Monday, February 5, 2024

چونڊن ۾ ”اليڪٽيبلز“ جي سياست.ڪيستائين ھلندي؟

 

شفيق الرحمان شاڪر

 

”باباء سوشلزم“ جي نالي سان مشھور شيخ رشيد ھڪ سنھڙو پتڪڙو ۽ نھايت ئي سادو ماڻھو ھو.ٿورو سوچيو،قومي اسيمبليء جواھڙو اميدوار جنھن جي چھري کان بہ ماڻھو واقف ناھن،جڏھن نتيجا آيا تہ ھن 68721 ووٽ کنيا ۽ ھن جي مقابلي ۾ بيٺل سمورن اميدوارن جا ووٽ ملائي بہ سندس ووٽن جو ھڪ ڀاڱي ٽي حصو بہ نہ بڻيا.اھو لاھور جي نيو سمن آباد وارو شھري تڪ ھو جنھن ۾ شيخ رشيد جو ذاتي ووٽ بينڪ رڳو ھزار ٻارھن سو ھوندو.اھي سڀ ذوالفقارعلي ڀٽي يا ٻين لفظن ۾ پيپلز پارٽيء جا ووٽ ھئا.اھو اڪيلو مثال ناھي بلڪ 1970ع جي چونڊن ۾ وڏا وڏا برج اونڌا ٿي پيا ھئا.ڀٽي صاحب جي شخصيت جو ڪرشمو ئي ڪجھہ اھڙو ھو جو ماڻھن گمنام ڪردارن کي بہ ووٽ ڏيئي ڇڏيا.اتان ئي اھو اصطلاح شروع ٿيو تہ ھو کمڀي کي بہ ٽڪيٽ ڏئي ھا تہ اھو کٽي وڃي ھا.ھاڻي اچون ٿا ان سوال طرف تہ ڇا اڄ بہ ڪنھن سياسي جماعت وٽ اھو ووٽ بينڪ موجود آھي؟ان جو سادو جواب “نہ“ ۾ آھي.ھن وقت ڪنھن بہ جماعت جي ڪاميابيء جو راز پارٽي ووٽ بينڪ واڌو ”اليڪٽبلز“ آھن. ڪنھن بہ تڪ ۾ برادري،راڄن ۽ پيري مرشديء جي بنياد تي پنھن جو ذاتي ووٽ بينڪ رکندڙن کي اليڪٽيبلز چيو وڃي ٿو.پارٽي ووٽ بينڪ ۽ اليڪٽيبلز جي ذاتي ووٽ بينڪ جو ميلاپ سيٽ کٽڻ جي ضمانت سمجهيو وڃي ٿو.اھو ئي سبب آھي جو چونڊن کان پھرين سياسي جماعتون گهڻي ۾ گهڻا اليڪٽيبلز پنھن جي پارٽيء ۾ گڏ ڪرڻ گهرن ٿيون.پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع جون چونڊون ان نموني کٽيون ۽ مسلم ليگ نون پڻ 2024ع جي چونڊن ۾ ساڳيو فارمولا استعمال ڪرڻ گهري ٿي.بلوچستان سان واسطو رکندڙ اٽڪل 15 اليڪٽيبلز نون ليگ ۾ شامل ٿي چڪا آھن،اھڙيء طرح پنجاب ۾ بہ ان حڪمت عمليء تي عمل ٿي رھيو آھي.

ھتي ڪجھہ سوال پيدا ٿين ٿا تہ اليڪٽيبلز جي ذاتي ووٽ ٻينڪ جي نوعيت ۽ ڍانچو ڇا آھي؟اھو ڪيئن ترتيب وٺي ٿو ۽ ڇا اليڪٽيبلز جي سياست ھر دور ۾ موثر رھي آھي ۽ ڇا اھا ايندڙ دور ۾ بہ موثر رھندي؟

چونڊن واري سياست تي ڳوڙھي نظر رکندڙ تجزيي گارن جو چوڻ آھي تہ اليڪٽيبلز اھي ماڻھو آھن جيڪي سندن ذاتي ووٽ بينڪ جي بنياد تي سيٽ ڪڍي سگهن ٿا،اھي عام طور تي وڏا زميندار ھوندا آھن جن جي زمينن تي ڪم ڪندڙ ھارين نارين جو ووٽ انھن جو ڄڻ تہ ذاتي ووٽ ھوندو آھي.انھيء سان گڏوگڏ انھن جون پنھن جون ڊگهيون برادريون ٿين ٿيون جيڪي برادريء جي بنياد تي سندن حمايت ڪنديون آھن.ان کان سواء عقيدت جو ووٽ بينڪ رکندڙ شخصيتون ھونديون آھن جن جي مريدن جو ھڪ وسيع دائرو پکڙيل ھوندو آھي جيڪي ھر صورت ۾ انھن کي ئي ووٽ ڏيندا آھن.

ويجهي ماضيء ۾ بدلجندڙ سماجي حالتن ۽ لاڙن اليڪٽيبلز جي ھڪ نئين طبقي کي بہ جنم ڏنو آھي جيڪو مڊل ڪلاس سان تعلق رکي ٿو.ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار سان جڙڻ بعد انھن وٽ راتو رات تمام گهڻو پئسو اچي ويو.اھي ماڻھو ووٽ خريد ڪرڻ لاء پاڻيء وانگر پئسو وھائين ٿا.

سوال اھو بہ آھي تہ ڇا اھي اليڪٽيبلز سدائين کان ايئن مضبوط ھئا؟انھن جون پاڙون ماضيء ۾ ڪيستائين اونھيون پکڙيل آھن؟

1970ع ۾ پاڪستان ۾ پھريون عام چونڊون ٿيون،ان وقت ووٽ بينڪ پارٽين جو ھو.ان وقت اولھہ پاڪستان ۾ کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي سياست عروج تي ھئي.ھڪ طرف پيپلز پارٽي ۽ ٻئي پاسي مذھبي جماعتون متحرڪ ھيون. 1970ع ۾ مسلم ليگ جا مختلف ڌڙا پنھنجو پاڻ کي پاڪستان جوڙيندڙ جماعت سڏائي پاڪستاني سياست ۾ جڳھہ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا.اھو دور پاڪستاني سياست ۾ نظرياتي ڇڪتاڻ جو دور ھو.

1970ع کان پھرين ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪھڙا ماڻھو ايندا رھيا.پاڪستان جي پھرين اسيمبليء ۾ 31 وڪيل،27 جاگيردار ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ 12 ماڻھو پھتا.1955ع جي اسيمبليء ۾ 28 زميندار، 23 وڪيل ۽ 14 رٽائرڊ آفيسر 7 بزنيس مين پھتا.اھو ئي حال 1965ع واري اسيمبليء جو ھو.پھريون ڀيرو 1970ع جي چونڊن ۾ اشرافيا جو زور ٽٽو.قومي اسيمبليء جي 138 سيٽن مان 55 مڊل ڪلاس، 52 جاگيردارن،52 وڏن واپارين ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙن حاصل ڪيون.

1977ع جون چونڊون تڪراري بڻجي وييون جنھن بعد 1985ع جي اسيمبلي آئي جنھن جي ناڪاري اثرن کان اسان جي سياست اڃا تائين ٻاھر نہ نڪري سگهي آھي.پيپلز پارٽيء جي کٽڻ جي خوف کان جنرل ضياء غير جماعتي بنيادن تي اليڪشن ڪرائي جنھن جي نتيجي ۾ سياست جا بنياد ئي بدلجي ويا.توڙي جو اليڪٽيبلز پاڪستان جي قيام کان پھرين بہ موجود ھئا پر اسان جي ھاڻوڪي سياسي پس منظر ۾ انھن جا پيرا 1985ع جي اليڪشن تائين وڃن ٿا.اڳ ۾ نظرياتي بنيادن تي جماعتن کي ووٽ ملندا ھئا پر جڏھن اليڪشن ۾ سياسي جماعتون ئي نہ رھيون تہ اميدوار ڪھڙي بنياد تي پنھن جي چونڊ مھم ھلائين؟ اتان ئي ذات،برادري ۽ پئسي جي ڪلچر جنم ورتو.ھڪ تجزيي مطابق 1993ع جي چونڊن ۾ پي پي ۽ نون ليگ جا اسي سيڪڙو اميدوار جاگيردار ۽ صنعتڪار ھئا.

جمھوريت جي تقاضا اھا آھي تہ فرد جي بدران سياسي نظرين کي اھميت ڏني وڃي پر روحاني گادين، جاگيرداري، برادري ۽ پئسي کي ترپ جي پتي طور استعمال ڪندڙ ڪنھن بہ جماعت،ڪنھن بہ ٽڪيٽ ۽ ڪنھن بہ چونڊ نشان تي کٽڻ وارو اھو نسل رڳو ذاتي مفاد کي ئي آڏو رکڻ لڳو.بنيادي طور تي اليڪٽيبلز جو اھو سلسلو جمھوري سرشتي جي بنيادي گهرجن سان ئي ٽڪراء ۾ آھي.

پاڪستان ۾ چونڊن کان اڳ اليڪٽيبلز جون سياسي قلابازيون معمول جي سرگرمي آھن. عام طور تي جنھن جماعت تي مقتدر ڌريون مھربان ھونديون آھن، ھي موسمي پکي بہ ان طرف ئي منھن ڪندا آھن جيئن اڄ ڪلھہ سندن آکيرو مسلم ليگ نون جي ڇٽي آھي جنھن تي ھر ايندڙ ڏينھن تي ڪو نہ ڪو ڪبوتر لھي رھيو آھي.

پھريون ڀيرو اليڪٽيبلز کي اھا ڳڻتي ورائي ويئي آھي تہ اھي اسيمبليء ۾ ڪھڙيء طرح پھچن؟ ھونئن عام طور تي اھي آزاد بيھندا آھن ۽ اليڪشن کٽي ڪري حڪومت جوڙيندڙ جماعت کان پوري پوري قيمت وصول ڪري پنھنجون وفاداريون سندس جهوليء ۾ وجهندا آھن.ڪجھہ تجزيي نگارن موجب پنجاب خاص طور تي جي ٽي روڊ تي اليڪٽيبلز جو زور ٽٽي چڪو آھي، ايستائين جو ڏکڻ پنجاب جي اميدوارن کي بہ اليڪٽيبلز نٿو چئي سگهجي جو بنان ڪنھن پارٽيء جي حمايت جي اھي بہ اڪيلي چونڊون کٽي نٿا سگهن.جنھن جو سبب عمران خان فيڪٽر بہ ٻڌايو وڃي ٿو جو ھن سان تعلق رکندڙ نوجوان طبقو ڪنھن جي بہ ٻڌڻ لاء تيار ناھي.ٻيو تہ اليڪٽيبلز جن گروھن ۽ برادرين تي ڀاڙيندا ھئا اھي پڻ ٽٽي يا ڪمزور ٿي چڪا آھن.ان ڪري اليڪٽيبلز وڏي انگ ۾ رڳو تڏھن کٽي سگهن ٿا جڏھن اسٽيبلشمينٽ انھن جي غير رواجي مدد ڪري.اھڙا اليڪٽيبلز پڪ سان نون ليگ کي فائدو ڏئي سگهن ٿا پر سوال اھو آھي تہ جيڪي ماڻھو اسٽيبلشمينٽ جي مدد ۽ مرضيء سان کٽي ايندا اھي مسلم ليگ جي ڳالھہ ڪيتري حد تائين مڃڻ ۽ ڪيتري حد تائين ان سان وفاداري نڀائڻ جا پابند ھوندا؟ اھي تہ انھن جي ئي ٻڌندا جن کين کٽائڻ جي مھرباني ڪئي ھوندي!

 

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو