Wednesday, April 26, 2017

ڇا ٿو سوچي ميان صاحب!

پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ ميان صاحب اينڊ ڪمپني کي جهڙي نموني باغ بهار ڏٺو ويو ۽ سندس وفادار وزير جنهن نڪ جي پڪائيءَ سان انداز ۾ ٻه هٿ مٿي اڏريا پئي، ان مان سادي سودي لوڪ کي ائين محسوس پئي ٿيو جهڙوڪ همراهن کي معاملن مان مڪمل طور تي مُڪتي ملي وئي هجي پر ان سموري ’لڏون بانٽ‘ واري منظر کي ڏسي جن ائين پئي چيو ته ’پارٽي تو ابهي شروع هوئي هي، آگي آگي ديکهو هوتا هي ڪيا...‘ ڳالهه واقعي به انهن جي وڃي بيٺي آهي... جيئن جيئن ڏينهن گذري رهيا آهن تيئن تيئن ميان صاحب جون وٿ آل ۽ برادران پريشانيون وڌي رهيون آهن. پ پ ۽ تحريڪ انصاف ته مسلسل ٻرنديءَ کي وري وري ٻاري رهيون ئي آهن پر هاڻي ته بار ڪائونسلون به ميدان تي لهڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ اهي به ڀير تي ڏونڪو هڻي چئي رهيون آهن ته ميان صاحب وٽ اقتدار ۾ رهڻ جو هاڻي ڪو به جواز ناهي رهيو، جيڪڏهن هي استعيفيٰ نه ٿو ڏئي ته ماضي واري وڪيلن واري تحريڪ ورجائي کيس اقتدار کان الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويندو. بظاهر ڀلي ميان صاحب جي صحت تي ڪو اثر نظر نه ايندو هجي پر سندس ويجهن حلقن کي ان جي پوري پوري خبر آهي ته هو هن وقت ڪهڙي ڪيفيت مان گذري رهيو آهي. ميان صاحب ۽ سندس همنوائن جنهن انداز ۾ پُرسڪون ساهه کنيا پئي، ممڪن آهي ان پويان اها سوچ هجي ته جي آئي ٽي جيئن ته ماتحت عملدارن ۽ آفيسرن تي مشتمل هوندي، ان ڪري ان کان سولائي سان رعايت وٺي وڃبي پر ٽيون ڏينهن آرمي چيف جي صدارت ۾ ٿيل ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ جهڙي انداز ۾ پاناما معاملي تي غور ويچار ٿيو آهي ۽ ان ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جي اعتماد تي پورو لهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي، ان کانپوءِ يقينن مٿي ذڪر ڪيل همنوائن واري سنگت جي خوشفهي ختم ٿي چڪي هوندي. صورتحال کي ڏسي سياسي مبصر اهي تبصرا ڪري رهيا آهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ نواز ليگ جي پريشاني اڃا وڌي ويندي. جنهن مهل وزيراعظم پنهنجي خاندان جي فردن سميت جي آئي ٽي جي سامهون اچي بيهندو ۽ سوالن جا جواب ڏيندو، اها صورتحال هن لاءِ هڪ وڏي امتحان کان گهٽ نه هوندي.
هڪ پاسي ته جي آئي ٽي وارو معاملو آهي، جنهن کي سٺ ڏينهن اندر سموري جاچ مڪمل ڪري سپريم ڪورٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻي آهي، جنهن کي سامهون رکي ئي هن ڪيس جو حتمي فيصلو ٿيڻو آهي، ٻئي پاسي مخالف ڌريون آهن جيڪي جيئن پوءِ تيئن نواز سرڪار جو گهيرو تنگ ڪندي نظر اچي رهيون آهن، مثال طور جيڪڏهن پاناما ڪيس ۾ الزام ثابت نه ٿيڻ تي ميان صاحب ۽ سندس خاندان کي رليف ملي به وڃي ٿو، تڏهن به هي هڪڙو اڪيلو اشو ناهي جيڪو مخالف ڌرين کي ماٺ ڪرائي واپس گهر موڪلي ڇڏيندو. نواز سرڪار خلاف ميدان تي لهڻ لاءِ مخالف ڌرين وٽ هڪ کان هڪ جواز آهن. پيپلز پارٽي بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف باقاعدي سندرا ٻڌي ميدان تي لٿل آهي ۽ پوري ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ ڌرڻن جو سلسلو هلندڙ آهي. زرداري صاحب مفاهمت جا سمورا بند ٽوڙي نواز ليگ خلاف انتهائي سخت موقف سان ميدان تي لٿل آهي ۽ چئي رهيو آهي ته جهڙي طرح اسان مشرف کي گهر موڪليو ائين ئي نواز شريف کي به گهر موڪلينداسين ۽ هاڻي ڪي به ڳالهيون ۽ ڪابه مفاهمت نه ٿيندي. پيپلز پارٽي جي قيادت جي تازين سرگرمين ۽ جلسن جلوسن کي ڏسي سياسي مبصر اهو چوندي ٻڌجي رهيا آهن ته نوازليگ سرڪار گهر وڃي يا نه پر اليڪشن تائين پ پ واپس نه ٿيندي ۽ هي سرگرم سلسلو ان ئي انداز ۾ جاري رکندي ۽ جيتري حد تائين ممڪن ٿي سگهيو نواز ليگ جو سياسي گراف ڪيرائيندي. ڪي مبصر ان کي ايندڙ اليڪشن جي هاڻي کان ئي تياري جو نالو به ڏئي رهيا آهن.
پيپلز پارٽي رڳو ان انداز ۾ نواز ليگ خلاف ميدان تي لٿل ناهي پر اليڪشن کان اڳ هڪ گرينڊ الائينس جوڙڻ جي تيارين ۾ به آهي. اهي به امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته پيپلز پارٽي اي آر ڊي جهڙو ڪو الائينس جوڙي متان به ان ذريعي نواز سرڪار مٿان پريشر وڌائي يا وري ايندڙ اليڪشن ان پليٽ فارم تان وڙهي ۽ نوازليگ کي ڇڏي ڪري باقي سمورين پارٽين کي شامل ڪري ايندڙ ڀيري ڪا گڏيل حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي. پر ان معاملي ۾ هڪڙو سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن واقعي به اهڙي قسم جو ڪو الائينس جڙي ٿو ته ڇا خان صاحب جي تحريڪ انصاف ان ۾ شامل ٿيندي؟ ايندڙ اليڪشن ۾ پارٽين جي پوزيشن ڪهڙي ٿي بيهي اهو ته وقت کان اڳ نه ٿو ٻڌائي سگهجي پر خان صاحب جيڪو هاڻي کان ئي ايندڙ وزيراعظم جي شيرواني سبرايون پيو گهمي، ڇا هو اهڙي ڪنهن الائينس جو حصو ٿيڻ پسند ڪندو جنهن ۾ اڳتي هلي ڪاميابي جي صورت ۾ شيون حصو پتي ملڻيون آهن ۽ ملندڙ حصو اکين تي رکي قبول ڪرڻو آهي. مان نه ٿو سمجهان ته خان صاحب اهڙو ’گهاٽي‘ جو سودو ڪرڻ پسند ڪندو.
 ٻيو ته خان صاحب جيڪو نوازليگ سان گڏ پ پ جي خلاف به ميدان تي لٿل آهي، خاص ڪري سنڌ ۾ سندس سرگرميون جيئن پوءِ تيئن وڌي رهيون آهن، اهو ان پارٽي سان گڏ ڪيئن الائينس ۾ ويهڻ پسند ڪندو؟ بهرحال جيڪڏهن پاڻ واري پياري پاڪستان جي سياسي تاريخ جاچجي ٿي ته ناممڪن ته ڪجهه به نه ٿو لڳي. جيڪڏهن ق ليگ عرف عام قاتل ليگ ۽ پ پ گڏ ٿي سگهن ٿيون، عرفان الله مروت جهڙي ماڻهوءَ کي پ پ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ڪو عيب نه ٿو لڳي، لياقت جتوئي کي سندس سمورن عيبن ثوابن سميت خان صاحب پاڻ سان گڏ شامل ڪري ٿو ته ناممڪن ته ڪجهه به ڪونهي. اهو ممڪن به آهي ته نئين جڙندڙ الائينس ۾ تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي گڏجي ويهڻ تي راضي ٿي وڃن. پاڻ انهن الائنسن جا ماضي ۾ ڪافي دلچسپ منظر ڏسي به چڪا آهيون. گذريل نواز سرڪار ۾ پ پ مٿان جبر جا ڪهڙا ڪهڙا پهاڙ نه ڪيرايا ويا، پر جڏهن ان نواز سرڪار کي مشرف گهر ڀيڙو ڪري ان جي قيادت کي پابند سلاسل ڪيو ۽ پوءِ جمهوريت جي بحالي لاءِ جيڪو پ پ جي سرواڻي ۾ الائينس ٺهيو ان ۾ اها ساڳي نواز ليگ ڪلثوم نواز جي اڳواڻي ۾ اهم پارٽي طور شامل ٿي. ان کان اڳ پ پ ۽ نوازليگ جو اتحاد ڪنهن جي به تصور ۾ هو؟ سو هتي ناممڪن ڪجهه به ناهي. هيءَ ته تحريڪ انصاف آهي پر جيڪڏهن مثال طور مفاهمتي سياست پنهنجا وري رنگ ڏيکاري ٿي ته نواز ليگ ۽ پ پ جو وري کير کنڊ ٿيڻ به ناممڪن ناهي. ان لاءِ بجاءِ ڪا جذباتي راءِ قائم ڪرڻ جي بهتر ائين ئي ٿيندو ته ڏسجي ۽ انتظار ڪجي. باقي اها ڳالهه ته خود نواز ليگ جا همدرد به ڪري رهيا آهن ته پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ جيڪڏهن ميان صاحب ائين چئي استعيفا ڏئي ڇڏي ها ته جيتوڻيڪ فيصلو منهنجي خلاف ناهي آيو پر جي آئي ٽي کي شفافيت ۽ آزاداڻي نموني سان ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ مان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان ته سندس سياسي گراف گهڻو مٿي چڙهي وڃي ها، جنهن جو کيس ايندڙ اليڪشن ۾ فائدو ٿئي ها. هونئن به باقي هن اقتداري مدي ۾ هڪ سال جو عرصو ئي ته بچيو آهي. جيڪڏهن ميان صاحب استعيفيٰ ڏئي پارٽي جي ڪنهن ٻئي اعتماد واري ماڻهوءَ کي ايوان مان چونڊرائي ها ته مخالف ڌرين جو هي وڌندڙ پريشر به گهٽجي وڃي ها ۽ سندس پارٽي اقتدار جو آخري سال ڏاڍي سڪون سان ڪڍي وڃي ها. بقول نوازليگ جي انهن همدردن جي ته ميان صاحب هڪ گولڊن چانس وڃائي ڇڏيو. اها ته هڪڙي راءِ آهي، ميان صاحب ايڏو سياسي تجربو رکي ٿو، هن به سوچي سمجهي هي فيصلو ڪيو هوندو، اها الڳ ڳالهه آهي ته ان جو اڳتي هلي کيس ڪهڙو فائدو يا نقصان پوي ٿو.
(روزاني عبرت 26 اپريل 2017ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو