Monday, September 17, 2018

حسينيت زنده باد رهندي.




شفيق الرحمان شاڪر
جنهن ڏينهن کان هيء دنيا وجود ۾ آئي آهي حق ۽ باطل،سچ ۽ ڪوڙ،روشني ۽ اونده،ظالم ۽ مظلوم وچ ۾ جنگ جاري رهندي ٿي اچي. اهو سچ آهي ته سچ جا ساٿي سدائين ٿورا جڏهن ته ڪوڙ جي قافلي ۾ نچندڙن،نعرا ۽ جھمريون هڻڻدڙن جي هڪ فوج رهندي ٿي اچي.پر سچ لاء اهو اعزاز ئي ڪافي آهي ته اهو ڪوڙ ناهي.ڪربلا حق ۽ باطل،سچ ۽ ڪوڙ جي خوني معرڪي جو هڪ المناڪ نقشو،خاندان نبوت جي عظيم سورمن جي شهادت تي ڳوڙهن جو سمنڊ،نيڪي ۽ بديء جي قوتن جي وچ ۾ هڪ فيصلائتي جنگ،ڪربلا رڳو هڪڙو داستان ناهي پر جڏهن زمين تي ڪربلا جو معرڪو برپا ٿيوانهيء کان پوء به جتي به ۽ جڏهن به ڪن مظلومن مٿان جبر ۽ ستم جا جبل ڪيرايا ويا ته ان کي ڪربلا سان تشبيهه ڏني ويئي.جڏهن به سچائيء کي زنجيرون پارائڻ جون ڪوششون ٿيون ته دنيا جو ڌيان حسينيت طرف ويو.حسينيت جيڪا ظاهر ۾ شڪست کائڻ باوجود اڄ به زندهه آهي ۽ قيامت تائين زندهه رهندي جڏهن ته يزيديت ظاهر ۾ ڪامياب ٿيڻ باوجود اڄ به ناڪام آهي ۽ قيامت تائين ناڪام رهڻي آهي.قيامت تائين جڏهن به يزيدي سوچ تي ٻڌل ڪو نظام قائم ٿيندو ته حسيني قافلي جا باڪردار سورما ڪربلا وارو ڪردار ضرور ادا ڪندا.ڪربلا جا بنيادي طور تي چار ڪردار آهن. هڪڙو ڪردار “يزيديت” آهي.يزيديت نالو آهي جبر ۽ ستم جو،ظلم ۽ زيادتيء جو،ڏاڍ ۽ ڏهڪاء جو،جهالت،بي حيائي،فسق فجور ۽ ناانصافيء جو،تشدد ۽ دهشتگرديء جو،انتها پسندي ۽ زور زبردستيء جو،خدا جي مخلوق کي پنهنجو غلام بنائڻ جو،انسانيت جي تذليل ڪرڻ جو،انسانن کان جيئڻ جو حق کسڻ جو،انسانن جي سوچن ۽ زبانن تي پابندين جو.يزيديت هڪ ڪريل ڪردار جو نالو آهي.يزيديت هڪ خاص طبقي ۽ سوچ جو نالو آهي.اهڙي طبقي جو نالو جيڪو هر دور ۾ جبر جي علامت رهيو آهي.يزيديت دين جي قدرن ۽ اصولن جي حرمت کي برباد ڪرڻ جي ڪوششن جو نالو آهي.حرام کي حلال ۽ حلال کي حرام قرار ڏيڻ جو نالو آهي.يزيديت جيڪا عمل ۾ به آهي ته ڪردار ۾ به،جيڪا سوچ ۾ به آهي ته روح ۾ پڻ.هيء اهڙو جرثومو آهي جيڪو ضمير کي مردا ڪريانسان کي انسانيت جي مقام تان هيٺ ڌڪو ڏئي ٿو۽ انسان کي وحشي بنائي ٿو.
ٻيوڪردار “ ڪوفيت” آهي.ڪوفيت حقيقت ۾ خاموش رهڻ جو ڏوهه آهي.ڪنهن جي چوڻ مطابق “ دنيا برباد ٿي رهي آهي برن ماڻهن جي برائيء سبب نه پر سٺن ماڻهن جي برائين تي خاموش رهڻ سبب.” ظلم ۽ زيادتيء خلاف خاموش رهڻ به وڏو ڏوهه آهي ۽ اهو ڪوفيت وارو ڪردار آهي.امام زين العابدين رضه فرمايو هو؛ “ مون کي ايتري تڪليف ۽ اذيت ڪربلا جي ميدان ۾ نه ٿي جيتري اذيت ۽ تڪليف ڪوفي وارن جي خاموش رهڻ تي ٿي.” ڪوفيت نالو آهي نعرا مظلومن جي حق ۾ لڳائڻ ۽ حڪمراني ظالمن حوالي ڪرڻ جو.يزيديت جي ظالماڻي نظام کي تحفظ ڏيڻ ۽ بچائڻ ڪوفيت آهي.مظلوم کي بيوسيء ۾ ڏسي ظالم جي طاقت بنجڻ ڪوفيت آهي.محبت حسينيت سان جتائڻ ۽ ساٿ يزيديت جو ڏيڻ ئي ڪوفيت آهي.جتي ظلم ۽ ڏاڍ، حق ۽ ناحق جي معاملي ۾ خاموشي ڇانيل هجي اتي ڪوفيت جو قبضو آهي.مصلحت۽مفاهمت جي پردي ۾ اها ظالم جي خاموش حمايت ۽ مدد آهي .هڪ اهڙو زهر آهي جيڪو جڏهن پوري سماج کي پنهنجي وڪۡڙ ۾ وٺي ٿو ته سچ ۽ ڪوڙ جا معيار ئي بدلجي وڃن ٿا،معاشرن جا اقدار ئي تبديل ٿيو وڃن ۽ انساني سماج درندن جي ديس وارو منظر پيش ڪرڻ لڳي ٿو.
ٽيون ڪردار “حسينيت “ آهي.هر دور ۾ معتبر،هر ظلم سامهون مهاڏو اٽڪائيندڙ،حسينيت مظلوم جي حمايت ۽ ظالم سان ٽڪر کائڻ جو نالو آهي.حسينيت زندگيء جو اهو فلسفو آهي جيڪو توحيد جي ڪلمي جو بنياد آهي.حسينيت مئل دلين لاء زندگيء جو سنيهو آهي،ڪاري ٻاٽ اوندهه ۾ چمڪندڙ صبح جي نويد آهي.جنهن جو اثر اڄ به جاري آهي ۽ قيامت تائين جاري رهندو.حسينيت نالو آهي انساني آزاديء جو،غلاميء کان بغاوت جو،ديني حميت ۽ خودمختياريء جو،غيرت ۽ عزت نفس جي پرچار جو.حسينيت هڪ للڪار آهي،هڪ پڪار آهي،ڪردار آهي،ڪردار جي بهار آهي.حسينيت جيڪا شهسوار به آهي ته شاهڪار به.حسينيت نالو آهي هڪ عزم ۽ پختي ارادي جو،سوز ۽ گداز جو. جذبي ۽ جنون جو،هڪ سرهي سوچ جو،هڪ پاڪيزه هلت جو.حسينيت هڪ اهڙو ساز آهي  جيڪو رت کي گرمائي ٿو،جذبن کي جلا بخشي ٿو،ستلن کي جاڳائي ٿو ۽ رڳ رڳ ۾ انقلاب جي لهرن کي اٿاري ٿو.
چوٿون ڪردار “حريت” آهي،حريت “حر” مان ورتل آهي،حر جيڪو رهبرن جي هجوم ۾ رهبر جي تلاش ۾ آهي،جيڪو حالتن جي جبر ۽ مجبورين جو وقتي طور تي ته ضرور شڪار ٿئي ٿو پر جڏهن هن جي حريت جو شعور سجاڳ ۽ بيدار ٿئي ٿو ۽ جڏهن هن جي ڪن ۾ ڪا حسيني پڪار گونجي ٿي ته پتنگ جيان مچ تي مڙي پوي ٿو.حريت جڏهن بيدار ٿئي ٿي ته ڪوڙ جي قافلي جا سمورا ساز ۽ سامان ڦٽا ڪري سچ جي بي سروسامان قافلي جو ساٿي بڻجي وڃي ٿو.حريت کي ته بس هروقت ڪنهن پڪار جي ضرورت رهي ٿي،ڪنهن اعلان ۽ سڏ جو اوسيئڙو رهي ٿو.اڄ جو دور اڄ وري ڪنهن حسين جي تلاش ۾ آهي،لکين مردان حر ڪنهن حسين جي انتظار ۾ آهن.جيستائين يزيديت جو جبر ۽ راڄ هوندو تيستائين حسينيت به موجود رهندي ۽ حسينيت سدائين زنده باد رهندي.


(روزاني جيجل 13 سيپٽيمبر 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو