Sunday, May 15, 2016

سنڌ جي آڱرين مان ڇڻندڙ وجود جو درد ۽ دليلن جا وڄندڙ دُهل

شوڪت لوهار


زندگي جي سفيني مان ڪهڙي ڇانوَ ۽ ڪهڙي شهر جي اميد رکي سگهجي ٿي، جڏهن اُميد جا سڀئي ديپ دونهاٽجي وڃن، جڏهن چؤڏس صرف انڌيارو ئي انڌيارو هُجي، تڏهن ماڻهو سُڪل پَن جيان ڪنهن جي هاٿي پيرن هيٺان اچڻ سان جيڪا دانهن ڪري ٿو، اِها ڀلا ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ ايندي؟ هِي وجود جڏهن جَنڊ جي ٻنهي پڙن ۾ ان جيان پيسجي اٽو نه ٿئي تيستائين هي بي رحم زمانو ڪٿي ٿو ڇڏي، ڪيڏي نه اُساٽ آهي، گگهه اوندهه ۾ ڪٿان سُوجهري جي چڻنگ ٻرندي به ڪونه ٿي نظر اچي.
                              خبر ناهي ته اسان جي مقدر ۾ لکيل سُک جا ساهه ۽ تبسُمن جا تارا ڪهڙي هنڌ کڙيا هوندا، کڙيا به هوندا يا ڪنهن هاءِ جيڪ ڪري ورتا هوندا، ڪا خبر ناهي. ڪنهن سستي سگريٽ جهڙي ريت سڙندڙ هن بي موت مئل روحن جي داد ۽ فرياد به ڪو ٻڌي سگهي ها. اسان وٽ جهڙي نموني هر ساعت ساڙيندڙ گرمي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اِهو هاڻ ته ماڻهو جي ماسن کي ساڙي رهيو آهي، تهڙي ريت اسان سڀن جا لهجا ۽ وهنوار به ٿي پيا آهن، جيڪي زبان ۾ ٻانجهه ۽ پاٻوهه جي ٻولي بجاءِ پنهنجي زبان ۾ زهر ڀريل خنجر ۽ ٻه اڌ ڪندڙ تلوار کنيو پيا هلن.
هڪڙي پاسي تخت تي ويٺل شهنشاهه، بادشاهه، راجا ۽ راڻيون آهن، جيڪي هر وقت ڪئميرائن سامهون واڳون وارا ڳوڙها وهائي ۽ سنڌ تي احسانن جي مڻين مِٽي وجهي ان کي بهترين حڪمراني جي شاهي قبر ۾ سمهاري پنهنجي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جا داستان ٻڌائي گڦ ڳاڙي رهيا آهن. ٻئي پاسي عوام نالي هڪ رعايا آهي، جيڪا هِن نام نهاد ڊجيٽل دؤر ۾ به زندگي جي بنيادي شين کان وانجهيل آهي. سنڌ جي جسم ۾ ناسور بڻجي ويل ڏک هاڻي ته ايترا گهڻا ٿي ويا آهن جو ڪو پاڻي وارو جهاز به انهن جو وزن ڪونه ٿو کڻي سگهي.
سنڌ واسين جي جيون ۾ ڪوڪا ٺوڪيندڙ مهانگائي هجي، مترڪي جهڙا ڌڪ هڻندڙ بدامني هجي، جهير ڏيندڙ بُک هجي، يزيد واري دؤر جي تجديد ڪندڙ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو هجي، اِهي سڀ اهڙا لاعلاج مرض آهن، جيڪي هاڻ سنڌ جي سيني ۾ خوشحالي ۽ سرسبز سنڌ جي خواب جون اکيون ڪڍڻ لاءِ کوڙ آهن.
اخبارون روزانو آپگهات جي خبرن سان ٽٻ ٽار ملن ٿيون، ماڻهو درجنن جي صورت ۾ سنڌ ۾ شاهي روڊن ۽ رستن جي ٿيندڙ حادثن ۾ زندگيون وڃائي رهيا آهن، پر خبر ناهي ته واڳ ڌڻين کي ڪهڙي ديس جو سير ڪرايو وڃي ٿو، جتي زندگي گل گلزار آهي. ماکي جو نهرون وهن ٿيون، کيرن جون نديون هلن ٿيون، هر طرف برسات پئي ٿي، ماڻهو پينگهن ۾ لڏي رهيا آهن ۽ حورون انهن جي وات ۾ ڪارا انگور وجهي رهيون آهن؟
اِهي علائقا ۽ پرڳڻا خبر ناهي ڪٿي واقع آهن، جن جو نالو هرو ڀرو سنڌ جي نالي سان ڳنڍيو ويو آهي؟ سنڌ ته سراپا سور لڳي پيئي آهي. سنڌ جي حالت هينئر ته اهڙي ئي آهي، جهڙي طرح هندي فلمن ۾ ڪنهن ويران پليٽ فارم تي هٿ آيل ڪنهن اڪيلي خانا بدوش نينگري، جنهن کي پليٽ فارم تي پهتل وحشي صفت درنده ۽ غنڊه ان جي عزت ۾ هٿ وجهي ان کي هِن لوڪ ۾ زنده درگور ڪري ڇڏين ٿا ۽ زندگي جا باقي ڏينهن هُو وجود ۽ روح تي آيل رهڙن جي مرحم جي تلاش ۾ ٿورو ٿورو روز مري مري نيٺ هڪ ڏينهن بنا ڪفن دفن پوري ٿي وڃي ٿي.
سنڌ ۾ مَدد خان جي باقيات اڃا موجود آهي، جيڪا هِن گلشن ۾ ٽڙيل گلن جي سڳنڌ ۾ پريشان ٿي وڃي ٿي. هِن ديس مان نائون مل نوان روپ وٺي جنمي رهيو آهي، پر ڪِي اکيون هجن، جيڪي ڏسن ۽ هن دانهن جو ڪو داد فرياد ڪن. هُو جنهن اڃا ٽڙئي گلاب جي پنکڙي جو روپ ئي مس ماڻيو هو، اُها اڄ هِن وِهه جهڙي سماج جي انڌن اونڌن ويڄن جي غفلت ۽ لاپرواهي ان کان به وڌي ڪري چئجي ته پيٽ ڀرائي جو شڪار ٿي آهي، جنهن کي ها هن سنڌ جو سونهون بڻجڻو هو، اِها اڄ پاڻ پنهنجي وڃايل تشخص جي تلاش ۾ پنهنجا هٿ ۽ پير وڍائي سنڌ جي ايندڙ مستقبل جو استمارو بڻجي وئي آهي.
جي ها بدين جي رهواسڻ نائمه نياڻي جيڪا اڃا ٻاتا ٻول ٻولي ٻولي وک وک کڻڻ جهڙي ئي آهي، تنهن کي هن ديس جي ڪنهن ويڄ ڪُهي وڌو آهي. اطلاعن موجب هي نياڻي نماڻي نائمه خاصخيلي ڊائريا جي بيماري ۾ مبتلا هجي جو ڪنهن مٿي ڦريل ڊاڪٽر عرف ڪاسائي ان کي غلط سئي هڻي ڇڏي، نتيجي ۾ هُن جي هٿن ۽  پيرن مان ريشا وهن ٿا ۽ انجي آڱرين مان وجود جو ڦول ڇڻي رهيو آهي. نائمه جي پيءُ، ڀائرن ۽ چاچن وٽ سواءِ احتجاج جي ٻيو ڪو رستو ئي ڪونهي، هُو جنهن سرڪاري اسپتال وڃن ٿا، انهن جو علاج نٿو ٿئي.

ذاتي طور تي انهي خيال جو ٿي ويو آهيان جو سنڌ ۾ موجود سرڪاري اسپتالن ۾ موجود/ مقرر ڊاڪٽرن کي ڪجهه مهينن لاءِ حيدرآباد گدو بندر اسپتال ۾ واڙي سندن دماغ جو علاج ڪرايو وڃي ۽ سندن دماغ ۾ انسانيت نالي هِڪ ايپ وڌو وڃي، جنهن سان سندن دماغ صحيح ڪم ڪري سگهي. ٻي ڪا واهه ڪا ههڙا هاڃا ٿين هن ڀنڀور ۾. اسان وٽ جنهن کي مسيحا چئجي اُنهن جي ڪُڌي ڪاروبار جون ڪهاڻيون هاڻي ته سنڌ جي نصاب ۾ شامل ٿيڻ گهرجن. حالت اِها آهي جو جنهن به سرڪاري اسپتال وڃجي ٿو ته اُتي ويٺل ڊاڪٽر ڇتي وحشت وارو روپ ڌاري وٺي ٿو. پهريان ته ڊاڪٽر موجود ڪونه هجي ٿو، جيڪڏهن آهي ته ان جو رويو اهڙو هُجي ٿو، جيڪا مريض جي ذهن تي وڄ بڻجي ڪري ٿو. ساڳيو ڊاڪٽر يا ڊاڪٽرياڻي پنهنجي خانگي ڪلينڪ تي خنجر کي ماکي هڻي ڪري ويهي ٿي/ٿو ۽ اوهان جو الهه تلهه ڦري وٺن ٿا. هي بهروپ آخر ڪيستائين؟ هي انياءُ آخر ڪهڙي ڇيڙي تائين. هن جو حل ڇا آهي؟ ڇا سنڌ جو صحت کاتو واقع اهڙو بيمار ٿي ويو آهي جو هاڻ ان کي پاڻ به علاج جي ضرورت آهي. ڊاڪٽري جي ڊگري ۾ ڪٿي لکيل آهي جو اوهان کي ماڻهو مارڻ جو لائسنس مليل آهي، پر غريب ماڻهو ته هونئن ئي مئل آهي، پر اسان کي گهمندڙ ڦرندڙ نظر ٿو اچي، باقي ڪسر اِهي ڊاڪٽر نالي ڪاسائي پوري ڪري ٿا ڇڏين.
سرڪاري اسپتالن عرف موت ڏانهن وٺي ويندڙ مسافر خانن ۾ ڊاڪٽر ڪنهن عورت جو آپريشن ڪندي ان جي پيٽ ۾ قئنچيون ۽ ٻيا اوزار رهائي ڇڏين ٿا، ڄڻ اوهان ڪٻٽ ۾ چاٻيون وساري تالو ڏئي ڇڏيو هجي. محترم ڊاڪٽرياڻيون عرف ڊجيٽل آدم خورياڻيون غريب عورتن جا ويم ڪرڻ دوران انهن جي پيٽ ۾ ٽوال ۽ ڪپڙا ائين وسارين ٿيون، ڄڻ ڪو بس ۾ سودو وسري ويو هجي، اهي حساب ڪير ڪندو؟ آپريشن ڪندي ڊاڪٽرن جي گفتگو جو مرڪز اِهو هوندو آهي ته اوهان روزانو ڪيترا يونٽ ٺاهيو ٿا، يعني مريض ڏسو ٿا، پنهنجي خانگي اسپتال ۾ ڪٿي پلاٽ بڪ ڪرايا اٿو، فلاڻي دوائن جي ڪمپني ٿائلينڊ ۽ دبئي جا دورا وڌيڪ ڪرائي ٿي، انهن جي ايٽمن تي وڌيڪ هلايا وڃن وغيره.
هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ خانگي ويم گهرن نسلن جون نسلون تباهه ڪري ڇڏيون آهن. ڇا جڏهن عورتن جا آپريشن ڪونه ٿيندا هئا تڏهن ٻار پيدا ڪونه ٿيندا هئا؟ هي ڇا آهي؟ حالت اِها آهي جو حيدرآباد ۾ موجود آغا خان ميٽرنٽي هوم نالي هڪ ننڍڙو يونٽ آهي، جنهن ۾ اوهان وڃي پنهنجي پسند جو ويم ڪرايو. هربل، ڊيلڪس ۽ وي آءِ پي وغيره ٻارنهن هزار کان ويم شروع ٿي پنج ڇهه لک تي وڃي ڇيهه ڪري ٿو. حيدرآباد جي ڊاڪٽر مارڪيٽ جي صرف هِڪ الٽرا سائونڊ جي اٺ ڪلاڪن جي آمدني ٻه لک رپيا آهي. ڊاڪٽر نالي مخلوق ملڪ کي ٽيڪس ڏيڻ کان به آجي آهي. ڪو پڇڻ وارو ڪونهي، انهن کي جيئن وڻي تيئن ڪن، سواءِ چند ڊاڪٽرن کي ڇڏي جن ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ هڪ ٻه ٻيا نالا اچي وڃن ٿا، باقي ڊاڪٽرن جو هِي ڪاروبار هِڪ وڏي مافيا بڻيل آهي. سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي الڳ ڪهاڻي آهي، جيڪي خاص طور ڳوٺن ۽ واهڻن وستين ۾ ماڻهن جي رت پيئڻ تي مقرر ٿيل آهن. غريب اٻوجهه بي پهچ عوام جي ڪير ٻڌندو؟ ڪير به نه، جيڪي سُلطان راڻيون ۽ راجا انگلستان ۽ اُندلس ۾ رهيا پليا وڏا ٿيا، اهي سنڌ جي هِن نياڻي نائمه جي داد فرياد ڪٿي ٿا ٻُڌن، انهن جو اِهو احسان ئي کوڙ آهي جو هُو اسان جي هڏن جو چورو ٺهرائي چونڊيل نمائندن ۽ پنهنجي ڪامورن کي کارائين ٿا. نائمه جي هٿن ۽ پيرن مان وهندڙ وجود سنڌ جي تمثيل آهي. اڄ سنڌ کي به اهڙي ئي ڪنهن انڌي ڊاڪٽر سئي هنئي آهي جو ان جو وجود ان جي آڱرين مان ريشو ڇڻي رهيو آهي.
سنڌ جا باغ باغيچا، سنڌ جون واهڻ وستيون اهڙي مسيحا کي ساري رهيون آهن، جيڪو سندن ڳل تان ڳوڙها اگهي ۽ مٿي تي هٿ رکي سنڌ جا ضلعا ظالم وڏيرن ۽ ان سان برميچ ٿيل ٿاڻيدارن ۽ ڪامورن کان آزاد ڪرائي سنڌ جي شفا خانن کي حقيقتن ۾ شفاخانا بڻائڻ جي ضرورت آهي. نائمه جي هٿن ۽ پيرن مان وهندڙ ريشا انسانيت کي لڄائيندڙ آهن، ان ڪري ڊاڪٽرن جو قبلو درست ڪرڻ لاءِ ڪي تڪڙا اُپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي.
                                                                                                                    

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو