Monday, May 3, 2021

هڪ زوال پذير قوم، قرآن جي روشنيء ۾.

شفيق الرحمان شاڪر

ٿورو غور ڪجي ته تڏهن اهي ڪهڙا سبب هئا جيڪي مسلمانن جي عظيم الشان ترقيء جو ڪارڻ بڻيا؟ علم،فن ۽ ايجادن ۾،تهذيب،ثقافت ۽ اخلاقي نظام جي ترتيب ۾ انهن پنهنجي ذهني ۽ دماغي برتريء جو اهڙو ثبوت ڏنو جو ڪو متعصب مورخ به انهن جو انڪار ڪري نه سگھيو.عالمي تاريخ جو اهو واقعو ڪيترو نه حيرت جوڳو آهي جو ڪنهن زماني ۾ مسلمانن نهايت ئي شاندار ترقي ڪئي ۽ پنهنجن ڪاميابين جو نقش تاريخ جي صفحن تي اهڙيء طرح چٽيو جو دنيا جون غير قومون سندن سامهون جھڪڻ تي مجبور ٿي وييون. انهن سبب کي معلوم ڪرڻ بعد ئي خبر پوندي ته وقت جي سختين کان سواء مختلف اندروني ۽ ٻاهرين سازشن سبب انهن حالتن ۾ ڪيترو ڏڦير ۽ زوال پيدا ٿيو ان جو نظارو اسان کي هن وقت سڄي دنيا ۾ ڏسڻ لاء ملي ٿو.اڄ اهي ئي مسلمان آهن جن تي اولهه جي طاقتن جو خوف ڇانيل آهي.انهن جو ايڪو وکري چڪو آهي ۽ اهي زندگيء جي هر ميدان ۾ ٻين قومن جا محتاج بڻجي چڪا آهن.سياسي طاقت هٿن مان وڃڻ جو ماتم ڇا ڪجي هاڻي ته مسلمانن مان اخلاقي قوت به ختم ٿي چڪي آهي.هزارن سالن تي ٻڌل ان داستان حسرت تي ڇا بحث ڪجي بس ڪجهه اهم ڳالهين طرف اشارو ڪري سگھجي ٿو.
انسان ۾ ٻن قسمن جي قوت ٿئي ٿي هڪڙي فڪري يعني سوچڻ سمجھڻ جي ،اها قوت دنيا جي شين جي حقيقت معلوم ڪري ٿي ۽ انهن جي هيئت ۽ ماهيت  جي کوجنا ڪري ٿي.ٻي قوت عملي ٿئي ٿي جيڪا فڪري قوت مطابق عمل ڪري ٿي.انهن ٻنهي قوتن جو تعلق انسان جي نفس سان آهي انهن ٻنهي تحريڪن جي وچ ۾ جڏهن بي اعتدالي پيدا ٿئي ٿي ته اخلاق تباهه ڪندڙ شيون پيدا ٿين ٿيون.جهڙيء طرح هر انسان اندر هڪ قوت فڪري ۽ ٻي عملي ٿئي ٿي ساڳيء طرح هر قوم جو هڪ مزاج ٿئي ٿو جنهن جي آئيني ۾ اها دنيا جي شين جو حسن ۽ بد صورتي ڏسي ۽ پرکي ٿي. پوء اهڙيء طرح پوري قوم هڪ عملي قوت ٿئي ٿي جنهن سبب قوم جا سڀ فرد متحد ۽ متفق ٿي ڪو ڪم ڪندا آهن.ان وقت انهن سمورن ماڻهن جي عقيدن ۽ عملن ۾ ٻڌي ۽ هڪجهڙائي پيدا ٿئي ٿي ۽ سڀني جي نگاهن جو مرڪز هڪ ٿي وڃي ٿو.ظاهر آهي ته ان قوم جي مزاج ۾ ڪو بگاڙ ناهي آيو ۽ ان جو دماغ ۽ عضوا تندرست آهن ته ان قوم جو هر قدم ڀلو ۽ هر عمل سٺو هوندو ۽ اها قوم دنيا جي سمورن انسانن لاء رحمت ۽ برڪت جو سرچشمو ثابت ٿيندي ۽ اها جنهن به طرف منهن ڪندي شر ۽ فساد جون سموريون اونداهيون هٽنديون وينديون.سموري اسلامي تعليم جو بنياد صرف ٻن شين تي آهي هڪ انساني عقيدو ۽ ٻيو انساني عمل ۽ ڪردار.عقيدي جو تعلق فڪري قوت سان جڏهن ته ڪردار جو تعلق عملي قوت سان آهي.اسلام جو بنيادي دستور يعني قرآن مجيد اول کان آخر تائين انهن ئي ٻن معاملن جي تشريح ۽ وضاحت سان ڀريل نظر اچي ٿو.ان ڪري اللہ تعاليٰ رسول ڪريم صلي اللہ عليه وسلم جن جي بعثت کي مومنن جي حق ۾ پنهنجو هڪ عظيم احسان جتائيندي ارشاد فرمايو ته ” اهو ئي ته آهي جنهن انهن ئي ماڻهن مان هڪ رسول موڪليو جيڪو کين الله جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ انهن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ کين قرآن ۽ دانائيء جون ڳالهيون سيکاري ٿو.انهيء کاقن اڳ اهي ماڻهو پڪي گمراهيء ۾ هئا“ اها ئي اها حڪمت آهي جنهن کي قرآن مجيد ۾ ”خير ڪثير“ فرمايو ويو آهي.هڪ آيت جو ترجمو آهي ته ” جنهن کي گھري تنهن کي دانائي عطا ڪري ٿو ۽ جنهن کي دانائي عطا ڪئي ويئي بيشڪ ان کي وڏي ڀلائي عطا ڪئي ويئي،۽ عقلمند ئي نصيحت قبول ڪن ٿا.“ 
علماء اخلاق مطابق ”وڏي دانائي“ مان مراد رڳو علم نه پر عمل به آهي.ڇو ته جيڪو علم عمل سواء هجي اهو وبال آهي ۽ جيڪو عمل علم سواء هجي اهو گمراهي آهي.قرآن مجيد هڪ اهڙو دستور عمل آهي جو نظري ۽ عملي ٻئي قوتون ان دستور جي روشنيء ۾ حرڪت ڪنديون ته حڪمت پيدا ٿيندي اهڙيء طرح دنيا جي جيڪا به قوم ان نموني سان قرآن کي پنهنجو دستور عمل بڻائيندي اها بيشڪ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ صالح،نيڪ ۽ ڪامياب ترين قوم بڻبي.اسان جي هاڻوڪي ذلت ۽ خواريء جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو اسان قرآن ۽ سنت جي حڪمن کي عملي طور تي وساري چڪا آهيون جنهن ڪري اسان جي اندر نه ته  ٻين قومن جي مقابلي جي سگھه آهي ۽ نه ئي حوصلو. نتيجي طور تي ذلت،ّخواري ۽ غلامي اسان جو مقدر بڻجي چڪي آهي.
سورت ڪهف ۾ فرمايو ويو ته ” ان شخص کان وڌي ڪري ظالم ٻيو ڪير هوندو جنهن کي سندس رب جون آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ۽ هو انهن کان منهن موڙي ڇڏي ۽ خراب انجام کي وساري ڇڏي.“  سوره فرقان ۾ فرمايو ويو ته ” ۽ رسول چوندو ته اي منهن جا پروردگار! منهن جي قوم ان قرآن کي وساري ڇڏيو هو.“ سورت آل عمران ۾ فرمايو ويو ته ” الله جي رسيء کي مضبوط جھليو ۽ پاڻ ۾ ٽولا ٽولا نه ٿيو ۽ پنهنجي مٿان الله جي ان احسان کي ياد ڪريو جو جڏهن اوهين هڪ ٻئي جا دشمن هئا پوء هن پنهنجي فضل سان اوهان جي دلين ۾ محبت وڌي ۽ اوهان هڪ ٻئي جا ڀائر بڻجي ويا.“ قرآن مجيد ۾ تمام واضح نموني ان ڳالهه جو اعلان ڪيو ويو آهي ته انسان جي خالق انسان کي زندگي گذارڻ جو جيڪو ضابطو عطا ڪيو آهي سو هڪ ئي آهي ۽ ان جو نالو ”اسلام“ آهي.ان دين جا سياسي عقيدا ۽ بنيادي اصول زمان ۽ مڪان جي اختلاف باوجود ازلي ۽ ابدي آهن ۽ الله تعاليٰ انسان کي بي مقصد پيدا ناهي ڪيو.جيئن سورت مومنون ۾ فرمايو ويو ته ” ڇا اوهان ان گمان ۾ آهيو ته اسان اوهان کي بنان ڪنهن مقصد جي پيدا ڪيو آهي ۽ واپس اسان جي طرف موٽي نه ايندا؟“  مسلمانن جي سماج کي مضبوط رکڻ لاء هر قسم جي فرقي بنديء کان منع ڪئي ويئي جيئن فرمايو ويو ته” انهن ماڻهن وانگر نه بڻجو جيڪي فرقن ۾ ورهائجي ويا ۽ هڪ ٻئي جي مخالفت ڪرڻ لڳا،انهيء کان پوء به جو انهن وٽ روشن دليل پهچي چڪا هئا،اهڙن ماڻهن لاء وڏو عذاب آهي.“ 
مسلمان اڄ به جيڪر قرآن مجيد جي ان دستور تي عمل ڪرڻ لڳن ته سندن ڏينهن ڦري سگھن ٿا ۽ وڃايل عظمت واپس ملي سگھي ٿي.دين جي نالي تي امت ۾ فساد پيدا ڪرڻ،مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ،نفرتون پيدا ڪرڻ ۽ پاڻ کان سواء ٻين مسلمانن جي توهين ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي ڪافر قرار ڏيڻ وارن معاملن مان جيستائين اسان ٻاهر نٿا اچون تيستائين نه ته اسلام جي ٻيهر غلبي جو خواب تعبير کي پهچي سگھي ٿو ۽ نه ئي مسلمان خواري ۽ ذلت جي ڌٻڻ مان نڪري سگھن ٿا.
(روزاني هلال پاڪستان 2 مئي 2021)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو