Tuesday, December 19, 2017

خلق تماشائي يار!

منير ڊومڪي
اڄوڪي هن مختصر لکڻيءَ ۾اسان پنجابي ٻوليءَ جي نامورصوفي شاعر بُهلي شاهه(1680_1758ع)جي مشهور ڪافي”خَلق تماشائي يار!“کي سمجهڻ جي هڪ ڪوشش ڪنداسين.بُلهي شاهه جي هيءَ ڪافي دنيا،دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ دنيا سان لاڳاپيل شين جي فانيت واري تصور جي ڀرپورعڪاسي ڪري ٿي.شاعر جي هيءَ ڪافي تمثيلي شاعري،صوفي رنگ ۽ عملي نصحيت آميز مثالن سان به معمور آهي.پڙهندڙن کي عرض ڪجي ٿو ته هن ڪافيءَ جي ڪجهه شعرن کي ڳوڙهي نموني سمجهائڻ جي خاطر هڪ عدد خيالن جو ڪن جڳهين تي ورجاءُ ڪيو ويو آهي،ڇو ته انهن ويچارن جو انهن هنڌن تي ورجاءُ ضروري پئي ڀايم.ڪافي جي شروعات هن سٽ سان ٿئي ٿي:
خلق تماشائي يار!
خلق يعني دنيا تماشائي آهي.دنيا تماشائي ڇو آهي؟ڇو ته هن دنيا جي ماهيت مصنوعي آهي.جيئن ڪو کيل تماشو عارضي وقت لاءِ هوندو آهي،ائين ئي دنيا جون خوبصورت ۽ عجب ۾ وجهندڙ تجليون به ٿورڙي ٽائيم لاءِ آهن.
آج ڪِيه ڪيتا؟ڪل ڪِيه ڪرنا؟بهَٺ اساڊا آيا،
اَيسي واه ڪِياري بِيجي،چڙيان کيت وَ نجايا!
ٿلهه کانپوءِ هن ڪافي جي پهرين بند ۾ ئي شاعر پڙهندڙن کي هڪ جامع پيغام ڏئي ٿو.زماني جو ماڻهو جيڪو پنهنجي سموري حياتي”اڄ ۽ سڀاڻي“جي ليکي چوکي ۾ بسر ڪري ٿو هن کي اها خبر ئي نٿي پوي ته ڪيئن اوچتو هن جي حياتيءَ جو سمورو وقت گذري وڃي ٿو۽ جڏهن هن جو هن بي بقا جهان مان هميشه لاءِ موڪلائي وڃڻ جي گھڙي اچي ٿي،ته پوءِ ڀتين تي لڳل دنيا جي هرگھڙيءَ جي ٽِڪ ٽِڪ هن کي هتي وڌيڪ نٿي ٽڪائي سگھي،اها هن لاءِ فرسوده بڻجي وڃي ٿي.مادي زماني جي نه کٽندڙ ڏيتي ليتي ۾ ماڻهو ويچارو ته اڳ ۾ جهڙوڪر زنده نه هوندوآهي،پر جڏهن هن جو طبعي موت وارو واقعو ٿي ٿو،ته پوءِ هن فاني دنيا ۽ انساني فاني زندگيءَ جي سڄي لڪيل سچائي هن تي عيان ٿئي ٿي ۽ اها حقيقت به ” آج ڪِيه ڪيتا؟ڪل ڪِيه ڪرنا؟“.
صوفي شاعر بهلي شاهه جو پنهنجي هن ڪافي جي پهرين بند کي لفظ ”اڄ“ سان شروع ڪرڻ سان هوان ڳالهه تي اسرار به ڪري ٿو ته انساني جيون کي گذارڻ جو بهترين فن صرف ”اڄ“ ۾موجود آهي،سڀاڻي جي ڪنهن کي ڪهڙي پروڙ؟!جيڪڏهن ماڻهوءَ جي حياتي جي ڪنهن لمحي کي سچ چئي سگھجي ٿو ته اهو هاڻوڪي ۽ اڄ جي وقت کي ئي چئي سگھجي ٿو.ٻيو ڪو به نه.تنهنڪري ماڻهو آئيندي جي چڪر ۾ موجوده وقت کي ضايع نه ڪري.ڏاهو ماڻهو اهو آهي،جيڪو انساني زندگيءَ جي موجوده گھڙي ۾ جيئڻ سکي ۽ ان کي صحيح ۽ خوش گذارڻ سکي.شاعر جو هن ڪافي جي مهڙ ۾سوال ” آج ڪِيه ڪيتا؟“ڪرڻ ۾ به هڪ قسم جو منطق رکيل آهي.ڪهڙي قسم جو منطق؟اهو ته جيڪي سست ماڻهو زندگيءَ ۾ هيل تائين ڪجهه نه ڪري سگھيا آهن شاعرانهن کان هڪ قسم جو پڇاڻو به ڪري ٿو ته انهن پنهنجي هن مهل تائين گذاريل زندگيءَ ۾ آخر ڇا ڪيو آهي؟
”آج ڪِيه ڪيتا؟ڪل ڪِيه ڪرنا؟بهَٺ اساڊا آيا“بُهلي شاهه جي هن سٽ جي اها معنى به اخذ ڪري سگھجي ٿي ته ماڻهو هن دنيا جي کيتي باڙي ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو۽ ڪمايو،” بهَٺ اساڊا آيا “هن جي ڪل پونجي هن جي اڳيان آهي.هن اهم سٽ بابت اها راءِ به قائم ڪري سگھجي ٿي ته زميني زندگيءَ جا سمورا چڪرمڪمل ڪرڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جڏهن ”بهٺ“ تربت جي اندر دائمي طور هليو وڃي ٿو ته پوءِ ان ماڻهوءَ جي اها قبر واري خارجي ڏيک ٻين جيئري ماڻهن لاءِ هڪ قسم جي نصحيت به آهي ته سڄي ڄمار دنياوي زندگيءَ جي هٻڇ ڪندڙ اهو مئل ماڻهوهاڻي اهو ٻڌائي ته”آج ڪِيه ڪيتا؟ڪل ڪِيه ڪرنا؟(بهَٺ اصل تواڊا اِي).”کٽين جي هارائين،هنڌ تنهنجو هي.“ڪافي جي پهرين مصرعي جي ٻي سٽ ۾ صوفي شاعر بُهلي شاهه پڙهندڙن کي بظاهر ته اهو چوي ٿو ته اهڙي ۽ ان جڳهه تي زمين کيڙي جتان سموري فصل کي پکي پرنده کائي ويا،پرتمثيلي طور هو پڙهندڙن کي اهو جامع پيغام ڏي ٿو ته ”جوکيڙي،سوکائي“.ماڻهو خدا پاڪ طرفان مليل پنهنجي قيمتي زميني زندگيءَ کي ائين اجائي ڪثير دنياوي ترشنا ۾۽ ڪڌن ڪمن ۾نه وڃائي،جو سڀاڻي قيامت جي ڏينهن انسان کي پنهنجي رب جي حضور رسوائي ۽ پڇتاءُ سان بيهڻو پوي!هن سٽ”اَيسي واه ڪِياري بِيجي،چڙيان کيت وَ نجايا“مان اهو به اقتباس ڪڍي سگھجي ٿو ته انسان دنيا ۾ جيڪي به ڪم ڪري ٿو انهن سڀني جو هڪ ڏينهن انت به ٿيڻو آهي،پوءِ انهن ڪمن جوانت بهتر ٿئي ٿو يا بدتران انت جي خبر بعد ۾پوي ٿي.
شاعر جو هن ڪافي ۾ لفظن”ڪِيه ڪيتا،ڪل ڪِيه ڪرنا“۾اکر”ڪ“ جو ڄاڻي واڻي تجنيس حرفي طور ڪتب آڻي دنيا جي ڪم ڪارن جي فطرت به ٻڌائڻ آهي ته دنياوي ڪمن جون ڪِي ڪِي،ڪِرڪٽ ۽ ڪيهون جيسين حياتي آهي،تيسين کٽنديون ڪين.
بُلهي شاهه جي هن ڪافي جا بنيادي موضوع هڪ ته هن دنيا جي اصل،پوشيده صداقت ٻڌائڻ آهي،ڪهڙي صداقت؟اها ته ”خلق تماشائي يار“،اشرف الامخلوقات جي دنيا فاني آهي.ٻيواهو،جيئن ته جڳ ته رونشي وارو آهي ئي،ان جو سڌو سنئون اثر ڀوُن ۾ رهندڙ ماڻهن تي به پوي ٿو،اهي به پنهنجي ذات توڙي زندگيءَ کي هڪ قسم جو چرچو بڻائن ٿا.ٽيون ڪائنات جي فاني شين ۽ ڪمن تي بيجا فخر ۽ وڏائي ڪرڻ سواءِ نافهميءَ جي ڪجهه به ناهي.چوٿون ابن آدم کي اها خبر ئي نٿي پوي ته هو پاڻ ڪيئن دنيا جي دولاب جوشڪار ٿئي ٿو.ماڻهو ويچارو دنيا جي دام ۾ ڇو ۽ ڪيئن ڦاسي ٿو؟ان راز جي حقيقت هن ڪافي جي ٻئي بند ۾ پوي ٿي:
اِڪ اُلانهبا سيّان دا هي، دُوجا هَي سنسار،
ننگ نامُوس اِٿون دي ايٿئي،لاه پگڙي بهوئين مَار!
ته ماڻهوغلام ٿيڻ تي ان ڪري مجبور ٿئي ٿو،ڇو ته هن جي زندگي هن جي سجني ۽ سنسار جي وچ ۾ورهايل هوندي آهي.هڪ طرف محبوب سائين جي عشق جي سچي اڪير آهي ته ٻئي طرف دنيا جي ٺڳي ۽ ٺڳيندڙ حقيقت، ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ۽ بچائي ته ڪيئن بچائي؟خالص عشق جي تشنگي انسان کي زندگيءَ ۾ملي به ته صرف ايتري ملي،جيڪا اک ڇنب ۾ گذري وڃي ٿي.جڏهن ماڻهو پنهنجي سچي ساجن کان به هميشه لاءِ ڌار ٿي هليو وڃي،هن جي جيون جي ڪمايل ڪل پونجي به نه بچي،هن جي حياتي به هلي وڃي ۽ سنسار به ساٿ ڇڏي هليو وڃي،ته پوءِ ماڻهو درد منجهان اهو ته چوندو نه ”خَلق تماشائي يار!“سادن لفظن ۾شاعر بُهلي شاهه جي نظر۾دنيا تماشائي ان ڪري به آهي جو فانيت وارو تصور جڳ جي هر شيءِ تي لاڳوٿئي ٿو.دنياوي ناماچاري،کوکليون عزتون ۽ شهرتون بي بقا آدم سڀ هتي هن دنيا ۾ ڇڏي هليوويندو.وڏا وڏا نام نهاد سردار، چوڌري،وڏيرا ۽ ڀوتار،جن کي پنهنجي پڳ تي بيجا بود ۽ ارڏائي هوندي آهي اهي سڀ ٻڌي ڇڏين ته ڪفن کي کيسو نه هوندو آهي ۽ مرڻ کانپوءِ اهي سڀ قبر ۾ خالي هٿين ويندا.
هن ناپائدار عالم جي ماهيت ۽ مستيءَ ۾ مهو سموري ڪڏندڙ عوام الناس کي پوءِ اهونوجوان هجي،جهونو هجي،ناز نخريلي دل نشين هجي يا ڪا نوڪرياڻي يا ڏنو يا ڌوٻي، هڙ ئي واري واري سان موت جي هڪ هڪل سان هن دنيا مان هميشه لاءِ هليا ويندا.
نڍها ڪِردا، بُڍها ڪِردا، آپو اپني وَاري،
ڪِيه بيبي،ڪِيه باندي لَونڊي،ڪِيه ڌوبن بهٺياري!
صوفي شاعر بُهلي شاهه جي خيال ۾ فاني دنيا جو فاني ماڻهو پوءِ ڪهڙي به بهاني سان هن سنسار کي خيرآباد چئي پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مُکا ميلوٿئي ٿو:
بُلها شَوه نُون ديکڻ جاوي، آپ بهانه ڪردا،
گوُنو گُوني ڀانڊي گھڙڪي ٺيڪريان ڪرڌهردا!
نه فقط ماڻهوپرشين جي فطرت ۾ به فنا ٿيڻ لکيل آهي.ڪنڀر جنهن ڀاندي کي لاڏ پيار سان شروعاتي مرحلي ۾ گھڙي ٺاهيندو آهي،اهو ڀنڍار ڪيسين تائين ائين سهڻو ٺهيل ۽ سالم هوندو؟هڪ ڏينهن اهو به ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيل ۽ وکريل ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ پيل هوندو.ابن آدم کي اها ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻ کپي ته هن دنيا جو چپو چپو تماش گاهه آهي ۽ دنيا جي هر شيءِ جي حقيقت عارضي آهي.ٺيڪ ائين جيئن هڪ بازار جي ٻي بازار کان هن جي چمڪ ڌمڪ الڳ هوندي آهي.دنيا جي درٻار کي رنگ رعنائين سان سجائيندي واکاڻيندڙ سڀ جا سڀ درٻاري ٻڌي ڇڏين ته اهي اڄ نه ته،سڀاڻي هڪ ته ان حقيقت جي باري ۾ ويچاريندا ته” آج ڪِيه ڪيتا؟ڪل ڪِيه ڪرنا؟ ۽ ٻيو ان سچ کي به تسليم ڪندا ته ”خلق تماشائي يار!“
ايه تماشا ديک ڪي چَل پَو،اگلا ديک بازار،
واه واه چهِنج پَئي دربار،خلق تماشائي يار!
(ليکڪ انگريزي ادب جو استاد آهي.)
( روزاني مهراڻ 18 ڊسمبر 2017ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو