Saturday, February 6, 2016

ايندڙ ڏينهن جو امڪاني ماحول!

ايندڙ ڏينهن جو امڪاني ماحول!
شفيق شاڪر
“ آهستي آهستي سڀ ڪڪر هٽي ويندا،عرصي کان ڇانيل اونده ٽري ويندي ۽ نون خوشبوئن ۽ نون رنگن جي موسم اچڻ واري آهي.” اهي ڪنهن شاعر جا لفظ آهن جنهن مايوس ماحول ۾ ڪنهن قوم کي اميد ڏياري هئي.دردن ۾ ڪو دلاسو ڏنو هو ۽ اذيتن ۾ ڪا آٿت ڏني هئي.اهو ڪو ٻيو شاعر نه پر  فيض احمد فيض هو  جيڪوپاڪستاني معاشري ۾ ڇانيل انڌيرن ۾ اجالي جو ڪو ڪرڻو تلاش ڪري رهيو هو،خزان رسيده ڪنهن چمن ۾ بهارن جو منتظر هو۽ مايوسين جي سمنڊ ۾ اميدن جو ڪوڪنارو ڳولهي رهيو هو. بهرحال هن وقت پنهن جي ملڪ جون حالتون تمام تيزيء سان تبديل ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.ڪن کي رڳو ڀڃ ڊاه ئي نظر اچي ٿي ته ڪن کي شين کي نئين سليقي ۽ ترتيب سان سڌارڻ ۽ سنوارڻ جو سلسلو شروع ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.ڇا به هجي پر اها حقيقت طيء ٿي چڪي آهي ته شيون اڳتي جيئن جو تيئن نه هلنديون.سموري ٽال مٽول،  هيرا ڦيري، اٽڪلبازين ۽ گوٿناٿ جي انت جو وقت شايد پهچي چڪو آهي.هاڻي  جواب گھرندڙن کي اهم سوالن جو جواب اگر مگر جي بدران “ها” يا “ نه ” ۾ گھربل آهي.ڪافي عرصي کان جيڪا ديڳ دم تي رکيل هئي اها پچي راس ٿي چڪي آهي. گھڻا بلند ۽ شوخ آواز تيزيء سان جھڪا ٿيندي محسوس ٿيندا.آئيني ۽ جمهوري پيچيدگين جا نڪتا قوم کي اڳتي گھٽ ٻڌڻ لاء ملندا.قوم ڏسندي ته هڪڙي فون تي رينجرز کي سمورا گھربل اختيار بنان ڪنهن ناز نخري جي ملي چڪا هوندا، ڌمڪين وارا لهجا شڪوه شڪايتن جي لهجن ۾ تبديل ٿي چڪا هوندا. ڪيترائي نوان نالا اي سي ايل جي زينت بڻبا ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ تفريح لاء موجود اهم ماڻهن جا ريڊ  وارنٽ صرف صحيح جا منتظر آهن.  مذهبي ٽارگيٽ ڪلنگ جي حوالي سان قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي گھربل اهم ڪردار  منهاج قادري گرفتار ٿي چڪو آهي .هي اهو ماڻهو آهي جنهن جي گرفتاريء لاء ئي رينجرز نائين زيرو تي ڇاپو هنيو هو پر ان وقت هي هٿ نه چڙهي سگھيو هو. هڪ اهم سياسي ڌر جي لاء وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿيڻ جي حوالي سان ٻن ٻين ڪردارن منصور ڪاڪا ۽ نثار مورائيء جي گرفتاريء  لاء ريڊ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.جڏهن ته عذير بلوچ جي بيانن جي روشنيء ۾ لياريء سان تعلق رکندڙ  ٽن اهم ڪردارن جا نالا به اي سي ايل تي اچي چڪا آهن. ٻئي طرف اصل معاملي تان ڌيان هٽايو مهم به  پنهن جي پڄاڻيء کان پهرين آخري ڀڙڪو کائي رهي آهي ۽ تازو ڪراچيء ۾ کيڏيل خون جي هولي به ان مهم جو حصو معلوم ٿئي ٿي.صاف ۽ شفاف جاچ کان پوء سڀ سمجھ ۾ اچي ويندو ته ڪنهن ڪنهن کي استعمال ڪيو آهي.تازو عسڪري قيادت طرفان بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۾ پنهن جي ذاتي  دلچسپيء جو اظهار ڪندي سياستدانن کي اهو خاموش پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته سياسي حڪومت بلوچستان ۾ پنهن جي حصي جو ڪم نه ڪري رهي آهي.پر هاڻي معاملا صرف عذير ۽ عاصم  جي بيانن جو کاڄ بڻجندڙن تائين ئي محدود نه رهندا پر ان جي زد ۾ اهي به اچڻا آهن جيڪي هن وقت تائين صرف ٻين کي ئي گندگيء جو ڍير سمجھندا رهيا آهن..هاڻي تسبيحون پڙهندڙن ۽ داتا دربار تي خيراتون ڪندڙن جو به وارو گھڻو پري نٿو محسوس ٿئي. ڪراچي آپريشن تي قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين جا گل پيش ڪندڙن کي  خود قانون ڪيترو ويجھو وڪوڙي چڪو آهي انهيء جو شايد اڃا انهن کي اندازو نه هجي پر ايندڙ ڏينهن ۾ ايترو ڪجھ ته ٿيندي نظر اچي رهيو آهي جو هر ايندڙ خبر پوئين خبر جي اهميت کي گھٽائي ڪنن سان ٽڪرائبي اڳتي وڌي ويندي. گھڻا اڄ به ان راء جو رٽو هڻي رهيا آهن ته  ڪجھ به نه ٿيندو پر وقت جا تيور ڏاڍا ڏنگا ٿا ڏسجن .اسڪينڊلن جي وڏي هڙ اجھا ٿي کلي، هيستائين ٿيل مفادن جي ان مزاحمتي مهم ۾ اهي پنهنجا سمورا سياسي ڪرتب، سموريون دانشوراڻيون حرفتون آزمائي ۽ جمهوريت بازيء جا ناٽڪ کيڏي چڪا پر وريو صرف اهو جو جو ڏينهون ڏينهن هر اٽڪل انهن تي ابتي ٿي ڪري ٿي.هر حرفت کين ڪنهن هچا ۾ وجهندي ويئي. هر دعا الٽو اثر ڪيو ۽ هو پنهن جي وڇايل ڪوڙڪيء ۾ پاڻ ئي ڦاسي چڪا آهن. گذريل پندرهن ڏينهن کان پنجاب ۾ شروع ٿيندڙ فيصلائتي آپريشن کان نٽائڻ جي حوالي سان به انهن هيستائين ضَرور ڪو جواب سوچي ورتو هوندو.هن راند ۾ هڪ ڌر ڪنهن به طرح اينگھائي وقت کي اڳتي ڌڪڻ ۾ ئي پنهن جي سلامتي سمجھي ٿي جڏهن ته سامهون وارن وٽ وقت نه آهي ان ڪري اهي ڏينهن کي مهينن ۾ بدلجڻ نه ڏيندا.سو اسان جي سياسي حڪمرانن جي لاء ڏکيا ڏينهن ان ڪري اچي ويا آهن جو اهي ٻڏندڙ ٻوڙن مان هٿ  ڪڍڻ کان انڪار ڪندا آيا آهن. انهن جي مرضي آهي ته جي ٻڏڻ ئي مقدر بنجي چڪو آهي پوء ڇو نه گڏجي ٻڏجي.پر سچ اهو آهي ته انهن مان ڪوبه پنهن جو پاڻ کي ٻوڙڻ جي خواهش نه ڪندو .صرف هڪ پريشر ٽيڪٽڪس آهي انهي اميد تي ته شايد طوفان ٽري وڃي يا گھٽ ۾ گھٽ ان جو رخ ئي مڙي وڃي. ڪنهن جي اصولي فيصلي جي اعلان تي خوشين جا جشن ملهائيندڙن جي نظر ايتري ته تنگ نڪتي جو اهي مٿانئن ٿيل پري ايمٽو اٽيڪ جو ڪاري وار به سمجھي نه سگھيا. ان اعلان جي اندر جيڪو اعلان سمايل هو سو اهو ته سياست ۽ ڏوه جي وچان هاڻي صريح سنڌو ڪڍي دم کڻبو.غيرسياسي ادارن کي اڳتي سياست هرگز ناهي کيڏڻي پر سياستڪارن کي به جمهوريت جي اوٽ ۾ ڏوهاري سرگرمين ۽ قومي خزاني جي ڦرلٽ جي آئنده اجازت نٿي ڏيئي سگھجي.ٻين ادران جي لاء آئيني پابندين جا ليڪا ڪڍڻ وقت انهن کي خود پنهن جا پير به قانون جي حدن ۾ ئي رکڻ گھرجن،اها ڪهڙي غيراصولي ڳالھ آهي جو گھڻن جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي ٿي.برادر اسلامي ملڪن جي منٿ سماجت مان ڪو نتيجو نه نڪرڻ کان پوء خانبهادرن سان سور سلڻ جون آسون آهن پر شايد اهو وقت هاڻي پوئتي رهجي ويو آهي.راولپنڊيء ۾ ڪيل قطعي فيصلا پڪ سان واپسيء طرف ويندي نٿا محسوس ٿين.اهو ئي سبب آهي جو سگھارين ڌرين سان تعلق رکندڙ ڪجھ متاثرين دبئيء مان پاڪستان موٽڻ بدران برطانيا ۾ پنهنجو ڪاروبار ۽ گھر سيٽل ڪرڻ لاء مشورن ۾ مصروف آهن.ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستاني عوام کي سياسي ماحول ۾ نيون سياسي صف بنديون ٿيندي محسوس ٿينديون ۽ گھڻن کي پنهن جا پٽڪا بچائڻ لاء عجيب قسم جون ٻاراڻيون حرڪتون ڪندي ڏسڻ لاء ملنديون. جيڪر سياست جي ڪن موسمي ڏيڏرن اها آس سيني ۾ سانڍي رکي آهي ته ڪنهن ايندڙ مارشلائي حڪومت ۾ انهن کي حصو پتي ملي ويندو ته انهن کي سخت مايوسيء جو منهن ڏسڻو پوندو جو ملڪ ۾ ڪنهن به مارشل لا وغيره  جو ڪوبه امڪان نظر نٿو اچي ۽ ضرورت به محسوس نٿي ٿئي جو سڀ معاملا آئيني حدن ۾ رهي خير خوبيء سان اڪلائجي ويندا. جمهوريت جو موجوده اڏوهي کاڌل نظام وڏي شان سان انهن حڪمرانن مٿان ڪري سگھي ٿو جيڪي ان ملبي مان صحيح سلامت ٻاهر نڪتا اهي ئي صاف سٿرا ٿي جمهوري نظام کي اڳتي ڌڪيندا.بهرحال سڀني لاء توبه ۽ استغفار جو وقت آهي، پنهنجن اجتماعي گناهن جي معافي گھرڻ جو موقعو ميسر ٿيو آهي ۽ سکڻ لاء هڪ سبق آهي جو وقت جي وزيراعظم کي اڍيالا جيل جي روح پرور نظارن مان لظف اندوز ٿيڻ جو مشورو ڏنو پيو وڃي.منهن جي خيال ۾ چالاڪين جا گھوڙا هاڻي چور ٿي چڪا آهن ۽ پنهن جن ڳرن سوارن جي بار مان بيزار ڪنهن ساهيء جي تلاش ۾ آهن! د

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو