Wednesday, January 27, 2016

نيشنل ايڪشن پلان تي حڪومت جي سنجيدگيء جو حال!

نيشنل ايڪشن پلان تي حڪومت جي سنجيدگيء جو حال!
شفيق شاڪر
نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان موجوده حڪومت جيترا گيت ڳائي ٿي ، جيتري ان پلان جي تعريف ڪري ٿي۽ جيترو ان پلان جي اهميت بيان ڪري ٿي ته عوام ان غلطفهميء جو شڪار بڻجي وڃي ٿو ته شايد حڪومت صبح سانجھيء ان پلان تي عمل درآمد لاء پنهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي ۽ تاثر به اهو ڏنوپيو وڃي ته حڪومت وڏو ڪم ڪري رهي آهي.ميڊيا ۾ به ڪجھ تجزيي نگار بار بار نواز شريف کي ان پلان تي عمل درآمد ڪرائڻ لاء  خراج  تحسين پيش ڪندي نٿا ٿڪن پر حقيقت ان جي خلاف آهي.جيڪر حقيقت پسنديء سان جائزو ورتو وڃي ته نيشنل ايڪشن پلان جي ويهن نڪتن مان صرف پنجن نڪتن تي پورو يا جزوي عمل ٿي سگھيو آهي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته پوري پلان جي صرف 25 سيڪڙو نڪتن تي اڄ تائين پورو يا جزوي عمل ٿيو آهي جڏهن ته 75 سيڪڙو نڪتا جيئن جو تيئن بنان ڪنهن اڳڀرائيء جي صرف ڪاغذن جي زينت بڻيل آهن.وري جن نڪتن تي عمل ٿيو به آهي ته انهن جو تعلق سڌو سنئون فوج يا گھرو وزارت سان آهي باقي جن شين جو تعلق خود وزيراعظم سان يا ٻين وزارتن سان آهي انهن تي ذرو به عمل نه ٿي سگھيو آهي. گھڻو ڪم قانون واري وزارت سان به لاڳاپيل آهي پر اڄ تائين حڪومت کي ان وزارت لاء ڪو قابل وزير ئي نٿو ملي. انهيء مان حڪومت جي ان معاملي تي سنجيدگيء ۽ سچائيء جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.اهي ڪهڙا پنج نقطا آهن جن تي مڪمل يا ڪجھ نه ڪجھ عمل ٿيو آهي.
1.عدالتن مان دهشتگردن کي ٻڌايل سزائن تي عمل ڪيو وڃي .2. دهشتگرديء جي ڪيسن لاء فوجي عدالتن جو قيام. فوجي عدالتون ته بڻجي چڪيون آهن پر انهن ۾ ڪيس حڪومت کي موڪلڻا آهن جنهن معاملي ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي تسلي بخش ناهي.3. ملڪ ۾ ڪنهن هٿياربند مليشيا کي برداشت نه ڪيو ويندو.انهيء نڪتي تي فوج عمل ڪري رهي آهي ۽ قبائلي علائقن ۾ فوجي ڪاروائي ان نڪتي سان تعلق رکي ٿي. هن نڪتي تي به جزوي عمل ٿي سگھيو آهي جو ڪيتريون ئي هٿياربند تنظيمون نالا بدلائي ڪم ڪري رهيون آهن.4.اليڪٽرانڪ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ دهشتگردن کي پرڪشش انداز ۾ ڪوريج نه ڏيڻ. انهي نڪتي  تي  به جزوي عمل ٿيو آهي جو ايجنسين جي خوف کان ميڊيا وڏي احتياط کان ڪم وٺي رهي آهي.5. ڪراچي۾ ڏوهارين خلاف آپريشن،انهي نڪتي تي به فوج رينجرز جي ذريعي عمل درآمد ڪرائي رهي آهي.
انهن پنجن نڪتن کي ڇڏي ڪري باقي پندرهن نڪتن تي حڪومت ڪوبه عمل درآمد ڪرائڻ لاء بلڪل سنجيده نظر نٿي اچي. اصل ۾ مٿيان پنج نڪتا جن تي عمل ٿي رهيو آهي اهي دهشتگردي جي خاتمي جو مستقل نه پر عارضي حل آهن جڏهن ته باقي رهيل پندرهن نڪتا دهشتگرديِء جي بنيادي سببن سان تعلق رکن ٿا جن تي  ڪوبه عمل نه ڪرڻ باوجود حڪومت عوام ۽ ميڊيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي ته انهن کي نيشنل ايڪشن پلان کان سواء ٻيو ڪجھ به ياد ناهي.باقي پندرهن نڪتن تي حڪومت عمل نه ڪري سنگين ڏوھ جي مرتڪب ٿي آهي ۽ جيڪي به دهشتگريء جا واقعا ٿيا آهن يا خدانخواسته ٿيندا ته انهن جي ذميداري سڌي سنئين وفاقي حڪومت تي عائد ٿئي ٿي جنهن هن  اهم معاملي ۾ سنگين غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي. رهيل پندرهن نڪتا هي آهن.
1.دهشتگردي ٽوڙ اداري نيڪٽا کي فعال بنايو ويندو. ان معاملي تي ذري جي به پيش رفت نه ٿي سگھي آهي ايستائين جو وزارت خزانه کي اداري جي لاء جيڪي فنڊ جاري ڪرڻا هئا،اسحاق ڊار صاحب مختلف حيلن بهانن سان ٽال مٽول ڪندو رهيو آهي ۽ اڃا تائين وزارت داخلا کي فنڊ مهيا نه ڪيا ويا آهن.
2.انتها پسنديء جي مواد ۽ تقريرن تي پابنديء جي ڳالھ ڪئي ويئي هئي پر ان تي ڪجھ به عمل نه ٿي سگھيو آهي. 3. بندش پيل تنظيمن جي ٻين نالن سان سرگرمين جي ٽوڙ جي باري ۾ منصوبابنديء لاء چيو ويو هوپر انهن تنظيمن ۾ برابر اضافو ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت وٽ ڪابه حڪمت عملي نظر نٿي اچي. 4.اهوچيو ويو هو ته دهشتگرديء جي ٽوڙ لاء هڪ موثر ۽ مستعدد فورس “ ڪائونٽر ٽيريرزم فورس” بنائي ويندي پر اها فورس اڃا تائين ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ نظر نه آئي آهي.5. اهو نڪتو هو ته مدرسن جي رجسٽريشن ۽ ريگيوليشن کي يقيني بنايو ويندو.انهيء نڪتي تي عمل درآمد ته ٺهيو پر اڃا تائين اهو فيصلو نه ٿي سگھيو آهي ته اها ذميداري ڪهڙي وزارت جي آهي!6. فاٽا ۾ سڌارن جو خوبصورت خواب ڏيکاريو ويو هو پر اڃا تائين اهڙي ڪابه عملي سرگرمي ميدان ۾ نظر نٿي اچي. 7.دهشتگردن جي مواصلاتي لاڳاپن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ جي ڳالھ ڪئي ويئي هئي پر اهو معاملو به اتي جو اتي آهي.8. مذهب جي بنياد تي امتياز ۽ استحصال جو خاتمو ڪيو ويندو،انهيء نڪتي تي ڪو ڪم ٿيندي نظر نه آيو آهي. 9. سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي غلط استعمال کي روڪڻ متعلق هو ته جيئن دهشتگرد انهيء ذريعي کي استعمال ڪري نه سگھن پر انهيء معاملي تي به حڪومت اڃا تائين بيوس نظر اچي ٿي ۽ بندش پيل تنظيمون آزاديء سان انهيء ذريعي کي اڃا استعمال ڪري رهيون آهن. 10..پنجاب مان دهشتگرديء جي پاڙ پٽڻ جي ڳالھ ڪئي ويئي هئي پر جيڪي دهشتگرد ۽ بندش پيل تنظيمون پنجاب ۾ اڳ ۾ فعال هيون اهي هينئر به فعال آهن،اڃا تائين پنجاب ۾ ڪو فيصلائتو آپريشن شروع نه ٿي سگھيو آهي.سڄي دنيا کي خبر آهي ته ڪهڙن سببن ڪري حڪومت پنجاب ۾ انهن تنظيمن تي هٿ هلڪو رکندي ٿي اچي. 11..بلوچستان ۾ سياسي مفاهمت وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ بلوچ قيادت کي قومي ڌارا ۾ واپس شامل ڪرڻ متعلق نڪتو هو پر حڪومت ان معاملي ۾ عملي قدم کڻڻ بدران الٽوچين پاڪ معاشي راهداريء جي حوالي سان بلوچن جي شڪن ۽ شبهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. 12.فرقا پرستي ۽ مذهبي نفرتون پکيڙيندڙ تنظيمن ۽ گروهن جي سرگرمين کي بند ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي ويئي هئي پر اها ڳالھ اڃا تائين فقط ڳالھ ئي آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪا به عملي منصوبا بندي سامهون نه آئي آهي. 13.افغانستان مان آيل پناهگيرن متعلق چيو ويو هو ته انهن جي عزت ڀرئي طريقي سان پنهنجي ملڪ واپسيء جي لاء موثر حڪمت عملي جوڙي ويندي پر اهو به اڃا فقط ديواني جي ڪنهن خواب مثل معاملو اتي جو اتي آهي. 14.اهو طيء ڪيو ويو هو ته پوري ڪرمنل جسٽس سسٽم جي نئين نموني تشڪيل ڪئي ويندي پر اڃا تائين ان نڪتي تي به ڪا عملي سرگرمي نظر نه آئي آهي. 15 . دهشتگردن ۽ سندن تنظيمن جي مالي سهائتا روڪڻ ۽ سندن معاشي سهولتڪارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو نڪتو به نيشنل ايڪشن پلان جو هڪ اهم ۽ بنيادي نڪتو هو پر بدقسمتي سان حڪومت ان معاملي ۾ به ڪا موثر ۽ منظم ڪاروائي نه ڪري سگھي آهي.

حڪومت جي نيشنل ايڪشن پلان جي باري ۾ سنجيدگيء جي حالت اها آهي جو ميٽرو ۽ اورينج ٽرين جي شاهي منصوبن تي کربين روپيا خرچ ڪري رهي آهي پر فاٽا جي بي گھر ٿيل ماڻهن جي لاءڪجھ ڏوڪڙ به فوجي قيادت جي زور ڀرڻ کان پوء ادا ڪيا وڃن ٿا. ساڳيو معاملو وزارت داخلا سان آهي انهيء کي گھربل فنڊ مهيا نٿا ڪيا وڃن.سنڌ حڪومت الڳ دانهون ڪري رهي آهي ته انهيء کي رينجرز جي خرچن جي مد ۾ وفاقي حڪومت پئسا نٿي ڏئي. نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد جي ذميداري صرف گھرو وزارت جي نه هئي پر وزير اعظم،ڪيتريون ئي وفاقي وزارتون ۽ صوبائي حڪومتون به ان پلان تي عمل ڪرائڻ لاء سڌو سنئون ذميدار هيون پر اسيمبلين جي اندر يا ٻاهر ان پلان تي عمل نه ٿيڻ جي معاملي تي صرف گھرو وزير چوڌري نثار کي ئي تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ٿو ۽ لڪيل لفظن ۾ عسڪري قيادت سان ان پلان تي صحيح نموني عمل نه ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون وڃن ٿيون حالانڪه حقيقت اها آهي ته ان پلان تي عمل درآمد جي ناڪاميء جوپهرئين نمبر تي ذميدار خود وزيراعظم آهي جنهن ان پلان تي درآمد کي يقيني بنائڻ لاء سندس ئي سربراهيء ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي هئي پر اڄ تائين وزيراعظم کي غيرملڪي دورن،ميگا پروجيڪٽ منصوبن ۽ ڪاروباري مصروفيتن کان واندڪائي نه ملي آهي جو ان ڪميٽيء جي ڪا گڏجاڻي منعقد ڪري سگھي. بار بار عسڪري قيادت هنن وٽ هلي وڃي ٿي ۽ کين پنهن جا وعدا وچن ياد ڏياري ننڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر ننڊ آهي جيڪا هنن کي چهٽي پيئي آهي جو ننڊ ۾ اهي پنهن جي شاندار بادشاهت،وڌندڙ دولت ۽ نه ختم ٿيندڙ اختيارن جا خواب ڏسندا آهن.ان ڳالھ کان بي پرواھ ته ايندڙ وقت جو ڪو بي رحم واقعو وري ڪيترن مائرن کي ڳوڙهن جي سمنڊ ۾ ٻوڙي سگھي ٿو!هنن سنگدل حڪمرانن کان جيستائين سموري سرڪاري سيڪيورٽي واپس نٿي ورتي وڃي،غريب عوام جي سيڪيورٽي جي ڪنهن به پلان تي هي ڪڏهن به سنجيده نه ٿيندا چاهي موجوده نيشنل ايڪشن پلان هجي يا ايندڙ وقت ۾ ٺهندڙ ٻيو ڪو پلان!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو