Friday, August 2, 2019

ٽرمپ جي ٽياڪڙي جي آڇ ڪيتري سنجيده آهي؟.



شفيق الرحمان شاڪر
امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ٽياڪڙيء جي آڇ تي ڀارت سخت ردعمل ۽ پاڪستان زبردست آڌر ڀاء ڪري رهيو آهي.22 جولائي تي واهيٽ هائوس ۾ وزير اعظم عمران خان سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ صدر ٽرمپ جا ڪيترائي ريمارڪس غير معمولي هئا جن مان ڪشمير جي باري ۾ ڏنل ريمارڪس جو گھڻو ذڪر ٿي رهيو آهي.صدر ٽرمپ چيو ته ” ٻه هفتا اڳ منهن جي نريندر مودي سان ملاقات ٿي جنهن چيو ته اوهان سهولتڪار يا ثالث بنجڻ گھرندا؟ مون پڇيو ته ڪٿي؟ ته هن چيو ته  ”ڪشمير ۾.ڇو ته اهو مسئلو ڪيترن ئي سالن کان موجود آهي،مون کي اميد آهي ته اهو مسئلو حل ٿيندو ۽ مون کي ان ۾ ٽياڪڙي ڪندي خوشي محسوس ٿيندي.“. صدر ٽرمپ جو پڪ سان اشارو جي 20 سربراه اجلاس ۾ ٿيل موديء سان سندس ملاقات طرف هو جيڪا جاپان جي شهر اوساڪا ۾ 27 جون تي ٿي هئي. ان ملاقات بعد واهيٽ هائوس جي هڪ بيان ۾ چيو ويو هو ته ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي تعلقن تي ڳالهه ڪئي،معاشي،تجارتي،دفاعي ۽ دهشتگرديء جي خاتمي جهڙا موضوع بحث هيٺ آيا.لڳي ٿو ته دهشتگرديء جي موضوع تي ڳالهائيندي مودي ٽرمپ کي ڪشمير جي باري ۾ ٻڌايو هوندو ۽ پاڪستان تي ڪي الزام لڳايا هوندا.مودي چيو هوندو ته ڪشمير ۾ آمريڪا ڀارت جي مدد ڪري.ڀارت ڪهڙي مدد گھري ٿو؟ اصل ۾ هو ڪشمير ۾ آزاديء جي جدوجهد کي چٿڻ لاء اسرائيلي طرز جي آپريشنز تي آمريڪا جي رضامندي گھري ٿو.پر جيڪر موديء ٽرمپ سان ڪشمير تي ٽياڪڙيء وارو ڪردار ادا ڪندي جيڪر اهو مسئلو حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ته پوء اها نئين دهليءجي موقف ۾ هڪ وڏي تبديلي آهي.اوساڪا ۾ موديء جي هڪ ملاقات جاپاني وزير اعظم جي موجودگيء ۾ به ٿي هئي جنهن بعد ٽرمپ چيو ته هو ۽ مودي عظيم دوست بڻجي چڪا آهن.ٻئي ملڪ ان کان اڳ ايتري قدر ويجھو نه آيا آهن.ڀارت ۾ ٽرمپ جي ڀيان تي ردعمل بعد افغان صدر اشرف غني پڻ ٽرمپ جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو.ٽرمپ چيو هو ته هو افغان جنگ کٽي سگھي ٿوپر انهيء سان افغانستان صفحه هستيء تان مٽجي ويندو پر هو ان رستي تي وڃڻ نٿو گھري ۽ هو لکين ماڻهو قتل ڪري نٿو سگھي.اشرف غنيء جي دفتر مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان جي حڪومت امريڪي صدر جي پاڪستاني وزير اعظم سان ملاقات دوران ظاهر ڪيل خيالن جي سفارتي سطح تي وضاحت ڪئي وڃي.غير ملڪي سربراهه افغان قيادت جي غير موجودگيء ۾ افغانستان جي قسمت جو فيصلو ڪري نٿا سگھن.
پاڪستان ۽ ڀارت سميت ڪشمير سان دلچسپي رکندڙ حلقا ٽرمو جي ٽياڪڙيء واري بيان تي بحث جاري آهي.ٽرمپ جي ان بيان ڀارت ۾ سياسي طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي.ٽرمپ جڏهن چيو ته مودي ثالثي ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ته عمران خان چيو ته ٽرمپ ڪشمير مسئلو حل ڪرائي هڪ ارب ماڻهن جون دعائون حاصل ڪري.ٽرمپ عمران خان جي گھڻي تعريف ڪئي.ٻئي طرف اهو خيال به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٽرمپ موديء جي جنگ بندي لائين کي مستقل سرحد ۾ تبديل ڪرڻ جي مشن کي عملي شڪل ڏيڻ لاء ٽياڪڙي ڪرڻ آهي ۽ اصل ۾ اهو سڀ هڪ قسم جو ٽريپ آهي.پاڪستان به سپر پاور ۽ عالمي دٻاء جي بهاني بار پنهنجي سر تان لاهي ڇڏيندو.پر اهو خيال سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي جو پاڪستان ايئن ڪري نٿو سگھي ۽ نه ئي ڪشمير تي ڪا سوديبازي ڪري سگھي ٿو.آمريڪا ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجا فوجي اڏا قائم ڪرڻ گھري ٿو.هڪ اڏو افغانستان سان گڏ ڪشمير ۾ به قائم ڪرڻ هن جي ضرورت آهي پر پاڪسٽان ان جي مخالفت ڪندو.ٽرمپ پاڻ به چيو آهي ته آمريڪا هتي پوليس مين بنجڻ نٿو گھري. پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ چين کي ناراض ڪري نٿو سگھي،ايئن نه ٿئي جو پاڪستان کي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ شعوري يا غير شعوري طور تي سينڊوچ بنائڻ جو عمل شروع ٿي وڃي.سانن جي جنگ ۾ ٻوڙا ئي لتاڙبا آهن.ڀارت ٽرمپ جي ان بيان کي رد ڪيو آهي ته ڪو موديء ٽرمپ کي ڪا ٽياڪڙيء جي آڇ ڪئي آهي.ڀارت جي ڪوشش رهي آهي ته ڪشمير کي ٻه ملڪي تڪرار بنائي رکجي.ان کي عالمي معاملن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ نه ڏئي.
عمران خان ۽ ٽرمپ وچ ۾ ملاقات ٽي ڪلاڪ جاري رهي جڏهن ته اٽڪل منو ڪلاڪ اڪيلائيء ۾ به ملاقات ٿي.امريڪي خاتون اول عمران خان سان گڏ گروپ فوٽو ٺهرايو ۽ پاڻ ئي ان کي سوشل ميڊيا تي وائرل به ڪيو.عمران خان جي وفد ۾ آرمي چيف ۽ ڊي جي آئي ايس آئي جي شموليت به دوري کي وڌيڪ اهم بنايو.پاڪستان جو بيانيو ”ايڊ نه ٽريڊ“ به ڇانئيل رهيو.ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ باڊي لينگيوئيج اڃا به منفرد هئي.عمران خان صلوار قميص ۾ نهايت سمارٽ لڳي رهيو هو.صدر ٽرمپ ڪشمير جي سونهن جي تعريف جنهن انداز ۾بيان ڪئي ان سان ان واديء جو نقشو دنيا جي سامهون اچي ويو.هن عمران خان سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪشمير دنيا جو خوبصورت ترين خطو سمجھيو وڃي ٿو پر هاڻي اتي هر هنڌ بم ڪري رهيا آهن.اها خطرناڪ صورتحال آهي، ڪيترن سالن کان اهو ٿي رهيو آهي.ٽرمپ جو چوڻ هو ته مون کي ٻڌايو ته ڪشمير مسئلي تي آئون ڇا ڪري سگھان ٿو؟ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڀارت جي باري ۾ گھڻيون ڳالهيون ڪرڻ ڀارتي قيادت کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي ته ٻه طرفه ڳالهه ٻولهه ۾ ڀارت جو ذڪر ڇو؟ ڀارت خطي ۾ ڇڪتاڻ گھٽائڻ بدران امن ۽ دوستي جي پاڪستاني آڇ کي هر وقت ٺڪرائيندو رهيو آهي ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جو قتل عام جاري آهي.ان ڪري دنيا کي ان باري ۾ ٻڌائڻ نهايت ضروري آهي.پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرار ڪڏهن به ٻه طرفي ڳالهه ٻولهه سان حل ناهن ٿيا ان ڪري ڪشمير جو مسئلو به ڪنهن ٽياڪڙيء سواء حل ٿي نٿو سگھي.هاڻي جڏهن صدر ٽرمپ ڪشمير جي مسئلي کي تسليم ڪندي ٽياڪڙيء جي آڇ ڪئي آهي ته پوء هڪ طرف ان معاملي عالمي سطح تي اهميت ته ضرور حاصل ڪئي آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا ٽرمپ پنهنجي ان آڇ  ۾ واقعي سنجيده آهي ۽ ڇا امريڪي اسٽيبلشمينٽ به ان مسئلي کي حل ڪرڻ چاهي ٿي؟ انهن ٻنهي سوالن جا جواب حاصل ٿيڻ سواء ڪشمير معاملي تي ڪنهن اڳڀرائيء جي اميد رڳو اميد ئي رهندي.عالمي حالتن تي نظر رکندڙ دانشورن جو خيال آهي ته اهو صدر ٽرمپ جو ذاتي خيال يا اٻراهپ ۾ ڏنل جواب ئي سمجھڻ گھرجي.باقي امريڪي اسٽيبلشمينٽ صدر ٽرمپ کي عملي طور تي ان معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ نه ڏيندي،البت جيڪر ڀارت به ان ٽياڪڙيء تي راضي هجي ته پوء امريڪا ضرور ڪو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.هاڻي سوال آهي ته ڇا ڀارت ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ گھري ٿو يا نه؟ ته ان جو سادو جواب اهو ئي آهي ته هو ڪشمير کي ڪو تڪراري مسئلو اڃا تائين به نٿو سمجھي جنهن ڪري ڀارت ۾ ٽرمپ جي بيان بعد اٿيل طوفان ڀارت جي شديد غصي ۽ رد عمل جو اظهار آهي ۽ ڀايت هر حال ۾ ڪوشش ڪندو ته خطي ۾ ڪي اهڙا واقعا پيدا ڪجن جو ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي پوي.پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگرديء جي تازن واقعن کي به انهيء پس منظر ۾ ڏسڻ گھرجي.اهو ئي مسئلو افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ ۽ امريڪي فوجن جي واپسيء جو آهي يعني صدر ٽرمپ جي پوري نيت باوجود امريڪي اسٽيبلشمينٽ خاص طور تي پينٽاگون افغانستان مان پنهنجون فوجون واپس گھرائڻ جي معاملي تي صدر ٽرمپ سان بلڪل سهمت ناهي انهيء ڪري ڀلي طالبان سان ڳالهيون ٿين پر افغانستان بلڪه هن پوري خطي ۾ مختلف عالمي طاقتن جو جيڪو غير معمولي عمل دخل آهي اهي هن پوري خطي ۾ امن قائم ٿيڻ نه ڏيندا.ان ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ خطي ۾ امن امان ۽ استحڪام طرف اڳڀرائيء جي بدران سخت ڇڪتاڻ ۽ جنگي حالتون نظر اچي رهيون آهن.حقيقت ۾ عالمي چوڌري جنگيون بند ڪرڻ طرف نه پر نيون جنگيون شروع ڪرڻ طرف اڳتي وڌندي نظر اچن ٿا.


(روزاني هلال پاڪستان 30 جولائي 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو