Friday, January 3, 2020

سال 2020ع پاڪستان لاء ڪيئن هوندو؟



شفيق الرحمان شاڪر
مشهور ماهر فلڪيات ۽ علم الاعداد روزينا جلال گذريل سال جيان سال 2020ع جي باري ۾ به اهم اڳڪٿيون ڪيون آهن،سندس چوڻ مطابق گذريل سال جاري ڪيل سندس اڳڪٿين مان اٽڪل نوي سيڪڙو صحيح ثابت ٿي چڪيون آهن جن ۾ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي گرفتاري ۽ اڳوڻي فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جو سياسي باب بند ٿيڻ بابت ڪيل اڳڪٿيون به شامل هيون.روزينا جلال سال 2020ع جي باري ۾ اڳڪٿي ڪندي چوي ٿي ته زائچي موجب سال 2020ع پاڪستان جي تعميري بنيادين تي نئين اڏاوت جو سال هوندو.هن سال ۾ جتي چنڊ گرهڻ ۽ سج گرهڻ سبب ڪجهه معاملن ۾ پاڪستان لاء ڏکيائيون پيدا ٿينديون  اتي الحمد للله پاڪستان،ايران ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ بهتري ايندي.ان دوران هندستاني خفيا ايجنسي جيڪا جتي به ڪا دهشتگرد ڪاروائي ڪندي اها دنيا آڏو بي نقاب ٿي ويندي ۽ بين الاقوامي طور تي هندستان لاء تماشي جو سبب بڻبي.روزينا موجب انشاء الله هي سال پاڪستان جي ترقيء جو سال هوندو ۽ ٻين ملڪن سان وڏا وڏا معاهدا ٿيندا.ملڪ جي قرضن ۾ گھٽتائي ايندي.ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جو اگھه مستحڪم ٿيندو.هن سال کي عورتن جو سال چئجي ته غلط نه ٿيندو.عورتن لاء خوشخبري آهي ته اهي ڪو به ڪم ڪرڻ گھرن پوء اهي گھريلو عورتون هجن يا اهي شوبز جي دنيا سان واڳيل هجن هي سال سندن عروج جو سال ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ ته 2020ع جو سال چئن عددن جو جڙيل آهي جيڪو هڪ ٻڌي عدد آهي. عورتون چاهي پارلر جي ڪاروبار سان ڳنڍيل هجن يا ڪنهن ٻئي شعبي سان اهي هر شعبي ۾ ترقي ڪندي نظر اچي رهيون آهن.ان کان سواء پاڪستان جا پوري دنيا جي ملڪن سان معاهدا ٿيندا جنهن سان بيروزگار پاڪستانين کي روزگار جا بهترين موقعا مهيا ٿيندا.سي پيڪ جيڪو گذريل سال سست رفتاريء جو شڪار رهيو ان ۾ هن سال گھڻي تيزي ايندي.روزينا موجب 10 جنوريء تي چنڊ گرهڻ ٿي رهيو آهي جنهن سبب حڪومتي عهدن ۾ گھڻي اٿل پٿل نظر اچي رهي آهي،نه رڳو انهن جي عهدن ۾ تبديلي ايندي پت ڪيئي نوان چهرا به سامهون اچي سگھن ٿا.انهيء دوران لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ وڌي سگھي ٿي ۽ صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي سگھي ٿي.پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ محدود نوعيت جي جنگ به لڳي سگھي ٿي.ملڪ ۾ انارڪيء جا وڌندڙ آثار نظر اچي رهيا آهن.جنوري ۽ جون جي وچ ڌاري ڏوهن جي شرح ۾ واڌارو نظر اچي ٿو ۽ انهيء دوران اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائيء جو لاڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. حڪومت خلاف مذهبي ۽ سياسي جماعتن طرفان مظاهرن،جلسن ۽ جلوسن جو سلسلو به شروع ٿي سگھي ٿوجنهن تي وفاقي حڪومت پاران سخت رد عمل به سامهون اچي سگھي ٿو. اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي حڪومت ۽ فوج هڪ ئي پيج تي نظر ايندي.جنوري ۽ جون جي وچ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ اختلاف نظر اچي رهيا آهن.چنجين ۽ ڇهين جون جي وچ واري رات ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سج گرهڻ ٿيندو جيڪو لاڳيتو پنج ڪلاڪ جاري رهندو پر ان جي نحوست پهرين جون کان ئي شروع ٿي ويندي.انهيء دوران حڪومت پاران ميڊيا تي پابنديون وڌيڪ سخت ٿي سگھن ٿيون ۽ ميڊيا جي حوالي سان سخت قسم جا قانون جڙي سگھن ٿا ۽ ميڊيا جي آزادي کسجي سگھي ٿي.خبرن ۽ تجزين جي سلسلي کي روڪي سگھجي ٿو.وفاقي سطح تي شهرين لاء بهترين سفري سهولتون مهيا تي سگھن ٿيون پر ڪراين ۾ واڌ ٿيندي نظر اچي رهي آهي.ٽيڪس جي قانونن ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو،زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن لاء بهترين سهولتون فراهم ٿي سگھن ٿيون،زرعي اپت ۾ واڌارو ٿيندو،هاري خوشحال ٿيندا،زريد توڙي وڪري ۾ فائدو ٿيندو. ڪاروباري طبقي کي معيشت ۾ نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.پاڪستان جنگي هٿيارن جي خريداريء جو ٺاهه ڪري سگھي ٿو.21 جون جي سج گرهڻ ۽ 5 جولائي جي چنڊ گرهڻ دوران پاڪستاني فوج جي چر پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نظر اچي رهي آهي.ان دوران ڀارت جي مختلف رياستن ۾ بغاوت جو سلسلو شروع ٿي سگھي ٿو ۽ والاريل ڪشمير جيان ٻين رياستن ۾ به ڪريفيو لاڳو ٿي سگھي ٿو.انهيء دوران ڀارت دنيا جي انسروني معاملن تان ڌيان هٽائڻ لاء سرحدن تي چڪتاڻ پيدا ڪري سگھي ٿو.آگسٽ ۽ سيپٽيمبر جي وچ ۾ والاريل ڪشمير ۾ سختيون وڌيڪ وڌي سگھن ٿيون ۽ ڀارت وڌيڪ انساني حقن کي لتاڙيندي نظر اچي ٿو.انهيء دوران انتها پسند تنظيم آر ايس ايس بين الاقوامي سطح تي پابنديء هيٺ اچي سگھي ٿي.ڀارت پاران القائده جهڙي دهشتگرد تنظيم کي فنڊ مهيا ڪرڻ جا ثبوت منظر عام تي اچي سگھن ٿا.آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ڀارتي ميڊيا پنهنجن غلط افواهن ۽ پاڪستان خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪرڻ تي دنيا سامهو کل جوڳو بڻجي سگھي ٿو.پاڪستان کي بين الاقوامي فورم تي ڀرپور حمايت حاصل ٿيندي،ٻئي پاسي پاڪستان کي اندروني طور تي مختلف قسم جي سازشن کي منهن ڏيڻو پوندو پر پاڪستان ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھي ٿو.ماهر فلڪيات موجب 30 نومبر ۽ 31 ڊسمبر تي سج کي گرهڻ لڳندو جيڪو عوام توڙي حڪومت لاء ڪنهن امتحان کان گھٽ نه هوندو.بد قسمتيء سان مشتري ۽ زحل جو ان دوران ٽڪراء به ٿي رهيو آهي ان ڪري اها نهايت ئي نحس ساعت هوندي ان دوران صدقي،خيرات ۽ نماز جي پابنديء سان انهيء نحوست کي پري ڪري سگھجي ٿو.روزينا جلال جو چوڻ آهي ته هوء 2020ع جي باري ۾ پنهنجن انهن سمورين اڳڪٿين جي سو سيڪڙو پوري ٿيڻ جون دعوائون ته نٿي ڪري سگھي ڇاڪاڻ ته اسان سڀني جو ايمان آهي ته سڀ جو سڀ علم غيب ته فقط الله تعاليٰ ئي ڄاڻي ٿو.هوء رڳو کيس حاصل عددن جي علم ذريعي پنهنجو تجزيو پيش ڪري سگھي ٿي جيڪو گھڻو ڪري صحيح ۽ ڪڏهن ڪڏهن غلط به ثابت ٿي سگھي ٿو.سندس چوڻ موجب صدقو ۽ خيرات ڪيترين ئي مصيبتن ۽ آفتن کي ٽاري ڇڏي ٿو انهيء ڪري نحس ڏينهن ۾ صدقو ڏيڻ گھرجي ۽ هر وقت الله تعاليٰ کان مصيبتن ۽ آزمائشن کان پناهه گھرڻ گھرجي.شال الله پاڪ پاڪستان کي دشمنن جي هر شر کان محفوظ رکي ۽ سال 2020ع کي پاڪستان توڙي پوري دنيا جي انسانن لاء حقيقي خوشحاليء جو سال بنائي!
( روزاني هلال پاڪستان 1 جنوري 2020ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو