Sunday, July 24, 2016

پ پ سرڪار ۽ رينجرز وچ ۾ ڦاٿل اسد کرل جو معاملو


منصور نثار
سنڌ ۾ وري سياسي ممڻ مچي چڪو آهي جيڪو هاڻي معمول بڻجندو پيو وڃي، ڇو ته جڏهن به رينجرز جي اختيارن جو مدو پورو ٿيندو آهي يا وري جڏهن به سنڌ سرڪار جي ڪنهن خاص ماڻهوءَ ۾ ڪو ادارو هٿ وجهندو آهي ته سياسي وايو منڊل ڄڻ 90 جي ڊگري تي ڦيريون کائيندو آهي ۽ پوءِ اهڙي صورتحال وڃي دبئي جي درن تي پهچندي آهي جتي پ پ جون واڳون ۽ سنڌ سرڪار جا فيصلا آصف علي زرداري ڪندو آهي پوءِ سڌي يا اڻ سڌي طرح قانوني هجن يا غير قانوني، پر انهي تي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عمل ڪيو يا ڪرايو ويندو آهي.
جيئن تازو رينجرز جا اختيار پورا ٿي چڪا آهن ان کان پوءِ جي صورتحال کان اڳ اهو به ياد ڪرڻ ضروري آهي ته جڏهن نئب سنڌ سرڪار جي اهم شخص شرجيل ميمڻ ۽ ٻين ۾ هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته نئب جا پر ڪٽڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي ۽ سنڌ سرڪار وڃي دبئي پهتي جتان کان پوءِ اهو معاملو ئي ٿڌو ٿي ويو. هاڻي وري رينجرز جڏهن گذريل هفتي سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ طارق سيال جي فرنٽ مين ”اسد کرل“ کي لاڙڪاڻي ۾ جهلي ورتو ته سڄي حڪومت ٿرٿلي ۾ اچي وئي، جو هر وزير ۽ پاڻ وڏو وزير انهيءَ معاملي ۾ سڌو سنئون ملوث ٿي ويو آهي.
اسد کرل معاملو ڪجهه هن ريت هو ته هن هڪ ڏينهن ۾ 5 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم جي اڪائونٽ ۾ٽرانزيڪشن ڪئي. هو باقراڻي ٽي ايم اي ۾  محمد علي کرل جي نالي سان جونيئر ڪلارڪ جي پوسٽ تي مقرر آهي. تازو اڍائي ڪروڙن جي لينڊ ڪروزر به ورتي جنهن جي ڄاڻ جڏهن رينجرز جي اختيارين وٽ پهتي ته کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر چيو وڃي ٿو ته طارق سيال ۽ سندس ساٿين کيس زوري ڇڏائي ورتو هو ۽ هاڻي ٻه ڏينهن اڳ کيس وري گرفتار ڪيو ويو آهي يا سندس هٿ ڏنو ويو آهي ڇو ته رينجرز سنڌ سرڪار کان اسد کرل جي ٻانهن گهري هئي.
اسد کرل ڏوهاري يا ڏوهارين جو ساٿي آهي يا نه، کيس ڪهڙي سزا ملندي يا آزادي ملندي اهو فيصلو ته قانون ئي ڪندو پاڻ انهي کان پوءِ جي صورتحال تي نظر وجهون ٿا ته هن وقت رينجرز جي اختيارن جي معاملي تي سنڌ جي سياست جو مرڪز دبئي کي بڻايو ويو جتي پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري موجود آهي جنهن وٽ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، گهرو وزير سهيل انور سيال، ايم اين اي فريال ٽالپر پهتا آهن ۽ آصف علي زرداري پنهنجي فرنٽ مين رحمان ملڪ کي به طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته ن ليگ جو اهم وزير يا کڻي ائين چئجي ته وزيراعظم نواز شريف جو فرنٽ مين اسحاق ڊار به دبئي ۾ موجود آهي جيڪو پڻ آصف علي زرداري سان ملندو. ڪراچي ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير  قائم علي جو چوڻ هو  ته رينجرز معاملي تي پارٽي قيادت سان ڳالهائي لاءِ دبئي وڃي رهيو آهيان اهم  معاملن بابت پارٽي قيادت ئي فيصلو ڪندي آهي. هن ڪور ڪمانڊر سان ٿيل ملاقات  کي به خوشگوار قرار ڏنو.
سنڌ سرڪار رينجرز جي معاملي ۾ نه رڳو رينجرز جي سامهون ٿي چڪي آهي پر وفاق سان به ٽڪر کاڌو آهي ڇو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت رينجرز کي اختيار ڏئي يا نه پر پوءِ به رينجرز سنڌ ۾ ئي رهندي، يعني رينجرز سنڌ حڪومت پاران اختيار نه ڏيڻ باوجود اسد کرل، وسيم اختر ۽ ٻين گرفتارين وانگر بنا اختيارن جي پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي ٿي.
سنڌ ۾ رينجرز جي رهڻ ۽ اختيارن واري مدي ۾ واڌ بابت فيصلو دبئي ۾ اڳوڻي صدر آصف جي صدارت هيٺ ٿي سگهي ٿو پر اسد کرل جيڪو رمانڊ تي جيل حوالي ٿي چڪو آهي اهو پ پ لاءِ هڪ وڏو ڌڪ ضرور آهي ۽ اهڙو سلسلو اڃا به جاري رهي سگهي ٿو.
سنڌ حڪومت اسد کرل کان پوءِ رينجرز معاملن تي دبئي تائين وڃي پهتي آهي پر اهڙي صورتحال ۾ پٺيان سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي اباڻي ضلعي خيرپور جي اسپتال ۾ هڪ ڏينهن اندر 6 ٻار فوت ٿي چڪا آهن جن جي سنڌ حڪومت کي پرواهه ئي ناهي ۽ پ پ سرڪار جي ڄڻ اها پاليسي بڻجي وئي ته صرف پنهنجي ڪارڪنن ۽ خاص ماڻهن کي ئي بچائڻو آهي جيڪو سنڌ لاءِ هڪ وڏو الميو آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو