Friday, December 22, 2017

شاعريء جي زبان؛جي پنهنجو پنهنجو نور نچوئي ويا،(شيخ اياز)


شيخ اياز
جي پنهنجو پنهنجو نور نچوئي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،
سي لُڙڪ مٽيءَ  ۾  لـــــوئــــي  ويا، پر ڇا ڇا  موتي  پوئي ويا!
سي وڻ  وڻ  لوڏي  واءُ     ٿيا ،   سي  پَن  پَن  ۾ پڙلاءُ   ٿيا،
جي  بَن  بَن  بِينَ  وڄائي  ويا ،  جي  تن  من  واري ڳائي ويا.
مون  ڌرتي تُنهن جا  ڌِڱ ڏٺا ،  مون  تن  جا    لويل  لڱ  ڏٺا،
جن  وڙهندي   وڙهندي  جان  ڏني ،  سي وارا  وير وڄائي ويا.
اڄ  ڪو  به  ڳچيءَ ۾ ڳٽ  نه آ ، ڪو  مُڙس  انهن جو مٽ نه آ،
جي سارا   ڪوٽ   اَڏائي ويا ، سي گھوٽ  اسان کي گھائي ويا.
مون  اڻ  ٿيڻا  انسان  ڏٺا ،  مون  سوريءَ   تي  سو  مان  ڏٺا،
اي ڌرتي! ڇا   ڇا ڪونڌر ها ، جي پنهن  جا ڪنڌ    ڪَپائي ويا!
مون ويندي   تن جا    پير   ڏٺا ، مون  ڇا   ڇا مُڙس مٿيــــر ڏٺا !
جي ڪيئي سِج  اڀاري  ويا ، جي  ڪيئي    سِج    سمائي   ويا.
مون  ڪاتيءَ هيٺان    ڪنڌ   ڏِٺا ، مون   ساڻا    ساڻا    سَنڌَ ڏٺا،
مون  ڇا    ڇا  مائيءَ  لال   ڏٺا ،  جي   لوئيءَ  لڄ  بچائي  ويا!
سي  جيءَ  جيارا  ماڻهو    ها ، سي  سڀ   کان    پيارا ماڻهو ها،
جن    ساهه        ڏئي ،  ويساهه    ڏنو ، جي دل ۾ درد دُکائي ويا.
هو   بادل     بادل  آيا    ها ،  جن  جَل    ٿَل  ڀال   ڀَلايا    ها !
اي کيت کِڙو ، او شال   ٽِڙو !   هُو پنهن جا     مينهن وسائي ويا.
ويا  پريت  ڏئي   هُو    پاڻيارا ، اڄ     ڪينجھر   تن جا ڪاڻيارا،
ڇا     راڱا    تن  سان رُڃ    ڪيا ، جي تنهن جي اڃ اجھائي ويا!
هُو  پيار  پتنگا  کامي    ويا ،  ۽   ڪيڏو       دُور   اڏامي  ويا !
پر تنهن جي منهن جي ڏيئي ۾ ، هُو پنهن جي    جوت سمائي ويا.
ڪلهه  رات  مسافر  آيا ها ، جن  پنهن جا    جيءَ    جلايا     ها،
ٿي ڇا ڇا ڄرڪا ڄاڻَ   ڪري ، هُو    ڪيڏا     مَچ    مچائي ويا!
ڇا    ڇا    نه وسيِهَر ـــــــــــــــ وَنگَ هُيا !   پر نانگا يار نسنگ هُيا،
ڪي تُنهن جو   رُوپ نِکاري ويا ، جي تنهنجي سينڌ سَجائي ويا.
ڇا  نعرا ها  ڇا  نينهن  هُيا !   هئه  مڙس     هُيا  يا شينهن هُيا!
جي ڏونگر ــ ڏيل ڏڪائي ويا ،      گجگوڙ  ڪري    گرمائي ويا.
آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا ، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،
جي  سارو  جڳُ جرڪائي   ويا ، پر  پنهن جو پاڻ   ملهائي ويا .
جِن  پاسو ورتو  ڪُوڙ ڪنان ،  هي مُڙس نه   ويندا   مُور مَنان،
جن واڪي  واڪي  وَس ڪيا ، جي  سارو   سچ    ٻُڌائي  ويا.
اڄ  ڇوهَه  انهن جا  ڇوليءَ ۾ ، اڄ  ٻولَ انهن جا    ٻوليءَ ۾
اي ڌرتي! تُنهنجيءَ جھوليءَ ۾، جي سُورهيه سِيس ڇُپائي ويا.
هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل، هي جھوليءَ جھوليءَ ۾گُل ڦُل،
ويا سانول ڇا  ڇا سَڳ  ڇڏي!  ڇا  جَندڙيءَ کي جَرڪائي ويا !
ڇا سمجهي تن کي  جيءَ جَڏي ،   آ تِن جي ڳاڙهي ڳالهه وڏي،
ها  ڇا ڇا  ارڏا ڪَنڌ     اَڏي ! جي   تو کي   مَيندي لائي ويا.
هي  بِرهه به ڪوئي   بَڙُ   آهي!  ڇا  جانٺي  اُن جي جَڙَ آهي!
مون اُن ۾ ڪيڏا ڏار ڏٺا ، جي    ڇانو    ڪري ، مَن ڀائي ويا.
اي آري!     تنهن جي   آڍَ هُئي ،  پر  ڏونگر  ڏاڍا  ڏاڍ  ڪيا!
هِي     تُنهن جا پيارا  پيرا  ها ،  جي پنهن جو پنڌ  پُڄائي ويا.
ڪِئن تو کي ڪاري ٻاٽَ مڃان ، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا،
آ ٽِم  ٽِم    ٽِم ٽِم     لاٽ اڃا ،     جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا .
هيءَ  جان  ته  اچڻي  وڃڻي  آ ،  پر  مرندي  مات  نه مڃڻي آ،
مون  اهڙا  سو ساونت   ڏٺا ،  جي پنهن جو هَٺ  هلائي   ويا.
ڏسُ!  باک  ڀليري آئي آ ، ڏِسُ!     سَنڌُ  مٿان     سَرهائي آ!
ڇو  تن  جي  لاءِ ”اياز“  رُنين ،  جي  مارُو ماڳُ مَٽائي   ويا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو