Wednesday, January 30, 2019

اوچتو عوام جو خيال اڄ ڪيئن آيو؟


شفيق الرحمان شاڪر
پي پي جي شريڪ چيئرمين جناب آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته هنن سان جنگ رڳو ارڙهين ترميم جي ڪري ڪئي پيئي وڃي.هن چيو ته مهانگائي ۽ حڪومت جي غلط پاليسين سبب ماڻهو حڪمرانن کي بد دعائون ڏيئي رهيا آهن.هوڏانهن اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪ جي بد حالي ڏسي ڏک ٿيندو آهي،عوام غربت جي چڪيء ۾ پيڙهجي رهيو آهي.ملڪ جي ٻن وڏين سياسي جماعتن جي اڳواڻن جا اهي بيان ٻڌي حيرت رڳو ان سوال تي ٿئي ٿي ته انهن اڳواڻن کي عوام جي سمورين تڪليفن جو اهو احساس اڄ اوچتو ڪيئن ٿي پيو آهي؟ مهانگائي. غربت ۽ حڪومتن جون عوام دشمن پاليسيون ته هن ملڪ ۾ شروع کان وٺي جيئن آهن تيئن رهنديون ٿيون اچن ۽ اهي ٻئي صاهب جن کي هن وقت عوام جو اونو ستائي رهيو آهي ۽ کين رت جا لڙڪ لاڙڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي اهي پنهنجي پوري جوڀن سان هن ملڪ تي واري واري سان حڪومتون ڪندا رهيا آهن ۽ هڪ ڌر جي ته اڃا به سنڌ ۾ حڪومت موجود آهي.انهن پنهنجن حڪومتي دورن ۾ عوام جا اهي آزار گھٽائڻ ۽ عوام دوست پاليسيون جوڙڻ لاء هيستائين ڇا ڪيو؟ عوام لاء جنهن بدترين صورتحال جي منظر ڪشي هو اڄ اوچتو ڪري رهيا آهن ڇا اها هنن پنجن مهينن ۾ پيدا ٿي آهي؟انهيء کان اڳ سڀ ڪجهه ٺيڪ هو،هر طرف چين ۽ سڪون جو چنگ وڄي رهيو هو.ٿورڙو پوئتي ماضيء ۾ موٽي هلو .ٻنهي جماعتن جي حڪومتي دورن ۾ ڪراچي ء  جون حالتون ڇا هيون سڀني کي خبر آهي.اڄ انهن ٻنهي جماعتن مان هر جماعت ڪراچيء ۾ ٿيل امن جو ڪريڊٽ کڻي رهي آهي پر دنيا کي خبر آهي ته  ڪجهه مخصوص سياسي مفادن هيٺ هڪ لساني تنظيم کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ حڪومتي مدد ۽ سهائتا مهيا ڪندا رهيا جن  هڪ ڊگھي عرصي تائين ڪراچيء ۾ رت جي هولي کيڏي،پوري حڪومتي توڙي نجي مشينريء کي يرغمال بنائي رکيو هو.روزانو ماڻهو مرندا رهيا پر هنن کي انهن مرندڙن جي پوئين جو ماتم ۽ ڪهرام ٻڌڻ ۾ نٿي آيو تان جو دهشتگرديء جون جڏهن سڀيئي حدون اورانگھجي وييون تڏهن ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين اچي انهيء دهشتگرد سياست کي ٻنجو ڏنو.اهو ئي حال ڏکڻ پنجاب جو هو جتي مذهبي دهشتگرد سرڪاري سرپرستيء ۾نه رڳو آزاد گھمندا رهيا پر سياستدانن جون چونڊ مهمون به هلائيندا رهيا.اهو ته هو ”شاندار امن امان“ جيڪو سندن حڪومتن عوام کي ڏنو هو.هاڻي اچون ٿا غربت واري سوال طرف ته معيشت جو سڌو لاڳاپو امن امان سان ٿئي ٿو ،هڪ طرف انهيء پوري دهشتگرديء واري دور ۾ ملڪي معيشت تباهه ۽ برباد ٿيندي رهي ته ٻئي طرف ٻنهي جماعتن جي حڪومتن ڪرپشن جي معاملي ۾ خوب وارو وڄايو بلڪه سندن دور ۾ ڪرپشن باقائدي قانوني ۽ جائز بڻجي ويئي.حڪومت جو ڪهڙو  کاتو يا ادارو نه هو جنهن ۾ بدعنوان عملدارن جي فوج ڀري عوامي خزاني جو ڏيوالو نه ڪڍيو ويو هجي،ڪهڙو قومي ادرو نه هو جيڪو انهن جي نااهلين ۽ اقربا پرورين سبب برباد نه ٿيو هجي.اسٽيل مل کان پي آئي تائين،پي ٽي ويء کان ريلوي تائين،بينڪن کان مالياتي ادرن تائين هر طرف مالي بدعنوانين ۽ انتظامي نااهلين جا داستان پکڙيل نظر اچن ٿا. هنن ملڪ ۽ عوام لاء آخر ترقيء جو اهو ڪهڙو تحفو آندو هو جيڪو هنن پنجن مهينن ۾ عوام کان واپس کسجي ويو.اهي برابر صحيح ٿا چون ته عوام بکن وگھي مري رهيو آهي،لاچار مريض اسپتالن ۾ دوائون نه ملڻ سبب تڙپي دم ڏين ٿا،روزگار ته ٺهيو ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ڪونهي. آبادگارن تي لٺيون وسن ٿيون،استادن جا مٿا ڦاٽن ٿا.ماڻهو آپگھات ڪن ٿا،پاڻي،بجلي ۽ گئس غائب آهي پر ڇا اهو سڀ ڪجهه اڄ اوچتو اک ڇنڀ ۾ ٿيو آهي؟اڳ ۾ ملڪ ۾ کير ۽ ماکيء جون نديون وهي رهيون هيون.ماڻهن کي زندگيء جون سموريون بنيادي سهوليتون سندن درن تي ميسر هيون؟هي سڀ ڪجهه اڄ اوچتو ته ناهي ٿيو.اهي سور ته سالن تي پکڙيل آهن جن سالن مان هڪ ڊگهو عرصو ته اهي ئي صاحب جيڪي اڄ عوام جي غم ۾ ڳري رهيا اهن سيئي ملڪ جي ڪاري ۽ اڇي جا مالڪ رهندا ٿا اچن.حڪومتن ۽ سياست تي به سندن قبضو رهيو آهي،سمورن ادارن تي سندن اجاراداري رهندي آئي آهي،مفاهمتن ۽ مصلحتن جا ڪردار به نڀائيندا رهيا آهن ته مزاحمت جا ڊراما به رچائيندا آيا آهن، پنهنجن حڪومتي دورن ۾ترقي ۽ خوشحاليء جا ترانا به ڳائيندا رهيا آهن ته عوامي بالادستي ۽ آئين جي حڪمرانيء جون تسبيحون به پڙهندا آيا آهن پر عوام کي سندن سمورن حڪومتي دورن ۾ ڇا مليو؟ هو اڄ جيڪر عوام جي انيڪ دردن جي شڪايت ڪري رهيا آهن ته اها ڪنهن سان ڪري رهيا آهن ۽ هن وقت ئي ڇو ڪري رهيا آهن؟ انهن کي اڄ صوبائي خودمختياري ڪيئن ذهن تي اچي ويئي ۽ جمهوريت جو دورو ڪيئن پوڻ لڳو آهي؟عوام ڇا ڪري اهڙي ارڙهين،ويهين ۽ ٻاويهين ترميم جو جيڪا هن کي ٻن وقتن جي ماني مهيا ڪري نٿي سگھي؟ عوام ڪهڙو آچار وجھي ان جمهوريت جو جيڪا سندن ئي نالي تي سندن رت ست نپوڙيندي رهي ٿي؟غير آئيني حڪمرانن برابر ملڪ ۽ عوام جو ٻيڙو غرق ڪيو پر جمهور جي نالي تي جمهور کان ووٽ کسي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ انهن ”جمهورن “ جيڪا جمهور سان جمهوري جٺ ڪئي سا دانهن ڪنهن کي ڏجي؟انهن سان به ته ڪجهه حساب ٿيڻ گھرجي،انهن کان به ڪو سوال ٿيڻ گھرجي. بحث اهو ناهي ته هاڻوڪا حڪمران ڪيئن آهن،سوال اهو آهي ته اوهان سالن جا سال اقتدار ۽ اختيار جي راند رهندي عوام سان ايڏي راند ڇو رچائي؟سو عوام شايد ايترو جاهل ۽ بيوقوف به ناهي جيترو اسان جا سياستدان ان کي سمجھن ٿا.سنڌيء جي چوڻيء مطابق ته پٿر پرائو سور پنهنجا سو سڀ ڄاڻن ٿا ته  عوام لاء اڄ انهن جو سور سوايو رڳو ان ڪري ٿي پيو آهي جو انهن جي پنهنجن پنهنجن سورن ۾ لاڳيتو اضافو ٿيندو پيو وڃي!
(روزاني عوامي آواز)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو