Monday, February 8, 2016

فيصلي تي نظرثاني نه ڪرڻ جو ضد ڇو؟

فيصلي تي نظرثاني نه ڪرڻ جو ضد ڇو؟
شفيق شاڪر

پاڪستان جي واحد قومي ايئر سروس پي آئي آي جي نجڪاريء متعلق حڪومت جي منجھائيندڙ ۽ متضاد قسم جي موقفن ان معاملي کي گھڻو منجھائي ڇڏيو آهي.ڪڏهن اهو بيان ٿو اچي ته پي آئي جي ڪا نجڪاري نه پيئي ڪئي وڃي.بلڪه پي آ.ي جي ري اسٽرچنگ ڪئي پيئي وڃي ۽ ڪڏهن چيو ٿو وڃي ته انهيء جي لاء  اسٽريجڪ پارٽنر ڳولهيوپيو وڃي.مطلب ته ايترا ته  متضاد ۽ مسلسل بدلجندڙ بيان سامهون آيا آهن جن تمام گھڻا شڪ شبها کڙا ڪري ڇڏيا آهن.انهيء سان گڏوگڏ سموري معاملي ۾ جنهن تڪڙ ۽ ضد جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي انهيء حڪومت جي نيت تي به سواليه نشان پيدا ڪري ڇڏيا آهن.دنيا ۾ هلندڙ  موجوده معاشي نظامن ۾ نجڪاري کي هڪ سٺو عمل سمجھيو  وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ انهيء تي عمل ٿي رهيو آهي پر پاڪستان اندر ماضيء ۾ ٿيندڙ قومي ادارن جي نجڪاريء جي حوالي سان ڪي نتيجا سٺا نه نڪتا آهن.  ادارن جي نجڪاريء جو بنيادي مقصد انهن ادارن جي ڪارڪردگيء کي بهتر بنائڻ هوندو آهي پر ماضيء ۾ جيڪي به ادارا نجي شعبي جي حوالي ڪيا ويا آهن انهن مان صرف چند کي ڇڏي باقي اڪثر ادارن جي ڪارڪردگي اڳوڻيء کان به تباه ٿي ويئي ۽ ڪيترا ادارا ته بلڪل بند ٿي چڪا آهن ته چئبو ته نجڪاريء جا گھربل نتيجا حاصل نه ٿي سگھيا.ان کان پوء ڪيترن ئي ادارن جي نجڪاريء  جي عمل ۽ طريقه ڪار جي شفافيت جي حوالي سان به اڄ تائين عالمي سطح جا ادارا به سخت سوال اٿاري رهيا آهن ۽ انهن ادارن کي ڪهڙيء طرح پنهنجن ئي مقرر ڪيل خريدارن سان ڳٺ جوڙ ڪري ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪيو ويوانهن مان ڪيترا معاملا اڃا تائين عدالتن ۾ زير سماعت آهن.انهن سمورن معاملن کي سامهون رکندي جيڪر حڪومت جي نيت پي آئي اي جي معاملي ۾ صاف هئي ته پوء انهيء کي اهڙي اهم اداري جي مستقبل جي باري ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ کان پهرين وڏي سوچ سمجھ ۽ احتياط کان ڪم وٺڻ گھربو هو پر گرائونڊ تي اسان کي حڪومت جي اهڙي ڪابه ڪوشش نظر نه آئي.نه ملازمن سان ڪا صاف حقيقت بيان ڪئي ويئي. نه اپوزيشن کي اعتماد ۾ ورتو ويو، نه اسيمبليء ۾ ان اهم معالي تي بحث ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪن معاشي ماهرن سان صلاح مشورو ڪيو ويو پوء  به جيڪر اداري جا ملازم بيچينيء وچان رڙيون ڪن يا عوام ڪي سواليه نشان کڙا ڪري ته حڪومت جا وزير ۽ مشير پوري معاملي مٿان ملڪي مفاد ۽ ادارن جي ڀلائيء جي چادر وجھي هر اٿندڙ آواز تي ملڪ دشمني ۽ سازشن جو الزام هڻي پنهنجي حب الوطنيء جو راڳ ڳائيندا هجن ته پوء قوم ۽ ادارن جو خدا ئي حافظ آهي.ماڻهو اهو سوچڻ تي ڇونه مجبور ٿين ته ڪهڙو مفاد، ملڪي يا ڪجھ ماڻهن جو ذاتي مفاد؟ انفارميشن جي هن تيز ترين دور ۾ خبر ناهي اسان جا هي حڪمران دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي پنهن جي پراڻي عادت اڃا تائين ترڪ ڪرڻ لاء ڇو تيار ناهن؟ هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاء سو ڪوڙ ڳالهائڻا پوندا آهن. اصل حقيقت هيء آهي ته نجڪاريء جي پوري پروگرام ۾ پي آئي اي شامل ئي نه هئي. اڄ کان اٽڪل ڇھ مهينا پهرين وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار صاحب خود آئي ايم ايف کي خط لکي پاڻ پي آئي جي نجڪاري ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي ۽ ان خط ۾ ئي هن آئي ايم سان ڪوڙ ڳالهايو هو ته حڪومت اهو معاملو صوبن جي مشوري سان ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ مان منظور ڪرائي ورتو آهي.جڏهن ته سي سي آئي جي منظوريء کان سواء اهڙو معاملو طي ڪرڻ آئين جي صريح خلاف ورزي آهي جيڪا هنن ڪئي.شروع ۾ وزيراعظم جي به پي آئي اي جي نجڪاريء جي ڪا نيت نه هئي بلڪه هن جو ارادو هو ته ان جي نئين نموني جوڙجڪ ڪري ان جي ڪارڪردگيء کي بهتر بنايو وڃي پر ڪو مرحلو اهڙو آيو جتي نوازشريف کي به ان بليڪ ميلر ٽولي اڳيان هثيار ڦٽا ڪرڻا پيا جيڪو ٽولو کيس قطر ۽ ڪولمبو جا بار بار چڪر هڻائي رهيو آهي.ان سڄي ڊرامي جو ڪجھ راز فاش ٿي چڪو آهي ۽ باقي رهيل حقيقتون ايندڙ ڏينهن ۾ عوام جي سامهون اچي وينديون جنهن مان چڱي ريت خبر پئجي ويندي ته قومي ادارن جي بهتري جو فڪر آهي يا پنهن جن ڪاروباري ڀائيوارن سان عوام جا ادارا ڀڳڙن جي مٺ تي ڊرامابازي ڪري وڪيا پيا وڃن.هڪ ٻي اهم ڳالھ جيڪا حڪومت بلڪل نظر انداز ڪري رهي آهي سا اها ته ڪجھ ادارا صرف ڪاروباري نوعيت جا ئي نه هوندا آهن پر اهي ڪنهن ملڪ جي سڃاڻپ ۽وقار جي نشاني هوندا آهن ۽ ملڪي دفاعي لحاظ کان به ڪجھ ادارن جي بنيادي اهميت هوندي آهي.پي آئي اي به هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن سان  گھڻن پاڪستانين جي جذباتي وابستگي آهي.پنهنجن سمورين ڪمزورين ۽ بيمارين باوجود پي آئي اي جا پاڪستاني جھنڊو پهريل جهاز جڏهن هوا ۾ اڏامن ٿا ته ڏسندڙ وڏي ناز وچان چون ٿا ته اهي اسان جا جهاز آهن جڏهن اهي جهاز نه رهندا ته دنيا کي اهو پيغام ويندو ته اسين دنيا جي اها نااهل قوم آهيون جيڪا پنهن جي واحد هوائي سروس کي هلائڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ جي اهليت نٿا رکون.. حڪمران جن کي پاڪستان سڀ ڪجھ ڏنو آهي انهن جي لاء ڀلي اها ڳالھ ڪا اهميت نه رکي پر اهي غريب پاڪستاني جن کي ٻن وقتن جي ماني به وڏي مشڪل سان نصيب ٿئي ٿي ۽ انهن کي انهن جها زن ۾ چڙهڻ به ڪڏهن نصيب نه ٿيو آهي تنهن هوندي به اهي سمجھن ٿا ته اهي جهاز اسان جا آهن مهرباني ڪري انهن جا پر نه ڪپيوپر پوري سچائيء سان هڪ دفعو وري اها ڪوشش ڪريو ته اهو ادارو وري پنهن جن پيرن تي بيهڻ لائق ٿي پوي!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو