرايو، لاوارث ، لٽيل، ڇڙوڇڙ ٿيل ويچاري عوام کي اها اميد هئي ته ماروي ملير جي چئني صوبن جي زنجير بينظير سندن ڏکويل ڏيل تي ڪي پها رکي مرجهايل مسڪراهٽن کي ڪو نئون آسيس بخشيندي پر عشق ۾ مبتلا عوام کي ڪهڙي خبر ته پ پ جي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي وئي هئي ۽ پهريون دفعو مسٽر ٽين پرسنٽ جي نالي جا چوٻول ٻڌڻ ۾ آيا ۽ گهٽين، روڊن رستن، وستين واهڻن ۾ پهتل سياست وري وڏيري، جاگيردار، سليم مانڊي والا جهڙي سرمائيدار جي ڊرائنگ رومن جي زينت بڻجي وئي، سياست جي ديوي کي ڪڪ بيگ ڪميشن ۽ ٻين گهڻن ذريعن ذريعي گندو ڪيو ويو، اقتدار آيو عوام جو ٿڪ نه لٿو جو بدترين حڪمراني جي پاداش ۾ اقتدار ئي هليو ويو، انهي ڪرپشن جي اڏوهي پ پ جي مضبوط منشور واري قلعي کي کائڻ شروع ڪري ڇڏيو. بنگالي ڪميونسٽ جلال الدين عبدالرحمان جيڪو پيپلزپارٽي جو پهريون جنرل سيڪريٽري ٿيو، جيڪو نطشي جي فلسفي جو پوئلڳ هيو جنهن انهي وقت ڍاڪا يونيورسٽي مان علم سياست مان ڊگري ورتل هئي انهي منشور لکيو هيو ته ان وقت کيس اها خبر نه هئي ته جن ڀوتارن خلاف هن جو منشور وڙهندو اهي ئي ڀوتار دراني، چانڊيو، پڦي جي روپ ۾ عوام جي ووٽ جي اهڙي تذليل ڪندا، سندس روح ضرور ڪنبيو هوندو، جنهن پنهنجي مارڪسي سوچ کي بنيادي بڻائي پ پ جي منشور کي پيڙهيلن جي نجات جو ذريعو ٺاهيو هو، اڄ جڏهن 1967 کان وٺي 2018 تائين جي سفر ۾ ڀٽا بلڪل پيپلزپارٽي جي اقتداري توڙي پارٽي جي قطارن ۾ ڪٽجي چڪا آهن ۽ چئن صوبن جي اندر پيڙهيل طبقي جو ويساهه بڻيل پيپلزپارٽي سڪڙجي سوڙهي ٿي اچي سنڌ جي صرف ڳوٺاڻي پارٽي بچي آهي جيڪا اقتدار لاءِ وڏن وڏن جاگيردارن جي اوطاقن تي وڃي ڀوتارن کي هٿ ٻڌي ايلاز ڪرڻ تائين پهتي آهي، مارشل لا جي دور ۾ جڏهن چار سالن جي فراز واهلا ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتاري ڏئي جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ جو ڪمسن اسير ٿيو اڄ جڏهن اهو وڏو ٿيو ۽ ان حال ڏٺو هوندو ته رنو ضرور هوندو. انهي ننڍي عمر واري اسير کي ڪهڙي خبر جدوجهدن جي ميراث ۾ مليل جمهوريت 10 سيڪڙو مان 100 سيڪڙو پوءِ سڀ ڪجهه اسان جو واري سفر ڪيترن ئي انقلابي نظرياتي جيالن جي جيءُ ۾ جهيرون وڌيون هونديون. هڪ ٻئي ادي جيڪا مارشل لا جي دور ۾ اسير بڻي هئي، جنهن جي لاءِ محترمه بينظير ڀٽو ننڍڙي اسير طور خطاب ڏيندي هئي، انهيءَ جڏهن هن اليڪشن ۾ پنهنجي جدوجهد، پارٽي سان وفاداري ڏيکاريندي پ پ جي ٽڪيٽ ڏيندڙ مافيا وٽ ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏني ته انهيءَ کي ٽڪيٽ نه مليو، تاريخي جدوجهد جي ٿڪل ٽٽل ڪارڪن جڏهن بينظير جي تصوير بلاول ڀٽو جي اڳيان دانهيو ته بلاول مجبوري مان چيو ته منهنجي هٿ ۾ ڪجهه به نه آهي، انهيءَ ادي جي اکين ۾ آيل ڳوڙهن جو گواهه آئون پاڻ آهيان، هاڻي هوءَ مايوسي وچان سنڌ مان اُسهي وڃڻ جا ارادا ڪري پئي. ايشيا جي وڏي ڍنڍ، پراڻي قلعي رني ڪوٽ، موهن جي دڙي جي وارث، وڏي ريگستان ٿر سنڌ، جابلو ڪاڇو، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻين معدني وسيلن جي وارث سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ واري پ پ ڪارونجهر جي ڪور تي بيٺل مور جي روپ ۾ روپلي ۽ مسڪين جهان خان کوسي جي روح ڪرپشن جي راني کيت بيماري ۾ تڙپي مري ويو هوندو، هاري حقن جي علمبردار شهيد بختاور لاشاري جو رت هاري جي حق تلفي تي ٻيهر اُڀاميو هوندو، جڏهن سڄو سال لنڊيون لتاڙي پچايل فصل ڪمند ۽ مختلف زرعي جنسن جي اگهن نه ملڻ سبب هيل به ڪنواري ڌيءَ اٿاري نه سگهڻ سڀ ڪنهن هاري خودڪشي ڪئي هوندي، انصاف لاءِ ٻاڪاريندڙ استادن توڙي صحت کاتي جي ملازمن تي جڏهن واٽر ڪينن توڙي لاٺي چارج ٿيو هوندو، انهي مهل پولنگ ۾ ڪنهن نظر وڃايل پوڙهي کي جڏهن انهي استاد کان تير تي ٺپو هڻايو هوندو، انهي عمل تي کيس شرم ضرور آيو هوندو. 1500 ارب جي ترقياتي بجيٽ جي خرچ ٿيڻ جا واڪا جڏهن اسيمبلي جي فلور تي ٻڌڻ ۾ آيا انهي مهل منڇر تي بتيلي ۾ سالن جي پيڙاهه سمايل مائي وسائي کان ويندي گلستان سجاد کي پوش علائقي جي اندر رهندڙ وڏيري جنهن جي ڪروڙن جي بنگلي اڳيان روڊن ۽ گهٽين ۾ بيٺل گندي پاڻي تي انهي ووٽرن کي ضرور پنهنجي ضمير چهنڊڙي هنئي هوندي ته جن لاءِ مياس سي ڪلهي ڪانڍي نه ٿيا، 10 سيڪڙو کان سفر ڪري سڀ ڪجهه اسان واري صاحب کي ته ووٽ جو قدر ايترو آهي جو انهي جي ڪري لانچن ۾ پئسا پهچن. عوام جي پئسن مان محل ٺاهي دعوتون ڪجن. سنڌ جي سوني زمين ملڪ رياض جهڙن کي وڪڻي ڏجي، وري واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهجن. اچو ته اليڪشن کان اڳ سليڪشن ڪريون، انهي رمون، کمون، ماءِ جنا، ڪاڪي ڪرڙ کي تير بجا تير جي ڌمال تي نچي سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪندڙن جو اصلي چهرو ڏيکاري اليڪشن مهم مهل ڪوڙي ڀوتار کي وائکو ڪري ڀڄايون. هيءَ ڀٽو جي پ پ ناهي ۽ نه وري انهيءَ بلاول ڀٽو زرداري جي پ پ آهي، جنهن کي پ پ جا ڪرتا ڌرتا ترپ جي پتي جيان پيا استعمال ڪن، پر اهوئي بلاول ڀٽو زرداري جڏهن هڪڙي اليڪشن پيپر تي پنهنجي نالي اڳيان رَٻَڙ سان ڀٽو ڊاهيندي صرف زرداري لکرائي ٿو، اهو وقت تاريخ جي اندر رقم ٿي ويو ته جيڪو جنهن جو هوندو آهي انهيءَ جو ئي رهندو آهي. اقتدار جي لاءِ ڀٽو جو نالو لڳائيندڙن کان جيڪڏهن ڪو نظرياتي جيالو پُڇاڻو ڪري ته ڀوتار ان کي پوليس هٿان ٽنگايو ڇڏي ٿو. ڪيترن جي پُٺن تان ڪوڙن جا نشان ۽ ڦٽڪن جا جهير اڃا ڊٺا نه هوندا انهيءَ کان اڳئي پ پ جي ديوار کي زرداري ليگ ۽ سندس حواري ڪرائي چڪا آهن. خوشحالي، انقلاب ۽ پلاند وارو ٽڪنڊو جهنڊو هاڻي پنهنجون معنائون ۽ مقصد وڃائي چڪو آهي. عوام تي ويساهه ڪندڙن هاڻي اليڪشن کٽيندڙن تي سيڙپ ڪن پيا. اقتدار جي اڳيان نظريا بي مقصد بڻجي ويا آهن. ڇاڪاڻ ته ويجهي ماضيءَ ۾ ٿيل سينيٽ واري اليڪشن ۾ جڏهن هڪ آزاد اميدوار کي چيئرمين چونڊرائي ڊپٽي چيئرمين تائين اتفاق ڪندڙ پنهنجي سياسي بصيرت جي ڪاميابي تصور ڪري پيو، شايد ان کي اها خبر نه آهي ته هو منزل وڃائي رهيو آهي. سنڌ جيڪا ويڳاڻپ جو شڪار آهي، توڙي جو بصيرت واري قيادت جي فقدان مان گذري رهي آهي، انهن جا سور صدين کان ساڳيا ئي رهيا آهن. اقتدار جي حوس ۾ ڀڄندڙ ڀوتار ڪڏهن ڍنڍ جي هڪڙي پاسي ڪڏهن ٻئي پاسي اُسهڻ لاءِ آتا آهن. صبح جو ناراض ٿي پريس ڪانفرنس ڪن ٿا، شام جو پرچيا ويٺا آهن، قومپرست ڌريون ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اڻ ڏٺي طور آمهون سامهون اميدوار بيهاري پنهنجي ئي ووٽ بينڪ ۾ ڌاڙو هڻي رهيا آهن، سندس لهجا، لفظ، سوچ شايد اڃا يونيورسٽي سطح کان ميچوئر نه ٿي آهي. قومپرست ڌرين جو اليڪشن کان ناواقفيت وارو رويو عام ووٽر تائين نه پهچڻ واري عادت ووٽر کي وڃيو سنڌ لٽيندڙن جي جهولي ۾ وجهي. ويجهي ماضي ۾ ڀوتارڪي ڪلچر خلاف آواز اڀاريندڙ تبديلي پسند پارٽي جو سربراهه علي قاضي ۽ سندس ساٿي پنهنجو پاڻ کي نعمل البدل طور آڻڻ ۾ سوڀارا ته ضرور ٿيا آهن، پر پنڌ اڃا به ڪو اڳاهون آهي. 2018 ع جي اليڪشن پڙهيل لکيل، باشعور، نوجوانن جو امتحان آهي. ڇاڪاڻ ته شعور جا سرچشما علم انهن جي روحن ۾ سينچي ڇڏيا آهن. اچو ته سنڌ جا نوجوان اڳيان اچو ۽ تبديلي جي ڀير کي ڏونڪو لڳي چڪو آهي. هي وقت عملي طور تي ثابت ڪرڻ جو آهي، اڳيان اچي بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي اليڪشني مورچي کي سنڀاليو. هي مچي مڇ ٿيل ڀوتار پاڻي تي ڦوٽي مثل آهي، اکين ۾ اکيون ملائي هنن جا روڊ رستا جيڪڏهن اڄ بند نه ڪياسون ته سنڌ صدين تائين ڳچي ۾ پيل غلامي جو ڳانو لاهي نه سگهندي ۽ توهان جون ايندڙ نسلون جاگيردار، ڀوتار، سرمائيدار جي پادر هيٺ هوندي. پيري، مريدي، مرشدي عقيدي جي حد تائين رکو، پر ووٽ پنهنجي ضمير کي چهنڊڙي هڻي جاڳائي انهيءَ کي ڏيو جيڪو توهان جي ووٽ جو امين ۽ توهان جي ننگن ۽ دنگن جو محافظ ٿئي. سنڌ توڙي وفاق ۾ وسيلن کان ويندي نوڪرين توڙي ناڻي جي ورڇ بابت آواز بڻجي اڀري نه ڪي ڀوتار جيان اسيمبلي جي ايوانن ۾ ننڊون ڪري. ڀوتار جي پيجارو ، واٺن جي فوج، توهان چند گڏ ٿيل نوجوانن جي اڳيان ڀڄي ويندي. هيستائين ڀٽي جو قرض مور سميت واپس ڪيوسون پر هينئر ڌرتي جي قرض جي ڳالهه آهي. نڪرو متان ويل نه وهامي وڃي.
shahnawazbest74@gmail.com
(روزاني ڪلياڻ 6 جولاء 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو