Saturday, January 9, 2016

هن الميي جا اهي ئي اڪيلا ذميدار آهن!

هن الميي جا اهي ئي اڪيلا ذميدار آهن

شفيق شاڪر


يورپ کي هنن ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ويڙهي ويل پريشاني اها آهي ته ٻين ملڪن مان سندن ملڪن ۾ داخل ٿيندڙ لکين پناهگيرن کي ڪيئن روڪيو وڃي.هڪ اندازي مطابق هر سال اٽڪل ٽي لک پناه گير يورپ جو سفر اختيار ڪن ٿا جن مان اڪثريت وچ اوڀر ۽ آفريڪي ملڪن سان تعلق رکي ٿي.انساني حقن جي لحاظ کان انهن لکن انسانن جو پنهنجا گھر ڇڏي در در جا ڌڪا کائڻ تمام اهم معاملو آهي جنهن کان نام نهاد سڌريل دنيا اکيون بند ڪري رکيون آهن.اهو مسئلو ڇو سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي؟ ان جو وڏي ۾ وڏو سبب مغربي ملڪن طرفان ٻين ڪمزور رياستن ۾پنهنجن مڪروه مفادن جي لاء هر طرح جي مداخلت ڪرڻ ٻڌايو وڃي ٿو.مغرب جي اهڙين پاليسين جي نتيجي ۾ انهن ملڪن جون جاگرفيائي حدون تبديل ڪرڻ جون ڪوششون عروج تي آهن انهيء ئي سلسلي ۾ انهن ملڪن ۾ وقت جي حڪمرانن جي خلاف اٿيل نام نهاد بغاوت جو تحريڪون،انهن ملڪن ۾ ٿيندڙ ويڙھ ۽ خانه جنگي توڙي اتي مظبوط ٿيندڙ  دهشتگرد تنظيمون اهو سڀ ڪجھ هڪ ڊگھي گيم پلان جو حصو معلوم ٿئي ٿو.سوچڻ جي ڳالھ اها به آهي ته جن ملڪن ۾ ڪا سياسي عوامي حڪومت پنهنجو ڪم اڃا مس شروع ڪري ٿي ته ان حڪومت کي به بغاوت جي ذريعي ڪيرائڻ جي ڪوشش انهن جمهوريت جي دعويدار ملڪن طرفان ڇو ٿي ڪئي وڃي؟انهن ڪريل حرڪتن جو نتيجو ظاهر آهي ته اهوئي نڪرڻو آهي جو عوام جي حقيقي نمائندگي رکندڙ جماعتون ديوار سان لڳي آئسوليشن ۾ هليون وينديون ۽ انهن جو خال اهي دهشتگرد ۽ انتها پسند ڀريندا يا وري اهڙيون حڪومتون وجود ۾اينديون جيڪي اتان جي عوام جي جذبن ۽ احساسن جي نمائندگي ڪرڻ بدران انهن مغربي ملڪن جي سياسي،سماجي ۽ تجارتي مفادن جي حفاظت لاء پنهن جن ئي ماڻهن تي گوليون وسائينديون هجن.اهڙي معاشري جو ڇا حشر ٿيڻو آهي! اهوئي ته ماڻهن جو محرومي ۽ نفرت جو احساس وڌي وڃي، معاشري ۾ تشدد جا رجحان وڌن ٿا ۽ مانهن جو پنهنجي ئي ملڪ ۾ ساھ گھٽجڻ لڳي ٿو جنهن ڪري لکين ماڻهوپنهنجا ملڪ ڇڏي ٻين ملڪن ۾پناھ ڳولهڻ تي مجبور ٿين ٿا. انهيء دوران اهي ڪهڙي اذيت ۽ آزار واري ڪيفيت مان گذرن ٿا ان جو اندازو انهن نام نهاد سڌريل ملڪن کي هجي ها ته اهي انهن مجبور ۽ مونجهاري جو شڪار بڻيل انسانن جي لاء پنهنجن ملڪن جون سرحدون سيل نه ڪن ها! ماضيء ۾ اها صورتحال ڪمبوڊيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ جڏهن آمريڪا بي گناه ماڻهن تي ڪارپيٽ بمن جو وسڪارو لاهي ڏنو هو پيدا ٿي هئي ۽ اهو ئي سڀ ڪجھ هاڻي شام ۾ ٿي رهيو آهي. اهي ماڻهو جن جو سڀ ڪجھ لٽجي چڪو هجي ۽ جيڪي صرف پنهنجي ۽ پنهنجن ٻچن جي جان بچائڻ لاء ٻن وقتن جي مانيء ۽ رهڻ لاء ڪنهن اجھي جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هجن پر دنيا جي نام نهاد مهذب ۽ پنهنجي پر ۾ سڌريل ملڪن طرفان انهن جي لاء در بند ڪرڻ اهڙو غيرانساني ۽ ظالماڻو ڏوه آهي جنهن تي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جھڪي وڃي ٿو.ٽين دنيا کي انساني حقن ۽ اخلاقي آدرشن جو صبح سانجھيء سبق پڙهائيندڙ انهن عالمي وڏيرن جي اهڙي عظيم منافقت ۽ ٻٽي پاليسيء تي جيترو ماتم ڪجي گھٽ آهي.وري ان معاملي تي اهي اهڙي ته معصوميت سان تشويش ۽ ڳڻتيء جو اظهار ڪري رهيا آهن ڄڻ ته هنن ويچارن کي ڪا خبر ئي ڪانهي ته اهو فصل ڪنهنجي ڇٽيل ٻج مان ڦٽي نڪتو آهي!صرف چند سالن ۾ شام جا اٽڪل ويھ لک پناھگير رڳو لبنان جهڙي ننڍڙي ملڪ ۾ ڌڪا کائي رهيا آهن.لکين شامي عراق.اردن ۽ ترڪيء ۾ سور کائي رهيا آهن. اهڙيء طرح اتر ۽ وچ آفريڪا جي ملڪن مان نڪتل لکين پناهگير سڌو سنئون يورپ جو رخ ڪري رهيا آهن.ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ پوري انسانيت نقل مڪانيء جو شڪار ٿي چڪي آهي. شايد مغربي ماڻهن کي اهو اندازو ئي ڪونهي ته انهن جي نام نهاد روشن مستقبل جي خواب جي پويان ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ماڻهن جي زندگين جا ڏيئا وسائبا ٿا وڃن ۽ سندن عيش عشرت جي تاج محل جي هيٺان لکين بي گناه انسانن جالاش دفن ٿيل آهن! مغربي ملڪن جون ٻين ملڪن ۾ مداخلتي ڪاروائيون ڪا اڄ جي ڳالھ ناهي.ڪنهن زماني ۾ ڪانگو ۾ هڪ عظيم عوامي ليڊر پيٽرائيس لامبا جي حڪومت خلاف به اهڙي سازش سٽي کيس قتل ڪيو ويو. اهوئي 1953 ۾ايران، 1965 ۾ انڊونيشيا ۽ 1973۾ چليء ۾ ورجايو ويو.پري نه وڃو،1995 ۾ انهن روانڊا ۽يوگنڊا ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه ڪيس ڪيا!حڪومتن کي لاهي ڦٽو ڪيائون ۽ لکين بي گناھ ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيائون. هن وقت دنيا جي ملڪن ۾ پکڙيل ڪانگو جي پناھگيرن جو وڏو الميو آهي.اهي ميڊيا ۽ اخبارن جي دنيا کان پري جانورن کان به بري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.نه ڪو انهن جي چهرن تي ڇانيل بيوسي ڏسي سگھي ٿو ۽ نه ئي انهن جي چور چور ٿيل خوابن جو ئي تجزيو ڪري سگھي ٿو.اهي جيڪي يورپي دنيا جي نظر ۾ پناهگير آهن پر حقيقت ۾ اهي انسانيت طرفان انسانيت تي ڪيل سنگين ظلم جي ڀيانڪ تصوير بڻيل آهن. اهي نپوڙجن پيا،سسڪن پيا،سڏڪن پيا ۽ لٽجن پيا ۽ آخرڪار  سور کائي مري وڃن ٿا. انهن جو ريپ ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن کي ڊيڄاريو ۽ هيسايو وڃي ٿو.نه ڪو انهن جي بنيادي حقن جي ڳالھ ڪري ٿو ۽ نه ئي انهن جي لاء ڪنهن معاوضي جي صدا بلند ڪري ٿو.هڪ اندازي مطابق  1995ع کان اڄ تائين ڪانگو جي انهن بي سهارا ماڻهن جي موت جو انگ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ تائين پهچي وڃي ٿو.اهڙيء طرح سوماليا جي پناهگيرن جي لاء به مغربي ملڪن کي ڪابه ڳڻتي ناهي. اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن کي جمهوريت،اظهار راء جي آزادي ۽ انساني بنيادي حقن جا ڀاشڻ ڏيندڙ مغربي دنيا جا حڪمران خبر ناهي اهو ڪڏهن تسليم ڪندا ته اڄ دنيا جنهن جهنم جو نمونو پيش ڪري رهي آهي اهو نمونو ڪنهن ٻئي نه پر خود انهن جو پنهنجو ڊزائين ڪيل ۽  ٻين  ملڪن ۾پنهنجن غلام حڪمرانن سان گڏجي تعمير ڪيل آهي ۽ انسانيت جي انهن عظيم المين جا اهي ئي اڪيلا ذميدار آهن!
روزاني سنڌايڪسپريس 9 جنوري 2016ع

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو