Saturday, June 18, 2016

ادبي پڪوڙا ؛ “خرچي وٺڻ آيو آهيان،فتويٰ پڇڻ نه!”


عباسي خليفو مامون الرشيد خراسان کان حج ڪرڻ جي نيت سان مڪي شريف وڃي رهيو هو.طوس جي هنڌ تي کيس هڪڙو شخص مليو جيڪو چوڻ لڳو؛
“ اي اميرالمومنين! آئون بدو آهيان”
مامون الرشيد اهو ٻڌي چوڻ لڳو؛
“ ان ۾ ڪا حيرت جي ڳالهه نه آهي.”
اهو ٻڌي اهو شخص چوڻ لڳو ؛
“ آئون حج ڪرڻ لاء وڃڻ چاهيان ٿو.”
مامون چيو؛ “ اللھ جي زمين ڪشادي آهي، وڏي خوشيء سان حج ڪرڻ وڃ.”
ان تي بدو چوڻ لڳو؛ “ پر مون وٽ سفر جو خرچ ڪونهي.”
مامون چوڻ لڳو ؛ “ پوء ته توتي حج به فرض ڪونهي.”
بدو چوڻ لڳو؛ “ اميرالمومنين ! آئون اوهان کان ڪجھه خرچي وٺڻ آيو آهيان،فتويٰ پڇڻ نه!”
ان تي مامون الرشيد کلي پيو ۽ کيس موچارو انعام ڏيڻ جو حڪم ڏنائين.



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو