Friday, November 2, 2018

غريب ملڪن ۾ عالمي اين جي اوز جو متل ميلو!




شفيق الرحمان شاڪر
ايئن ٿو محسوس ٿئي ته پوري دنيا اين جي اوز جي وڪڙ ۾ آيل آهي.خاص طور تي ترقي پذير ملڪن ۾ ته اهي آنا ۽ ٻچا ڏيئي ويٺل آهن.انهن جي دعويٰ آهي ته اهي هنن پوئتي پيل ملڪن مان بک،غربت،بيماريون ۽ بدحاليون ختم ڪري پوري دنيا کي جنت مثل بنائي ڇڏينديون ۽ اهي پاڻ به پنهنجن جادوئي انگن اکرن ۽ هٿ گھڙيل رپورٽن ذريعي اهو ئي باور ڪرائينديون ٿيون اچن ته جيڪر اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ اهي اين جي اوز موجود نه هجن ته هوند اسان سڀ بک مري وڃون. گذريل ٻن ڏهاڪن کان اهي اين جي اوز سڳوريون جن غريب ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن اتي انهن خبر ناهي عوام جي ڪهڙي قسمت بدلائي آهي،ڪيتري آباديء کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ٿيو آهي،ڪيترا ٻار اسڪول وڃڻ جي قابل ٿيا آهن،ڪيتري آباديء کي صحت جون بنيادي سهوليتون ميسر ٿيون آهن ۽ سماج ۾ ڪهڙين برائين جو خاتمو آيو آهي ۽ ڪهڙيون مثبت تبديليون آيون آهن؟ اهي اين جي اوز نوان نوان تعليمي،معاشي ۽ معاشرتي نظريا پيش ڪنديون آهن ۽ اهو ئي انهن جي روزگار جو ذريعو رهيو آهي.جنهن ڪري مختلف ماڻهن،ادارن ۽ حڪومتن کان ڳرا ڳرا فنڊ حاصل ڪرڻ لاء انهن کي روز نت نوان ناٽڪ رچائڻا پون ٿا.انهن جي بيانن تي هلنداسين ته هن وقت تائين آفريڪا جي غريب ملڪن ۾ ته  ڄڻ انهن ايترو ڪم ڪيو آهي جو اهي ملڪ ترقيء ۾ يورپ ۽ آمريڪا سان ڪلهو ملائي رهيا هجن.جيڪر اڄ به آفريڪا توڙي ٻين غريب ملڪن جا ماڻهو بکن وچان مري رهيا آهن ته پوء انهن نام نهاد اين جي اوز باقي هيستائين ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟انهن اين جي اوز جا ڪرتا ڌرتا وري دنيا کي اهو محسوس ڪرائيندا آهن ڄڻ ته هنن کي انهن غريبن جي ڳڻتين سبب ننڊ ئي نٿي اچي. اسان جي ملڪ ۾ به انهن عالمي اين جي اوز جو ساڳيو حال آهي.انهن جو مقصد اسان جي مسئلن جو حل نه آهي جو جيڪر اهي مسئلا حل ٿي ويا ته پوء انهن کي فنڊ ڪٿان ملندا ۽ اهي ٻئي ڪهڙي بهاني سان اسان جي ملڪ اچي عالمي سازشن جو حصو بڻجي شرارتون ڪندا.عوامي ڀلائيء جي پردي ۾ هي ٻيو گھڻو ڪجهه ڪندا رهيا آهن.انهن کي آخر اسان جي ملڪ جي غريبن جو ايترو غم ڇوٿو ستائي؟عوام اڄ جن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي انهن مان گھڻا ته پيدا ئي ان بين الاقوامي معاشي دهشتگردن جا آهن جيڪي تمام ڏکين شرطن تي اسان کي قرض مهيا ڪن ٿا جنهنجي نتيجي ۾ غريبن جو رت نپوڙبو رهي ٿو. اهي جنهن ڪم جي دعويٰ ڪن ٿا اهو ڪم ڪرڻ بدران خفيا منصوبن،جاسوسين ، اسان جي مذهبي ۽ سماجي قدرن کي بگاڙڻ ۽ ملڪ ۾ امن امان جا مسئلا به پيدا ڪندا رهيا آهن.جيئن ته اسان وٽ تمام وڏي غربت ۽ بيروزگاري آهي ان ڪري ڪيترائي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون انهن جي پرڪشش پگھارن تي انهن تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿا جن کي اهي پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق استعمال ڪن ٿا. اهي انهن نوجوانن وسيلي اهڙا اهڙا سروي ڪرائين ٿا جن ذريعي نه رڳو عالمي سطح تي ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي پر ملڪي سيڪيورٽي به داء تي لڳيو وڃي. اسان جي ملڪ ۾ اهڙين اين جي اوز جي ڪت ويائي پيئي آهي جن ڪنهن قدرتي حادثي يا سانحي دوران فلاحي ڪمن جي آڙ وٺي پاڪستان جو رخ ڪيوپر اهي هاڻي هتان واپس وڃڻ لاء تيار ناهن. حڪومتون به ايترو سمهيل رهيون جو 2015ع تائين ته اهڙين اين جي اوز متعلق ڪا قانونسازي ٿي،نه ئي ڪا انهن جي نگراني ڪئي ويئي .2015ع اين جي اوز پاليسي ٺهڻ بعد انهن کي رجسٽريشن لاء چيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 145 تنظيمن پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻ لاء وزارت داخلا کي درخواستون ڏنيون.جاچ دوران پتو پيو ته ٽيهٺ اين جي اوز اهڙيون هيون جيڪي ملڪي سلامتيء خلاف ڪم ڪري رهيون هيون جنهن ڪري انهن کي واچ لسٽ تي رکيو ويو.مختلف وزارتن ۽ حساس ادارن جي پيش ڪيل رپورٽن جي روشنيء ۾ گھرو وزارت 49 تنظيمن کي 2017 ۽ 2018 ۾ نوٽيس جاري ڪيا ۽ن کين پاڪستان ۾ پنهنجو ڪم بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو.انهن مان ارڙهن تنطيمن ان فيصلي خلاف اپيلون ڪيون،کين صفائيء جو پورو موقعو ڏنو ويو پر اهي وزارت داخلا کي مطئمن نه ڪري سگھيا . آخر 2 آڪٽوبر 2018ع تي ساڳيو فيصلو برقرار رکندي کين ٻن مهينن اندر ملڪ مان پنهنجا ٽين ٽپڙ گول ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.اهي ته رڳو اهي اين جي اوز آهن جن پنهنجو پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻ لاء درخواستون ڏنيون پر سوين اهڙيون اين جي اوز اڄ به موجود آهن جيڪي بنان رجسٽريشن جي پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن.انهن تنظيمن ٻيو جيڪي ڪجهه ڪيو سو ڪيو هوندو پر انهن پاڪستاني عوام کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ بدران کين خيرات جو عادي بنائي ڇڏيو.ها،ڪجهه اين جي اوز اهڙيون به ضرور آهن جيڪي مثبت طريقي سان سماجي ڀلائيء جو ڪم ڪري رهيون آهن جن ۾ ويهه آمريڪي،چوڏهن برطانوي ۽ يارهن جرمن اين جي اوز شامل آهن.اڄ  جي دنيا ۾ قومي يا بين الاقوامي اين جي اوز جو ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪرڻ ڪا نياري يا اڻ ٿيڻي ڳالهه ناهي.پوري دنيا ۾ اهو ڪم ٿي رهيو آهي پر هر ملڪ جو پنهنجو ضابطه اخلاق،طريقه ڪار ۽ بنيادي پاليسي  ۽ طيء ٿيل اصول ٿين ٿا جن جي پابندي انهن  اين جي اوز لاء ضروري هوندي آهي ۽ انهيء سان گڏوگڏ رياستي ادارا انهن جي سخت نگراني ڪندا رهندا آهن ته ڪٿي اهي پنهنجي مقرر ٿيل حدن کان ٻاهر ته نه وڃي رهيا آهن. فلاحي ڪمن ۽ سماج سڌار نعرن جي پردي ۾ جيڪر اين جي اوز ملڪي سلامتي،سماجي قدرن ۽ مذهبي ايڪتا سان کيڏڻ لڳن ته پوء رياست کي گھرجي ته انهن  کي کڻي ٻاهر ڦٽي ڪري جو چند ڏوڪڙن يا ڪجهه ترقياتي منصوبن لاء انهن شين تي ڪمپرومائيز ڪري نٿي سگھجي.انهيء کان سواء غريب ملڪن جي حڪمرانن ۽ حڪومتن لاء به اهو سوال نهايت ئي شرم جو باعث هئڻ گھرجي جو اهي پنهنجي عوام کي زندگيء جون بنيادي ضرورتون ۽ سهوليتون فراهم نه ڪري سگھندا هجن جن لاء ماڻهن کي غير ملڪي اين جي اوز جا منهن تڪڻا پون ۽ سندن طرفان ملندڙ ڪجهه ّخيرات تي گذر بسر ڪرڻو پوي.جيڪر اهي ڪم به اين جي اوز کي ئي ڪرڻا آهن ته پوء رياستن ۽ حڪومتن جو خبر ناهي باقي ڪهڙو ڪارج رهجي وڃي ٿو!هن وقت دنيا ۾جنهن قسم جون حالتون پيدا ٿي رهيون آهن ۽ مختلف ملڪن ۾ وڏيون غير ملڪي طاقتون جيڪي رانديون رچائي رهيون آهن ان ماحول ۾ حڪومتن کي اهڙين تنظيمن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جي کليل ڇٽي ڏيڻ کان پهرين سو دفعا ان تي سوچڻو پوندو.

(روزاني عبرت 31 آڪٽوبر 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو