Wednesday, September 11, 2019

اچو ته ”حسينيت” ۽” يزيديت” کي سڃاڻون!



شفيق الرحمان شاڪر
ٻن عنوانن ”حسينيت“ ۽ ”يزيديت“ جي سڃاڻپ ڇو ضروري آهي؟ جيڪر رڳو علم جي حد تائين انسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ته فرق نٿو پوي جو ڪربلا جي باري ۾ سندس معلومات انسان کي ڪٿي به نٿي پهچائي.اڄ ڪلهه جنهن شيء جي ڄاڻڻ جي ضرورت آهي سا اها ته انسان ڪربلا ۾ داخل ٿيڻ لاء ڪو رستو ڳولهي جيئن پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جن فرمايوته ” حسين هدايت جو ڏيئو ۽ نجات جي ٻيڙي آهي.“ ٻيڙيون انسانن کي اتي نجات ڏينديون آهن جتي اونها ۽ عميق سمنڊ هجن ۽ انهن سمنڊن ۾ تيز طوفان به هجن،بي رحم موجون ۽ لهرون به هجن ۽ ماڻهن جو انهن سمنڊن ۾ غرق ٿيڻ جو خطرو هجي.اهڙي وقت ۾ ٻيڙيون اچن ٿيون ۽ انسانن کي بچائين ٿيون ۽ انسانيت جي لاء اهڙيء ٻيڙيء جو نالو حسين رضه آهي.جڏهن انسانيت تباهيء جي ڪناري پهچي ٿي يعني جڏهن انسانيت ڪري پوي،غرق ٿيڻ لڳي جو يزيد جهڙو حڪمران،يزيديت جهڙو نظام اقتدار ۾ اچڻ لڳي ۽ انسان ويٺو تماشو ڏسندو رهي،اها ئي حقيقت ۾ انسانيت جي تباهي ۽ بربادي هوندي آهي ۽ اهڙي برباديء مان انسانيت کي حسينيت ئي ڇوٽڪارو ڏياريندي آهي.يزيديت ڪنهن هڪڙي فرد جو نالو ناهي بلڪه يزيديت هڪ طبقو ۽ هڪ نظام آهي.اهو طبقو ۽ اهو نظام يزيد کان پهرين به موجود هو،يزيد جي وقت ۾ به هو ۽ يزيد کان پوء به قيامت تائين موجود رهندو.اهڙيء طرح حسينيت به هڪ منشور،هڪ اعلان ۽ هڪ نظام آهي جيڪو حسين رضه کان اڳ به هو،حسين رضه جي وقت به رهيو ۽ حسين رضه کان بعد قيامت تائين موجود رهندو.اهو ته اسان ٻڌندا آيا آهيون ته ڪربلا جو واقعو ڪيئن ٿيوپر ٻيا ڪيترا واقعا آهن جن جي باري ۾ اسين نٿا ڄاڻون،ڪيئي اهڙا ڪردار جن کان اسان اڻ واقف آهيون.
ڪربلا ۾ ڪي ٻه فرد آمهون سامهون نه هئا پر ٻه طبقا يا ٻه نظام مقابلي ۾ هئا.حسين نبين جي نسل جو وارث هو.وارث اهو ٿيندو آهي جنهن کي ڪجهه ورثي ۾ مليو هجي.امام حسين رضه ڪهڙي شيء ۾ نبين جو وارث هو.نبي ۽ رسول ته ورثي ۾ نه مال ملڪيت ڇڏيندا آهن ۽ نه ئي جائدادون.پوء آخر اها ڪهڙي شيء هئي جيڪا امام سائينء کي ورثي ۾ ملي هئي جنهن کي بچائڻ لاء کين ڪربلا جي ميدان ۾ اچڻو پيو؟حسين رضه جو نالو ته سڀ وٺن ٿا،پوري مخلوق سندن نالو وٺي ٿي.چون ٿا ته هڪ انگريز جڏهن گانڌيء کان انٽرويو وٺڻ آيو ته هن سوال ڪيو ته اوهان پنهنجي قوم ۾ ڪهڙيء طرح اهو روح ڦوڪيو ته هن چيو ته مون تاريخ پڙهي آهي ۽ مون کي معلوم ٿيو ته صديون اڳ هڪ حسين هو جيڪو ڪربلا جي ميدان ۾ آيو هو جنهن مون کي اهو سبق سيکاريو ته قوم ۾ ڪهڙيء طرح قربانيء جو روح ڦوڪي سگھجي ٿو.
آدم کان ويندي اڄ تائين حسينيت يزيديت سان مقابلي ۾ آهي ۽ قيامت تائين رهندي.حسينت حق ۽ يزيديت باطل آهي.حسينيت سچ ۽ يزيديت ڪوڙ آهي،حسينيت روشني ۽ يزيديت اوندهه آهي.حسينيت انصاف ۽ يزيديت ظلم آهي.حسينيت نفس ڪشي ۽ يزيديت نفس پرستي آهي.ڪربلا جي جنگ ۾ امام عالي مقام رضه جي قرباني ايمان وارن کي ڪهڙو سبق ڏيئي رهي آهي؟اها ئي ڳالهه سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي آهي.هر حسيني اهو ڏسي ته هن جو آسپاس ڪهڙي ڪهڙي شڪل ۾ يزيديت سان مقابلوآهي ۽ هو انفرادي توڙي اجتماعي طور تي ان يزيديت خلاف وڙهي رهيو آهي يا نه؟پنهنجن نفسن ۽ خواهشن جي پيروي ڪندڙ ڪهڙيء ريت حسينيت کي سمجھي سگھن ٿا؟حلال رزق کائيندڙ ۽ دل ۾ بغض ۽ ڪينو نه رکندڙ مومن ئي حسينيت کي سمجھي سگھن ٿا.حرام جو گراهه کائيندڙ،ٻين جو مال ناجائز طريقي سان هضم ڪندڙن جو حسينيت سان ڪهڙو تعلق؟مذهب جي نالي تي دهشتگردي ڪندڙ ۽ نسلن جي بنياد تي نفرتون پکيڙيندڙ،عوام جو استحصال ڪندڙ ۽ ماڻهن جي رت سان راند ڪندڙ ڪهڙيء طرح حسينيت سان حب جا دعويدار بڻجي سگھن ٿا؟معصوم انسانيت جا قاتل،ماڻهن جي مال،جان ۽ عزت سان کيڏندڙ ۽ دنيا جي ڪمزور قومن تي ظلم جا جبل ڪيرائيندڙ سڀ جا سڀ يزيديت جا پيروڪار آهن.ڪشمير ۽ فلسطين ۾ اڄ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀ ڪجهه يزيديت ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟انهيء يزيديت پوري دنيا جو سک ۽ چين برباد ڪري رکيو آهي،لکين ماڻهن کي بي گھر ڪيو آهي ۽ هزارين ٻارن کي معذور بنائي ڇڏيو آهي.ڪنهن ظالم ۽ جابر حاڪم سامهون حق جي ڳالهه چوڻ ئي حسينيت آهي پر دنيا جي نام نهاد اڳواڻن ۽ حڪمرانن مظلوم قومن تي ٿيندڙ هر ظلم تي پنهن جا چپ سبي رکيا آهن ۽ دعويٰ حسينيت جي ڪري رهيا آهن.امام حسين رضه جو ڪربلا طرف مارچ سر بچائڻ لاء نه پر سر ڪٽائڻ لاء هو.ڪربلا ۾ حسين رضه بعد دنيا ٻيو ڪو اهڙو آزادي پسند اڳواڻ ناهي ڏٺو جنهن ان انداز سان ڪنهن ظالم کي للڪاريو هجي.اسي هزار کان مٿي ڪشميري ڀارتي يزيديت خلاف پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن،اهڙيء طرح هٿين خالي فلسطيني يزيديت خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن،اهي سڀ حسينيت جا پيروڪار آهن.دنيا ۾ جيڪو به جتي به حق جي ڳالهه ڪري رهيو آهي،ڪنهن ظالم خلاف چيلهه ٻڌي بيٺل آهي.ڪنهن مظلوم جي مدد ڪري رهيو آهي،ڪنهن ناانصافيء خلاف آواز بلند ڪري رهيو آهي اهو سچو حسيني آهي.ڏٺو وڃي ته قدم قدم تي اڄ به ڪا ڪربلا آهي جتي ڪو نه ڪو يزيد حسينيت تي پنهن جي جبر،ظلم ۽ ڏاڍ جا هٿيار استعمال ڪري رهيو آهي.دنيا جي آزاد قومن کي مجبور ۽ بي پهچ ڪري انهن کي غلام بنائڻ جي روش،انهن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي ريت ۽ انهن جي عوام کي معاشي بحرانن ۾ ڦاسائي کين پيڙهڻ جو انداز ڀلي ڪهڙو به هجي پر انهن سمورين حرڪتن پويان اهو ئي يزيدي ذهن ڪم ڪري رهيو آهي پر حسينيت جو شان اهو آهي جو
” جفا ڪي  تيغ  سي گردن  وفا   شعارون ڪي
ڪٽي تو هي بر سر ميدان مگر جھڪي تو نهي.“
(روزاني عوامي آواز 10 سيپٽيمبر 2019ع)



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو