Wednesday, May 1, 2019

زبان کان زبان درازيء تائين!



شفيق الرحمان شاڪر
ڪجهه ماڻهو نهايت ئي ٿورڙو ڳالهائيندا آهن،ايئن چئجي ته اهڙا ماڻهو ڳالهائڻ ۾ ڪنجوسي ڪندا آهن.انهن کان جڏهن به پڇيو وڃي ته ”اوهان ڳالهايو ڇو نٿا؟“ ته جواب ڏيندا ته ”اسين ڳالهائينداسين ته اوهان چوندو ته اوهين ڳالهايو ٿا.“ايئن به ٿيندو آهي ته اهي خاموش ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مرضيء سان ڳالهائيندا به آهن ته  ان انداز ۾ ڄڻ مردو ڪفن ڦاڙي گفتگو ڪري رهيو هجي.اها حقيقت آهي ۽ وڏڙن کان ٻڌو به آهي ته انسان جي زبان ۾ هڏي نٿي ٿئي.ان ۾ تمام گھڻي لچڪ ٿئي ٿي ان ڪري اها نهايت جلد بلڪه گھڻو ڪري ترڪي ويندي آهي.صبح جو جڏهن انسان ننڊ مان جاڳي ٿو ته سندس عضوا ۽ سنڌ چرپر شروع ڪري ڏين ٿا.انهن مان سڀني کان پهرين زبان پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ شروع ڪري ٿي.مرد حضرات جي زبان صبح جو ”بيگم ۽ چانهه” جي لفظن جي ميلاپ سان شروع ٿيندي آهي.اسان اڪثر پنهنجي زبان هلائڻ کان اڳ پنهنجي زبان کي تلقين ڪندا آهيون ته ڏسجانء! سڌي ڳالهه ڪرڻي آهي،ابتي ناهي ڪرڻي ۽ هر ابتي سڌي ڳالهه کان بچڻو آهي،جھڳڙو به ناهي ڪرڻو.جيڪر ايئن ٿيو ته سڀ خطا تنهنجي ڳڻي ويندي ۽ سزا وري اسان کي ڀوڳڻي پوندي.پر پوء به اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته ان ساڳي زبان مان بدزباني ٿي ويندي آهي .جيڪر توهان عمر ۾ يا مرتبي ۾ يا معيار ۾ ننڍا آهيو ته پوء بدزبانيء  تي هڪ اڌ ٿڦڙ به عنايت ٿي ويندي آهي.زبان کي قابوء ۾ رکڻ لاء اسان جي وات ۾ ٻٽيهه ڏند پهريدارجي حيثيت ۾ موجود هوندا آهن پوء به زبان پنهنجن ڪارنامن کان باز نٿي اچي.اڪثر اهو ٿيندو آهي جو اهي ٻٽيهه پهريدار به حيرت ۾ پئجي ويندا آهن ۽ ڪو ”زبان دراز“ شخص پنهنجي آڱر انهن جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پاڻ ”ڏندن ۾ آڱريون اچڻ“ جي صورت بڻجي ويندو آهي.
چيو ويندو آهي ته زبان مان نڪتل لفظ ۽ ڪمان مان نڪتل تير واپس نٿا ٿين.زبان اهو وحشي درندو آهي جنهن کي قابوء ۾ رکڻ نهايت ئي مشڪل آهي.ان ڪري خاموشيء کي عقلمندي چيو ويو آهي.علم جي صاحبن لاء ان کي زيور۽ جاهلن لاء پردو چيو ويو آهي.زبان جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا.مثال؛  ڪاري زبان،ڊگھي زبان،مٺي ۽ ڪڙي زبان،تکي زبان ڪينچيء وانگر هلندڙ زبان وغيره.ڪجهه ماڻهو لفظن جي چونڊ نهايت ئي سهڻي انداز ۾ ڪندا آهن شايد انهن کي ڪتاب پڙهڻ جي گھڻي عادت هوندي آهي.ڪجهه ماڻهو زبان داني گھٽين محلن مان به سکن ٿا پر شايد زبان هلائڻ کان بهتر خاموشي آهي.اهو اهڙو هٿيار آهي جنهن سان وڏا وڏا ماڻهو گھايل ٿي وڃن ٿا ۽ ٻئي کي ڍير ڪرڻ لاء اوهان کي چپ چورڻ جي ضرورت نٿي رهي.ٻيو ڳالهائي ڳالهائي يا ته پاڻ ئي چپ ٿي ويندو آهي يا وري پشيمان ٿيندو آهي ته مون ايترو ڪجهه چيو پر هي ته ڪجهه ڳالهائي ئي نٿو.پر جيستائين اوهين ڳالهايو نٿا ٻئي کي خبر نٿي پوي ته اوهين ڪيتري پاڻيء ۾ آهيو؟اسان جي ڏاهن جو چوڻ آهي ته ٻين کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو ڇو ته جڏهن ٻيا ڳالهائين ٿا ته ان وقت سندن شخصيت پڌري ٿي اوهان جي سامهون اچي ٿي بلڪه جيڪر ٻڌندڙ تجربيڪار هجي ته سندس سامهون ڳالهائيندڙ جو ڄڻ ته پورو خاندان ئي کليو وڃي.جاهل ماڻهو جيڪر عالمن جي محفل ۾ ويٺو هجي ته ان کي به عالم ئي سمجھيو ويندو آهي ۽ اها ڳالهه طيء ٿيل آهي ته ماڻهو گھڻو ڳالهائڻ واري طرف ڌيان نه ڏيندا آهن.انسان کي هر وقت بامقصد ۽ مثبت ڳالهه ڪرڻ کپي ۽ اهڙيون ڳالهيون عالمن کان ٻڌي يا ڪتاب پڙهڻ بعد ئي ڪري سگھجن ٿيون.اهو به صحيح آهي ته جڏهن انسان کي ڪم جون ڳالهيون ڪرڻ جي عادت پئجي وڃي ٿي ته پوء هو خاموش رهڻ شروع ڪري ڏئي ٿو.جهڙيء طرح انسان کي زندهه رهڻ لاء اناج جو زخيرو گڏ ڪرڻو پوي ٿو اهڙيء طرح بامقصد ڳالهه ڪرڻ لاء لفظن جو زخيرو گڏ ڪرڻو پوي ٿو.لفظن جو اهو زخيرو ذهين ۽ ڏاهن ماڻهن جي لکيل ڪتابن،اخبارن ۽ ميگزين پڙهڻ سان حاصل ڪري سگھجي ٿو.مثال آهي ته پهريائين لفظ ڳولهيو پوء ٻوليو.ڪجهه ماڻهو ڳالهائڻ ۾ نهايت ئي احتياط کان ڪم وٺندا آهن ته جيئن ماڻهو انهن کي سٺن لفظن سان ياد رکن پر ڪجهه ماڻهو انڌا ڌنڌ ڳالهائيندا ويندا آهن.زبان کي ڪنهن بي لغام گھوڙي جيان ڊوڙائيندا رهندا آهن.زبان ۾ هڏي ناهي ٿيندي ان ڪري شايد اها گھڻو تيز هلندي آهي نه ته جيڪر ايترو گھڻو ۽ تيز ڳالهائڻ تي هڏي ئي ٽٽي وڃي.
زبان جو هڪ قسم اهو آهي جيڪا اسان جي سياستدانن جي وات ۾ ٿئي ٿي.اهي اهڙا سياستدان هوندا آهن جيڪي ماڻهن کان ووٽ وٺڻ لاء انهن جا مسئلا حل ڪرڻ خاطر پنهنجي زبان ڏيندا آهن ۽ وعدا پورا ڪرڻ جي پڪ ڏياريندا آهن پر اقتدار جي ڪرسيء تي ويهڻ بعد اهي انهيء ئي زبان کي پنهنجي ڳالهين تان ڦرڻ لاء استعمال ڪندا آهن.هونئن اها زبان ڇا به ڪري گذري پر ان ۾ اهڙو تاثير ۽ جادو هوندو آهي جو ماڻهو هر بار وري ان ساڳي زبان تي اعتبار ڪري ويهندا آهن.انهيء کي اسان عام لفظن ۾ ”سياسي زبان“ به چئي سگھون ٿا.ڇو ته اها زبان سياسي هوندي آهي ان ڪري انهيء لاء ڪا به ڳالهه ڪرڻ تي ڪا به پابندي نه هوندي آهي.پنهن جن سياسي مخالفن تي تنقيدن، الزامن، طعنن، مهڻن کان ويندي بدڪلامي ۽ گارين تائين سڀ ڪجهه ان زبان جي سونهن هوندي آهي شايد اهو ئي جمهوريت جو حقيقي حسن آهي!

  
(روزاني هلال پاڪستان 29 اپريل 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو