Wednesday, August 17, 2016

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو، مقصديت ۽ پيغام!


حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي زرخيز ڌرتيءَ جو اهو املهه ماڻڪ آهي، جنهن جي ذات ۽ ڏات تي هيستائين جيڪي ڪجهه چيو ۽ لکيو ويو آهي، انهيءَ جو تَتُ اهو شمار ڪري سگهجي ٿو ته هن اعليٰ پايي جي نيڪ نيت بزرگ جي شاعري هڪ عجب اسرار آهي. اهو هڪ لازوال معجزو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو پروانو پڻ انساني زندگيءَ جي مڪمل رخن جو اڀياس آهي ته عوام الناس کي ماڻهپي جا سبق سيکاريندڙ سنڌي صحيفو پڻ.
جيئن ته فن ۽ فنڪار جو پاڻ ۾ گهاٽو لاڳاپو آهي، سو شاهه سائينءَ جي شخصيت کي سندن شاعريءَ کان جدا نٿو ڪري سگهجي. هن عظيم فنڪار جو فن سندس ذات جي انيڪ خوبين جيئن نيڪ نيتي، خلوص، مهرباني، بردباري، سمجهه، حوصلو، همت، شجاعت، سخاوت، سچائي ۽ رحمدليءَ جو ترجمان آهي. شاهه صاحب جو فن سندس رسالو آهي. ”رسالو“ عربي ٻوليءَ جي لفظ ”رسل“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ پهچائڻ آهي. يعني شاهه جو رسالو اسان وٽ سندن پيغام جي صورت طور پهتو آهي. شاهه جو رسالو پنهنجي شاعراڻي خوبين ۽ فني لوازمات سان گڏ هڪ خاص معنيٰ رکي ٿو، جيڪا آهي ”پيغام“. هاڻي اهو پيغام ڪهڙو آهي، جيڪو هُن سنڌ واسين کي ڏنو آهي ۽ ان ۾ سندس ڪهڙو مقصد ڪارفرما آهي؟ ۽ اهو به سوچڻ جو مقام آهي ته ڇا سنڌي قوم پنهنجي هن قومي شاعر جي شاعريءَ مان اهي مقصد جا موتي حاصل ڪيا آهن، جيڪا هن جي مراد هئي؟ انهيءَ لاءِ سڀ کان پهرين شاهه صاحب جي رسالي/ فن جي ماهيت ۽ ٻوليءَ تي ڪجهه روشني وجهنداسين، پوءِ ئي مقصديت تي بحث ڪبو.
شاهه جو رسالو ”گنج“ جي قلمي نسخن جي صورت ۾ ڀٽ شاهه تي سندن وفات کانپوءِ محفوظ هو، جنهن تان ڪيترائي قلمي نسخا مرتب ٿيا ۽ پوءِ جڏهن انگريز دور ۾ ڇاپخانا قائم ٿيا، تڏهن قلمي نسخن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ڪم عمل ۾ آيو. پهريون شخص ڊاڪٽر ٽرمپ هو، جنهن شاهه جي رسالي جو ڇاپي نسخو لپزنگ جرمنيءَ مان شايع ڪرايو، جنهن ۾ هُن ٻن ڏيهي شخصن جي مدد سان ٻه قلمي نسخا ڀيٽي تيار ڪرايو هو.
اصل گنج اڄ تائين موجود نه رهيو آهي، جو شاهه صاحب جي حياتيءَ ۾ فقيرن لکيو هو، جنهن جي باري ۾ مشهور آهي ته پاڻ ڪراڙ ڍنڍ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيو هئائون. شاهه صاحب جي مريدن ۽ فقيرن جيئن تمر فقير، رحيم فقير ۽ مائي ملياڻي نيامت کي شاهه جي ڪلام جو وڏو حصو ياد هو، اهڙيءَ ريت جيترن کي سندن ڪلام ياد هو، انهن خود هڪ ٻئي کان پڇي نسخو لکيو، جو پڻ محفوظ رهي نه سگهيو.
اسان وٽ موجوده وقت ۾ جيڪو معتبر گنج موجود آهي، سو ڪاتب فقير عبدالعليم عرف وڏل شاهه ميين اسماعيل جي چوڻ تي لکيو (ميون اسماعيل تمر فقير جو نائب هو) انهيءَ گنج ۾ شاهه صاحب جي ڪلام سان گڏ ٻين فقيرن، ڪلاسيڪل شاعرن ۽ سگهڙن جا بيت به شامل آهن.
هاڻي جيڪڏهن شاهه صاحب جي اجازت سان لکيل سچو پچو نسخو موجود هجي ها ته اڄ اسان جي محققن جون پوريون حياتيون شاهه جي ڪلام کي ڌاري ڪلام مان آجي ڪرڻ ۾ صرف نه ٿين ها. شاهه صاحب جي ڪلام کي ڪراڙ ڍنڍ ۾ ٻوڙڻ واري واقعي تي جيڪڏهن اعتبار نه ڪجي ته پوءِ به جيڪو ڪلام سندن حياتيءَ ۾ وري لکيو ويو، اهو به تمام مستند هو، پر اهو نسخو به سنڌ جي سياسي حالتن ۽ ان وقت جي غير موافق ماحول سبب رُلي ويو. (انهيءَ وقت ذاتي ڪتب خانن جو رواج وڌيڪ هو، ممڪن آهي اهڙو ڪو ٻيو به مستند نسخو ميرن يا ٻين عالمن جي ڪتب خانن ۾ وقت سان گڏ تباهه ٿي ويو هجي) بلڙي شاهه ۽ ڀٽ جا نسخا جيڪي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ انگريزن جي دور ۾ ڇپيا، اهي به هن وقت موجود ڪونهن، انهيءَ تي ڪيترو به ڏک ڪجي، گهٽ آهي. بهرحال موجوده وقت جيڪي نسخا هٿ آيل آهن، انهن جو وچور تقريبن پنجاهه تائين وڃي ٿو، جيڪي نقلن جا نقل آهن، انهن مان محققن وڏيءَ جاکوڙ سان شاهه صاحب جو ڪلام ترتيب ڏنو آهي. آفرين آهي انهن محققن جي محنت کي، جن قلمي نسخا ڀيٽي ۽ مستند ڪلام کي ڇپائڻ جون ڪوششون عمل ۾ آنديون. خاص طور ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين جي محنت کي مڃتا ڏيڻ ضروري آهي.
شاهه جو رسالو ”گنج“ جي صورت ۾ واضح طور شاعراڻي مواد تي مبني آهي. ڇاپي رسالن ۾ سرن جي ترتيب ۽ فصلن جي ورهاست موجود آهي ته گڏوگڏ ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ شرح پڻ ڏنل آهي ته ڪلاسيڪل داستانن جو تفصيل پڻ موجود آهي، جيڪو عام ماڻهو پڻ پڙهي مطلب جا موتي حاصل ڪري سگهي ٿو.
شاهه صاحب جي رسالي جي ٻولي سلوڻي، سون ساريڪي، سٻاجهي سنڌي آهي، جيڪا هر سنڌيءَ جي دل کي سيبائيندڙ ۽ ڄڻ ان جي دل جو آواز آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ لساني ذخيري جو وڏو تعداد موقعي مهل مطابق استعمال ڪندي، هن ٻوليءَ کي پختائيءَ ۽ اونچائيءَ جي اعليٰ درجي تي پهچائي ڇڏيو آهي. شاهه جي رسالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بقا جا مڪمل اسباب موجود آهن. هو نه فقط سنڌي ٻوليءَ جي ماهيت جو مالڪ آهي، پر پنهنجي ڪامل مهارت ۽ قابل دسترس سان ان کي قائم دائم رکندڙ آهي، کيس سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪابه ملاوٽ پسند ڪونهي، تڏهن ئي ته فرمائي ٿو ته:
جي تون پارسي سکين ته گولو تون غلام
يا
پيم پٺاڻن سين، ٻولي ٻي نه ٻُجهن،
آئون سنڌيءَ جو سعيو ڪريان، هو پارسي پُڇن،
مون پڻ ملان تن، سرتيون سُور پِرايا.
هن رسالي جي معرفت سنڌي ٻولي هڪ سداحيات ۽ جيئري جاڳندي ٻولي ٿي قائم رهندي اچي. بيتن ۾ ڇا ته تجنيس حرفيءَ جا جنسار آهن؟ ڪيتريون ئي هڪ هڪ لفظ جون معنائون آهن؟ ڪيترا نه هڪ هڪ شيءِ لاءِ لفظ موجود آهن؟ مثال ڏيڻ ويهجي ته صفحن جا صفحا ڀرجي وڃن. لفظن جون زيب دار تخليقون، تمثيل جون تازگيون، تشبيهون، حڪايات، مطلب ته انيڪ خوبيون آهن.
مقصديت ۽ پيغام:
شاهه صاحب جو پيغام ڪل ڪائنات جي ڀلائي آهي. سندس شاعريءَ جو محور انسانذات آهي. هن خودشناسيءَ معرفت خداشناسيءَ تائين پهچڻ جا درس ڏنا آهن. هن غير معمولي ذهين (Extra ordinary genius) شخص جو شاعراڻو شعور فقط چند هلندڙ صدين تي نه، بلڪه هڪ تمام وڏي عرصي تي محيط آهي. سندس فن سنڌ جي هر دور جي سماجي ۽ سياسي حالتن جي ردوبدل ۽ مذهبي ماحول جي عڪاسيءَ سان گڏ عوامي جيوت جي هڪ هڪ رخ جو اولڙو آهي. هن پنهنجي تجربي، مطالعي، مشاهدي ۽ فڪري ڏات سان جيڪو فڪر سنڌين ڏانهن منتقل ڪيو آهي، اهو نه ڪير اڄ تائين ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڊاڪٽر سورلي چواڻي ته: ”سنڌ شاهه صاحب جهڙو ٻيو شاعر پيدا نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي ڪري سگهندي“ هن فقط بيت نه چيا آهن، پر انهن بيتن جي اونهائيءَ کي ماپڻ لاءِ عام کي خبردار ڪيو اٿس ته، انهن بيتن کي عقيدت، سچ، سونهن، خلوص ۽ محبت جي ماپي ۾ پرکيو، پروڙيو، آيتن وانگر يقيني قوت سان قلب ۾ اوتيو ته ئي قرار پائيندؤ ۽ تڏهن ئي ابدي حياتي ماڻيندؤ.
بامقصد انساني قدرن ڏي، مائل ڪندي حياتيءَ جي هر رخ جي حقيقت بيان ڪئي اٿس. زندگيءَ جي هر پهلو، ڏک، سک، خوشي، غمي، علم، عبادت، محبت، ڪدورت، عشق جون اونهايون، وڇوڙي جا ورلاپ، وصال جي لذت، مطلب ته ڪوبه انساني جذبو نه آهي، جنهن کي سندس شاعريءَ ڇهيو نه هجي. هو هڪ ماهر نفسيات دان، دانا، عالم، رهبر ۽ رهنما وانگر انساني ڪردار جي اوچائي نيچائي، خاصيتون پڌري پٽ ٻڌائي ٿو. سندس شاعراڻي رمز ايتري ته اونهي آهي، جو هن مهاساگر مان هر ماڻهو اعليٰ توڙي ادني، عالم توڙي بي علم، استاد توڙي شاگرد، مالڪ توڙي مزدور، مطلب ته سڀني کي پنهنجي پنهنجي مطلب مطابق معنيٰ ملي ٿي. هن جي دل ۽ دماغ هڪ مثبت رويي ڏي مائل ٿين ٿا. سندس اندر کي هڪ نئين قسم جي روشني ملي ٿي.
ڪيترن ئي شارحن شاهه صاحب جي ڪلام جون شرحون لکيون آهن. ڪئين ظاهري ۽ باطني معنائون بيان ڪيون آهن ۽ هر طبقي جا ماڻهو انهيءَ مان مستفيض ٿيا آهن ۽ ڪڏهن به ڪنهن کي ڪوبه ناڪاري (Negative) رخ هن ڪلام مان نه مليو آهي. نه شيعن، نه سنين، نه هندوئن، نه مسلمانن، نه مولوين، نه محققن، مطلب ته ڪنهن کي به سندس ڪلام جي ڪنهن به سٽ تي اعتراض نه ٿيو آهي، بلڪه سندس سڄي ڪلام ۾ نيڪ نيتيءَ جو پهلو سڀني پهلوئن کان وڌيڪ نمايان ۽ چٽو آهي، جو هو پاڻ هڪ بي انتها نيڪ نيت ۽ نيڪ عمل انسان هو.
اها ڳالهه به مُنڊيءَ تي ٽڪ جيان آهي ته هن جي شاعريءَ کي تصوف جي تارازوءَ ۾ توريو ويو ته به تمام صحيح لڳي. جڏهن محققن سنڌ جي سماجي، علمي، ادبي، سياسي، مذهبي ۽ تاريخي حالتن جي تناظر ۾ پرکيو، ته پڻ مُدلل لڳي. مطلب ته هن نوراني شاعريءَ ۾ وطن دوستي، وسيع النظري، وسيع القلبي ۽ وسيع الوسعتي آهي، جنهن جهڙو هڪ به شعر پيش ڪرڻ ڄڻ ته معجزو آهي، انهيءَ ڪري ئي هن شاعريءَ کي ”سدا حيات شاعري“ جو لقب مليو آهي.
مقصدي طور مثبت لاڙن، نيڪيءَ جي تربيت، سجاڳي، سورهيائي، سچائي، همت، محنت، معرفت، محبت، بي ڊپائي، مستقل مزاجي ۽ خاص طور ماڻهپي ڏي موڙڻ ئي هن شاعريءَ جو مقصد ۽ پيغام آهي.
وڳر ڪيو وَتن، پِرت نه ڇِنن پاڻ ۾،
پَسو پَکيئڙن، ماڻُنهان ميٺ گهڻو.
(روزاني عبرت)  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو