Tuesday, September 24, 2019

جمهوريت جي پردي ۾ فسطائيت جو سفر!



شفيق الرحمان شاڪر
ميڊيلين البرائيٽ امريڪي سياستدان ۽ سفارتڪار پهرين عورت  آهي جيڪا امريڪي سيڪريٽري جي عهدي تي رهي.سندس ڪتاب “Fascism: A warning” ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ فسطائي نشانين جو ذڪر ڪيو ويو آهي.هوء چوي ٿي ته پاپولسٽ سياسي جمهوريتن ۽ فسطائي حڪومتن ۾ ٿورڙو سنهو فرق ٿيندو آهي ۽ انهن ٻنهي نظامن جي وچ ۾ ويجھڙائي آسان هوندي آهي.فسطائي حڪومت جو قيام مشڪل به ٿي سگھي ٿو ۽ اها ڪنهن هڪڙي خراب واقعي يا گھوٽالي جي نتيجي ۾ هڪدم به وجود ۾ اچي سگھي ٿي.هوء انهيء حوالي سان آمريڪي حڪومت جو به جائزو وٺي ٿي ته موجوده حڪومت فسطائي نفسيات رکي ٿي يا نه؟ هوء دنيا کي محتاط رهڻ جي تلقين ڪري ٿي ته ڪٿي به جيڪر جمهوريت کي چيلينج ڪيو وڃي ته اسان کي ان جو تحفظ ڪرڻ کپي.اسان جي لاء ”فسطائيت“ هڪ اصطلاح آهي جيڪو تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهي.ان جو نالو ٻڌندي ئي اسان جو ڌيان هٽلر ۽ ميسوليني طرف وڃي ٿو.دنيا جو اهو دور جڏهن جمهوريتون اڃا اسرڻ جي مرحلي ۾ هيون.تڏهن به حقيقت هيء آهي ته اڄ به دنيا جون ڪيتريون ئي جمهوري حڪومتون جمهوريت دشمن روين جو مظاهرو ڪري رهيون آهن توڙي جو اهي اعلانيه طور تي فاشسٽ ناهن.ڏکڻ آمريڪا کان يورپ تائين گھڻن ملڪن اهي سبب مهيا ڪيا آهن جو اتي جمهوريت جي صورتحال بابت پريشان ٿجي.
بنيتو مسوليني، اٽليء جي فاشسٽ اڳواڻ هڪ ڀيري چيو هو ته طاقت اختيار ڪرڻ جو عمل هڪ زنده ڪڪڙ جا کنڀ پٽڻ جهڙو هئڻ گھرجي،آهستي ۽ خاموشيء سان،هڪ هڪ ڪري،ايئن جو ڪم به ٿي وڃي ۽ ڪنهن کي خبر به نه پوي.فاشسٽ هڪ ئي ڀيري ڪيل بغاوت جي نتيجي ۾ حڪومت قائم نٿا ڪن بلڪه آهستي آهستي جمهوريت جي طرز تي طاقت حاصل ڪندا آهن.اهڙو ئي هڪ مثال ايڊوليف هٽلر جو آهي جنهن جمهوريت ۽ غير آئيني ٻنهي طريقن جو استعمال ڪندي اختيار حاصل ڪيو.ڏکڻ جرمني علائقي ”باواريا“ ۾ هڪ ناڪام بغاوت بعد هن حڪومت حاصل ڪرڻ جو اهو عمل انجام ڏنو جنهن کي ”آئيني عمل “چيو وڃي ٿو.جتي هن پنهنجو پاڻ کي چونڊرايو ۽ نيٺ پنهنجو پاڻ کي جرمني جو چانسيلر بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.جتي هن رياستي ادارا معطل ۽ مقامي سياسي عمل بند ڪري ڇڏيو.پنهنجن سياسي مخالفن کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو.غير وفادار سرڪاري ملازمن کي گھر موڪلي ڇڏيو ۽ هڪ مطلق العنان حڪومت قائم ڪري ورتي.رجب طيب اردگان، ترڪ اڳواڻ پنهنجي طاقت آهستي آهستي مضبوط ڪئي.سال 2002ع ۾ هو هڪ جمهوري چونڊ عمل ذريعي اقتدار ۾ آيو ۽ آهستي آهستي انهن سمورن ادارن کي معطل ڪري ڇڏيو جيڪي سندس حڪومت جي نگرانيء تي مقرر هئا.سوين فوجي آفيسر۽ سپاهي بغاوت جي رٿابندي ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيا ويا.انهن مان ڪجهه ته واقعي بغاوت ۾ شامل هئا ۽ باقي رڳو الزام هيٺ سزا کائي ويا.هن جي حڪومت انهن ميڊيا گروپس کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جيڪي حڪومت جي حمايت نه ڪري رهيا هئا.هن قانون سازي ڪري عدليا ۾ پنهنجا وفادار جج مقرر ڪرڻ جو اختيار به حاصل ڪري ورتو.2016ع ۾ هڪ حقيقي بغاوت کي ناڪام بنائيندي هن ملڪ ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي ۽ انهيء دوران سياسي مخالفن ۽ صحافين کي گرفتار ڪيو ويو.هن هڪ ريفرينڊم ڪرايو جنهن جي نتيجي ۾ هن کي اختيار ملي ويو ته هو پنهنجي حڪم ذريعي قانون جوڙي سگھي.هن گرفتارين جو حڪم جاري ڪيو ۽ گرفتار ٿيلن جي معاملن ۾ انصاف جون گھرجون پوريون نه ڪيون وييون.قدم بقدم ۽ آهستي آهستي،پهريون چونڊون کٽڻ بعد اردگان پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪيو۽ رياستي ادارن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو.
فسطائيت آهستي آهستي اهڙي ته انداز سان طاقتور ٿئي ٿي جو ڪنهن کي ان جي خبر به نٿي پوي ۽ جڏهن ماڻهن کي خبر پوي ٿي ته اها ايتري قدر مضبوط ٿي چڪي هوندي آهي جو ان جي مزاحمت ڪري نٿي سگھجي.ان معاملي کي بهتر نموني سمجھڻ لاء نازي جرمني جو مثال سامهون رکون ٿا. هٽلر طاقت حاصل ڪرڻ لاء جرمن شهرين جي ڪاوڙ کي پنهنجن مقصدن لاء استعمال ڪيو. اوڻويهين صديء جي ٽئين ڏهاڪي ۾ يورپ هڪ بحران مان گذري رهيو هو ۽ جرمني ان جي بدترين صورت هئي.ملڪ کي پهرين جنگ عظيم ۾ شڪست ٿي هئي ۽ ان جا گھڻا شهري پنهنجو پاڻ کي هڪ هارايل قوم محسوس ڪري رهيا هئا.انهن ۾ ئي هڪ اڳوڻو فوجي جوان هٽلر به هو. جنگ دوران گئس جي هڪ حملي ۾ هن جي نظر هلي ويئي هئي توڙي جو 1918ع ۾ سندس نظر واپس موٽي آئي ۽ اهو لمحو هن لاء نهايت ئي سڪون وارو هو.هن ڏٺو ته ملڪ تباهه ٿي چڪو آهي ۽ جنگ کٽڻ وارن سندس ملڪ تي ڳرو ڏنڊ وجھي ڇڏيو آهي ،ان سان گڏوگڏ ملڪ جي زمين تي غير ملڪين جو قبضو نوجوان هٽلر لاء نهايت ئي تڪليف ڏيندڙ ۽ شرمناڪ هو.گھڻن جرمنن مطابق انهن سان دوکو ڪيو ويو هو ۽ ايئن ڪرڻ وارا بولشيوڪ انقلابي،بيورو ڪريٽس ۽ بينڪرز هئا.سڀ کان وڌي ڪري ان جا ذميدار يهودي هئا.هڪ ڏهاڪي بعد هٽلر هڪ جادوئي شخصيت ۽  پر اثر مقرر بڻجي چڪو هو.تنهن هوندي به هن جي سياسي جماعت نيشنل سوشلسٽ ورڪرز پارٽي، نازي اڃا هڪ ننڍڙي سياسي جماعت هئي.پوء عالمي معاشي گھوٽالو اچي پهتو.ان وقت جرمني اڃا جنگ جو ڏنڊ ادا ڪري رهيو هو ۽ ان لاء سندس دارومدار ٻين ملڪن کان حاصل ٿيندڙ قرض تي هو.اوچتو ئي اوچتو ٻاهران ايندڙ ان رقم جو سلسلو رڪجي ويو.ايڪسپورٽ رڪجي ويئي،فيڪٽرين جي پيداوار بند ٿي ويئي،قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون،ڪاروبار بند ٿي ويا ۽ بيروزگاري ئي بيروزگاري پکڙجي ويئي.هٽلر ان افرا تفري کي استعمال ڪيو. هٽلر جي انقلابي پيغام انهن ضرورتن کي اپيل ڪيو.هن دعويٰ ڪئي ته هو هڪ عام ماڻهو آهي جيڪو پنهنجي وطن جي طاقتور دشمن خلاف اٿي سامهون ٿيڻ گھري ٿو.هن وعدو ڪيو ته هو وطن جو سچو سپوت ثابت ٿيندو ۽ وطن جا شهري هڪ دفعو وري عظيم بڻجندا. هو خوش هو ته سندس دشمن سندس تقريرن کان ڪيترو تنگ آهن.انهن جي بدنامين متعلق ٻڌي هٽلر جا حامي گھڻو خوش هئا.هن پنهنجن حامين کي يقين ڏياريو ته هن کي سندن گھڻي ڳڻتي آهي ايستائين جو جڏهن واقعن ثابت ڪيو ته هٽلر کي پنهنجن حامين جي جان ۽ مال جي ڪجهه به پرواهه ناهي،هن پاڻ به مڃيو،خوشيء سان ٻڌايو  ته زبردست ڪوڙ ۽ سمورن جرمنن جون سموريون تڪليفون هڪڙي ئي جملي ۾ سمائجي وييون جيڪو رڳو هڪ ڀڙڪائيندڙ فسانو هو.هن چيو ته هن وٽ رڳو ٻه رستا آهن يا ته آريا نسل جا ماڻهو کٽيندا يا اهي شڪست کائيندا ۽ يهودي کٽي ويندا. اهو اهڙو بيانيو هو جنهن سندس سياسي تحريڪ کي زور وٺايو.هٽلر ۽ نازي ازم ٻئي ظلم جي اعليٰ مرتبي تي فائز هئا.نسل پرستي ۽ جنون،تنهن هوندي به فسطائيت پاڻ ڪو استشنائي نظريو ناهي ۽ فسطائيت ڪا خوفناڪ شيء ناهي بلڪه اها انساني سماج جي هڪ عام هلت آهي جيڪا وري وري موٽي اچي ٿي.جڏهن اسان فسطائيت جي باري ۾ سوچيون ٿا ته اسان جي دماغ ۾ هٽلر،ميسوليني ۽ اسٽالن جون تصويرون گھمڻ لڳن ٿيون تنهن هوندي به حقيقت اها آهي ته فاشزم جو فصل اسان جي سوچ کان وڌيڪ تيز اسري ٿو ۽ انهيء جي اوسر انهن علائقن ۾ به ٿئي ٿي جن جي باري ۾ اسان گھڻو سوچيون نٿا.اوهان انهيء کي برطانيا ۾ ڏسي سگھو ٿا جيڪو هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ويهين صدي دوران آزاديء جي جنگ فخريه طور تي وڙهي تنهن هوندي به ان جي پنهنجي به هڪ فسطائي تحريڪ رهي آهي.”سر اوس والڊ موزلي“ هڪ نج برطانوي گورو جنهن مڇون به هٽلر جيان رکيون هيون ۽ جنسي خواهشون مسوليني جهڙيون هيون ان برٽش يونين آف فاشسٽ نالي تنظيم جوڙي.ان جا نظريا فسطائيت جي نصابي ڪتابن مان ورتل هئا. ٻين فاشسٽ اڳواڻن جيان موزلي پنهنجي ذاتي فوج ڀرتي ڪئي جن جي ڀوري رنگ جي ورديء انهن کي ”بليڪ شرٽس“ جو نالو ڏنو ۽ گھٽي محلي ۾ انهن جي احتجاجن ۾ عوام جو وڏو انگ شريڪ ٿيو.اهو نهايت خطرناڪ هو جو هٽلر جهڙي ڀوري شرٽس پائڻ وارن پاڙيسري ملڪن تي قبضو ڪيو ۽ ان سبب ئي موزلي جي جماعت مقبوليت حاصل ڪرڻ کان محروم رهي.ڪيترن ئي ملڪن اهڙين تحريڪن جو مشاهدو ڪيو آهي.ڀارت ۾ هندو قوم پرستن کي مسلمانن جي موجودگيء پريشان ڪيو ۽ اهي برطانوي راڄ خلاف ڪاوڙيا.انهن هٽلر ۽ ميسوليني سان همدردي ڏيکاري جن جي ملڪن جنگ جي رستي ڏانهن وک وڌائي.اسپين.آئيسلينڊ،رومانيا،چيڪو سلواڪيا ۽ ايستائين جو آمريڪا ۾ به فاشسٽ تحريڪن مٿو مٿي کنيو.فسطائين ڪيترائي ڀيرا تارڪين وطن ۽ غير اطمينان بخش سياست جي خلاف ڪاوڙ جي بنياد تي اقتدار حاصل ڪيو.مثال طور تي ميسوليني ان ڪري اقتدار حاصل ڪيو ڇو ته هن سمجھي ورتو هو ته گھڻا اطالوي شهري پنهنجي ملڪ جي موجوده صورتحال تي خوش ناهن.هن سمورين قوتن کي اهو چئي رد ڪري ڇڏيو ته سرمائيدار اهي آهن جيڪي اطالوي شهرين جو استحصال ڪري رهيا آهن ۽ بولشيوڪ انقلابي انهن جي سماج ۾ افراتفري پکيڙڻ گھرن ٿا ۽ نظام جا حامي سياستدان جيڪي رڳو ڳالهيون ڪن ٿا پر ڪو به علاج نٿا ڪن.هن وعدو ڪيو ته هو گند صاف ڪندو. جڏهن هو حڪومت ۾ آيو ته ان 53 هزار سرڪاري ملازم ڪڍي ڇڏيا.
اڄ جڏهن اسان دنيا تي نظر ڊوڙايون ٿا ته ڏسون ٿا ته ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جتي حڪومتون يا فسطائي نظام سان محبت وڌائين ٿيون يا انهيء کي پوريء طرح قبول ڪري چڪيون آهن.انهن مان ٻن جي مثالن کي وضاحت سان ڏسون ٿا.ونزويلا ۽ هنگري ٻنهي ۾ فسطائي نظام سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن.اڄ جي دور ۾ چند حقيقي فاشسٽ رياستون موجود آهن.ونزويلا هڪ مثال آهي.هوگو شاويز 1998ع ۾ چونڊون کٽيون هيون ۽ آئيني چونڊن ۾ ملڪ جو صدر چونڊيو هو.هن اهڙي حڪومت کي شڪست ڏني هئي جيڪا ماڻهن ۾ مقبوليت وڃائي چڪي هئي.هن وعدو ڪيو هو ته هو اقتدار ۾ اچي مزدورن ۽ مشڪلن جي شڪار ڪٽنبن جي مدد ڪندو.هن چونڊون کٽيندي ئي تيل جي وڌندڙ آمدنيء سبب ماڻهن جون زندگيون بهتر بنائڻ لاء قدم کنيا.ڪرشماتي شخصيت جي مالڪ شاويز پنهنجي ذاتي قابليت ۽ ڪرشمي کي بي رحميء سان استعمال ڪيو جڏهن هن ونزويلا جي تيل ڪمپنيء کي ڳڙڪائڻ گھريو ته هن رڳو حڪم جاري نه ڪيا بلڪه ان ڪمپنيء جي مالڪن کي گھرايو ته اهي هن سان سڌو سنئون ٽي وي پروگرام ۾ شامل ٿين ۽ پوء واري واري سان انهن کي نوڪريء تان هٽائي ڇڏيو.هن پنهنجي دشمنن خاص طور تي آمريڪا خلاف ذاتي طور تي احتجاجن۾ شرڪت ڪئي ۽ ٽيليويزن تي نو ڪلاڪن تائين به ان خلاف تقريرون ڪيون.شاويز جي حڪومت دوران ونزويلا جي گھڻن شهرين صحت جون بهتر سهوليتون،سٺيون پگھارون ۽ قومي فخر جي احساس جو مزو ورتو.هو هٽلر يا ميسوليني نه هو پر هن جي ڪرشماتي شخصيت ۽ قومي سطح تي عواميت پسندي سان اهي حقيقتون لڪي نٿيون سگھن ته هن جي حڪومت ججن کي ٻاهر ڪڍي،سرڪاري ملازمن جون نوڪريون ختم ڪري ۽ پنهن جي مخالف احتجاجين کي ڪچلڻ لاء ذاتي پوليس فورس جوڙي رياستي ادارن کي ڪمزور ڪيو.
هڪ ٻيو وڏو مثال هنگريء جو ”وڪٽر اوربان“ آهي.جمهوري طريقي سان چونڊجندڙ اوربان غير لبرل جمهوريت ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.هن بي رحميء سان نسلي فخر جو اظهار ڪيو آهي  ۽ ماگيار عورتن کي چيو آهي ته اهي گھڻي ۾ گھڻا ٻار پيدا ڪن.پنهنجن اختيارن ۾ واڌاري لاء هن پنهنجي ڪرشماتي شخصيت جو استعمال ڪيو آهي.هو چونڊ ضابطن ۽ ملڪ جي آئيني نظام تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪري رهيو آهي.اوربان گھڻي حد تائين ونزويلا جي شاويز جيان پڌري طور تي فسطائي ناهي تڏهن به ان جي حڪومت ۾ اهي ئي نشانيون موجود آهن جن کي اسان فسطائيت جون نشانيون سمجھون ٿا.جمهوريت جي محافظن کي جمهوريت کي لاڳو خطرن متعلق پريشان ٿيڻ گھرجي.اهي سڀ ماڻهو جن پنهنجن زندگين ۾ برلن جي ديوار ڪرندي ڏٺي آهي انهن کي اهو جوش ياد هوندو جيڪو ان ديوار کي ڪرندو ڏسي ماڻهن جي دلين ۾ اڀريو هو.اهو احساس هو ته جمهوريت هاڻي قائم رهندي پر اڄ وري اهو جوش ڪمزور ٿي رهيو آهي.
(روزاني هلال پاڪستان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو