Sunday, September 1, 2019

ماڻهن کان مانيء گراه ته نه کسيو!



شفيق الرحمان شاڪر
هاڻوڪي تبديلي سرڪار ۾ به هڪ پورو عجائب گھر سمايل نظر اچي ٿو جتي روزانو وزير ۽ مشير عجيب غريب بيان ڏيئي قوم کي وندرائڻ جو سامان مهيا ڪندا رهن ٿا.ڪجهه مهينا اڳ هڪ وفاقي وزير اهو بيان ڏنو هو ته قوم رڳو ڪجهه هفتا صبر ڪري پوء ملڪ ۾ هر طرف کان روزگار ۽ نوڪرين جو مينهن وسڻ لڳندو ۽ ايتريون ته نوڪريون نازل ٿينديون جو نوڪريون ڳولهڻ وارا ماڻهو کٽي ويندا پر نوڪريون نه کٽنديون.ان موصوف وزير جي اڳڪٿي ڪيتري قدر  پوري ٿي آهي سو هر ڪنهن کي معلوم آهي.هڪ ٻئي وزير خوشخبري ٻڌائي هئي بلڪه ان وزير سان گڏوگڏ خود خان صاحب پاڻ به اعلان ڪيو هو ته سمنڊ مان تيل نڪرڻ وارو آهي جنهن بعد پاڪستان ٻين ملڪن کي قرض ڏيندڙ ملڪ بڻجي ويندو،پر نه ته تيل مليو ۽ نه ئي پاڪستان قرض ڏيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي سگھيو.مطلب ته هاڻوڪي حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن وٽ عجيب غريب بيانن جو اڻ کٽ خزانو موجود آهي جنهن مان هر وقت ڪجهه نه ڪجهه وڏي سخا سان عوام ۾ ونڊيندا ۽ ورهائيندا رهن ٿا.قوم وزير اعظم جي ان بيان کي به اڃا تائين اکيون ڦاڙي حيرت وچان ڏسي ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري  رهي آهي جنهن ۾ هن فرمايو هو ته مودي کي اليڪشن ضرور کٽڻ گھرجي  جو موديء جي کٽڻ سان ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو خان صاحب جي.مودي جي اليڪشن کٽڻ واري خواهش ته پوري ٿي ويئي پر موديء ڪشمير ۽ ڪشميرن سان جيڪا ويڌن ڪئي آهي اها سڀني جي سامهون آهي.تازو ملڪ جي وزير داخلا برگئيڊر اعجاز شاه جنهن جي طبيعت اڪثر ناساز رهي ٿي تنهن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته 2008ع ۾ هن استعيفا ان ڪري ڏني هئي جو هن ۽ تڏهوڪي آرمي چيف رٽائرڊ جنرل اشفاق پرويز ڪياني  قاف ليگ کي اليڪشن کٽرائڻ جو منصوبو جوڙيو هو،ان منصوبي کي بعد ۾ واپس ورتو ويو هو.گھرو وزير اهو به ٻڌايو ته ان کان پوء پيپلز پارٽيء کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو ۽ آرمي چيف ان ڪم لاء کيس نامزد ڪيو هو جڏهن ته قاف ليگ سان پيپلز پارٽيء جي ڊيل به هن ئي ڪرائي هئي جنهن ڪري پيپلز پارٽيء کي اقتدار مليو پر گڏوگڏ اهو به انڪشاف ڪيو ته محترمه بي نظير ڀٽو جي شهادت سبب پيپلز پارٽيء کي منصوبي کان وڌيڪ ڪجهه سيٽون به مليون.سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن وقت جڏهن ملڪ ۾ اڳيئي سياسي افراتفري ۽ ڇڪتاڻ وارو ماحول آهي ۽ سرحدن تي به غير يقيني واري صورتحال موجود آهي ان وقت ان قسم جي بيانن جو مقصد ڪهڙو آهي.پنهن جي انهيء ”دانشمنداڻي“ انٽرويو ۾ هن ٻيون به کوڙ ڳالهيون ڪيون آهن پر سندس ان ڳالهه کي ڪهڙي معنيٰ پهرائجي جنهن ۾ هن اهو چيو ته ميان نواز شريف ۽ زرداري صاحب جيڪر ملڪ جي ڦريل دولت جو اڌ حصو به واپس ڪرائڻ لاء راضي ٿي وڃن ته هو سندن آزاديء جي ضمانت ڏيڻ لاء تيار آهي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته ملڪ جو گھرو وزير ايترو طاقتور آهي جو هو ملڪ جي عدالتن ۽ احتسابي ادارن کي بائي پاس ڪندي ملزمن کي رليف مهيا ڪري سگھي ٿو.وقت گذرڻ سان گڏ جتي اپوزيشن  جو ڪردار عوام آڏو بي نقاب ٿيو آهي اتي پي ٽي آئي حڪومت جا افعال ۽ پرڪار به کلي ڪري سامهون اچي رهيا آهن.نوي ڏينهن اندر ملڪ جو نظام بدلائڻ جي دعويدارن پورو هڪ سال اقتدار ۾ گذارڻ بعد به اڃا تائين عوام کي ڪو رليف مهيا نه ڪيو آهي بلڪه عوام جون مصيبتون ۽ مشڪلون جيئن پوء تيئن وڌي رهيون آهن.ان پوري سال جي عرصي ۾ ڪو اهڙو عوامي ڀلائيء جو ڪارنامو ناهي جيڪو پي ٽي آئي حڪومت سندس کاتي ۾ ڳڻائي سگھي.ٻيو ته ٺهيو پر حڪومت مهنگائيء جي جن کي قابو ڪرڻ ۾ به بريء طرح ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ کاڌي پيتي جي شين توڙي دوائن جي اگھن ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي.ايستائين جو اٽو اٺيتاليهه کان پنجاهه روپيا ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهيو آهي،اهو ئي حال گيهه،کنڊ، چانورن ۽ کاڌي جي ٻين شين جو آهي جن جا اگھه غريبن جي پهچ کان ٻاهر هليا ويا آهن.ايئن ٿو لڳي ته ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا شيء ئي موجود ناهي.ڳالهيون ٻڌو ته ايڏيون وڏيون جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن.ڪنهن به سرڪاري شعبي ۾ ڪو به سڌارو ته پنهن جي جڳهه تي پر ادارن جي حالت وڌيڪ خراب ٿيندي ٿي وڃي.جڏهن حڪومت جي نااهلين جي ڳالهه ڪجي ٿي ته سامهون اهو جواب ٻڌڻ لاء ملي ٿو ته خان صاحب پاڻ ڪابه ڪرپشن ۽ بدديانتي نه ڪئي آهي .سوال اهو آهي ته ڇا ذاتي طور تي خان صاحب جي اها ايمانداري ڪنهن بکئي جو پيٽ ڀري سگھي ٿي؟ رشوت جي ساڳي بازار هر کاتي ۽ اداري ۾ گرم آهي،ڪو جائز ڪم به رشوت سواء نٿو ٿئي.انهيء کان سواء حڪومتي صفن ۾ به جيڪا عظيم”ديانتداري“ آهي ان جا قصا به هاڻي آهستي آهستي ماڻهن سامهون اچي رهيا آهن.خان صاحب جيڪي به دعوائون ۽ وعدا ڪيا هئا اهي سڀ واريء جا محل ثابت ٿيا آهن.جن به معاملن تي هو سدائين ٻين کي تنقيد جو نشانو بنائيندو رهيو اڄ هڪ هڪ ڪري هو پاڻ به انهن معاملن ۾ الجھي چڪو آهي.عوام جو مقدر ته ڇا بدلجڻو هو هتي ته ماڻهن کان مانيء گراه به کسيو پيو وڃي.جنهن احتساب جو نعرو هڻي هو اقتدار ۾ آيو هو ان ڦوڪڻي مان به هوا نڪرندي ٿي وڃي ۽ اڻ ڌريا حلقا به هاڻي شڪايتون ڪندي نظر اچن ٿا ته احتساب رڳو سياسي مخالفن جو ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت ۾ ويٺل مبينا طور تي ڪرپٽ شخصيتن کي اڃا تائين نه لهر آئي آهي نه لوڏو.ملڪ جي معاشي حالتن ۾ به ڪو قابل قدر سڌارو نه آيو آهي ۽ بي روزگاري سبب سماج ۾ بي چيني ۽ اڻ تڻ لاڳيتو وڌي رهي آهي.حڪومت ڪاروباري مافيا توڙي نوڪر شاهيء وٽ ايترو بليڪ ميل ٿي چڪي آهي جو سندن فرمائش تي نيب جي قانونن ۾ تبديليء لاء راضي ٿي ويئي آهي.احتسابي نظام تي وڌندڙ شڪ شبها حڪومت جي سموري ساک مٽيء ۾ ملائي رهيا آهن.سوال اهو آهي ته جيڪر ايندڙ وقت ۾ به حڪومت جي اها ئي ڪارڪردگي رهي ته ڇا عوام اهو سڀ ڪجهه صبر سان برداشت ڪري سگھندو؟ڇا ايندڙ وقت ۾ به رڳو نعرن،دعوائن ۽ ڍنڍورن سان ماڻهن کي مطئمن رکي سگھبو؟ هن وقت ملڪ جو غريب عوام جنهن ڪرب مان گزري رهيو آهي ۽ جهڙيء طرح مهنگائيء ماڻهن جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي اتي عظيم ”تبديلي“ جا سمورا خواب خان صاحب کي ئي مبارڪ پر گھٽ ۾ گھٽ اٽي جو اگھه ئي سستو ڪيو وڃي جو ماڻهن کان مانيء گراه ته نه کسجي!
(روزاني عوامي آواز 29 آگسٽ 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو