Friday, December 22, 2023

ايندڙ چونڊون ۽ فرار جي ڪيفيت.


 

شفيق الرحمان شاڪر

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ پاڪستان تحريڪ انصاف جنھن کي سندن حڪومت جي خاتمي بعد سمورن سياسي پارٽين کان وڌي ڪري نين عام چونڊن جي تڪڙ ھئي سا ھاڻ مختلف حيلن بھانن سان چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي منصوبي جو حصو ڪيئن بڻجي ويئي آھي؟ حالانڪ جڏھن عمران خان حڪومت تحريڪ عدم اعتماد جي نتيجي ۾ ختم ٿي ھئي تہ خان صاحب جي زبان تي صبح سانجهيء ھڪڙو ئي راڳ ھو تہ جلد کان جلد ٻيھر عام چونڊون ڪرايون وڃن جنھن مقصد لاء ھو نہ رڳو عدالتن ۾ بہ ويو پر پنجاب توڙي ڪي پي ۾ پنھنجون حڪومتون بہ پنھن جو پاڻ ختم ڪرائي ڇڏيائين،ھاڻي جڏھن عام چونڊن جو شيڊول بہ جاري ٿي چڪو آھي تہ خان صاحب چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاء مختلف عدالتن جا در کڙڪائيندي نظر اچي ٿو.تحريڪ انصاف جي ھڪ اھم وڪيل ۽ عھديدار گذريل ھفتي لاھور ھائيڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي تہ اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ عدليا مان رٽرننگ آفيسر مقرر ڪرڻ بدران انتظاميہ مان مقرر ڪيا آھن جنھن ڪري چونڊون صاف ۽ شفاف نہ ٿي سگهنديون.ھميشہ جيان لاھور ھائي ڪورٽ تحريڪ انصاف جي ھا ۾ ھا ملائيندي اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ھڪ لارجر بينڇ جي جوڙجڪ ڪئي ويئي تہ جيئن چونڊن واري عمل کي پوئتي ڌڪيو وڃي،حالانڪ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اٽارني جنرل کي وچ ۾ آڻي چونڊن جي تاريخ 8 فيبروري مقرر ڪرائي ھئي ۽ اھو بہ واضح ڪيو ھو تہ چونڊن جي اھا تاريخ پٿر تي لڪير سمجهڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ وھم گمان پکيڙڻ جي ڪنھن کي بہ اجازت نہ ڏني ويندي. جيڪر ڏٺو وڃي تہ انھن حالتن ۾ ھڪ بھتر فيصلو ھو جو ڪيتريون ئي ڌريون ھر قيمت تي چونڊن جي عمل کي ھڪ ڊگهي عرصي تائين پوئتي ڌڪڻ واري منصوبي تي پنھن جو پورو زور لڳائي رھيون ھيون.بجاء ان جي جو تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي ان ٽياڪڙيء واري عمل جي مڪمل حمايت ڪري،انھن ان عمل کي روڪڻ لاء پنھن جو زور لڳائڻ شروع ڪري ڏنو.جڏھن لاھور ھائي ڪورٽ جو چونڊن ۾ رڪاوٽ جي حوالي سان اھو فيصلو سامھون آيو تہ انھيء ئي ڏينھن سپريم ڪورٽ جي ھڪ ٽي رڪني بينچ اھو فيصلو رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کي ترت اليڪشن جو شيڊول جاري ڪرڻ جون ھدايتون ڏيئي ڇڏيون جنھن ڪري تحريڪ انصاف توڙي ڪجھ ٻين ڌرين کي مايوسيء جو منھن ڏسڻو پيو.لاھور ھائي ڪورٽ سان رجوع ڪندڙ انصافي اڳواڻن کي نادان دوست چئجي يا داناء دشمن پر انھن عام ماڻھن ۾ اھو تاثر پکيڙڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ ڪا بہ ڪثر نہ ڇڏي تہ تحريڪ انصاف کي چونڊن ۾پنھن جي ڪاميابيء جو ڪو ڀروسو ناھي.ٻئي طرف دعوائون اھي پئي ڪيون وييون تہ تحريڪ انصاف جي جيڪا عوامي مقبوليت آھي ان مطابق اھا چونڊن ۾ ٻہ ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري وٺندي.ان ۾ ڪو شڪ نہ ھئڻ گهرجي تہ تحريڪ انصاف جو ھڪ مضبوط ووٽ بينڪ اڄ بہ موجود آھي پر تحريڪ انصاف ھن وقت جن ڏکين حالتن مان گذري رھي آھي تڏھن رڳو ھمدرديء جي بنياد تي چونڊن ۾ ڪا فيصلائتي ڪاميابي ماڻڻ ڪو آسان ڪم نُہ ٿيندو.عمران خان سان گڏوگڏ ڪيترائي اھم انصافي اڳواڻ عملي طور تي سياسي ميدان کان آئوٽ ٿي چڪا آھن ۽ صاف نظر اچي پيو تہ تحريڪ انصاف کي سياسي عمل توڙي ايندڙ چونڊن ۾ کيڏڻ لاء مناسب ميدان نہ پيو ڏنو وڃي،انھن حالتن ۾ خان صاحب لاء واحد سھارو ملڪي عدليہ توڙي اسٽيبلشمينٽ ۾ ويٺل سندس ڪجھ ” ھمدرد“ آھن جيڪي بہ بد قسمتيء سان بدليل حالتن ۾ ھن لاء ڪو موثر ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر نظر اچن ٿا.انھن حالتن ۾ ايندڙ چونڊون تحريڪ انصاف جي لاء ڪھڙو سوڻ ثابت ٿينديون في الحال ڪجھ اڳڪٿي ڪري نٿي سگهجي پر حالتون ٻڌائين ٿيون تہ مقتدر ڌرين موجودھ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف خاص طور تي خان صاحب کي ھر صورت ۽ ھر قيمت تي ٻاھر رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي ۽ في الحال ان فيصلي تي نظرثانيء جي ڪا گنجائش نظر نٿي اچي،ٻئي طرف ايندڙ چونڊن ۾ جن کي اڳيان آڻڻ جون تياريون ٿي رھيون آھن انھن جي باري ۾ بہ سوين شڪ شبھا ۽ انومان اتي جا اتي موجود آھن ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي تہ ڪنھن بہ طرح ”مائينس ون“ وارو فارمولا لاڳو ڪري ڪا سڪون جي بانسري وڄائي وڃي پر اھو معاملو بہ ايڏو سادو ۽ سولو ثابت نہ ٿيندو. ميان صاحب ڪيتري سھپ ۽ صبر جو مظاھرو ڪندو؟ شھباز جو شوق پورو ٿيندو يا نہ، پيپلز پارٽي،استحڪام پاڪستان پارٽي،پرويز خٽڪ گروپ، ايم ڪيو ايم،جي يو آئي جو ايندڙ سياسي عمل ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو حصو پتي ھوندو.اھي سڀ سوال اڃا حل طلب آھن.سڀني شڪن شبھن ۽ مونجهارن باوجود اھو تھ واضح ٿي چڪو آھي تہ ايندڙ چونڊون پنھن جي مقرر تاريخ تي ئي ٿيڻيون آھن ۽ سپريم ڪورٽ جي ھاڻوڪي چيف جسٽس جي موجودگيء ۾ چونڊن جي عمل کي ڪنھن بہ طرح متاثر ڪرڻ واري ڪابہ حرڪت ڪامياب ٿيندي نظر نٿي اچي.انھِ پس منظر ۾ ھڪ دلچسپ سياسي صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي.اھڙيون چونڊون جن کان ڀڄي بھ نٿو سگهجي پر بنان ڪنھن خوف ۽ خطري جي اطمينان سان انھن ۾ شامل ٿيڻ لاء بہ ڪيتريون ئي ڌريون تيار نظر نٿيون اچن!

(روزاني عوامي آواز 20 ڊسمبر 2023ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو