Saturday, June 25, 2016

ڇا عثماني دور ۾ ذهن بنجر ٿي ويا هئا؟

 محمود شام

آئون ڪيترن ئي هفتن کان هڪ غير مسلم ملڪ ۾ رهڻ دوران اسلامي دنيا جي شاندار دورن ۾ گم رهيو آهيان، مسجدون مون کي پنهنجي هنج ۾ وٺي رهيون آهن، درسگاهون مون لاءِ علم جا دروازا کولي رهيون آهن، ڪٿي تارن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ڪٿي چنڊ جي پيمائش ڪئي پئي وڃي، زمين جي ڊيگهه ۽ ويڪر ڏٺي پئي وڃي، مختلف دوائون ايجاد ٿي رهيون آهن، آسمان تي موجود سيارن کي ڏسڻ لاءِ ڪٿي اڏام گاهون تعمير ٿي رهيون آهن.
الله تعاليٰ ڪيتريون ڪائناتون پيدا ڪري ڇڏيون، پوءِ پنهنجي نائب يعني انسان کي دنيا ۾ لاٿو ته هو زمين، آسمان، پهاڙن، ريگستان، سمنڊن، دريائن جي وسعتن ۽ اونهائين کي ڄاڻي، پنهنجي لاءِ رستا ڳولي، زندگي جي حقيقت معلوم ڪري سگهي، آئون ڇو آهيان؟ توهان ڇو آهيون، زندگي ڇا آهي؟ موت ڇا آهي، اهي سڀئي سوال انسان پنهنجو پاڻ سان ڪندا آيا آهن، يونان ۾ فلاسافرن انهن سوالن مان ئي حڪمت جا ڪتاب لکيا، آئون انهن عظمتن ۽ محنتن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهيان، توهان کي به گڏ کڻي هلي رهيو آهيان، فيصل آباد ۽ آزاد ڪشمير مان تمام گهڻيون عنايتون، ايترو پري کان رابطا ڪرڻ، اهو عمل جي سرپرستي آهي، ايس ايم ايس به ۽ فيس بُڪ تي تنقيد به ۽ تعريف به.
طاهر گل صاحب جو چوڻ آهي ته تمام سٺو ۽ ڄاڻ ڏيندڙ مضمون آهي، انهن موضوعن تي ٻين ماڻهن به قلم کنيو آهي، سبط حسن ۽ علي عباس جلالپوري قابل ذڪر آهن، مسئلو اهو آهي ته اهڙي معلومات عام مسلمانن کي وڌيڪ نرگيست جو شڪار ڪري ڇڏيندي آهي، جن مقصدن لاءِ لکيو ويندو آهي، اهو پٺيءَ تي ورائي اهو چوڻ شروع ڪيو ويندو آهي ته يورپ کي سڀ ڪجهه اسان جو ڏنل آهي، خاص طور تي پاڪستاني ته ان رويي ۾ پنهنجو مثال نٿا رکن، جنهن سرزمين تي اهي رهي رهيا آهن، ان جو عظيم ماضي اسان جي نظر ۾ ناهي، ڇوته ان جو تعلق تهذيب وتمدن سان آهي، جڏهن ته مسلمان حملي آورن جي تاريخ کي پنهنجي تاريخ چئي فخر ڪندا آهن، هڙپا، موئن جو دڙو، گنڌارا بابت اسان جي سوچ نامعقول آهي، اهڙي طرح انهن عربن ۽ مسلمانن جي نظرين سان اسان کي بلڪل به آگاهي ناهي، جن يوناني حڪمت ۽ فلسفي کي نه رڳو عربي ۾ منتقل ڪيو، پر ان کي مروج علم جو درجو ڏئي ان ۾ قابل قدر اضافو ڪيو، شام صاحب، توهان کان وڌيڪ اهڙين لکڻين جي اميد آهي.
تمام گهڻي مهرباني طاهر گل صاحب، انشاءَ الله ڪوشش ڪندس ته اهو سلسلو جاري رهي، رعنا فاروقي مقبول افسانه نگار، ڪالم نويس آهي، جيڪا لکندي آهي، واهه شام جي، توهان گرمائي ڇڏيو، اوهان جي معلوماتي تحرير، ان سلسلي جي پکيڙ ضروري آهي، اسان جي بي خبر ۽ اوهان جي بقول نئين ڪمرشل نسل کي پنهنجي تاريخي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
حنيف سحر به هڪ ممتاز ليکڪ، ڊرامه نويس آهي، هو چوي ٿو ته اوهان جي حوصلو وڌائيندڙ لکڻي آهي، خاص ڪري اهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي تاريخ سان دلچسپي رکن ٿا، نئون نسل ان کي پڙهي ٿو، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، پر اڄڪلهه ماڻهو ڪنهن ٻئي احساس کي جاءِ ڏين ٿا، پهرين تعصب جي بانس تي چڙهي وڃن ٿا، ڀلو ٿئي ته موجود حقيقتن کي اڳيان رکندي ماضي کي حال ۾ زنده ڪرڻ جي ڪوششن جو آغاز ٿئي. شگفته غلام نبي چئي ٿي ته قومن کي بنا تعصب تحقيق ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، اسلم شاهد (ناروي) ان لکڻي کي عمده قرار ڏئي ٿو، ممتاز مصنف، ڪالم نگار جبار مرزا جو چوڻ آهي ته واهه، ڪيترو ته انمول آهي معلومات جو خزانو ماشاءَ الله. اصل ۾ صحافت ۾ تحقيق ڪري لکندڙ هاڻي ڪجهه وڃي بچيا آهن، جن مان اوهان محمود شام نمايان آهيون، نور آفريدي جو چوڻ آهي ته تمام گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور تحرير آهي، خاص ڪري طب جي شاگردن لاءِ، ڪراچي مان محمد علي تنقيد ڪئي آهي، اها خوش فهمي آخر ڪڏهن ختم ٿيندي. اوهان جا تبصرا، تنقيد، مون کي اهو حوصلو ڏين ٿيون ته منهنجو لکيل مضمون ڪٿي نه ڪٿي پڙهيو وڃي ٿو، منهنجو درد اوهان تائين پهچي ٿو، مسلمانن ۾ اڪثريت کي اها ڳڻتي آهي ته اسان جي سوچ سائنسي ڇو ناهي؟ اسان سڄي دنيا جون ايجادون 24 ڪلاڪ استعمال ڪريون ٿا، اسان پاڻ ڪجهه ڇو نٿا ايجاد ڪريون؟ سڄي دنيا ۾ جيتريون اهم تجارتي صنعتي ڪمپنيون آهن، انهن ۾ مسلم مالڪن جون ڪمپنيون ڇو مٿانهيون ناهن؟ مسلمانن وٽ معدني دولت آهي، ڪچو تيل آهي، پئسو آهي، علمي ميراث آهي، جيڪڏهن نائين صدين کان تيرهين صدي تائين ان وقت جا وڏا وڏا سائنسدان فلڪيات، دوا ساز، جيوميٽري، رياضي، ڪيميا، موسيقي، تعميرات جا ماهر عالم اسلام ۾ موجود هوندا هئا، ان جي گواهي آمريڪي ليکڪ ڏئي رهيا آهن، باقاعده تحقيق ۽ تصديق کانپوءِ اهو سلسلو چوڏهين صدي عيسوي جي وچ ۾ گم ڇو ٿي ويو؟ مسلمانن جون حڪومتون ته تمام گهڻيون وسيع رهيون آهن، وڏيون وڏيون مملڪتون عباسين کانپوءِ عثمانين جي زير نگراني رهيون، مغل حڪمران ٿي گذريا، ڇا هو سائنس جي طرز فڪر جا مخالف هئا، ائين ته نٿو ٿي سگهي ته مسلمان ذهن اوچتو بنجي ٿي ويا هجن، ڪو اهڙو وائرس پکڙجي ويو هجي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته سائنسدان ۽ ماهر ته پهرين وانگر ئي مصروف عمل رهيا آهن، پر رياستي سطح تي انهن جي حوصلي افزائي نه ڪئي وئي هجي.
مسلمان تاريخدان به اهو چون ٿا ته تيرهين صدي کانپوءِ علم ۽ حڪمت ۾ مسلمانن جو ڪوبه ڪارنامو ناهي، مسلم تهذيب تي آمريڪي ليکڪ ۽ محقق جيڪي ڪتاب لکي رهيا آهن، اهي به انهن صدين کي بي ثمر چون ٿا، ڇا اهو موضوع تحقيق جي قابل ناهي، مسلم دنيا جي يونيورسٽين کي ان تي تحقيق ڪرڻ گهرجي ته ڇا اسلامي ملڪن جي تنظمين جي اها ذميواري ناهي، اهو ته عين غير فطري ۽ غير منطقي لڳي ٿو ته هڪ تهذيب پنهنجي عروج تي پهچي ڪري بلڪل ئي نفي ۽ پستي ۾ هلي وڃي.
يونيورسٽين سان گڏوگڏ ڇا اهي مسلمان سياسي جماعتن ۽ مذهبي جماعتن جو فرض ناهي ته هو ان موضوع تي تحقيق جي سرپرستي ڪن؟ هنن ڏينهن ۾ مسلمان ملڪن ۾ پسماندگي ۽ زوال جي جيڪا ڪيفيت آهي، ان جي ڪارڻن ۾ اهي بي ثمر صديون ته مٿانهيون ناهن، تيرهين صدي کانپوءِ اوڻيهه صدي جي آخر تائين عثمانين جو دور رهيو، ڇا اهي ترڪ حڪمران سائنسي طرز فڪر خلاف هئا، عثماني دور تهذيب و تمدن جي حوالي سان گهڻو شاندار رهيو، ڇا اهي حڪومتون تحقيق ۽ ايجاد جي سرپرستي نه ڪنديون هيون ته پوءِ اهو ڇو ٿيندو رهيو؟ ان جا ڪجهه نه ڪجهه ڪارڻ ضرور هوندا، اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا فوجي طاقت، علم جي طاقت سان ٽڪراءُ کائي ٿي، تاريخ ته اها شاهدي ڏئي ٿي ته طاقت ۽ حڪمران جن هٿيارن جي ڪري دشمنن تي فتح حاصل ڪندا آهن، اهي علم، حڪمت ۽ سائنس کانسواءِ تيار نٿا ٿي سگهن.
ڇا اسلامي تاريخ نئين سر نه لکڻ گهرجي، قسطنطانيا جي فتح مسلمانن جي شاندار ڪاميابي آهي، پر اها جنهن تدبر سان حاصل ٿي، بحري جهازن کي خشڪي تي ڪئين آندو ويو، انهن کي خشڪي کان سمنڊ تائين پهچائڻ جي حڪمت عملي ڪنهن ايجاد ڪئي؟ اسان ته ڪيترائي ڀيرا ٻڌايون ٿا ته هيترن ماڻهن کي جزيو ورتو ويو، هيتريون ڪنيزون هٿ آيون، هيتري ايراضي حاصل ڪئي وئي، اڄ جي اطلاعاتي دور ۾ سائنسي ايجادن جي زماني ۽ ڊيجيٽل دور ۾ ڇا اهو ڄاڻڻ ضروري ناهي ته انهن فاتح فوجن وٽ هٿيار ڪهڙن ڪهڙن ڌاتن جا هئا؟ ڪهڙيون هٿيار ساز فيڪٽريون هيون، انهن جو ڊيزائن ڪير ٺاهيندو هو؟ انهن تي ڪيترو سرمايو لڳايو ويندو هو.
نسيم مجازي جي ناولن ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪجهه فرق ته هئڻ گهرجي، اهي مغرور سياستدان جيڪي دليل کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آهن، انهن جي به ذميواري آهي ته هو مسلمانن جي تاريخ کي نئين سر لکرائڻ جا انتظام ڪن.
آئون ان ڳالهه تي زور ان ڪري ڏئي رهيو آهيان ته مسلم ملڪ جيتوڻيڪ هڪٻئي سان متفق ناهن، اسلامي بلاڪ ايترو متحرڪ ناهي، پرڏيهي پاليسي تي مسلمان پرڏيهي وزير هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪانفرنسون ناهن ڪندا، تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪابه حصيداري ناهي، پر حقيقت اها آهي ته غير مسلم قوتون عيسائي، هندو، يهودي، مسلمان دنيا کي متفقه طور تي پنهنجو حريف ۽ هدف قرار ڏين ٿا. انهن جون پاليسيون مسلمانن لاءِ هڪجهڙيون آهن، اسان جو ماضي ته گڏيل آهي، هاڻي سمجهو يا نه، پر مستقبل جا خطرا گڏيل آهن، جڪارتا کان بوسنيا تائين پکڙيل مسلمان ڪنهن نئين سوڪارتو، نئين شاهه فيصل، نئين جمالي ناصر، نئين ايوب خان، نئين ذوالفقار علي ڀٽو، نئين قذافي جي انتظار ۾ آهن، عالم اسلام جي قيادت جي آسامي اڃا خالي آهي، اوهان جو ڇا خيال آهي، ايس ايم ايس ڪريو يا اي ميل:
001-416-880-0864
mahmoodshaam@gmail.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو