Thursday, November 29, 2018

صوفيء صاف ڪيو. تصوف؛غلط فهميون،گمراهيون ۽ علم.




شفيق الرحمان شاڪر
حضرت شيخ مجلس ۾ فرمائي رهيا هئا ته اي حق جا طالب! توکي معلوم هئڻ گھرجي ته اسان جي دور ۾ ماڻهو حرص ۽ هوس ۾ گرفتار ٿي حقيقي طريقت جي علم کان پري ٿي چڪا آهن.خدا جي رضا کان ڪنارو ڪري حق جي عالمن واري طريقي کان ڀٽڪي ويا آهن.اڄ جيڪي ماڻهو تصوف ۽ طريقت جا دعويدار نظر اچن ٿا اهي اصل ۾ حقيقي طريقت جي ابتڙ عمل ڪري اهل طريقت کي بدنام ڪري رهيا آهن.تصوف جي انهن نقلي دعويدارن رڳو ظاهر جي ڪجهه شين تي ڪفايت ڪري رکي آهي ۽ تحقيق جو رستو ڇڏي انڌي پيرويء ۾ گرفتار ٿي پيا آهن.حضرت شيخ فرمائڻ لڳا؛ جنهنجي بيماريء جي دوا ڪنهن گھٽ درجي واري شيء ۾ هجي اهو مرواريد ۽ مرجان جي ڳولا ڇو ڪري؟ الله تعاليٰ اسان کي اهڙي دور ۾ پيدا ڪيو آهي جو ماڻهن پنهنجن خواهشن جو نالو شريعت،دولت ۽ طاقت جي محبت جو نالو عزت، تڪبر جو نالو علم، ڏيکاء جو نالو پرهيزگاري ، بي دينيء جو نالو فقيري ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي واٽ کي ترڪ ڪرڻ جو نالو طريقت رکي ڇڏيو آهي. ان ڪري معرفت ۽ حقيقت جي صاحب بزرگن اهڙن  ماڻهن کان پاسو ڪري وڃي ڪنڊ وسائي آهي. سو اي حق جا طالب! جيئن ته روح هن جهان ۾ پنهنجن جسمن سان گڏجي اخلاص واري درجي کان هٽي اهڙا ته مغرور ٿي ويا آهن جو انهن جا عقل الاهي اسرار سمجھڻ کان لاچار ۽ سندن  روح حق جي قرب کان پردي ۾ ڍڪجي ويا آهن.جنهنجو نتيجو اهو نڪتو آهي جو انسان پنهنجي هستي ۽ انا سبب غفلت جي اونداهين ۾ غرق ٿي ويو آهي ۽ خاص بندن واري مقام  ۾ هستيء جي ان حجاب سبب عيبدار بڻجي ويو آهي.پوء فرمائڻ لڳا ته الله تعاليٰ جي هن ارشاد ۾ ان طرف ئي اشارو آهي جو الله تعاليٰ فرمايو ته “ زماني جو قسم ته انسان سراسر نقصان ۾ آهي .“ ۽ اهو به فرمايو ويو ته ” انسان پڌرو ظالم ۽ نادان آهي.“ پوء فرمائڻ لڳا ته انسان جسم ۽ روح جي ملاوت جي ڪري حق جي مشاهدي کان محروم آهي ۽ دنيائي حرص ۽ هوس ۾ ڦاسي حق جي حضور پهچڻ کان پري ٿي ويو.انهن کي حيواني نفس اهڙو ته قابو ڪيو جو انهن جي سموري ڊوڙ ڊڪ ۽ خواهشون ان حيواني نفس جي حڪم جو پابند بڻجي وييون.پوء حالت اها ٿي ويئي جو سواء کائڻ پيئڻ،سمهڻ ۽ حيواني خواهشن  ٻي ڪنهن به شيء جو ڌيان نه رهيو.ان ڪري الله تعاليٰ پنهنجن دوستن کي انهن ڳالهين کان بچڻ جو حڪم فرمايو آهي جيئن خالق حقيقي حڪم فرمايو ته ” دنيا وارن کي ڇڏي ڏيو ته اهي کائين ۽ فائدو کڻن ۽ آسن ۾ مست رهن،ترت ئي کين پتو پئجي ويندو.“ پوء حضرت شيخ فرمائڻ  لڳا ته جيڪو نفس اماره جي ڄار ۾ ڦاسي وڃي ٿو انهيء تي الاهي اسرار ڪڏهن به نٿا کلن. اهو نفس انسان کي هميشه لاء خوار ۽ خراب ڪري ڇڏي ٿو ڇوته اهو هميشه رڳو بڇڙائيء جو ئي حڪم ڏيندو آهي.جيئن قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو ته ” بيشڪ نفس ته رڳو برائيء جو حڪم ڏيندڙ آهي.“
ان کان پوء علم حاصل ڪرڻ جي فرض هئڻ ۽ ان جي اهميت جو ذڪر ڪندي حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته الله تعاليٰ رباني عالمن جي صفت اها بيان ڪئي آهي ته “ بيشڪ خدا جي بندن مان عالم ئي خدا جو خوف رکن ٿا.“ ان ڪري اي حق جا طالب! علم جو ڪو دنگ ئي ناهي ۽ اسان جي زندگي نهايت ئي مختصر آهي.ان ڪري هر شخص تي سمورا علم حاصل ڪرڻ فرض قرار نه ڏنو ويو آهي. پر انهن سمورن علمن مان ايترو سکڻ جيترو شريعت جي حڪمن کي سمجھڻ لاء ضروري آهي سو فرض آهي.پر اهڙا علم جن مان ڪنهن کي ڪو نفعو نه پهچي اهڙن علمن جي مذمت ڪئي ويئي آهي. جيئن قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو ته ” اهي اهڙيون شيون سکن ٿا جيڪي انهن کي نقصان پهچائين ٿيون  ۽ نفعو نٿيون پهچائين.“خود رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پاڻ به اها دعا گھرندا هئا ته ” اي خدا! آئون پناهه گهران ٿو اهڙي علم کان جيڪو نفعو نه پهچائي.“ پوء حضرت شيخ تنبيهه ڪرڻ لڳا ته ياد رکڻ گھرجي ته علم سان گڏ عمل به ضروري آهي پر عمل وري بنان علم جي ضايع آهي.ان ڪري ئي رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ” بي علم عبادت گذار ان گڏهه جيان آهي جيڪو اٽي جي چڪيء سان ٻڌل هجي.“ يعني چڪيء سان ٻڌل گڏهه توڙي جو سڄو ڏينهن هلندو ۽ حرڪت ڪندو رهي ٿو پر اهو ڪوبه فاصلو طيء ڪرڻ بدران رڳو پنهنجي محور تي ئي ڦرندو رهي ٿو.وري علم بي عمل جو مثال ڏيندي فرمائڻ لڳا ته حضرت ابراهيم بن ادهم رحه فرمائين ٿا ته مون رستي ۾ ڪو پٿر پيل ڏٺو جنهن تي لکيل هو ته ” مونکي اٿلائي ڏس!“ مون جڏهن ان کي اٿلايو ته ان تي لکيل هو ته ” جڏهن تون پنهنجي علم تي عمل نٿو ڪرين ته پوء اهڙي شيء جي ڳولا ڇو ٿو ڪرين جنهنجو توکي علم ناهي.“حضرت شيخ تنبيهه ڪري رهيا هئا ته جيڪو شخص دنيا جي عزت ۽ مشهوري حاصل ڪرڻ لاء علم حاصل ڪري ٿو اهو حقيقت ۾ عالم سڏائڻ جو حقدار ڪونهي ڇوته دنيا جي ڪوڙي عزت ۽ مرتبي جي خواهش ڪرڻ بذات خود هڪ وڏي جهالت آهي سو اهڙي جاهل کي عالم ڪيئن ٿو چئي سگھجي؟پوء علم جي قسمن جو ذڪر ڪندي حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته علم ٻن قسمن جو آهي هڪڙوخالق جو ۽ ٻيو مخلوق جو.خالق جو علم سندس ذاتي صفت آهي ساڻس گڏ قائم ۽ دائم آهي ۽ سندس ڪنهن به صفت جي ڪا حد يا انتها ناهي.سندس علم موجود توڙي غائب سمورين شين تي هروقت ڇانيل آهي ۽ اسان جو يعني مخلوق جو علم اسان جي صفت آهي جيڪا خدا تعاليٰ طرفان عطا ڪيل آهي ۽ اها اسان سان قائم ۽ فاني آهي.مخلوق جون سموريون صفتون محدود آهن ان ڪري مخلوق جو علم خالق جي علم جي مقابلي ۾ ڪابه حيثيت نٿو رکي ڇوته رب ڪريم فرمايو ته ” اوهان کي جيتري قدر به علم جو حصو ڏنو ويو آهي اهو بلڪل ئي ٿورو آهي.“  الله تعاليٰ جوعلم سندس ذاتي صفت آهي،هن لاء موجود ۽ غائب ٻئي برابر آهن.ان علم ۾ نه ڪا مخلوق شامل آهي ۽ نه ئي هن جو علم جزن يا حصن ۾ ورهائجي سگھي ٿو ۽ نه ئي اهو علم سندس ذات کان جدا ٿي سگھي ٿو.اتان اهو نڪتو ذهن نشين ڪرائيندي حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته حق جي طالب کي هروقت اهو پختو ايمان رکڻ گھرجي ته هو هروقت مالڪ جي علم ۽ مشاهدي هيٺ آهي ۽ هو هن جي هر فعل ۽ عمل کي ڏسي رهيو آهي.پوء حضرت شيخ هڪڙو واقعو بيان ڪرڻ لڳا ته بصري جي شهر ۾ ڪو رئيس هو.هڪ ڏينهن هو پنهن جي باغ ۾ ويو ته باغبان جي زال جي حسن تي سندس دل هرکجي پيئي.رئيس ڪنهن بهاني سان سندس مڙس کي ٻاهر موڪلي ڇڏيو ۽ عورت کي چيائين ته دروازا بند ڪر.عورت واپس اچي چيو ته مون سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن پر هڪڙو دروازو مون کان بند ئي نٿو ٿئي.رئيس حيرت مان پڇيو ته ڪهڙو دروازو؟ عورت چيو ته الله تعاليٰ وارو دروازو جيڪو هن ۽ پنهنجي وچ ۾ آهي.رئيس پشيمان ٿي توبه استغفار ڪيو.حضرت حاتم بن اثم رحه جو قول نقل ڪندي حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته حاتم بن اثم رحه فرمايو ته جڏهن کان مون چئن شين جو علم حاصل ڪيو آهي دنيا جي ٻين سمورن علمن جي مون کي ڪا ضرورت نه رهي آهي.پڇيو ويو ته اهي چار شيون ڪهڙيون آهن؟ فرمايائون ته پهرين اها ته مون ڄاڻي ورتو آهي ته منهجو رزق منهنجي مقدر ۾ لکجي چڪو آهي جيڪو گھٽ وڌ ٿي نٿو سگھي.ان ڪري مون وڌيڪ رزق جي خواهش ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني آهي. ٻي شيء اها ته آئون ڄاڻي چڪو آهيان ته الله تعاليٰ جو مون تي حق آهي جنهن کي مون کان سواء ٻيو ڪو ادا ڪري نٿو سگھي ان ڪري ان جو حق ادا ڪرڻ لاء آئون هروقت مشغول رهان ٿو.ٽين ڳالهه اها ته مون ڄاڻي ورتو آهي ته مون کي ڪو ڳولهي رهيو آهي ۽ مون ان کي سڃاڻي ورتو آهي ته اهو موت آهي جنهن کان آئون ڪنهن به طرح ڀڄڻ جي واٽ اختيار ڪري نٿو سگھان ان ڪري آئون هروقت ان جي لاء تياري ڪندو رهان ٿو.چوٿين ڳالهه اها ته مون ڄاڻي ورتو آهي ته منهنجو هڪ مالڪ آهي جيڪو هروقت مون کي ڏسي رهيو آهي ان ڪري آئون ان کان حيا ڪريان ٿو ۽ سندس نافرماني نٿو ڪيان.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو