Tuesday, December 26, 2017

وال پيپر؛حق گهرندڙن تي لٺيون نه وسايو

سارنگ چانڊيو
هن وقت سنڌ حڪومت جيڪو ڪجهه جمهوري دور ۾ ڪري رهي آهي اهو لقاءُ ته آمريت جي دور ۾ حڪومت سنڌ جي ماڻهن سان ڪندي رهندي هئي،؟ آمر مشرف ۽ ارباب رحيم جي دور ۾ جيڪي ڪلور ، ڪيس ، قهر ڪيا ويا انهن خلاف پ پ پ ان وقت سخت احتجاج ڪندي هئي، انهن عمل کي غير انساني ورتاءُ قرار ڏيندي هئي، پر پ پ پ اڄ اهو سڀ ڪجھه پاڻ ڪري اهو تاثر ڏئي رهي آهي ته اوهان جي جنهن سان محبت هئي اها هاڻ ناهي ؟ اوهان کي احتجاج جو حق ناهي؟ ان کان ايم ڪيو ايم طرفان سي ايم هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، گورنر هائوس جي مک گيٽ اڳيان جماعت اسلامي ٽي ڏينهن ڌرڻو هنيو ، تحريڪ انصاف  طرفان سي ايم هائوس اڳيان مک گيٽ تي ڌرڻو هنيو ، ان وقت ڪو به ريڊ زورن نه هيو ، تشدد ڪري اهو ثابت ڪيو ويو ته  ريڊ زورن فقط سنڌين  لاءِ هوندو آهي. اهو سڀ ڪجهھ ان ڪري ٿيندو آهي جو اسان چونڊ صحيح نه ڪندا آهيون ان ڪري اسان کي اها سزا ملندي رهندي آهي انهن ۾ حڪمرانن جو ڏوھ ناهي اهو ڏوھ  اسان سڀني جو آهي جيڪي اهڙا وزير ۽ مشير چونڊي ايوانن ۾ موڪليون ٿا جيڪي رڳو ننڊ ڪرڻ جا عادي آهن باقي ڳالهائڻ واري زبان ڪاڪڙي مان نڪتل هوندي اٿن؟ جڏهن اهي ان فلور تي پهچندا آهن، انهن کي سنڌ جي ماڻهن جي دردن ڏکن ۽ ٻين تڪليفن جو ڪوبه الڪو ناهي هوندو اهي فقط مراعتون وٺڻ لاءِ اسان جهڙن اٻوجھن کي بيوقوف بڻائي ووٽ وٺندا آهن.جڏهن ڪا ڏاڍي ڌر احتجاج ڪندي آهي ته اها جهموريت طريقي سان احتجاج ڪري رهي هوندي آهي؟ جڏهن هن خطي جا قديمي رهواسي پنهنجي حقن لاءِ ڪو احتجاج ڪندا آهن ته انهن تي غلامن وانگي لٺيون وسايون وينديون آهن
2014ع ۾ اين ٽي ايس ذريعي ڀرتي ٿيل استادن ۽ ماسترياڻين پنهنجي مسقبل لاءِ  سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي مکيه گيٽ اڳيان ڪبوتر چونڪ تي احتجاج ڌرڻو هنيو ته پوليس انهن تي ڪڙڪي پئي  عورت استادياڻين تي بي رحماڻو تشدد ڪيو انهن جي وارن مان گهلي کين ٽنگا ٽولي ڪري پوليس موبائيلن ۾ اڇلايو ويو ڄڻ اهي رڍون، ٻڪريون  هجن ، مرد استادن تي لٺبازي ڪئي وئي ، انهن مٿان واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو، استادن جون گرفتاريون ٿيون ، ان وقت اهو محسوس ٿي رهيو هو ته پوليس ڄڻ ڪنهن غير ملڪي ماڻهن تي ڪڙڪيل هئي ، پوليس سمورا انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا. تاريخ شاھد آهي ته جڏهن به سنڌين ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو آهي ته انهن تي ائين تشدد ڪيو ويندو آهي ؟ 15 هزار استاد اين ٽي ايس جي ذريعي ڀرتي ڪيا ويا هئا ، پنجاب ۽ خيبر پختون خواھ صوبن به عالمي بينڪ جي چوڻ تي اين ٽي ايس ذريعي استاد ٽن سالن لاءِ ڀرتي ڪيا هئا انهن ٻنهي صوبن انهن کي پڪو ڪري ڇڏيو آهي ، جڏهن ته سنڌ ۾ به گادي واري شهرڪراچي  سان تعلق رکندڙ غير سنڌي اين ٽي ايس استادن کي پڪو ڪيو ويو آهي صرف ڪراچي کان هٽي باقي ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ استادن کي تعليم کاتي چيو آهي ته اوهان کي پڪو ان شرط تي ڪيو ويندو ته اوهان ٻيهر امتحان ۾ ويهو اهو امتحان پاس ڪريو ،  هڪ ئي صوبي جي  هڪ ڊويزن جي استادن کي ٽن سالن جو مدو پورو ٿيڻ تي پڪو ڪيو ويو ، ساڳو امتحان پاس ڪندڙ ٻين ڊويزن جي استادن کان واري امتحان وٺڻ جو شرط رکڻ حڪمرانن جي اها نيت ظاهر ڪري ٿو ته سنڌين سان هڪڙي ۽ غير ڌرتي ڌڻين سان ٻين سان وري ٻي آهي
ان مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڪجهھ ميهنن کان پوءِ اليڪشن آهي اهي وڏيرا ذهن جيڪي چاهين ٿا ته 15هزار جيڪي ڀرتي ٿيل استاد آهن اهي ڪڍي ڪري انهن کي ڀرتي ڪيو وڃي جيڪي انهن جا هاڪاري آهن، ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجو گراف ٺاهي ڪري اهو تاثر ڏين ته اسان بيروزگاز نوجوانن کي روزگار ڏئي پنهنجو واعدو نڀايو آهي هاڻ اوهان پنهنجوواعد پورو ڪجو، جيئن ماضي ۾ انهيءَ حڪومت جي هڪ تعليم جي وزير ڪراچي جي 20 هزارکان مٿي استاد جعلي ڀرتي ڪيا هئا؟ ورلڊ بئنڪ جي دٻاءَ سبب پ پ پ حڪومت مجبورن اين ٽي ايس کان ٽيسٽ ڪرائي جنهن ۾ اهي پاس جيڪي پڙهيل هئا ۽ حڪومت جا سفارشي ماڻهو ڀرتي کان رهجي ويا هاڻ چاهين ٿا اهي اڻ پڙهيل نوجوانن کي استاد طور ڀرتي ڪيو وڃي جنهن سان سنڌ جي تعليم تباھ ٿي وڃي .
جيڪڏهن سنڌ سرڪار ڪجھه ڪرڻ چاهي ٿي ته انهن خلاف ڪاروائي ڪري جيڪي 6 سئو اربن کان مٿي پئسا اسڪولن جي بنيادي سهولت جي نالي تي هڙپ ڪري ويا آهن، رڳو انهن استادن، صحافين، ٻين کي تشدد جو نه نشانو نه بنائي جيڪي هن قوم جون اکيون آهن انهن تي تشدد نه ڪيو وڃي جئين سڀاڻي سنڌ جو ڪوبه ٻار پڙهي نه سگهي، رڳو وڏيرن ، پيرن ، سردارن ۽ ڀوتارن جي اوطاق جي رکوالي ڪندا رهن.
سنڌ سرڪار کي اهو ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته اڄ اقتدارانهن وٽ آهي ته سڀاڻي ٻين وٽ هوندو تنهن ڪري اهڙو ڪوبه فيصلو نه ڪيو وڃي جنهن سان سنڌ ۽ سنڌين کي نقصان ٿئي ، اها روش آمراڻي آهي جهموري حڪومت کي ائين نه ڪرڻ گهرجي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو