Friday, April 17, 2020

سعودي عرب ؛ هاڻوڪو معاشي بحران ۽ خانداني رنجشون!



سعودي عرب ؛ هاڻوڪو معاشي بحران ۽ خانداني رنجشون!
شفيق الرحمان شاڪر
شاهي خاندان ۾ ڦيٽاڙي جي هاڻوڪي لهر هڪ اهڙي وقت اٿي آهي جڏهن سعودي عرب نين آزمائشن کي منهن ڏيئي رهيو آهي.سعودي عرب جي بادشاه شاه سلمان بن عبد العزيز جڏهن کان تخت سنڀاليو آهي،تيل جي دولت سان مالامال ساڍن ٽن ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل هي ملڪ عالمي خبرن جو موضوع رهيو آهي.مشهوري جو هڪ وڏو سبب سعودي عرب جي غير معمولي سياسي،معاشي ۽ سماجي نئين جوڙجڪ آهي جنهن جي شروعات شاه سلمان جي پٽ شهزادي محمد جنوري 2015ع ۾ وزير دفاع ۽ نائب ولي عهد جو عهدو سنڀاليندي ئي ڪئي هئي. هن ماهرن جون ٽيمون جوڙي جديد سعودي جي تعمير جي شروعات ڪئي هئي ۽ اپريل 2016ع تي السعوديه ويزن 2030ع جو اعلان ڪيو ويو.انهيء منصوبي جو بنيادي نڪتو سعودي معيشت جي نواڻ هو ته جيئن ملڪي معيشت تيل هٿان يرغمال بڻيل نه رهي.ان سان گڏوگڏ هن نجي شعبن جي تعاون سان صحت۽ تعليم،بنيادي ڍانچي،تفريح ۽ سياحت جي شعبن کي ترقي ڏيڻ جو خيال پيش ڪيو جنهن ۾ حڪومت جو ناڻو،حصو ۽ مداخلت گھٽ ۾ ڪري سگھجي.منصوبي مطابق 2030ع تائين سعودي عرب کي عرب ۽ اسلامي دنيا جي دل،بين الاقوامي سيڙپ جو مرڪز ۽ ٽن کنڊن يعني ايشيا،آفريڪا ۽ يورپ جو معاشي سنگم بنائڻو آهي.ان سلسلي ۾ جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو ان جا ڪجهه نڪتا يعني سينيما ۽ موسيقي،تفريحي سرگرميون،راند روند جون گڏيل مجلسون،عورتن کي معاشي ۽ سماجي طور تي با اختيار بنائڻ جي باري ۾ عورتن جي ٻاهرين ملڪن ڏانهن سفر لاء محرم جي شرط جي منسوخي،عورتن کي ٻاهر نڪرڻ مهل عبايا پهرڻ جي شرط ۾ نرمي،ڇوڪرن جي نيڪر يا شرٽس پهرڻ جي اجازت،غير ملڪي مردن ۽ عورتن لاء هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائڻ وقت نڪاح نامو ڏيکارڻ جو شرط ختم ڪرڻ بابت عالمن کان سواء خود شاهي خاندان اندر به بيچيني موجود رهي آهي.سياحت جي ترقيء لاء تبوڪ جي ڪناري سياحتي مرڪز جي تعمير به شاهي خاندان جي بزرگن کي پسند ناهي.اهو سياحتي مرڪز پنجاه ننڍن وڏن جزيرن ۽ چوٽيهه هزار چورس ڪلوميٽرن جي علائقي تي ٻڌل هوندو جنهنجي حڪمرانيء جي طرز بين الاقوامي معيار مطابق هوندي يعني مشروبات ۽ ملبوسات وغيره جي حوالي سان وفاقي حڪومت جا قانون اتي نافذ نه ٿيندا.ان کان سواء سعودي آرامڪو جي نجڪاري به خاندان جي معاشي ماهرن جي ناراضگي جو سبب آهي.انهن ماڻهن جي خيال ۾ اداري جي نجڪاري سان آرامڪو جي سڃاڻپ متاثر ٿي رهي آهي.اثاثن کان سواء انتظام ۽ نفعي جي اعتبار کان سعودي آرامڪو جو دنيا ۾ ڪو مثال ناهي.ان جي منافعي جو مقدار دنيا سڀ کان وڏين ٽن ڪمپنين ايپل،گوگل ۽ ايڪسون موبل جي گڏيل مقدار کان به وڌيڪ آهي،سون جا بيضا ڏيندڙ ان ڪڪڙ جو وڪرو ماهر نقصان جو سودو سمجھن ٿا.گذريل سال محمد بن سلمان جي حڪم تي آرامڪو دنيا جي وڏي ۾ وڏي پيٽرو ڪيميڪل ڪمپني ”سابڪ“ جا ستر سيڪڙو حصا به خريد ڪري ڇڏيا هئا.شاهي خاندان تي تنقيد ڪندڙن جو خيال آهي ته سابڪ جي انضمام بعد ڪچي تيل بعد پيٽروليم صنعت تي به سعودي حڪومت جي گرفت ڪمزور ٿي ويندي.
شاهي ۽ مطلق العنان نظام ۾ مثبت بحث ۽ مباحثي جا موقعا نه هئڻ جي برابر ٿين ٿا جنهن ڪري معمولي اختلاف به تڪرار جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا.ويڳن ڀائرن جي فطري رنجش ۽ حسد جي باهه ڀڙڪائڻ جو سبب بڻجن ٿا.مملڪت جي باني شاه عبدالعزيز آل سعود جي اختلافن کي دور ڪرڻ لاء عالمن ۽ شاهي خاندان جي بزرگن جي هڪ مجلس جوڙي هئي جنهن سبب بغاوت جا امڪان گھٽجي ويا هئا.1964ع ۾ سعود خاندان اختلافن جو شڪار ٿيو جڏهن ولي عهد شاه فيصل ۽ بادشاه سعود بن عبدالعزيز جي وچ ۾ دوريون پيدا ٿيون پر ڪنهن ٽڪراء کان اڳ ئي بحث مباحثي ۽ هيئت البيعت جي مشوري تي شاه سعود تخت پنهنجي ڀاء لاء خالي ڪري ڇڏيو هو.
شاه سلمان پنهنجي تاجپوشي بعد نظام حڪومت ۾ ڪيترين ئي بنيادي تبديلين جو فيصلو مبينا طور تي شاهي خاندان جي صلاح مشورن سواء پنهنجي پٽ محمد بن سلمان جي چوڻ تي ڪري ڇڏيو جن ۾ سڀ کان اهم ولي عهد شهزادي مقرن بن عبدالعزيز جي معزولي هئي.ان وقت اهو چيو ويو ته شاه سلمان اهو فيصلو پنهنجي مرحوم ڀاء شهزادي نائف بن عبدالعزيز جي محبت ۾ ڪيو آهي.شهزادي نائف کي شاه عبدالله پنهنجو نائب چونڊيو هو پر زندگيء شهزادي نائف سان وفا نه ڪئي ۽ هو جون 2012ع ۾ وفات ڪري ويو.ان جي وفات تي سلمان بن عبدالعزيز ولي عهد مقرر ٿيو جنهن شهزادي مقرن کي هٽائي شهزادي نائف جي پٽ محمد بن نائف کي ولي عهد مقرر ڪيو پر ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته شهزادي مقرن جي برطرفي جو اصل سبب ان پاران يمن تي حملي جي مخالفت هئي. جون 2017ع ۾ شاه سلمان شهزادي محمد بن نائف کي هٽائي پنهنجي پٽ محمد بن سلمان کي ولي عهد مقرر ڪيو ان جي مقرريء سان گڏوگڏ نائب ولي عهد جو منصب ختم ڪيو ويو جنهن سان ماڻهن سمجھيو ته بادشاه بنجڻ بعد محمد بن سلمان پنهنجي ڪنهن سوٽ بدران پنهنجي ڪنهن پٽ کي ولي عهد مقرر ڪندو.ولي عهد جو عهدو سنڀاليندي ئي محمد بن سلمان ويزن 2030ع هيٺ سڌارن تي عمل جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو ۽ معاشي ۽ سماجي سڌارن سان گڏوگڏ بدعنواني خلاف مهم شروع ڪئي ۽ ان لاء هڪ ڪميٽي قائم ڪئي جنهنجو سربراه هو پاڻ بڻيو.نومبر 2017ع ۾ ان ڪميٽي جي حڪم تي 11 شهزادن،وزير داخلا ۽ اڳوڻي ولي عهد محمد بن نائف،ڪيترن ئي اڳوڻن وزيرن ۽ نيشنل گارڊ جي سربراه کرب پتي شهزادي وليد بن طلال کي به گرفتار ڪيو ويو.محمد بن سلمان جي مخالفن الزام هنيو ته احتساب رڳو بهانو هو جنهن ذريعي شهزادي جي مخالفن کي نشانو بنائڻ هو.اولهه جي تجزيي ڪارن جي خيال ۾ انهيء سان اقتدار تي محمد بن سلمان جي گرفت وڌيڪ مضبوط ٿي ويئي.گرفتار ڪيل ماڻهو ڦٻايل رقم واپس وٺڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيا ويا ۽ معاملو ٿڌو ٿي ويو.فيبروري 2018ع ۾ وري ڪجهه هلچل پيدا ٿي جڏهن سعودي فوج جي ٽنهي سربراهن کي اوچتو تبديل ڪيو ويو.آڪٽوبر 2018ع ۾ ممتاز صحافي جمال خاشقجي جي پراسرار قتل پوري دنيا ۾ سنسني پکيڙي ڇڏي.ترڪ عملدارن مطابق جمال کي قتل ڪرڻ لاء ماهر سعودي عرب کان آيا هئا.توڙي جو سعودي حڪومت خاشقجي جي قتل جي ذميداري قبوليندي ڏوهارين کي گرفتار ڪري انهن کي سزائون ٻڌائي چڪي آهي پر اولهه جي سياسي ۽ سفارتي حلقن جو مڃڻ آهي ته خاشقجيء کي محمد بن سلمان جي حڪم تي قتل ڪيو ويو آهي.هوڏانهن ڪجهه عرصي کان اهي افواهه آهن ته 84 سالا شاه سلمان سخت بيمار آهي ۽ سندس ويجھا دوست کيس اقتدار شهزادي محمد بن سلمان حوالي ڪرڻ جو مشورو ڏيئي رهيا آهن. امريڪي خابرو اداري رائيٽر موجب 6 مارچ تي شاه سلمان جي ڀاء احمد بن عبدالعزيز ۽ ڀائيٽي محمد بن نائف سوڌو شاهي خاندان جي ٽن سينئر ميمبرن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ انهن تي بغاوت جا الزام هنيا ويا آهن جنهنجي سزا موت به ٿي سگھي ٿي.
اتفاق سان نومبر ۾ گروپ 20  جي ملڪن جي ڪانفرنس ٿي رهي آهي جنهنجي ميزباني سعودي عرب کي ڪرڻي آهي.شاهي خاندان جي گھڻن ماڻهن جو خيال آهي ته بيمار شاه سلمان انهيء ڪانفرنس کان پهرين اقتدار پنهنجي پٽ کي منتقل ڪري ڇڏي.ٻئي طرف شاه سلمان جو سڳو ڀاء احمد تخت محمد بن سلمان جي حوالي ڪرڻ جو مخالف آهي.ان جي گرفتاريء جي حوالي سان جاري ٿيندڙ خبرن ۽ تجزين مان لڳي ٿو ته محمد بن سلمان تاجپوشيء جي حوالي کان گھڻو سنجيده آهي ۽ شيخ احمد جي گرفتاري هيئت البيعت کي پنهنجن مخالفن کان صاف ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي.ولي عهد بنجڻ بعد شهزادي محمد بن سلمان سعودي شاهي خاندان جي ڪيترن ئي بزرگن کي حڪومتي نظام کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.شهزادي جي خيال ۾ اهي ماڻهو ملڪي ترقيء جي راه ۾ رڪاوٽ آهن.انهن ماڻهن جو حڪومت ۾ گھڻو اثر رسوخ رهيو آهي ۽ هاڻي جڏهن انهن کي سائيڊ لائين ڪيو ويو آهي ته شاهي خاندان ۾ ڦيٽاري جو تاثر کلي ڪري سامهون آيو آهي.بيچينيء جي هاڻوڪي لهر ان وقت اٿي آهي جڏهن سعودي عرب کي نين آزمائشن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ پوري دنيا ڪورونا وائرس سبب سخت هيجان جو شڪار آهي.سعودي حصص جي مارڪيٽ ۾ گراوٽ جو مقدار ست سيڪڙو کان وڌي ويو آهي ۽ جن مقامي سيڙپ ڪارن آرامڪو جي نجڪاريء جو فائدو کڻندي وڏين اميدن سان ڪمپنيء جا شيئر خريد ڪيا هئا انهن جا ڪروڙين ڊالر رڳو هڪڙي ڏينهن ۾ ٻڏي ويا.چين ۾ معاشي ٻاڙائي حد درجي تي پهتل آهي جيڪو سعودي تيل جو سڀ کان وڏو خريدار آهي.کپت گھٽ هئڻ سبب تيل جون قيمتون 1991ع جي سطح کان به هيٺ هليون وييون آهن.ڪورونا جي خوف کان سعودي عرب حج ۽ عمرن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.پنجن سالن بعد به يمن جي جنگ جو ڪو نتيجو سامهون نه اچي رهيو آهي.عالمي سياست ۽ نظرياتي اختلاف پنهنجي جڳهه تي پر حرمين شريفين سان تعلق جي بنياد تي سڄي دنيا جي مسلمانن جو سعودي عرب سان هڪ جذباتي لاڳاپو رهيو آهي.تازو ئي حرم شريف جي خالي مطاف جون جيڪي تصويرون شايع ٿيون آهن انهن کي ڏسي ڪري مسلمانن جون دليون ٽٽي ڪري رهجي وييون آهن.سعودي عرب جي هاڻوڪي معاشي بحران ۽ شاهي خاندان ۾ رنجشن جي خبر مسلمانن کي ڳڻتي ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.



(روزاني هلال پاڪستان )

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو