Friday, September 2, 2016

ملڪگير سياسي پارٽيون ئي پاڪستانيت پيدا ڪري سگهن ٿيون


ڪڏهن کان پڙهندا پيا اچون:
تدبير ڪند بنده
تقدير زند خنده
ماڻهو تدبير ڪندو آهي، تقدير کِلندي آهي ته پوءِ ڇا تدبير نه ڪرڻ گهرجي، ان جو مطلب اهو ناهي. تدبير سمورا پهلو سامهون رکي ڪرڻ گهرجي. بلدياتي چونڊن کي 9 مهينا ٿي ويا آهن، ڪراچي جي اڪثريتي پارٽي وسيم اختر  کي پنهنجو ميئر نامزد ڪري ڇڏيو آهي. رينجرز 12 مئي 2007ع جي ڪيس کي ڪڍي رهي آهي، ميڊيا به ٽپا پئي ڏئي. 9 سالن ۾ جيڪو مسئلو حل نه ٿيو، ان کي 9 مهينن ۾ حل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي حلقا سوچي رهيا آهن ته وسيم اختر ميئر نه ٿي سگهندو. پاڪ سرزمين پارٽي جا اڳواڻ به اهو ئي چئي رهيا آهن پر تقدير کِلي رهي آهي، 30 آگسٽ تي باغِ جناح ۾ وسيم اختر حلف کڻندي نظر اچي رهيو هو. اهو  حلف رينجرز جي هيڊڪوارٽرز جناح ڪورٽس جي سامهون ورتو ويو. پويان گورنر هائوس آهي، اُتي رهندڙ گورنر جو لاڳاپو به متحده قومي موومينٽ سان هو.  13 سال اڳ هُن کي گورنري انهيءَ ڪري ملي هئي. هي سمورا ڇا سوچي رهيا هوندا، جڏهن وسيم اختر کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر جي چاٻي آئيني ۽ قانوني طور ملي رهي آهي. ڪجهه قدم پري وزيراعليٰ هائوس آهي، اُتي ڪهڙيون ڳجهيون ڳالهيون ٿي رهيون هونديون.
وسيم اختر جيل مان حلف کڻڻ آيو، هو سزا ناهي ڪاٽي رهيو، زير سماعت قيدي آهي، جيل جي زبان ۾ هُن کي ڪچو قيدي چيو ويندو آهي، حلف کڻڻ کانپوءِ وسيم اختر ۽ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جو ڪڙو امتحان شروع ٿي ويو آهي، جنهن تنظيم جي باني ۽ قائد پاران پنهنجي ئي ڌرتي ماءُ خلاف نعرا هڻي پنهنجن سمورن ساٿين جي خلاف مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن. حڪومت کي ڪجهه به چيو وڃي پر مملڪت تي هڪ اکر به نٿو ڳالهائي سگهجي. اها توهان جي پناهه گاهه آهي، اسان سان صرف محبت ڪري سگهجي ٿي، صرف احترام ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان اسان کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، اسان کان ورتو ڪجهه ناهي، هينئر تائين جيڪي موت ٿيا آهن، ظلم ۽ جبر ٿيو آهي، ناانصافيون ٿيون آهن، اُهي حڪمرانن ڪيون آهن، حڪومتن ڪيون آهن، عدالتن ڪيون آهن، فوجي حڪومتن ڪيون آهن، پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته مملڪت ڇا آهي، مملڪت جي علامت ته فوج ۽ عدالتون ئي هونديون آهن، اها ئي اسان جي بدقسمتي آهي جو مملڪت جا ادارا به حڪومتي اختيارن ۾ داخل ٿيندا آهن، ان لاءِ تڪراري به ٿي ويا آهن.
وسيم اختر پنهنجي امتحان جو پهريون پرچو هڪ متوازن تقرير ڪري پاس ڪري ورتو آهي، پر هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا وزيراعليٰ قانون مطابق هن کي ڪم ڪرڻ ڏيندو، ڇا وفاقي حڪومت آئين مطابق کيس ڪم ڪرڻ ڏيندي. ان کان به وڏو سوال گڏوگڏ اهو به آهي ته الطاف حسين هُن کي قانون مطابق ڪم ڪرڻ ڏيندو. وسيم اختر هڪ سَنهي رسي تي هلي رهيو آهي، ضمانت ته ان جي ٿي ويندي، پيرول تي به آزاد ٿي سگهي ٿو، تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته عوام جي مينڊيٽ ملڻ کانپوءِ چونڊيل اڳواڻن جي لاءِ جيل جا دروازا ٽٽندا رهيا آهن، عدالتون آزادي جو حڪم ڏينديون رهيون آهن. وسيم اختر ڪمزو متحده قومي موومينٽ پاڪستان، مخالف سنڌ حڪومت ۽ سنڌ بلدياتي ايڪٽ جي پابندين جي موجودگي ۾ سڀ کان وڏي شهر ۽ اڍائي ڪروڙ آبادي جي خدمت ان انداز سان ڪري سگهندو، جيئن نعمت الله خان ۽ مصطفيٰ ڪمال ڪري سگهيا هئا، اصل امتحان اهو ٿيندو.
هن وقت ملڪ جي سياسي صورتحال تي نظر وجهو. پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ الڳ الڳ سياسي پارٽين جون حڪومتون آهن، بلوچستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) آهي. اها پنجاب واري ناهي. وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي. وزيراعظم سڄي مُلڪ جو هوندو آهي، پر عملي طور هو صرف پنجاب جو وزيراعظم نظر اچي ٿو. ڇو ته سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جون جڙون عوام ۾ناهن. اُن لاءِ مُلڪ ۾ ڪنهن قومي ليڊر جو وجود نظر نٿو اچي، جيڪا ڳالهه وحدتِ پاڪستان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ نمايان سياسي شخصيتون وزيراعظم سان گڏ ناهن. وزيراعظم به گهڻو وقت لاهور ۾ گذاري ٿو. جڏهن ڪٿي قومي ليڊر ناهن هوندا ته قومي سوچ به جنم ناهي وٺندي. قومي مفادن جو تعين به ناهي هوندو. مون کي ۽ اوهان کي ته اها ڳڻتي آهي، پر وڏين سياسي پارٽين جي ليڊرن کي اهو فڪر ناهي، اُهي پنهنجي پارٽين جي پوري مُلڪ ۾ تنظيم سازيءَ طرف ڪو ڌيان نٿا ڏين.
چئني صوبن ۾ الڳ الڳ سوچ جي نازڪ صورتحال سان گڏ سڀ کان وڏي شهر ۾هڪ ٻي سياسي پارٽي جي حڪومت سان سوچ کي وڌيڪ ڌچڪو لڳندو. ڪجهه ميئرن جا اختيار گهٽ ڪيا ويا آهن، پر اُهي هوندا ته ميئر ئي. جيڪڏهن ڪراچي وارن جا مسئلا حل نه ٿيندا ته اُتي وڌيڪ بيچيني ڦهلجندي ۽ ميئر جي طرف کان اهوئي چيو ويندو ته اُن وٽ ڪي اختيار ناهن. مان جنهن نسل سان تعلق رکان ٿو. اُهو پاڪستان بڻجندي ڏسي چُڪو آهي ۽ پوءِ بگڙجندي به ۽ ڪيترن ئي المين جو عيني شاهد آهي. اُن جي پس پرده ڪردار ۽ سازشن کان به واقف آهي. اسان جي لاءِ اها صورتحال خطري جو گهنڊ وڄائي ٿي.
موجوده سياسي نقشو، وڌيڪ علائقيت طرف وٺي ويندي نظر اچي پيو. پاڪستان ۾ الڳ الڳ علائقن ۾ الڳ الڳ سوچ ڏٺي پئي وڃي. اُهي اڃا ئي وڌيڪ الڳ هوندا. ڇا ڪنهن پارٽيءَ کي هم مصدقه طور تي اهڙي قومي سياسي جماعت سڏي سگهجي ٿو، جنهن ۾ سڀني صوبن ۾ برابر مقبوليت هُجي. هر علائقي ۾ جنهن جي تنظيم فعال ۽ متحرڪ هُجي. حڪومت ڪنهن جي به هُجي، پر هر سياسي جماعت جون شاخون ۽ آفيسون ته مُلڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ هُجڻ گهرجن. قومي سياسي پارٽيون ئي مُلڪ ۾ هڪ قومي سوچ کي جنم ڏينديون آهن. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا آهي، جيڪا پوري مُلڪ ۾ برابر فعال ۽ متحرڪ ڏسي سگهجي ٿي. سواءِ ڪجهه سنڌين، بلوچن ۽ پشتو ٽي وي چئنلن جي، گهڻي ڀاڱي وڏا چئنل سڄي مُلڪ ۾ پنهنجون آفيسون ۽ نمائندا رکندا آهن ته ڇا اُتي قومي سوچ ڦهلائي پئي وڃي. عام تاثر اهو آهي ته اُتان کان منتشر خيال پکيڙيا پيا وڃن. ضرورت آهي ته قومي سوچ جي. اُن سان ئي قومون جُڙنديون آهن، اُن سان ئي پاڪستانيت جنم وٺي سگهي ٿي ۽ قومي مفادن جو تعين ٿي سگهي ٿو. جمهوريت به تڏهن ئي مستحڪم ٿي سگهي ٿي.
پاڪ فوج يقينن هڪ قومي فوج آهي، پر اُها اڪيلي سر قومي سوچ پيدا نٿي ڪري سگهي. ماضي ۾ فوجي حڪومتون جيڪو ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن، اُهي ڪردار ڪنهن نه ڪنهن صوبي ۽ ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽي جي لاءِ مخالف رهيو آهي. پوءِ جهادي تنظيمن جي سرپرستي به خدشا پيدا ڪيا آهن. فوج کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. جنرل راحيل شريف جي قيادت ۾ فوج پنهنجو پاڻ کي پيشه وراڻه فوج بڻايو آهي.
صوبائي حڪومتن ۽ بلدياتي ادارن کي اُنهن جا مڪمل اختيار ڏنا وڃن. گڏوگڏ پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي مُلڪ گير تنظيم جي مهم هلائين. متحده قومي موومينٽ به سنڌ جي شهري علائقن تائين محدود نه رهي. اُها به پاڪستان گير تنظيم بڻجي. پاڪستانيت ئي پاڪستان کي اندروني طور محفوظ بڻائي سگهي ٿي. ٻاهرين طور تي پاڪستان ايٽمي طاقت هُجڻ سبب محفوظ آهي. اُن لاءِ هاڻ ڀارت، ايران، افغانستان اندروني طور تي پاڪستان کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. اندروني خطرا وڌي ويا آهن.
اوهان مان هر هڪ وڏي طاقت آهي. اوهان پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ سياسي پارٽين جي نمائندن تي دٻاءُ وجهو ته اُهي مُلڪگير تنظيم سازيءَ تي ڌيان ڏين. علائقائيت جي ٻوڏ کي مُلڪگير سياسي پارٽيون ئي روڪي سگهن ٿيون.
اوهان جو ڇا خيال آهي. ايس ايم ايس ڪجو، 7806800-0331
mahmoodshaam@gmail.com
(روزاني عبرت)  

2 comments:

پنهن جي راء هتي لکو