Thursday, January 28, 2016

يمن ۾ ڀڙڪيل باھ تي تيل ڪير پيوهاري ؟

يمن ۾ ڀڙڪيل باھ تي تيل ڪير  پيوهاري ؟
شفيق   شاڪر
مارچ 2015ع کان سعودي عرب طرفان يمن تي ڪيل بمباري جي نتيجي ۾ هن وقت تائين اٽڪل ڏھ هزار ماڻهو مري چڪا آهن جن ۾ 630 ٻار به شامل آهن.هن وقت تائين اها انساني حقن جي حوالي سان ٿيل تمام وڏي خلاف ورزي آهي جو مرندڙن جو تعداد ڏينهن ۾ 43 بيهي ٿو جڏهن ته روزانو مرندڙ ٻارن جو تعداد ڏھ آهي.يونيسيف جي چوڻ مطابق ٽيهتر سيڪڙو ٻارن جي موت جو سڌو سنئون سبب سعودي عرب طرفان ٿيندڙ اهي هوائي بم حملا آهن.شهري حدفن کي بار بار نشانو بنايو وڃي ٿو.هڪ پناهگير ڪيمپ کي به نشانو بنايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو مري ويا جڏهن ته 200 کن زخمي ٿيا. گذريل آڪٽوبر ۾ هڪ اسپتال کي به نشانو بنايو ويو هو.انهيء کان سواء اسڪول،مارڪيٽون، اناج جا گودام، هوائي اڏا ۽ هڪ شيشي جي فيڪٽري به انهن حملن جو نشانو بڻجي چڪي آهي.انهيء ۾ ڪو شڪ ناهي ته بين الاقوامي قانون هيٺ اهي سڀ جنگي ڏوھ شمار ڪيا وڃن ٿا.شهري آبادين کي بمن جو نشانو بنائڻ جي ڏوھ سان گڏوگڏ ٻيو سنگين ڏوھ اهو ٿي رهيو آهي جو اهڙو ملڪ جيڪو پنهنجي کاڌي جون نوي سيڪڙو شيون ٻاهران گھرائي ٿو، ان جي ٻاهران ايندڙ سڀ رسد بلاڪ ڪئي ويئي آهي جنهن ڪري اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي.گذريل آگسٽ ۾ آڪسفيم خبردار ڪيو هو ته اٽڪل هڪ لک ٽيھ هزار ماڻهو بک کان بدحال بنجي کاڌي جي لاء ڪا نه ڪا شيء ڳولهي رهيا آهن.اهو بک وگھي تڙپندڙ ماڻهن جو وڏي ۾ وڏو تعداد آهي جيڪو اڄ تائين سامهون آيو آهي.آڪٽوبر 2015ع ۾ انٽرنيشنل ريڊ ڪراس جي سربراھ يمن تي تبصرو ڪندي چيو هو ته “ جيڪا حالت شام جي پنجن سالن ۾ ٿي آهي يمن جي اها حالت صرف گذريل پنجن مهينن ۾ بڻجي ويئي آهي.”
انهيء کان ايندڙ مهيني يعني نومبر ۾ اقوام متحده جي جاري ڪيل رپورٽ مطابق
“ يمن ۾ هڪ لک چاليھ هزار ماڻهو اهڙا آهن جيڪي بيمار آهن پر انهن کي علاج جي ڪا سهوليت ميسر ڪانهي ۽ پوري آباديء جا اسي سيڪڙو يعني ٻه لک ڏھ هزار ماڻهو انساني امداد جا محتاج آهن. خدشو آهي ته اٽڪل هڪ لک نوي هزار ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صفائيء جي سهوليتن کان محروم ٿي چڪا آهن ۽ اٽڪل پنجويھ لک ماڻهو پناهگير بڻجي چڪا آهن.”
برطانوي حڪومت طرفان اهڙا بيان سامهون اچن ٿا ته جن مان ايئن ٿو لڳي ته انهن کي يمن جي حالتن تي شديد ڳڻتي آهي ۽ ان کي اتان جي مصيبت ۾ ڦاٿل عوام سان وڏي همدردي آهي پر اهو معاملي جو صرف هڪ منافقاڻو رخ آهي.حقيقت اها آهي جو جنهن ڏينهن تي سعودي حڪمرانن يمن تي اها ڪاروائي شروع ڪئي هئي ان کان ٻئي ڏينهن تي برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون سعودي بادشاھ کي ذاتي طور تي فون ڪري کيس يمن ۾ سندس انهيء ڪاروائيء تي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو هو.پوين ايندڙ مهينن ۾ برطانيه طرفان سعودي عرب کي وڏي پيماني تي انهيء ڪاروائيء جي لاء جنگي هٿيار وڪڻڻ واري معاملي ان حقيقت تان پردو کڻي ڇڏيو ته دنيا ۾ انساني حقن جي چيمپيئن سڏائيندڙ برطانيا کي يمن جي معصوم ٻارن جي جان کان وڌيڪ فڪر پنهن جا بم ۽ هٿيار کپائڻ جو آهي ۽ هو ان معاملي ۾ آمريڪا کي به اڪيلو ڇڏي ويو.يمن تي بمباري شروع ٿيڻ کان پوء برطانيا هٿيار ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ جا هڪ سو کان مٿي  نوان لائسنس جاري ڪري چڪو آهي ۽ صرف 2015ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ برطانيا پوڻن ٻن بلين پائونڊس جا هٿيار سعودي عرب سان وڪيا.انهن هٿيارن ۾ گھڻائي ايئر ڪرافٽس ۽ فضائي ميزائيلن جي آهي ۽ انهن ۾ هزار کان مٿي بم به شامل آهن، انهي کان سواء سعودي ايئر فورس جو اڌ حصو برطانيا جي ٺهيل جيٽ جهازن تي مشتمل آهي. انڊپينڊنٽ اخبار موجب“ برطانيا طرفان مهيا ڪيل جهاز ۽ برطانيا جا ٺهيل ميزائيل ئي يمن ۾ سعودي قيادت هيٺ ڪاروائي ڪندڙ نون ملڪن جي فوج طرفان ٿيندڙ روزمره جي حملن ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا”
خيراتي ۽ امدادي ادارا ان ڳالھ تي متفق آهن ته يمن جي عوام جي هلاڪتن، مصيبتن ۽ تڪليفن جي لاء برطانوي حڪومت سعودي عرب سان گڏ هڪجهڙي ذميدار آهي.آڪسفيم جي چيف ايگزيڪيوٽو “مارڪ گولڊرنگ ” مطابق “ برطانوي حڪومت يمن ۾ اهڙي بحران تي تيل هاري رهي آهي جيڪو بحران ناقابل برداشت انساني الميي جو سبب بڻجي رهيو آهي.وقت اچي ويو آهي ته برطانوي حڪومت ان جنگ جي حمايت ڪرڻ بند ڪري.”
برطانيا جي ايمنيسٽي انٽرنيشنل جي ڊائريڪٽر،“ڪيٽ ايلن ”جو چوڻ آهي ته “ برطانيا پنهنجن هٿيار وڪڻڻ جي حوس ۾ خود پنهن جي ملڪي قانون توڙي هٿيار وڪڻڻ جي بين الاقوامي معاهدي جي به کلم کلا خلاف ورزي ڪئي آهي جنهن جو هو پنهنجو پاڻ کي چيمپيئن سڏائيندو هو.مختلف قانوني راين ان نڪتي کي پختو ڪري ڇڏيو آهي ته برطانيا طرفان سعودي عرب کي وڏي پيماني تي هٿيار وڪڻڻ غيرقانوني،غيراخلاقي ۽ ناقابل معافي ڏوھ آهي.”
ممتاز قانوندان جن ۾ “فلپ سينڊز” به شامل آهي انهن جو چوڻ آهي ته “ برطانيا اهڙا جنگي هٿيار وڪڻي سڌي سنئين بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي جڏهن جو هو ڄاڻي پيو ته اهي هٿيار سنگين جنگي ڏوهن لاء استعمال ڪيا ويندا”
هاڻي ڳالھ اها آهي جو برطانيا جا رڳو هٿيار ئي ان جنگ ۾ استعال نه ٿي رهيا آهن پر اسڪائي نيوز مطابق “ برطانيا جا ڇھ وڏا جنگي ماهر به يمن ۾ ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ ۾ سعودي فضائيه سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهن.” وڌيڪ اهو به ته اخبار “دي ويڪ” مطابق برطانوي فوج جا چورانوي آفيسر ملڪ کان ٻاهر ڊيوٽين تي مقرر ڪيل آهن،اهي ڪٿي ڪم ڪري رهيا آهن،برطانوي حڪومت انهن جي باري ۾ ڪجھ به ٻڌائڻ لاء تيار ڪانهي.اهو سمجھيو وڃي ٿو ته اهي فوجي آفيسر به سعودي فوج سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهن.”
سڄي بحث جو خلاصو اهو ته سعودي عرب طرفان يمني عوام تي ٿيندڙ بمباريء ۾ برطانيا ان جو وڏي ۾ وڏو سهولتڪار آهي.برطانيا هڪ ئي تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جي حڪمت عمليء تي ڪم ڪندي نظر اچي ٿو. پنهن جا گھڻي ۾ گھڻا هٿيار وڪڻڻ ۽ سعودي حڪمرانن وانگر ساڳي خواهش هئڻ ڪري ته ڪنهن به طرح ايران کي ڪنڊائتو ڪيو وڃي ۽ ايران جي زير اثرحوثي باغين جي پاڙ پٽي وڃي پوء ڀلي هوثين جي بدران القائده يا داعش اڳيان اچي وڃن،برطانيا توڙي سعودي عرب  مستقبل ۾پيدا ٿيندڙ انهن امڪاني سنجيده خطرن کي في الحال نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي!

 روزاني سنڌ 28 جنوري 2016ع

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو