Saturday, December 30, 2023

دھل وڄي ۽ دوسو رھي!


شفيق الرحمان شاڪر

خير سان چونڊن جي موسم وري موٽي آئي آھي.ھر طرف سياسي بھاريون لڳيون پييون آھن.گهڻن لاء ھيء موسم ڪمائيء جي موسم ھوندي آھي.بينر، پينافليڪس،پوسٽر، پمفليٽن۽ بيج وغيرھ تيار ڪرڻ وارن جون موجون لڳي وڃن ٿيون.بورچين جون بھ عيدون ٿيو وڃن.ڪرائي تي ھلندڙ ڪارن موٽرن جي مالڪن جو بہ ڀاڳ کلي ٿو.لوڪل بي روزگار ننڍن ننڍن وڏيرن ۽ پٽيلن جي بہ چاندي ٿيو پوي جيڪي ٽوپيون ڏنگ تي رکي،واڇون ٽيڙي اميدوارن سامھون پنھن جي سياسي ۽ راڄوڻي حيثيت جا ڪوڙا ڦٽاڪا ٻاري ۽ سندن ٻٽونء ۾ ھزارين ووٽ حاضر ھئڻ جون دعوائون ڪري سياسي واپار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.صبح جو ھڪڙي اميدوار جي اوطاق تي تہ رات جو وري ان جي مخالف اميدوار جي ديري تي مکين جيان پيا ڦيرا ڏيندا.ھاڻي تہ ڪارڪن بہ ڪرائي تي حاصل ڪرڻا پون ٿا.جھڙي ڪوالٽي تھڙي قيمت، جھڙو مال تھڙو اگھ،جھڙو منھن تھڙو........، جھڙا روح تھڙا ختما. پوسٽر ۽ بينر لڳائڻ وارن جا الڳ ٺيڪيدار، نعرا ھڻندڙ ۽ نچندڙن جي پنھن جي قيمت، مخالف اميدوارن جا پوسٽر ڦاڙڻ ۽ بينر لاھڻ لاء الڳ ٽاسڪ فورس، مخالف اميدوار جي ڪردار ڪشي ڪرڻ لاء جدا ٽيم.

ھاڻي تہ ھر ڪم جديد ۽ سائنسي بنيادن تي ٿئي ٿو.اصل مقابلي جي جڳھ بلڪ کٽڻ ۽ ھارائڻ جو ھنڌ سوشل ميڊيا آھي.نجي طور تي توھان پڇا ڪندا تہ ھر ماڻھوء تي اليڪشني اميدوارن خلاف شڪايتن جا دفتر زبان تي ٻڌڻ لاء ملندا پر جي نظر ڊوڙائبي تہ اھي ئي ماڻھو انھن اميدوارن جي سياسي ميلن ۾ نچندي، ٽپندي، ھنڀوچيون ھڻندي، ھو جمالو ڳائيندي،گڦون ھاريندي ۽ نعرا ھڻندي نظر ايندا.انھيء رويي کي خبر ناھي سياسي ڊڪشنري ۾ ڇا سڏبو آھي پر اسان ان کي ”سياست “ سڏيندا آھيون. ”آوي ھي آوي“کان “جيوي ھي جيوي“ تائين، ”اسان جو اميدوار ھيرو، ٻيا سڀ زيرو“ جي قواليء کان ” اڄ تہ ٿي ويئي فلاڻو فلاڻو” جي راڳ تائين پوري ملڪ کي تپائي کڻندا.

آئين، منشور، نصب العين ۽ ڪارڪردگيون، ڪير ٿو ان فضول جهنجهٽ ۾ پوي.بس موقعو آھي تہ ڪجھ جھان ٺاھي وٺجي.اسان وٽ اليڪشن جي معنيٰ آھي ناچ، ٽپا،تاڙيون،تقريرون، ڀت ۽ بريانيون.اليڪشن لٿي کان پوء ”ڪم لٿو ڪاغذ ڦاٽو“ بس پوء ”جوڳي نہ ڪنھن جا مٽ.“ رھي ڪارڪردگي تہ اھا نہ اليڪشن کان اڳ ٿي ڪنھن کي ياد اچي ۽ نہ ئي اليڪشن کان پوء ڪو ڪنھن کان سوال ڪري پنھن جي قيامت ٿو ڪاري ڪرڻ گهري.

بس ھلندا ھلو.ڪنھن اڻ ڄاتل منزل جي تلاش ۾ بلڪ بنان ڪنھن منزل ۽ مقصود جي روہ تتيء جو ڪنھن رڃ ۾ رلندا رھو.اسان مان اڪثريت اڄ بہ ان کي پنھن جو مقدر سمجهي صبر جميل جو مظاھرو ڪندي ٿي اچي.ڪير ايندو، ڪير ويندو، ڪير کٽيندو، ڪير ھارائيندو، ماڻھن کي ان سان نہ ڪا دلچسپي آھي ۽ نہ ئي اھو سندن زندگيء جي سڌاري يا برباديء جو سوال آھي.اسان تہ اڄ تائين اھو ئي سمجهندا ٿا اچون تہ اليڪشن ڪمائيء جي موسم آھي،مال ميڙڻ سان گڏوگڏ نوان نينھن لائڻ ۽ نوان ناتا جوڙڻ جو سونھري موقعو آھي.جيڪر اوھان جي زبان شريف ۾ اھا صلاحيت موجود آھي جو اھا دھل جي ھر ڏوڪي تي واہ واہ جو سنگيت پنھنجن ڪجھ ھمنوائن سان گڏجي سر ۾ ڳائي سگهي ٿي تہ اليڪشن جي موسم ۾ اوھين دنيا جا ڪامياب ترين انسان آھيو. ملڪ جا مسئلا ڪھڙا آھن، سنڌ کي کي ڪھڙا چيلينج درپيش آھن،اسان جون قومي ۽ اجتماعي ڏکيائيون ڇا آھن؟ قومي ڳڻتيء جا ڪھڙا سوال آھن.انساني بنيادي حق ۽ زندگيء جون بنيادي سھوليتون ڇو ميسر ناھن؟ اھو مٿي جو سور نہ تہ ووٽ وٺندڙن جو آھي ۽ نہ ئي ووٽ ڏيندڙن جو،اھي سڀ معاملا دانشورن،سماجي ڪارڪنن،صحافين، اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کي حل ڪرڻا آھن جيڪي انھن ”ميلاين“ جي نظر ۾ سڀ چريا آھن.اسان ٻي عام خلق کي تہ ڄڻ بس ”جيئي جيئي“ ، ”زندہ باد“ ۽ ”مردہ باد“ جي ڀنگ گهوٽڻ لاء پيدا ڪيو ويو آھي.بک،بدحالي، بيماري ۽ بي روزگاري اسان جا بنيادي حق آھن ۽ شڪر آھي جوحڪومتن ۾ ايندڙ ۽ ويندڙن مان اڄ تائين ڪنھن بہ اسان کي پنھنجن انھن بنيادي حقن کان محروم ناھي ڪيو.انصاف جو عاليشان نظام اسان وٽ خدا جي فضل سان اڳ ۾ ئي موجود آھي ۽ انشاء اللھ آئيندہ صدين تائين ڪو بہ ان نظام جو وار ونگو ڪري نٿو سگهي.”ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا واري سرشتي“ کي نہ اڳ ۾ خطرو ھو ۽ نہ ئي ھاڻي ڪو کيس ڪوسو واء لڳڻ وارو آھي.

سو سياڻن کي صلاح آھي تہ وارو ڪريو جو وري پنج سال انتظار جي اذيت سھڻي پوندي.بس، في الحال ھن اليڪشن لاء ئي جيئو.آئيندي جي سمورن وسوسن، خوف خطرن،وھمن ۽ گمانن کان آزاد ٿي.اھا ”آزادي“ وڏي نعمت آھي جيڪا جھان ۾ قومن جو جيون سنوارڻ لاء ڪافي ۽ شافي آھي.ھروڀرو مستقبل جي مشڪلاتن جو اونو ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آھي.جهومو، ڳايو، جهمريون پايو،ھنڀوڇيون ھڻو.جي ٿي سگهي تہ مخالف اميدوار جي ڪن غريب حامين جي ڳچي بہ ضرور پڪڙيو ۽ ٿوري گهڻي ٿڦا ٿڦي بہ ٿئي تہ ھرج ناھي.انھيء طريقي سان توھان اليڪشن جي ڪمائيء ۾سٺو بونس حاصل ڪري سگهو ٿا.جيڪي نچي نٿا ڄاڻن اھي جاھل آھن ۽ انھن کي جاھل ئي رھڻ ڏيو،۽ کين سندن حال تي ڇڏي ڏيو.اھي انگ ۾ تمام ٿورا ھوندا لکين تہ ”دوسو“ آھن جيڪي اليڪشن جو اھو ميلو مناسب نموني مچائڻ لاء ھر وقت سر تريء تي رکي حاضر ملندا.بس ڏونڪي لڳڻ جي دير آھي پوء

”دھل وڄي ۽ دوسو رھي!“

( روزاني ھلال پاڪستان 29 ڊسمبر 2023ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو