Friday, September 2, 2016

ايم ڪيو ايم: دوست بڻيا دشمن


ايم ڪيو ايم جي تازي بحران سان نه رڳو ڪراچي پر شهري سنڌ جي سياست جو انتشار وڌي ويو آهي، پر شخصيتن، پارٽين ۽ ادارن جا ڪردار به بي نقاب ٿيا آهن. جڏهن کان طبقاتي معاشري جنم ورتو آهي، تڏهن کان ئي هڪ اقليتي حڪمران طبقو پنهنجي اقتدار جو تسلط برقرار رکڻ لاءِ طرحين طرحين جا اوزار، هٿڪنڊا استعمال ڪندي واردات جو طريقو ايجاد ۽ استعمال ڪندو آيو آهي. اقتصادي ترقيءَ ۾ معاشرتي ارتقا ڪجهه مضبوط ٿيندي آهي پر جيئن ئي معيشيت جو بحران وڌندو آهي ته سمورو سماج انتشار جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ حڪمرانن کي رياستي جبر، تعصبن ۽ عوام ۾ ڦرڦوٽ وجهڻ جهڙن هٿ ڪنڊن ذريعي پورهيت طبقي جي بغاوتن کي ڪچلڻو پوندو آهي. ايم ڪيو ايم به بنيادي طور هن ملڪ جي حڪمران طبقي ۽ ان جي رياست جي هڪ اهڙي ئي ايجاد آهي.
”غير رياستي عنصر“ به آخرڪار ”رياستي عنصرن“ جي ڇاڙتن طور ئي تخليق ڪيا ويندا آهن پر هڪ مرحلي تي اچي اهي نان اسٽيٽ ايڪٽر ذهني طور طاقت جي شوق، گهمنڊ ۽ احساس برتريءَ ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ۽ بازي بازي پنهنجي آقائن کي ئي ڏاڙهڻ لڳندا آهن. ايم ڪيو ايم به ضيا جي آمريت ۾ تخليق عمل هڪ اهڙو ئي نان اسٽيٽ ايڪٽر هو. کاٻي ڌر جي مشهور اڳواڻ معراج محمد خان (مرحوم) پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو هو ته 1977ع ۾ آزاديءَ کانپوءِ کيس ايوان صدر گهرايو ويو ۽ طبقاتي سياست سان غداري ڪندي ”مهاجرن“ جي نالي تي ڪراچيءَ ۾ نسل پرستي ۽ لساني فرقيواريت جي سياست ڪرڻ جي ترغيب خود ضياءُ الحق ڏني هئي. موٽ ۾ رياستي پٺڀرائي ۽ دولت سان مالامال ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، پر معراج مارڪسزم جو مطالعو رکندو هو ۽ انهن حڪمرانن ۽ انهن جي ادارن جي اصل ڪردار کان چڱي ريت واقف هو، تنهن ڪري هن انهيءَ آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. پر اها پاليسي انهيءَ حاڪميت کي لاڳو ڪرڻي هئي. ڀٽو جي ڦاسيءَ سان هن حڪمران طبقي ۽ رياست جي ضرورت پوري نه ٿي ٿئي، ڇو جو ان جو اصل ڏوهاري پورهيت طبقو هو جنهن 69-1968ع ۾ هڪ انقلابي بغاوت ڪري هن استحصالي نظام کي پاڙئون پٽي اڇلائڻ جي ڀرپور صلاحيت جو مظاهرو ڪيو هو. ڪراچيءَ جي پورهيتن هن تحريڪ ۾ مهڙ وارو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ پرولتاري جي معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ڪراچي پاڪستان جي پيٽرو گراڊ جي حيثيت ٿي رکي، جنهن ۾ ٻيهر بغاوت ڀڙڪي سگهي ٿي. سو اهڙي صورتحال ۾ جتي مذهبي فرقن کي هٿي ڏيڻ ۽ بنياد پرستيءَ کي سماج تي ٿاڦڻ ضياءُ الحق پاليسي هئي اتي نسل برادري ۽ قومي تعصبن کي چوٽ چاڙهي پورهيت عوام کي ورهائي ۽ ان جي ايڪي ۽ اتحاد ۾ ڏار وجهڻ به ان جي ايجنڊا ۾ شامل هو. پر رڳو رياستي پٺڀرائي سان لساني و فرقيوار تنظيمون ڪڏهن به خاطر خواهه سماجي بنياد حاصل ڪري نه ٿيون سگهن، تنهن ڪري اهو مفروضو ته هن ملڪ ۾ سڀئي تحريڪون سي آءِ اي يا مقامي ايجنسيون پئسي ۽ طاقت ذريعي ٺاهي ۽ هلائي سگهن ٿيون، فقط خام خيالي آهي. حقيقت تي مشتمل تجزيو سماجي ساشن جي بنياد تي معاشري ۾ هڪ مخصوص وقت ۾ حاوي لاڙن، شعوري معيار ۽ تحريڪ جي عروج ۽ زوال جي ڪيفيت کي پرکيندي ئي ڪري سگهجي ٿو. سرمائيدار رياست اندر رهندي جمهوري هٿ ڪنڊن ۾ 69-1968ع جي انقلاب جي ضايع ٿي وڃڻ کانپوءِ ۽ 1970ع ڏهاڪي ۾ ڪيل ڀٽو سرڪار جي سڌارن جي ناڪامي اڻٽر هئي. اهڙي صورتحال ۾ جتي شعور پست ٿيڻ لڳندو آهي اتي معاشري ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جو احساس به وڌي ويندو آهي. معاشي بدحالي ان کي ويتر شديد ڪري ٿي ڇڏي، اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اڳتي وڌڻ جو ڪو اجتماعي رستو نه هجي ته پورهيت ڪڏهن قومي ۽ لساني سڃاڻپ ۽ ڪڏهن وري فرقيواريت، ذات پات ۽ برادريءَ کي پراڻن تعصبن ۾ پناهه ڳوليندا آهن.
لڏپلاڻ مختلف لساني و ثقافتي پسمنظر ۾ ساڻ آندا هئا. پاڪستان ٺاهڻ وقت مسلمان سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي خيال ۾ هو ته اهي هڪ جديد ترقي يافتا، سرمائيدار رياست ۽ ملڪ تعمير ڪندا پر هو اها حقيقت وساري ويٺا هئا ته تاريخ ۾ سامراج ۽ عالمي مارڪيٽ جي تسلڪ جي جنهن دور ۾ هو اهو ڪرڻ وڃن پيا ۽ جنهن مالي تي ۽ فني پسماندگيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان کي ڏسندي سرمائيداري تحت جديد معاشري جي جوڙ جڪ ناممڪن آهي، جڏهن ڪو نظام معاشري ۾ ترقي ڏيندي اڳتي وڌندو آهي ته ان مثبت چرپر ۽ ارتقا جي عمل ۾ لساني، قوميتي ۽ مذهبي تعصب اڳيان اچي ويندا آهن، پر هتي ته مسلسل زوال ۽ بدحاليءَ جو سفر هو ۽ سماجي ارتقا انتهائي بي ڍنگي ۽ ناهموار انداز ۾ ٿي، توڙي جو 60 ۽ 70ع جي ڏهاڪن ۾ ڪافي سطح تي سرمائيداريءَ جي عروج ۾ به هتي جيڪا ترقي ٿي تنهن سماجي تضادن کي تيز ئي ڪري ڇڏيو ۽ آباديءَ جي اڪثريت جي زندگيءَ جي حالتن ۾ ڪا بهتري نه آئي. انهن ئي تضادن 69-1968ع جي بغاوت کي جنم ڏنو پر قيادت ۽ انقلابي پارٽيءَ جي فقدان جي ڪري ان انقلاب جي ناڪامي معاشري اندر بحران کي ويتر وڌائي ڇڏيو. پراڻا تعصب نفرت جا ڦٽ ٿي اٿلڻ لڳا، فرقيواريت ۽ نسل پرستي اڀرڻ لڳي، ضياءُ الحق ۽ حڪمران طبقن جي تابع ادارن ان رجعت کي پنهنجي مفادن تحت وڌيڪ ڀڙڪايو ۽ هتان جي پاروٿي سرمائيداري جي جبر و استحصال کي وڌيڪ شدت سان مسلڪ ڪيو.
جتي ضيا آمريت جي پيدا ڪيل بنياد پرستي ۽ فرقيواريت ڪيئي ڏهاڪن کان هن سماج کي تاراج ڪري رهي آهي اتي ايم ڪيو ايم به پنهنجي ڦرلٽ ۽ برباديءَ جي بازار کي گرم رکيو. حالتون ان هنڌ اچي پهتيون جو ان جون ڪارروايون ۽ من مانيون انهن لاءِ ئي ناقابل برداشت بڻجي ويون. جنهن ڪنهن دور ۾ کيس ڄڻيو هو، تنهن ڪري دوست، دشمن بڻجي ويا. ايم ڪيو ايم جڏهن اداري جي تابع رهڻ بدران پنهنجي طاقت کي ابدي سمجهيو، غرور حد کان وڌي ويو ته ان جو سرگرميون ڪراچي ۽ ٻين شهرن جي نظر ضبط لا حد کان وڌيڪ تباهه ڪُن ٿي ويون. پر موجوده رياستي ڪارروائي ان جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ ناهي پر ان کي تبديل ۽ وري به پنهنجي تابع ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي. ٻيو ته هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته لاڳيتي اقتدار جي ڪيئي ڏهاڪن ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ جي عوام جو ڪو هڪ بنيادي مسئلو به حل ڪري نه سگهي ۽ حالتون بدترين ٿي ويون.
فرض ڪجي جي ايم ڪيو ايم ختم به ٿي وڃي ته به هن نظام مان تعصب، رتوڇاڻ، ڏوهه ۽ انتشار ختم نه ٿيندو. هن نظام منجهان مضبوطي ۽ امن جي گنجائش ئي تاريخي طور ختم ٿي وئي آهي. اهي تعصب ان صورت ۾ختم ٿيندا، جڏهن ڪراچي وري پورهيت طبقي جو شهر بڻجندو، جنهن ان کي اڏيو آهي ۽ روشني بخشي آهي.
(روزاني عوامي آواز)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو