Wednesday, February 3, 2016

نئين سرد جنگ ۽ نوان راڳ!

نئين سرد جنگ ۽ نوان راڳ!
شفيق شاڪر

آمريڪي  يورپي ڪمانڊ (USEUCOM) پنهن جي ايندڙ حڪمت عملين جو هڪ خاڪو شايع ڪيو آهي جنهن ۾ پنهن جن ڇهن وڏين ترجيحن مان پهرئين نمبر تي جيڪا ترجيح مقرر ڪئي آهي سا اها ته  “هر طرح سان روس جي جارحيت کي روڪيوويندو”
هنن جي چوڻ مطابق  “روس جي جارحيت يورپ ۾ نيٽو اتحادين ۽ سندن ٻين دوست ملڪن جي لاء وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي ۽ هنن جي نزديڪ روس اهڙن ڪيترن ئي بين الاقوامي ٺاهن جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي جن معاهدن تحت هن کي انهن قائدن قانونن جي پابندي ڪرڻي هئي .هن خاڪي مطابق روس اتر ۽ اوڀر ۾ پنهن جي جارحاڻي رويي سبب تمام وڏي ڳڻتيء جو باعث بڻجي چڪو آهي.” اڳتي هلي اها ڪمانڊ روسي خطري کي صرف يورپ تائين محدود نٿي سمجھي پر هنن جي نزديڪ “ روس اسان جي اتحادين لاء دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ وڏا مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي.روس جي طرفان اها هڪ عالمي للڪار آهي جنهن جو ردعمل به عالمي سطح تي اچڻ گھرجي.”  لفظن جي اها چونڊ واضح طور تي 1990ع ۾ ختم ٿيندڙ سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ سرد جنگ جي خاتمي کان پوء روس جو گھڻي عرصي تائين عالمي سياسي منظرنامي تان غائب رهڻ کان پوء ٻِيهر دنيا ۾ پنهنجي وڃايل موثر پوزيشن واپس حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جو ردعمل آهي جيڪو آمريڪا ۽ سندس اتحادين کلئي نموني ظاهر ڪيو آهي ۽ لڳي ٿو ته حالتون هڪ دفعو وري ان سرد جنگ طرف وڃي رهيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي مختلف ملڪن ۾ وڏي اٿل پٿل ٿيندي نظر اچي رهي آهي.جيڪڏهن 1990ع وارين حالتن ۾ ٿورو واپس موٽي هلجي ته سرد جنگ جي خاتمي کان پوء دنيا کي اها اميد ٿي هئي ته هاڻي سوويت يونين جي ٽٽڻ جي ڪري ٻن وڏين طاقتن جو جھيڙو ختم ٿي ويندو جنهن جي نتيجي ۾ دنيا ۾ مڪمل امن قائم ٿي ويندو.جنگ ۽ جنگي هٿيارن تي ضايع ٿيندڙ پئسو ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ڀلائيء لاء خرچ ڪيو ويندو ۽ دنيا کي هاڻي جنگ جي شعلن طرف نه ڌڪيو ويندو پر اها صرف خوشفهمي هئي. ٿيو بلڪل ان جي ابتڙ! جنگين ۾ تباه ٿيل ملڪن ۾ اسڪول،اسپتالون،لائبرريون ۽ روڊ رستا  ٺاهڻ ۽ اتان جو سياسي،سماجي ۽ معاشي سرشتو بحال ڪرڻ بدران نيٽو فورس جي ذريعي اهي توسيع پسند مغربي ملڪ صرف ٻين ملڪن جي سرحدن طرف ئي وڌندا رهيا ايستائين جو انهن وڌندي وڌندي وڃي روس کي سندس سرحدن تي سوڙهو ڪيو.اهي ملڪ جن نيٽو اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو ٿي تن تي مختلف پابنديون لڳايون وييون جيئن بيلارس سان ڪيو ويو. ڪن ملڪن کي وري ان انڪار تي پابندين توڙي بمباريء ٻنهي کي منهن ڏيڻو پيو جيئن 1999ع ۾ يوگوسلاويه سان ٿيو.يوگوسلاويه تي ڪيل حملي ۾ ئي نيٽو گڏيل قومن، بين الاقوامي قانون توڙي پنهن جي ٺاهيل چارٽر جو پاڻ ئي جنازو ڪڍي ڇڏيو پر جيئن ته انهن جون سڀ ڏوهاري جنگي سرگرميون اقوام متحده جي ڇانو ۾ ٿينديون رهيون ان ڪري دنيا ۾ ڪوبه کانئن پڇاڻو ڪرڻ وارو نه رهيو. هتي بحث اهو ناهي ته روس ٻين ملڪن ۾ جارحيت ڪندو رهيو آهي يانه پر سوال اهو آهي ته 1990ع کان پوء جڏهن روس هڪ ڊگھي عرصي تائين عالمي منظرنامي تان ئي غائب رهيو ته ڇا ان وقت دنيا امن ۽ سڪون جو گلشن بڻيل هئي؟
اصل ڳالھ هي آهي جو هنن کي ٻين ملڪن ۾ گھڙڻ ۽ ٻين جي اندروني معاملن ۾ پنهن جي ٽنگ اڙائڻ جي جيڪا چرپڻ جي بيماري لڳل آهي سا انهن کان پنهن جي عوام کي جواب ڏيڻ لاء روز  نت نوان ڪوڙ گھڙڻ ۽ مختلف حيلا بهانا ٺاهڻ تي مجبور ڪري ٿي.اهي پنهنجي عوام کي اهو بڌائي افغانستان تي ڪاهي پيا ته هو اتي امن ڪرائڻ وڃي رهيا آهن پر اڄ جيڪا افغانستان جي صورتحال آهي انهيء تي  پنهنجن ناڪامين تي شرمندو ٿيڻ بدران ٻين ملڪن کي ان عظيم بدامنيء جو ذميدار قرار ڏيندا آيا آهن.انهن دنيا کي اهو ٻڌائي عراق کي کنڊرن ۾ بدلايو ته اتي وڏي پيماني تي انساني تباهيء وارا هٿيار آهن، تباهيء وارا هٿيار ته انهن کي اڄ تائين عراق مان نه ملي سگھيا پر انهن عراق ۽ عراقي ماڻهن کي هميشه جي لاء تباھ ۽ برباد ضرور ڪري ڇڏيو. هاڻي انهيء ئي نيٽو فورس کي سندس مستقبل جا حدف واضح ڪندي جنرل فلپ بريڊلو ٻارهن صفحن تي مشتمل ڪاغذ دنيا کي ڏيکاري ٿو جنهن ۾ پهريون خطرناڪ حدف روس جي جارحيت کي قرار ڏنو وڃي ٿو ته دنيا کي حيرت به ٿئي ٿي ۽ کل به اچي ٿي.انهيء کي سنڌي ۾ چئبو آهي      

“ مينهن کي پنهن جي ڪاراڻ نظر ئي نٿي اچي ۽ ڳئون کي چوي هل پڇ ڪاري!” اصل ۾ آمريڪا جيڪو پنهن جن ٻين اتحادين جي سهاري پوري دنيا جو اڪيلو چوڌري بنيل آهي انهيء  کي روس جو نئون جاڳندڙ ڪردار ايترو آسانيء سان ڪٿي ٿو هضم ٿئي.پوري اولھ جي ميڊيا جنهن آمريڪا ۽ سندس اتحادين طرفان ڪيل وڏن جنگي ڏوهن تي چپ سبي رکيا آهن اها روس خلاف اجائي توڙي سجائي پروپيگنڊا جو ڪو موقعو هٿان وڃڻ نٿي ڏئي. پر ايندڙ وقت جي دريء مان جيڪو منظر نظر اچي رهيو آهي ان ۾ روس هڪ دفعو وري عالمي منظرنامي ۾ هڪ موثر ۽ سگھاري ڪردار تحت داخل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ۽ دنيا هڪ دفعو وري سرد جنگ جي ماحول طرف وڌي رهي آهي!

روزاني سوڀ 3جنوري 2016ع

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو