Friday, December 27, 2019

قومن جون غلطيون ۽تاريخ جو خوف!



شفيق الرحمان شاڪر
ڪجهه سال اڳ هندستان جي هڪ اخبار حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ جا ڪجهه حصا شايع ڪري ڇڏيا جيڪا رپورٽ اوڀر پاڪستان جي سانحي بعد جسٽس حمود الرحمان جي نگرانيء هيٺ هڪ جاچ ڪميشن تيار ڪئي هئي ته جيئن 1971ع ۾ ٿيندڙ واقعن جا سبب معلوم ڪيا وڃن ۽ انهن جو تجزيو ڪري انهن ماڻهن ۽ عوامل جي نشاندهي ڪئي وڃي جيڪي 1971ع جي ڪرتوتن جا ذميدار هئا.پاڪستان جي نه ته فوجي ۽ نه ئي چونڊيل حڪمرانن ان رپورٽ جا نتيجا عوام تائين پهچايا.وقت گذرڻ سان گڏ اها رپورٽ ۽ انهيء ۾ بيان ڪيل  سخت سچائيون تاريخ جي اونداهين ۾ گم ٿي وييون ۽ اسان جي قومي ياداشت جو حصو نه بڻجي سگھيون.پوري قوم هڪ وڏي اجتماعي ويسر جو شڪار ٿي ويئي.جڏهن هندستان جي هڪ اخبار ڪجهه تڪليف ڏيندڙ حقيقتون بيان ڪيون ته اسان جي قوم ڇرڪي ويئي.ڪجهه ماڻهن کي ماضيء جي درد ڀرين يادن وڪوڙي ورتو ۽ اهي ان رپورٽ کي عام ڪرڻ جي گھر ڪرڻ لڳا.ان وقت ورديء جي طاقت ۾ ويڙهيل پرويز مشرف فيصلو ڪيو ته ماضيء جي انهن تلخ حقيقتن کان پوريء طرح انڪار ڪرڻ هاڻي ناممڪن هوندوتنهن ڪري هڪ ننڍي وڏي معافي گھري ان معاملي کي خاموشيء جي اوناهين ۾ هميشه لاء دفن ڪري سگھجي ٿو ان ڪري پرويز مشرف دل نه گھرندي به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته اولهه پاڪستان جي حڪمرانن کان ڪجهه زيادتيون ٿيون ۽ سراسري انداز ۾ معافي به گھري ورتي ۽ گڏوگڏ هن قوم کي اهو مشورو به ڏنو ته اسان کي تاريخ ۾ نه رهڻ گھرجي،ماضيء کي وساري هاڻي اڳتي وڌڻ کپي.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان جي حڪمرانن کي سندن ماضيء مان خوف ڇو هو؟اهو ڇا هو جنهن تي پردو وڌو پئي ويو؟ان سوال جو جواب اسان کي بي شمار ڪتابن ۽ دستاويزي فلمن ۾ ملي ٿوجيڪي 1971ع جي واقعن تي بنايون وييون. پاڪستاني حڪمرانن ۽ مقتدر ڌرين اوڀر پاڪستان جي ماڻهن سان سخت زيادتيون ڪيون هيون.1970ع جي چونڊن ۾ اوڀر پاڪستان جي عوامي ليگ پڌري ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ان جماعت کي حڪومت بنائڻ جو قانوني حق هو پر اولهه پاڪستان جي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اهو قبول نه هو ته اهي اقتدار عوامي ليگ جي حوالي ڪن.ان ڪري عوامي ليگ جي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان تي غداري ۽ سازش جا ڪيس جوڙي ان کي نظربند ڪيو ويو۽ اوڀر پاڪستان جي سياسي قوتن کي تباهه ڪرڻ جي مهم هلائي ويئي.نتيجي طور تي اتي بغاوت ٿي ويئي،فوجي چڙهائي ڪئي ويئي ۽ نيٺ 17 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان جي هٿياربند فوج هندستان جي فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ورتا.هندستان بنگالين جي آزاديء واري مهم ۾ هنن جو ساٿ ڏنو هو ۽ اولهه پاڪستان سان اڀرندي حصي جا سمورا رابطا ٽوڙي ڇڏيا هئا.اهي هيون اهي دردناڪ حقيقتون جن کي اولهه پاڪستان جي عام ماڻهن کان لڪيل رکيو ويو ۽ جن جي سامهون ٿيڻ جي همت پاڪستان جي حڪمرانن ۾ نه هئي.
حڪمران طبقن کي دنيا ۾ هر هنڌ هر علائقي ۾ تاريخ جو خوف ٿيندو آهي پر تاريخ ڏاڍي ظالم شيء آهي اها سمنڊن جي گهراين ۾ لڪيل سچ کي ڪڏهن نه ڪڏهن ٻاهر ڪڍي سج جي روشنيء ۾ کڻي ايندي آهي،اها اسان کي خود فريبي جي اونداهن خوابن ۾ غرق ٿيڻ نٿي ڏئي،تاريخ جيڪا زخمن کي وساري ڇڏڻ واري صلاحيت کي لاچار ڪري ڇڏي ٿي،جهڙيء طرح ڪو شخص پنهنجن اذيتناڪ تجربن کي وسارڻ گھرندو آهي ۽ پنهنجن غلط پرڪارن کي ياد نه رکڻ گھرندو آهي جو ڪٿي پشيمانيء جو شڪار نه ٿي وڃي.اهڙيء طرح قومون به پنهنجن قبول نه ٿيندڙ عملن کي ياد نٿيون رکڻ گھرن ۽ ڪوشش ڪنديون آهن ته رڳو اهي ڳالهيون ئي قومي ياداشت جو حصو بڻجن جيڪي وڻندڙ هجن يا جن عملن تي قوم پاڻ فخر ڪري سگھي.تاريخ جيڪر ايمانداري ۽ سچائي سان لکي وڃي ته اها قومن جو ضمير جھنجھوڙي ڇڏي ٿي.
ياد رکڻ يا وساري ڇڏڻ هڪ قدرتي عمل آهي،سياسي عمل جي طور تي اهو طاقت جي رشتن سان ڳنڍيل هوندو آهي.حڪمران ۽ طاقتور طبقا ئي اهو فيصلو ڪندا آهن ته قوم کي ڪهڙي ڳالهه ياد رکڻي آهي ۽ ڪهڙي وساري ڇڏڻي آهي.چونڊ جي ان عمل ۾ يادن کي ورهائي ڇڏيو ويندو آهي.هڪ پاسي اهي يادون هونديون آهن جن کي جائز قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ٻئي طرف اهي يادون هونديون آهن جن کي ياد رکڻ به ڏوهه قرار ڏنو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته انهن سبب ضمير ملامت ڪندو آهي،ياد رکڻ ۽ وساري ڇڏڻ جي اها سموري صنعت،ادارن ۽ ٽيڪنالاجيء تي حڪمران طبقن ۽ طاقتور فردن جو قبضو هوندو آهي.ان صنعت ۾ سرڪار جا ادارا به شامل هوندا آهن،خاص طور تي ميڊيا، علمي، تحقيقي ۽ تعليمي ادارا ۽ خانگي سيڪٽر به شامل هوندو آهي،مثال خانگي ميڊيا چينل، اخبارون، رسالا،ريڊيو ۽ سکيا جا ادارا،ياداشت ۽ ويسر جي ٽيڪنالاجيء ۾ درسي ڪتاب،پڙهائيء جو طريقو،ڪالم نگاري،خبر لڳائڻ جا طريقا،مذاڪرات،ڊراما،فلمون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون شامل آهن.ان ڪري اسان کي ڇا ياد رکڻو آهي ۽ ڇا وساري ڇڏڻو آهي اهو اسان نه پر اسان جو حڪمران طبقو طيء ڪري ٿو.عوام وٽ رڳو يادون هونديون آهن جيڪي انفرادي ذهن ۾ قيد ٿين ٿيون، جيڪر اهي يادون سرڪاري ياداشت جي ابتڙ هونديون ته گھڻن ماڻهن کي سندن يادن تي شڪ ٿيڻ لڳي ٿو ڇو ته انسان انهن يادن ۾ پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهي،انهن جو اجتماعي ريڪارڊ نه هوندو آهي.ڇا سبب آهي جو تاريخي ياداشت ۾ عام ماڻهن جون ذاتي يادون شامل نٿيون ٿين؟ اهڙن واقعن تي خاموشيء جو پردو ڇو ٿو وڌو وڃي؟ڇا اهي يادون غير اهم هونديون آهن ۽ فرد جو تاريخ ۾ ڪو ڪردار نٿو ٿئي؟ان خاموشيء جو شايد وڏو سبب اهو آهي جو حڪمران جڏهن قومي ياداشت جي تعمير ڪن ٿا ته هڪ مخصوص نڪته نظر فروغ ڏيڻ گھرندا آهن.جيڪا ڳالهه ان مخصوص دائري ۾ نٿي سمائجي ان کي ويسر جي اونهي سمنڊ ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا.اهي رڳو انهن حقيقتن جي چونڊ ڪن ٿا جيڪي انهن جي مفاد ۾ هجن.مثال؛ سرڪاري تاريخ جيڪر مذهب جي نڪته نظر سان لکي رهجي هجي ته سمورن اهڙن واقعن کي وساري ڇڏيو ويندو آهي جيڪي ماڻهن ۾ مذهبي تفاوت جي خلاف هجن.جيڪر تاريخ قوم پرستي يا نسل پرستيء جي لحاظ کان لکي ويندي هجي ته اهڙيون سموريون ڳالهيون جيڪي ڪنهن قوم يا نسل کي ڪمزور ظاهر ڪن اهي وساريون وڃن ٿيون.مثال؛ پهرين ۽ ٻي جنگ عظيم جي وچ واري حصي ۾ جرمنيء ۾ پڙهائي ويندڙ تاريخ ان ڳالهه کي مڃڻ لاء تيار نٿي ٿي ته جرمن قوم پهرين عالمي جنگ هارائي چڪي هئي بلڪه اهو پڙهايو ويندو هو ته جرمن قوم نسلي طور تي ٻين قومن کان مٿانهين آهي ۽ ان جي هار جا سبب اندروني غداري ۽ يهودين جي سازش آهي.قوم پرستيء هيٺ پڙهائي ويندڙ ان تاريخ ۾جرمنيء جي شڪست جا سبب ٻاهريان ڳڻايا ويا ۽ جرمنيء ۾ عسڪريت پسندي ۽ مذهبي انتها پسندي کي هٿي ڏني ويئي.شڪست ۽ جرمنيء جو خواريء جو ذميدار قطعي طور تي يهودين کي قرار ڏنو ويو ۽ نتيجو اهو نڪتو جو سٺ لک يهودي مرد،عورتون ۽ ٻار بي رحميء سان قتل ٿي ويا ۽ پاڙيسري ملڪن تي ڪاهون ڪيون وييون.اهڙيء طرح ٻي عالمي جنگ کان اڳ جاپان جي نصابي ڪتابن ۾ به قوم پرستيء جو مادو ڪٽي ڀريو ويو جنهن سبب اتي به عسڪريت پسندي ۽ جنگجو قدر وڌيا ويجھيا.ٻي عالمي جنگ ۾ شڪست بعد ٻنهي ملڪن جپان ۽ جرمني،پنهنجن نصابن ۾ بنيادي تبديليون ڪيون.جرمني ۽ جپان جي انهن مثالن سان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته تاريخ کي هلندڙ دور جي ضرورتن هيٺ لکيو ويندو آهي.جنهن دور ۾ حڪمرانن جا جيڪي مقصد سر فهرست هوندا آهن،ياداشت انهن مقصدن جي روشنيء ۾ ئي تعمير ٿئي ٿي.جڏهن جرمن قوم جي غيرت جاڳائڻ ۽ يهودين کي الزام هيٺ آڻڻ مقصود هو ته قوم پرستي جي آئيني مينارن جي تعمير ڪئي ويئي پر اڄ جرمني تاريخ جو اهو ڪارو باب وسارڻ گھري ٿو.جرمنن سامهون هٽلر يا نازي دور جو ذڪر ڪيو وڃي ته اهي پشيمان نظر اچن ٿا ۽ نظرون چورائڻ لڳن ٿا.انهن کي انهيء ياداشت تي فخر نه پر پشيماني آهي ۽ چند مورخ خاص طور تي ان دور جي يادن کي تازو توانو رکن ٿا ته جيئن آئيندي ڪڏهن جرمني يا ڪا ٻي رياست ان قسم جا ظلم نه ڪري.پر ستم ظريفي اها جو عالمي نشرياتي ادارا،اخبارون ۽ تجزيي نگار پوري طاقت سان ان ياد کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.اسرائيل ۽ فلسطين جي ڇڪتاڻ هر وقت عالمي نشرياتي ادارن جو من پسند موضوع آهي پر هو ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا ته يهودين تي بي انتها ظلم فلسطيني معصوم ماڻهن نه پر جرمنيء جي پٿر دل حڪمرانن ڪيو هو.جيڪر ماضيء جو درست تجزيو ڪيو وڃي ها ته هٽلر جي عملن جي سزا فلسظيني عوام کي نه ڏني وڃي ها بلڪه ان جو ازالو جرمنيء کي ڪرڻ گھربو هو پر جرمني طاقتور ۽ معاشي طور تي ترقي يافتا ملڪ آهي.اهو آمريڪا ۽ برطانيا جو اتحادي آهي ان ڪري ان کي ڏوهاري قرار ڏيئي عالمي طاقتون اهو مڃڻ نٿيون گھرن ته دهشتگردي جو مرتڪب ڪنهن به مذهب جو عوام ٿي سگھي ٿو.جرمن مسلمان ته نه هئا بلڪه پروٽيسٽنٽ هئا پر اڄ ڪلهه مذهبي تعصب ۽ مذهبي نسل پرستي چوٽ تي آهي تنهن ڪري ماضيء کي وساري اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته دهشتگرد رڳو مسلمان هوندا آهن ان ڪري انهن خلاف هر قسم جي ڪاروائي جائز آهي.
جپان ۽ جرمنيء وانگر آمريڪا ۽ فرانس به پنهنجي تاريخ کان نظرون چورائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.جيڪر نو آبادياتي ۽ سامراجي نظام جي تاريخ جو اڀياس ڪيو وڃي ته برطانيا ۽ فرانس جي باري ۾ ڪيترائي تصور تبديل ٿي وڃن ٿا.اولهه وارن ملڪن جا رهاڪو پنهنجو پاڻ کي مهذب، سڌريل، جديد،عقلمند ۽ انسانيت دوست قدرن جو حامل سمجھن ٿا ان ڪري انهن ”رڊيارڊڪپلنگ“ جو اهو تصور واپرايو ته وحشي،پوئتي پيل ۽ جاهل ماڻهن کي مهذب ۽ جديد بنائڻ ڳوري چمڙيء وارن جي ذميداري آهي.انهن پنهنجي فنون لطيفه،علمي،سائنسي نظام،شاعري،مصوري ۽ ٻين طريقن سان پوري دنيا ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اڇي رنگ واري نسل جا ماڻهو مادي،روحاني ۽ اخلاقي طور تي غلام قومن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معزز آهن ۽ اهي عقل ۽ فهم کان ڪم وٺن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي جذبات،تعصب ۽ وهم پرستيء کان بچائين ٿا پر جيڪر تاريخ جا پنا پڙهجن ٿا ته اسان کي 1857ع نظر اچي ٿو جڏهن هندستان جي ماڻهن کي توپن سان ٻڌي اڏايو ويو.دهليء ۾ ڦرلٽ  ۽ قتل ۽ غارت گريء جي بازار گرم ڪئي ويئي ۽ ڪيترن ئي مقامي ماڻهن کي رڳو شڪ جي بنياد تي گولين سان اڌايو ويو.اهڙيء طرح جيڪر اسان ويهين صديء ۾ ڏسون ته جليانوالا باغ ۾ جنرل ڊائر جي حڪم تي هزارين ماڻهن جي ميڙ تي گولي هلائي ويئي.ان قسم جي واقعن سان فرانس جي تاريخ به ڀري پيئي آهي.ان قسم جي واقعن سان ان تاثر جي نفي ٿئي ٿي ته يورپي قومون اعليٰ انساني قدرن جون حامل آهن ۽ اعليٰ ڪردار جون مالڪ آهن.ضرورت وقت اهي ڪنهن ٻي قوم کان گھٽ قتل ۽ غارت گري نٿيون ڪن.ان ڪري انهن قومن کي به تاريخ جو خوف آهي ڇو ته ماضي انهن جي دعوائن کي اگھاڙو ڪري سگھي ٿو.
آمريڪا ۾ ته تاريخ کي بلڪل ڪا اهميت نٿي ڏني وڃي.ڪيترين ئي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تاريخ جا شعبا ئي ختم ڪيا ويا آهن.امريڪي ماهرن 1959ع ۾ پاڪستان جي نصاب مان به تاريخ جو حصو گھٽائي ان کي جاگرافي ۽ شهريت سان ملائي ”سماجي اڀياس“ ڪرائي ڇڏيو.امريڪي ماهرن تاريخ کي هڪ غير ضروري ۽ شوقيه مضمون قرار ڏنو،آمريڪا وٽ تاريخ کان خوف کائڻ جا ڪيترائي سبب آهن.آمريڪا ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس نهايت وڏو هيرو مڃيو ويندو هو جو هن آمريڪا دريافت ڪيوهو پر جڏهن آمريڪا جي مقامي رهاڪن پنهنجي تاريخ لکي ته انهن ڪولمبس کي ”ڦورو“ قرار ڏنو ۽ سندس ناڪاري پاسن کي ظاهر ڪيو.تاريخ جي ان واقعي تان پردو هٽائي مقامي رهاڪن هڪ وڏو ڪوڙ کولي رکي ڇڏيو.اهڙيء طرح امريڪا ۾ ماڻهو ”ٿينڪس گونگ“ جو ڏڻ وڏي خوشيء سان ملهائيندا آهن پر اتان جي مقامي ماڻهن اهو راز کولي وڌو ته جنهن واقعي کي ان ڏڻ ۾ ملهايو وڃي ٿو اهو اصل ۾ سامراجي قوتن جي فتح جو واقعو ۽ مقامي ماڻهن جي شڪست جو ڏينهن آهي.عام ماڻهو اهو ڏڻ اهڙيء طرح ملهائين ٿا ڄڻ ته انهن کي ماضيء جي باري ۾ ڪجهه به معلوم نه هجي.هي اهو ڏينهن هو جڏهن مقامي ماڻهن کان سندن زمينون کسي انهن تي قبضو ڪيو ويو هو.ڪنهن شخص جي ماني ٻئي لاء زهر هوندي آهي.شايد ان ڪري حڪمران طبقن کي تاريخ کان خوف لڳي ٿو ڇو ته اها اهڙا راز فاش ڪري سگھي ٿي جيڪي پشيمانيء جو سبب هوندا آهن ۽ هڪ جديد جمهوري ۽ اصولن تي ٻڌل رياست جو پول کولي ڇڏي ٿي.آمريڪا لاء تاريخ کان فرار حاصل ڪرڻ ان ڪري به ضروري آهي جو ان جي تاريخ تشدد،دهشتگردي ۽ سامراجي ظلمن سان ڀرپور آهي.آمريڪا دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن هٿين خالي آبادين جي خلاف ايٽم بم استعمال ڪيو،ڪنهن ٻئي ملڪ جوهري هٿيار استعمال ڪرڻ جو ظلم ناهي ڪيو.اهڙيء طرح ويتنام ۾ آمريڪا ”ايجنٽ اورينج“ جو استعمال ڪيو جيڪو هڪ مهلڪ هٿيار آهي.ايٽم بم ۽ ايجنٽ اورينج جو استعمال رڳو ايشيائي ملڪن مٿان ڪيو ويو جنهن مان نسل پرستيء جي بوء اچي ٿي.اهڙن هٿيارن کي ڳوري چمڙيء وارن خلاف استعمال ناهي ڪيو ويو.ويجھي ماضيء ۾آمريڪا ۽ برطانيه افغانستان ۽ عراق تي حملو ڪري ڏهه لک ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو ۽ رت ۽ موت جي راند اڃا به جاري آهي.هر ايندڙ ڏينهن تي هٿين خالي بيگناهه شهري مري رهيا آهن پر آمريڪا پنهنجي روش بدلائڻ لاء تيار ناهي.اهڙو ملڪ تاريخ سامهون منهن مٿي ڪيئن ٿو ڪري سگھي جنهن کي رڳو پنهنجي فوجي طاقت ۽ بربريت تي ڀروسو هجي ۽ پر امن طريقن سان مسئلن جو حل ڳولهڻ جي صلاحيت ئي نه هجي.ان ڪري آمريڪا هر وقت تاريخ کان ڊنل نظر اچي ٿو.
تاريخ جو خوف ۽ ماضيء کي نئين سانچي ۾ وجھڻ جي ڪوشش پاڪستان ۽ هندستان به وڌي چڙهي ڪئي. پاڪستان ۾ ان عمل وڌيڪ تيزي جنرل ضياء جي دور ۾ اختيار ڪئي.جنرل ضياء خاص طور تي ڪوشش ڪئي ته نصابي ڪتابن ۾ اهڙيون تبديليون ڪيون وڃن جن سان حڪمرانن جا ڏوهه لڪي وڃن ۽ رڳو ڪارناما نظر اچن.قومي ويسر جي ان باضابطه عمل سبب پاڪستاني قوم 1971ع جي واقعن مان پار پئجي نه سگھي ۽ ان دور کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندي رهي.هندستان ۾ اهڙي ڪوشش ڀارتي جنتا پارٽي جي دور ۾ عروج تي پهتي توڙي جو هندستان ۾ تاريخ کي قلم بند ڪرڻ جي روش اڃا قائم آهي ۽ اتي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ تاريخ جي تلخين کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ قوم پرستي هيٺ سمورن ظلمن جو الزام ٻين قومن خاص طور تي مسلمانن تي وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.اهڙيء طرح بنگلاديش ۾ شروعاتي سالن ۾ عوامي ليگ جي سوچ هيٺ تاريخ لکي ويئي جنهن ۾ اولهه پاڪستان جو نالو هٽائي رڳو ”دشمن“ جو لفظ وجھي ڇڏيو ويو جنهن سبب نئين نسل جي گھڻن شاگردن سمجھيو ته شايد بنگلاديش جي جنگ پاڪستان سان نه پر هندستان سان ٿي هئي.جڏهن هڪ ڀيرو وري عوامي ليگ جو دور آيو ته تاريخ سازي جو عمل هڪ دفعو وري بدلجي ويو.اهڙيء طرح هر دور ۾ تاريخ سازيء جو عمل بدلبو رهي ٿو ۽ تاريخ ڪيئن لکي وڃي ان جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته ان وقت جو حڪمران طبقو ڪير آهي ۽ ان جون سوچون ۽ ترجيحون ڪهڙيون آهن؟ماضيء جا واقعا ۽ حالتون ته ظاهر آهي نٿيون بدلجن پر انهن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو انداز بدلجي وڃي ٿو.تاريخ لکڻ تي ڇڪتاڻ ڏکڻ ڪوريا،جاپان،چين ايستائين جو هر ملڪ ۾ ٿي آهي.چين ۽ جپان کي به هڪ ٻئي جي تاريخ نويسيء تي اعتراض آهن.هر ملڪ پنهنجن ڏوهن تي پردو وجھندو رهيو آهي ۽ پنهن جن خوبين جو چرچو ڪندو رهيو آهي.ڇا تڪليف ڏيندڙ، اذيتناڪ ۽ شرمناڪ ماضيء مان جان ڇڏائڻ گھرجي؟ ڇا ويسر هڪ اهڙو مرهم آهي جنهن سان تاريخ جا زخم ڀرجي وڃن ٿا؟ ڇا خود فريبي اعصابن لاء بهتر آهي ته جيئن انسان ذهني انتشار جو شڪار نه ٿي وڃي؟ڇا ياداشت ڪا بيماري آهي جيڪا انسان کي اڻ تڻ ۾ ڦاسائي ڇڏي ٿي؟ ڇا وساري ڇڏڻ سان گھاء هلڪا ٿي وڃن ٿا؟قومن جو رويو ته اٺ پکيء وارو ئي رهيو آهي.ماڻهو چوندا آهن ته سڙيل مردا اکيڙڻ مان ڪهڙو فائدو؟ رڳو آئيندي جو سوچڻ گھرجي.پر سوال اهو آهي ته ڇا ماضيء کي منهن ڏيڻ سواء اسان حال کي سمجھي سگھون ٿا؟اڄ جيڪي ڪجهه فلسطين ۾ ٿي رهيو آهي يا عراق،افغانستان يا ڪشمير ۾ ٿي رهيو آهي ڇا اسان ان کي سمجھي سگھون ٿا جيستائين ان معاملن جي تاريخ ۾ جھاتي پائي نه ڏسون.بلوچستان وفاق کان ڇو ناراض آهي؟ سنڌ پاڪستان سان ڇو ٿي گلا ڪري؟آپگھاتي حملا ڇو ٿا ٿين؟فرقيواراڻن ۽ لساني فسادن جا سبب ڪهڙا آهن؟ڇا انهن مان اسان ڪابه ڳالهه صحيح نموني سمجھي سگھنداسين جيستائين انهن مامرن جي تاريخ ۾ نه وينداسين؟جيڪر اسان پنهن جي حال کي سمجھي ئي نه سگھياسين ته ان ڳالهه جو ڀروسو ڪيئن ڪنداسين ته  اسان کي ڇا ڪرڻو آهي؟جيڪر ڪو شخص پنهنجي ياداشت وڃائي ويهي ته هو پنهنجي سڃاڻپ به وڃائي ويهندو آهي،هو پاڳل به ٿي سگھي ٿو ۽ کيس سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ڇا ڪري بلڪه هو پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويهندو آهي.اهڙيء طرح قومون به جڏهن پنهنجو ماضي وڃائي ويهن ته اهي پنهنجي سڃاڻپ به وڃائي ويهن ٿيون.
آخر ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر اسان اجتماعي ياداشت وڃائي ويهون ته ڇا اسان مستقبل کي سنواري سگھون ٿا؟ جهڙيء طرح حال جو دارومدار ماضيء تي هوندو آهي اهڙيء طرح مستقبل جو دارومدار به حال ۽ ماضيء تي ئي هوندو آهي.ڪالهه،اڄ ۽ سڀاڻي ٽيئي هڪ ٻئي سان هڪ زنجير جيان جڙيل ٿين ٿا،اها زنجير ٽٽي ته اسان ٽٽي وينداسين.ماضيء کي ياد رکڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي جو اسان ان مان سبق سکي سگھون ٿا.چوندا آهن ته تجربو بهترين استاد هوندو آهي پر جيڪر تجربن کي ئي وساري ڇڏيو وڃي ته اسان سکنداسين ڇا؟ اهو به چيو ويندو آهي ته جيڪي قومون پنهنجو ماضي وساري ويهن ٿيون اهي پنهنجون غلطيون ورجائڻ تي مجبور هونديون آهن.اڄ جيڪر اسان پنهنجو سمورو سرڪاري ريڪارڊ ساڙي مٽي ڪري ڇڏيون ته جيئن اسان جا سمورا ڏوهه گناهه مٽيء جي دز جيان هوا ۾ اڏامي وڃن ته سڀاڻي وڌيڪ ڏوهه ٿيندا.ڇا اسان گھرنداسين ته 1971ع جهڙو سانحو وري ورجايو وڃي؟جيڪر نه ته پوءاسان کي نه رڳو ماضيء کان فرار ترڪ ڪرڻو پوندو بلڪه انهن سمورين غلطين مان سکڻو پوندو جيڪي اسان گڏيل طور تي ڪيون ۽ ان ڳالهه جو عهد ڪرڻو پوندو ته اهڙيون  غلطيون  وري ٻيهر نه ڪنداسين!
(روزاني عوامي آواز)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو