Saturday, April 13, 2019

ڪپتان ڪيستائين ” بي خبر“ رهندو؟



شفيق الرحمان شاڪر

حيرت جهڙي ڳالهه اها ته وزير اعظم عمران خان هر معاملي تي پنهنجي ”بي خبري“ ۽ بيوسيء جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو ايئن ٿو لڳي ته سندس وزير ۽ مشير کيس عوامي مسئلن جي باري ۾ ڏسي وائسي بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ رکي رهيا هجن پوء ته ايئن چئجي ته هن کي هر معاملي تي اونده ۾ رکيو پيو وڃي.پوء ته هن کي پڪ سان اها خبر به نه هوندي ته عوامي مشڪلن ۽ مسئلن کان ان عظيم اڻ ڄاڻائي کيس نهايت تيزيء سان عوام ۾ غير مقبول بنائڻ ۽ سندس مخالفن پاران سندس حڪومت خلاف پيش ڪيل ناڪاري تصوير کي عوام طرفان مڃڻ ۽ قبول ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي.شايد ان معاملي جي سنجيدگي ۽ حساسيت جو عمران خان کي ڪو اندازو به نه هجي.عوام جي سهپ جي به هڪڙي حد ٿئي ٿي جڏهن اها حد ٽپي وڃي ته پوء ردعمل جي طور تي ڪجهه به ٿي سگھي ٿو.شايد وزير اعظم ان ڳالهه کان به ”بي خبر“ هجي ته ملڪ ۾ مهنگائيء جي شرح 9.41 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي.هن کي شايد اها به خبر نه هجي ته ڊالر جي اوچي اڏام،بجلي، گئس تيل.دوائن ۽ روزمره جي استعمال جي شين جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ تبديلي سرڪار جي وعدن،نعرن ۽ دعوائن جا بکيا اڍيڙي رکيا آهن.مهانگائيء بابت اهڙيون ڳڻتيء جوڳيون رپورٽون عمران خان جا ڪي سياسي مخالف نه پر اسٽيٽ بينڪ،انگن اکرن واري ڊويزن ۽ بعد ۾ ورلڊ بينڪ طرفان جاري ڪيون وييون آهن ان ڪري انهن کي ڪنهن به صورت ۾ رد ڪري نٿو سگھجي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته وزير اعظم معاشي ماهرن جي جيڪا هڪ ڊگھي فوج پنهنجي آسپاس گڏ ڪري رکي آهي انهن جون سموريون منصوبا بنديون پاڻيء ۾ وهي چڪيون آهن.اهاسادي ڳالهه اڃا تائين انهن معاشي ماهرن جي سمجھه ۾ نٿي اچي ته انهن عام استعمال جي شين جي اگھن ۾ واڌ جو سڌو سنئون اثر هڪ عام ماڻهوء تي پوندو آهي.مالدار اشرافيا تي سڌا ٽيڪس لڳائڻ جي جرئت حڪومت ۾ بلڪل ناهي ان ڪري عام ماڻهن تي اڻ سڌا ٽيڪس وري وري لڳايا ۽ وڌايا پيا وڃن جنهن ڪري وچولي طبقي جو ته حشر نشر ٿي ويو آهي.اڃا ته آئي ايم ايف سان معاهدو نه ٿيو آهي پوء ته خبر ناهي عوام جي نڙيء تي ڪيتري لت ايندي جو اهي ڦٿڪي ڦٿڪي ساه ڏيندا.عوام کي اها ڳالهه به سمجهه ۾ نٿي اچي ته دوست ملڪن کان ورتل مالي مدد باوجود مهانگائيء کي موچڙو ڇونه لڳي سگھيو آهي.هاڻي ته ماڻهن چوڻ شروع ڪري ڏنو آهي ته مهرباني ڪري پنهنجو نئون پاڪستان پاڻ وٽ ئي رکو اسان کي پراڻي پاڪستان ۾ ئي رهڻ ڏيو جو گھٽ ۾ گھٽ ساه ته کڻي سگھون.هڪ طرف ملڪي معيشت جي اها تباه ٿيل صورتحال آهي،عوام جو مهنگائيء سبب ساهه منجھي رهيو آهي ۽ ماڻهن جي خريداريء واري قوت نهايت ئي ڪري پيئي آهي ته ٻئي طرف موجوده حڪمرانن جون خواهشون ۽ انگل ڏسجن ٿا ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن.انهن کي وزيرن،مشيرن ۽ ايم پي ايز جي پگھارن ۾ ٽي سو سيڪڙو واڌ گھربل آهي،وزيرن ۽ مشيرن کي نين گاڏين جي خريداريء جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي،صوبي جي وزير اعلي رهندڙ هر شخص کي تاحيات مالي رعايتن جو حقدار بنائڻ لاء بل پيش ٿي رهيا آهن.هيء آخر ڪهڙي مذاق آهي ملڪ جي غريب عوام سان.ٻئي طرف حڪومت جا معاشي ماهر اهو کل جوڳو اعلان ڪندي نظر اچن ٿا ته مهانگائيء جي هاڻوڪي شرح ماضيء جي حڪومتن جي ڀيٽ ۾ اڃا گھٽ آهي! پوء ته بهتر اهو ٿيندو ته اوهان اها رهيل ڪمي به پوري ڪري وٺو ۽ اڃا به دل نه ڀرجي ته عوام کي وڌيڪ خود ڪشين تي مجبور ڪيو جو نه رهندو عوام نه وري ڪا رڙ ٿيندي.سرنديء وارن ۽ ڏاڍن تي هٿ ڇو نٿا وجھو.جيڪي ادارا اوهان جي نااهليء جي ڪري ڏينهون ڏينهن برباد ٿي رهيا آهن انهن جو خسارو غريب عوام کان ڪيئن ٿا وصول ڪيو؟بجلي ۽ گئس جي نظام ۾ جيڪا چوري ٿي رهي آهي انهيء جو حساب عوام ڇو ڀري؟ وڏين ڪميشن تي حاصل ڪيل آئي پي پيز ڪمپنيون  جيڪي بجلي پوري مهيا نه ڪرڻ باوجود اربين ڊالر روزانو جي حساب سان رقم وصول ڪري رهيون آهن اها رقم انهن کان وصول ڇو نٿا ڪيو جن اهڙيون بدعنوان ڊيلون ڪيون،آخر عوام اهو ڏنڊ ڪهڙي حساب ۾ ڀري؟اوهان ۾ ايتري همت ۽ جرئت ته آهي ڪانه جو ڪرپٽ مافيا خلاف آپريشن ڪري ملڪي خسارو گھٽائي سگھو باقي غريب ۽ بيوس عوام اوهان کي سولو لڳي ٿو جو مهانگائيء ۽ مالي خساري جو هر بار انهن تي لڏيندا ٿا وڃو ۽ مٿان وري اها عجيب فرمائش ته رڙيون نه ڪيو، صبر ڪيو،حڪومت خلاف سازش ۾ شريڪ نه ٿيو،اسان جا ويهي الف ليلا جا داستان ٻڌو،دليل سڻو،مجبوريون سمجھو،حالتن جو ادراڪ ڪيو وغيره وغيره هاڻي اهو ناٽڪ گھڻو عرصو هلي نه سگھندو.اوهان ته نئون پاڪستان جي نعري هيٺ مهانگائي بابت ماضيء جا سڀ ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن پوء به ويچارو وزير اعظم پڪ سان” بي خبر“ ئي هوندو.هن کي اڃا تائين شايد ڪنهن اٽي ۽ دال جي اگھن جي باري ۾ نه ٻڌايو هجي.هلو مڃون ٿا ته اڳيون حڪومتون ملڪي خزانو خالي ڪري وييون پر اوهان جي ستن سالن جي دور ۾ ملڪي ايڪسپورٽ ڇو ناهي وڌي؟ ملڪ ۾ نئين سيڙپ ڪاري ڇو ناهي ٿي؟ انهن سوالن جو جواب ئي ڏيئي وٺو ته جيئن اوهان جي ڪا قابليت ۽ مهارت هن بيخبر عوام تي ظاهر ٿئي.ملڪي معاملن ۽ معاشي صورتحال کان عوام جو بي خبر هئڻ ته ضرور ٻڌندا اچون پر اصل تبديلي اها آهي جو ملڪ جو اهو وزير اعظم جنهن کي عوام جي لاء تبديلي آڻڻي آهي شايد اهو پاڻ به ” بي خبرن“ ۾ شامل آهي!
حڪومت جي پنهنجي شمارياتي اداري جي رپورٽ مطابق فيبروريء مهيني جي ڀيٽ ۾ مارچ عوام تي نهايت ئي ڳرو رهيو ڇوته مارچ ۾ مهانگائيء ۾ 11.42 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن ڪري مارچ ۾ مهانگائيء جي شرح 9.41 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي ويئي.رپورٽ مطابق جولائي کان مهانگائيء جي شرح 6.79 سيڪڙو رهي.انگن اکرن موجب ساون مرچن جي اگهه ۾ 141.73 سيڪڙو جڏهن ته بصر جي قيمت ۾ 39.27 سيڪڙو واڌ آئي.مٽرن جي قيمت ۾ 27 سيڪڙو،ٽماٽن جي اگھه ۾ 18 سيڪڙو،چڪن ۽ ڪيلي ۾ 15 سيڪڙو جڏهن ته مڱن جي دال 12 سيڪڙو وڌي.ريل جي ڪراين ۾ 19.30 سيڪڙو.هوائي جهازن جي ڪراين ۾ 13.41 سيڪڙو اضافو ٿيو.هائي اسپيڊ ڊيزل 4.45 سيڪڙو اضافو ٿيواڃا ڪجهه ڏينهن اڳ وڏايل تيل ۽ بجليء جي اگھن کي ان رپورٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. هاڻي ايئن نه چئجو ته شمارياتي ڊويزن کي به اصل حقيقتن کان ”بي خبر “رکيو ويو آهي ان ڪري هن اهڙي رپورٽ جاري ڪئي آهي باقي ملڪ ۾ سڪون ئي سڪون ۽ سستائي ئي سستائي لڳي پيئي آهي! ڳالهه رڳو اتي دنگ نٿي ڪري پر ورلڊ بينڪ جيڪا ڳڻتيء جوڳي مالي صورتحال واري رپورٽ جاري ڪئي آهي ان مظابق ايندڙ ڏينهن ۾ به معاشي بهتريء جي ڪا صورتحال نظر نٿي اچي.سو وزير اعظم کي ”بي خبر“ مان ڦري تڪڙو ”باخبر“ بنجڻ گھرجي ته سندس حڪومت خلاف ڪهڙي سٽ سٽي پيئي وڃي؟
(روزاني هلال پاڪستان 11 اپريل 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو