Sunday, February 14, 2016

پاڪستان ۾ داعش واقعي موجود آهي؟

پاڪستان ۾ داعش واقعي موجود آهي؟
شفيق شاڪر.
پاڪستان جي اعلى حڪومتي سطح تي ملڪ۾ داعش جي موجودگيء جي حوالي سان اڄ تائين اهڙن امڪانن کي مڪمل نموني رد ڪيو پئي  ويوآهي پر ڪجھ حقيقتون  جنهن  قسم جي خطرن طرف اشارو ڪري رهيون آهن جن کان حڪومت ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا چڱي ريت واقف هئڻ جي باوجود خبر ناهي ڪهڙي آڌار تي اهڙيون پڪيون دعوائون ڪندا رهيا آهن ته پاڪستان ۾ داعش جيڪا آئي ايس جي نالي سان سڏجي ٿي ان جو ڪو امڪان ۽ خطرو بلڪل نظر نٿو اچي!
انٽيليجنس بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل آفتاب سلطان سينيٽ جي پرڏيهي مامرن واري قائمه ڪميٽي کي ٻُڌايو آهي ته مُلڪ ۾ داعش جو خطرو اُڀري رهيو آهي، ڇو ته ڪيتريون ئي دهشتگرد تنظيمون اُن جي لاءِ همدرديءَ جو جذبو رکن ٿيون. هُن پابندي پيل تنظيمن جا نالا کڻي اُنهن کي داعش جو همدرد پڻ قرار ڏنو. آفتاب سلطان جو چوڻ هو ته داعش ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ جاري تڪرار سبب تحريڪ طالبان اُن سان تعاون ڪري رهي آهي.
رپورٽن مطابق “ حزب تحرير ” جيڪا پوري دنيا ۾ اسلامي خلافت قائم ڪرڻ جي حامي هڪ عالمي تحريڪ آهي تنهن پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاروائين لاء پنهنجي هڪ الڳ هٿياربند ونگ قائم ڪئي آهي.اها پڪ ناهي ته ان تنظيم جا داعش سان ڪي سڌا سنوان رابطا آهن يا نه پر انهن ٻنهي جي خيالن ۽ مقصدن ۾ مڪمل هم آهنگي ۽ مطابقت آهي.اهو به واضح ناهي ته ان تنظيم کي داعش جي سرپرستي حاصل آهي يا اها پنهنجي ليکي مقامي طور تي ڪم ڪري رهي آهي؟ پر ان سان تعلق رکندڙ گرفتارڪيل شڪي ماڻهن جاچ دوران اهو ضرور مڃيو آهي ته سندن تنظيم ۾ هڪڙو گروپ اهڙو آهي جيڪو هٿيارن جي زور تي اسلامي خلافت قائم ڪرڻ تي يقين رکي ٿو جڏهن ته ٻيو ڌڙو اها ساڳي تبديلي ماڻهن جي ذهنن کي بدلائڻ ذريعي حاصل ڪرڻ جو حامي آهي. 1953ع ۾ هڪ سني عالم ۽ جج  تقي الدين النبهانيء جي اڳواڻيء ۾ يروشلم ۾ جوڙيل هيء تنظيم هاڻي اٽڪل دنيا جي پنجاه کان وڌيڪ ملڪن ۾ پکڙجي چڪي آهي.خاص طور تي برطانيا، عرب ۽ وچ ايشيائي ملڪن ۾ ان جو وسيع نيٽ ورڪ موجود آهي جنهن جا اٽڪل ڏه لک ميمبر آهن.پر حيرت جي ڳالھ اها جو پاڪستان ۾ ان تنظيم تي بندش پيل آهي پر برظانيا ۾ انهيء جي سرگرمين تي ڪابه پابندي نه آهي.ان تنظيم جو رويو عام طور تي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ لاء نرم رهندو آيو هو پر جڏهن آگسٽ 2012ع ۾پاڪستاني فوج جي آفيسرن برگئيڊر علي خان، ميجر عنايت عزيز،ميجر افتخار،ميجر سهيل اڪبر ۽ ميجر جواد بصير کي ان تنظيم سان لاڳاپا رکڻ جي ڏوه ۾ ڪورٽ مارشل کي منهن ڏيڻو پيو ته ان تنظيم جو رويو پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ طرف سخت ٿي ويو.جنهن کان پوء ان تنظيم سان لاڳاپا رکڻ جي شڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا.تازو پوليس انهن جي ٻن  اهم سرگرم ڪارڪنن جي گرفتاري ظاهر ڪئي آهي.آڪٽوبر 2015ع ۾ پوليس ميڊيا کي ٻڌايو هو ته انهن ڪراچيء جي بوٽ بيسن علائقي مان هڪ انجينيئرنگ ۽ بزنس گريجوئيٽ اويس راحيل کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو پوليس جي چوڻ مطابق  ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي پاڪستان ۾ اسلامي خلافت قائم ڪرڻ لاء غير قانوني سرگرمين جي ترغيب ڏيندو هو. نومبر 2015ع ۾ پوليس جي چوڻ مطابق انهن بندش پيل تنظيم حزب تحرير جو ڪراچيء لاء چيف حسام قمر گرفتار ڪيو آهي جيڪو ڪي اليڪٽرڪ ۾ ڊپٽي  جنرل مينيجر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو.انهيء سان گڏوگڏ ڪوئيٽا ۽ لاهور ۾ ڪجھ ماڻهن کي داعش جي حمايت ۾ پمفليٽ ورهائڻ ۽ وال چاڪنگ ڪرڻ جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو.لاهور پوليس مطابق انهن ماڻهن جو تعلق بندش پيل تنظيم حزب تحرير سان هو.ڪراچيء جي ڪائونٽر ٽيريرزم جا آفيسر ان خيال جا آهن ته ڪراچيء ۾ خوشحال گھراڻن سان تعلق رکندڙ گھٽ ۾ گھٽ سو عورتون هڪ اهڙي دهشتگرد نيٽ ورڪ سان جڙيل آهن جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طرح داعش يا القائده سان لاڳاپيل آهن.اها ڳالھ تڏهن سامهون آئي جڏهن گذريل مئي ۾ صفوره ڳوٺ ۾ اسمائيلي برادريء جي بس تي ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار ٿيا ان واقعي ۾ 43 اسمائيلي مارجي ويا هئا. جولاء 2015ع ۾ پوليس يونيورسٽيء جي هڪ عورت پروفيسر جنهن جي متعلق چيو وڃي ٿو ته هوء پاڪستان جي القائده جي هڪ اڳواڻ جي ٽين زال آهي گرفتار ڪيو.پوليس جي چوڻ مطابق هوء صفوره واقعي جي ڏوهارين جي سهولتڪار هئي ۽ اهو به ته هوء پنهنجن شاگردن کي دهشتگرد سرگرمين لاء انهن جي ذهني تربيت ڪندي هئي. 18 ڊسمبر 2015ع تي سي ٽي ڊي جي ايس ايس پي عمر خطاب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملزمن جو هڪ وڏو انگ گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي ڊگھي عرصي کان دهشتگردن کي سهوليتون ڏيڻ ۽ نوجوانن جي ذهني تربيت ڪرڻ ۾ ملوث رهيا آهن.گرفتار ٿيلن ۾ پي آئي اي جو ملازم خالد يوسف باري به شامل هو جنهن جاچ دوران اهو اعتراف ڪيو ته سندس زال ناهيد باري هڪ گروپ “ الذڪرا ايڪيڊمي” جي نالي سان ٺاهيو آهي جنهن ۾ ويھ کن خوشحال عورتون شامل آهن. ان نيٽ ورڪ جي باري ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته اهو نوجوانن۽عورتن جي برين واش ڪري ٿو،پنهنجن ڪاروائين لاء چندا گڏ ڪري ٿو ۽ دهشتگردن سان تعلق جي لاء جاسوس ڳولهي ٿو.انهن عورتن ۾ گھڻيون اهي آهن جيڪي صفوره واقعي جي ڏوهارين جون رشتيدار آهن.راجا عمر خطاب جي چوڻ مطابق اهي اسلامي تعليم جي نالي ۾ شاگردن جو ذهن خراب ڪن ٿيون ۽ دهشتگردن لاء زڪوات ۽ چندو جمع ڪن ٿيون.اهڙا اٽڪل 24 ڪٽنب لڌا ويا آهن جن جا ميمبر هڪ ٻئي سان مضبوط رابطي ۾ ٻڌل آهن.ناهيد هر مهيني اٽڪل 2،15،000 روپيا مختلف ذريعن سان چندو جمع ڪري ٿي. هڪ ٻي شڪي عورت تهمينا آهي جيڪا صفوره واقعي جي هڪ مالي سهولتڪار عادل مسعود بٽ جي زال آهي.اهڙيء طرح هڪ اهم مبينه دهشتگرد سعد عزيز جي ماء ۽ زال کي به  پوليس ان نيٽ ورڪ جو حصو قرار ڏيئي رهي آهي. جيتوڻيڪ هن وقت تائين ٿيل تحقيقات مطابق ان نيٽ ورڪ جون سرگرميون صرف دهشتگردن جي مالي سهائتا ۽ ماڻهن کي ان ڪم لاء ذهني طور تي تيار ڪرڻ تائين ٻڌايون پييون وڃن پر اسلام آباد جي هڪ صحافي حسن عبدا جي چوڻ مطابق اهي عورتون انهن دهشتگرد سرگرمين ۾ عملي حصو وٺي رهيون آهن. انهن ۾ خودڪش بمبار، ٽيچرز.جاسوس، ٽيڪنيڪي ماهر، ڊاڪٽرز ۽ ٻيون به گھڻيون ڪجھ شامل آهن.
“ سان بارنارڊينو” جي واقعي ثابت ڪيو آهي ته ڪنهن نظرياتي جنون تحت عورتون به ڪوبه خونّخوار واقعو ڪرڻ کان نٿيون لنوائين. راجا عمر خطاب جي چوڻ مطابق انهن عورتن جو اهو خطرناڪ  ڪردارهڪ ڊگھي عرصي تائين دنيا کان لڪيل رهيو ۽ هن سالن جي جاچ ۽ محنت کان پوء انهيء نيٽ ورڪ جو پتو لڳايو آهي.اهي عورتون  ٻين کي متاثر ڪرڻ لاءپهرين اسلام جي تعليم جا ليڪچر ڏين ٿيون پوء پنهن جي ان اثر رسوخ کي دنيا۾ اسلامي خلافت قائم ڪرڻ جي نظريي کي اڳتي وڌائڻ لاء استعمال ڪن ٿيون.هڪ تجزيي نگار جي راء ۾ اها تمام ڇرڪائيندڙ صورتحال آهي جو ان نيٽ ورڪ ۾ اڪثريت اهڙين عورتن جي آهي جن مان اڪثر ٻاهرين ملڪن جون پڙهيل لکيل آهن ۽ سندن واسطو بااثر گھراڻن سان آهي.تهمينا  جو مڙس جنهن کي سي ٽي ڊي صفوره ڳوٺ واقعي جي سهولتڪار جي حيثيت ۾ پڪڙيوتنهن جي انڊيانا يونورسٽيء مان بي بي اي ۽ واشنگٽن مان ايم بي اي جي ڊگري ورتل آهي ۽ هو ٻين دوستن سان گڏ ڪراچيء ۾ ڪاليج آف اڪائونٽسي اينڊ مينيجمينٽ سائنس هلائي رهيو هو جنهن جي ٽن ڪيمپس ۾ اٽڪل ٻه هزار شاگرد رجسٽرڊ آهن. پوليس جي جاچ مطابق هو بندش پيل تنظيم حزب تحرير جو حصو رهيو آهي.

اها سموري تحقيقات ۽ بيان پوليس جي طرفان وقت به وقت سامهون ايندا رهيا آهن جڏهن ته وزارت داخلا نه ته انهن شين جي ڪڏهن واضح ترديد ڪئي آهي نه ئي ان باري ۾ ڪا معلومات عوام سان شيئر ڪئي آهي.سواء ان بيان جي ته“ پاڪستان ۾ داعش جي موجودگيء جو ڪو به امڪان موجود ناهي”

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو