Tuesday, September 25, 2018

جمهوريت جو فائدو عوام کي ڪڏهن ملندو؟




شفيق الرحمان شاڪر
جمهوريت جو تت جيڪر هڪ جملي ۾ بيان ڪيو وڃي ته “عوام جي لاء،عوام جي ذريعي،عوام جي حڪومت جمهوريت آهي.”جمهوريت ان نظام جو نالو آهي جنهن ۾ عوام پنهنجن حڪمرانن ۽ نمائندن کي پنهنجي اختيار ۾ رکي سگھن.جمهوريت ۾ عوامي عهدا رکندڙ صدر،وزير اعظم،وزير اعليٰ،ايم اين اي،ايم پي اي ۽ سمورا سرڪاري عملدارعوام سامهون جوابده ٿين ٿا ۽ انهن جي مفادن بدران ملڪ جو آئين ۽ قانون طاقتور ٿئي ٿو.جمهوريت جي خلاف آخري مرڪز سوويت يونين جي خاتمي بعد دنيا ۾ حڪمرانيء جو ڪوبه قابل ذڪر ماڊل نه رهيو آهي جيڪو جمهوريت جو مقابلو ڪري سگھي.ان ڪري في الحال دنيا ۾ جمهوريت ئي هڪ بهتر نظام حڪومت تصور ڪيو وڃي ٿو.پر ڏٺو وڃي ته ايشيا ۽ آفريڪا کنڊ جي اڪثر ملڪن ۾ جمهوريت جا فائدا عام ماڻهن تائين نه پهچي سگھيا آهن.هتي نئين ڄاول جمهوريت خلاف هڪ طرف نت نيون سازشون هر ايندڙ ڏينهن تي جنم وٺنديون رهن ٿيون ته ٻئي طرف جتي به جمهوريت موجود آهي اتي ان جي بنيادي پيماني يعني عوام جي بهتري ۽ بهبوديء واري حوالي سان گھڻي مايوسي نظر اچي ٿي.جمهوري ملڪن ۾ عوام جي بنيادي حقن کي کسڻ وارن ماڻهن ۽ روين جي ڪمي ڪانهي.ماڻهن کي آزاديء سان پنهنجي راء جي اظهار جو موقعو به نٿو ڏنو وڃي.هڪ وڏي اڪثريت مٿان هميشه هڪ ننڍڙي پر طاقتور اقليت طرفان پنهنجا فيصلا ۽ پاليسيون مڙهيون وڃن ٿيون.جمهوريت جو لفظ هڪ نعري جي طور تي عوام کي بيوقوف بنائڻ ۽ انهن کي سبز خواب ڏيکارڻ لاء ئي استعمال ٿيندو رهيو آهي. اهڙي جمهوريت ۾ طاقتور ۽ سرمائيدار طبقا سياست ۽ حڪومت تي قابض ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙيون پاليسيون جوڙين ٿا جن جو فائدو رڳو اشرافيا کي ئي پهچي ٿو.ملڪ جا وسيلا امير طبقن جي وچ ۾ گردش ڪندا رهن ٿا ۽ غريب ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندا ٿا وڃن.جيڪر پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ ان جي فائدن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي هيستائين ايڪهتر سالن جي عرصي ۾ جمهوريت مضبوط نه ٿي سگھي آهي.جمهوريت کي هر وقت خطرا سامهون رهندا ٿا اچن. غيرجمهوري قوتن ڪيترائي ڀيرا جمهوريت تي رات وچ ۾ حملو ڪري ملڪي ۽ رياستي ادارن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو.ڪيترائي ڀيرا عوام طرفان جوڙيل آئين کي ويڙهي ڦٽو ڪيو ويو جنهن ڪري اڄ به ملڪ ۾ جمهوريت جي مستقبل جي حوالي سان بي يقيني واري ڪيفيت ڇانئيل نظر اچي ٿي. ٻئي طرف نام نهاد جمهوري دورن ۾ به رڳو سياسي جماعتن ۽ چونڊن کي ئي جمهوريت جو نالو ڏنو ويو جڏهن ته جمهوريت اهڙو نظام آهي جنهن ۾ گڊ گورنس هڪ بنيادي گھرج آهي.جنهن جمهوريت ۾ سٺي حڪمراني نه هجي تنهن کي جمهوريت چئي نٿو سگھجي.اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين مطابق ته ملڪ جي سمورن ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي طور تي هڪجهڙا حق حاصل آهن پر جمهوري نظام باوجود رڳو امير ئي اقتدار ۽ اختيار تي قابض رهندا ٿا اچن ۽ اميرن جي انهن حڪومتن ۾ عام خلق سان قانون ۽ انصاف جي معاملي ۾ جيڪو سلوڪ ٿيندو رهيو آهي ان جو مثال دنيا جي ڪنهن به جمهوريت ۾ نٿو ملي.گذريل ايڪهتر سالن ۾ پاڪستان اندر جنهن جمهوري ماڊل تي عمل ٿي رهيو آهي ان جو تعلق نه ته اقبال واري نظام جمهوريت سان آهي ۽ نه ئي قائد اعظم جي پاڪستان سان.جنهن ملڪ ۾ امير ۽ غريب ۾ فرق رکيو وڃي،جتي سمورن شهرين کي هڪجهڙا  بنيادي حق حاصل نه هجن،جتي ڪروڙين ماڻهن کي پنهنجون خداداد صلاحيتون ظاهر ڪرڻ ۽ انهن مان فائدو کڻڻ جو موقعو ئي ميسر نه ٿيندو هجي،جتي قانون جا ٻه مٿا ۽ به معيار هجن.  اتي اميرن جي  ان جمهوريت جا ثمرات رڳو اميرن وچ ۾ ئي گھمندي نظر آيا آهن.اهڙي جمهوريت ۾ عوام جو ڪردار رڳو پنجن سالن ۾ ووٽ جي پرچيء تي ٺپو لڳائڻ ئي رهجي ويو آهي،باقي ٻين حڪومتي ۽ رياستي معاملن ۾ نه ته انهن جي ڪا حقيقي شرڪت آهي ۽ نه ئي اهڙن معاملن ۾ سندن راء کي ڪا اهميت ۽ حيثيت ڏني وڃي ٿي.ملڪ تي اهڙا عوامي حڪمران مسلط ٿين ٿا جن جا ڪاروبار،رهائش ۽ بينڪ بيلنس ٻاهرين ملڪن ۾ آهن.اهي پاڪستان رڳو اقتدار جو مزو ماڻڻ ۽ ڏوڪڙ ڪمائڻ اچن ٿا.انهن جي سموري دلچسپي عوامي مسئلن بدران پنهنجن ڪاروبارن سان لڳل هوندي آهي.جنهن جمهوريت ۾ عام ماڻهن جي زندگيء جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو هجي، ظالماڻن ٽيڪسن سبب مهانگائي جي مصيبت عوام جا هوش خطا ڪندي هجي،انهيء کي جمهوريت جو نالو ڏيڻ دوکي کان سواء ٻيو ڪجهه به ناهي.ڪنهن به ملڪ ۾ جمهوريت تڏهن مضبوط ٿي سگھي ٿي جڏهن سياسي جماعتن اندر به جمهوري ڪلچر موجود هجي.جتي پارٽين اندر به اختلاف راء جي آزادي هجي.ڪا به حڪومت عوام کي تعليم،صحت.انصاف ۽ سماجي ڀلائيء جي شعبي ۾ مناسب سهوليتون مهيا ڪرڻ سواء هڪ جمهوري حڪومت هئڻ جي دعويٰ ڪري نٿي سگھي.وڌندڙ مهانگائيء کي قابوء ۾ رکڻ به جمهوري حڪومتن جي بنيادي ذميداري آهي.سرڪاري ادارن ۾ ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن خلاف بنان فرق جي ڪاروائي ڪرڻ به جمهوريت جي گھرج آهي جو جيستائين ادارن جي ڪارڪردگي نٿي سڌري عوام کي رليف نٿو ملي سگھي.هن پوري نظام کي بدلائڻ سوا رڳو ڪجهه نمائشي قدمن ذريعي تبديليء جون دعوائون به رڳو عوام کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ئي هوندي ۽ ان سان عوام جي سورن ۾ ڪابه گھٽتائي نه ٿي سگھندي. جمهوري سسٽم جي بهتريء لاء ضروري آهي ته ملڪ مان ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازڻ واري پاليسيء جو خاتمو اچي. ملڪ جو لٽيل پئسو کسي واپس قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو وڃي. مناسب ماڻهوء کي مناسب جڳهه تي مقرر ڪيو وڃي ۽ ادارن مان سياسي مداخلت کي بند ڪيو وڃي.ترقياتي اسڪيمون جوڙڻ وقت ڪميشنن بدران عوامي مفاد کي اوليت ڏني وڃي.جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط ۽ بااختيار بنايو وڃي ۽ احتساب جو اڻ ڌريو ۽ شفاف نظام مرتب ڪيو وڃي جنهن ذريعي ڪنهن کان سياسي انتقام وٺڻ بدران انصاف واري طريقي سان ترت ۽ تڪڙو احتساب ٿي سگھي.
(روزاني جيجل 23 سيپٽيمبر 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو