Saturday, April 8, 2017

سوني تاج کانپوءِ وري سونو تير…!!!

منان چانڊيو
اڄ پاڻ جڏھن لکڻ لاءِ تياري ڪئي ته ڪيترا ئي موضوع ذھن تي تري آيا. انڪري گڏيل سڏيل يا وري ايئن کڻي چئجي ته مڪسچر اشو تي ڪجهه سٽون عرض ڪري رھيا آھيون.
اڃان سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ٻن سالن کان خودساختا روپوشي يا جلاوطني اختيار ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس ورڻ تي کيس لکين روپين جو سونو تاج ۽ بوسڪي جي پڳ پارائڻ واري مامري تي اليڪٽرانڪ پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي مختلف ماڻھن پاران ٽيڪا ٽپڻي ٿي رھي ھُئي ته وري پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي سکر جي دوري وقت ھڪ ڪرپٽ ۽ روپوش ٺيڪيدار پاران پندرنھن تولن جي خالص سون جو تير تحفي طور ڏيڻ واري سخاوت جا قصا ڪھاڻيون ميڊيا جي زينت بنيا آھن.
جتي انھن ٻن موضوعن تي  مليل جليل تبصرا ۽ تذڪرا ٿي رھيا آھن اتي وري سوشل ميڊيا تي ھڪ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ۽ موجوده ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي ننڍي ڀاءُ نوابزادي برھان خان چانڊيو پاران ھڪ ڪارنر گڏجاڻي دوران خطاب ڪندي ووٽرن کي ٽڪي جو ماڻھو چوڻ تي پڻ خوب ڪمينٽس، لائڪس ۽ شيئرز  جا ڌوڙيا ٿي رھيا آھن ۽ ان کان علاوه سنڌ حڪومت پاران انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس اي ڊي خواجا کي ھٽائڻ ۽ وري سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران کيس بحال ڪري پنھنجون ذميواريون جاري رکڻ واري فيصلي تي بحث مباحثا ٿي رھيا آھن. مٿي جن مامرن جي اسان پچار ڪئي آھي انهن جو سڌو سنئون تعلق سنڌ سرڪار ان جي انتظامي مشينري ۽ سنڌ ۽ سنڌين جي سياست سان  آھي.
ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ گذريل نون سالن کان پ پ جي حڪومت قائم آھي ۽ ھلندي پئي اچي. ان ڊگھي حڪومتي پيرڊ واري عرصي ۾ ھڪ طرف وزيرن، صلاحڪارن، خاص صلاحڪارن توڙي چونڊيل عيوضين تي مھا ڪرپشن جا الزام لڳندا پيا اچن ته وري ٻئي پاسي سنڌ سرڪار جي سڀني کاتن جي ننڍن وڏن آفيسرن ملازمن تي بدعنوانين ۽ بدانتظامين جا نه کُٽندڙ بھتان يا ثبوت ظاھر ٿيندا پيا اچن.
ڪرپشن جي وڪڙ ۾ جتي ٻيا ڪيترائي وزير اچي چڪا آھن اُتي سائين قائم علي شاھ جي وڏ وزرات دوران اطلاعات جي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي محل نما بنگلي جي ھڪ روم مان 2 ارب روپيا ملڻ جا چرچا ٿيڻ لڳا. بس پوءِ موصوف لڪ ڇپ ۾ سنڌ ما کسڪي پورا ٻه سال پرڏيهھ ۾ رھڻ کانپوءِ جڏھن واپس پنھنجي تڪ ۾ پھتو ته سندس ماڻھن کيس ٻن سونن تاجن ۽ بوسڪي جي پٽڪي سان نوازي ڇڏيو ۽ جڏھن مامري تي ھر طرف کان تنقيد ۽ تبرا ٿيڻ لڳا ته ھمراھ اھي سونا تاج ھڪ سماجي خيراتي اداري جي حوالي ڪري ڇڏيا.پر مٿس جيڪا وٺ وٺان ٿيڻي ھُئي اها ته ٿي چڪي ھُئي.
خير ھاڻي وري ٻه ٽي ڏينھن اڳ پ پ جو نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري.اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاھ صاحب جي قرب واري ڪوٺ تي سکر ڪھي آيو ته ان شاندار ۽ پروقار تقريب ۾ ھڪ وڏي ٺيڪيدار جيڪو چون ٿا ته شاھ صاحب جو ويجھو دوست يا ڪمائو پارٽنر آھي يعني نبي بخش جسڪاڻي پورن پندرنھن تولن جو گيني سون وارو نج پج تير شفاف شوپيس ۾ وجھي سندس ھٿن مبارڪن تي ڌريو. مزي جي ڳالهه ته ڄاڻايل ٺيڪدار اربين روپين جي ڪرپشن ۽ گبن واري ڪيسن ۾ نيب ۽ ٻين عدالتن کي گھربل آھي جيڪو ھن وقت روپوش بنيل آھي.
ھتي اُھو سوال به- پنھنجي جڳهھ تي وڏي اھميت رکي ٿو ته ھڪڙي ٺڳ فراڊي ٺيڪيدار جنھن سرڪاري ۽ عوامي خزاني کي اربين روپين جو ٻرو ڏنو ھُجي ان کان ملڪ جي ھڪ وڏي عوامي جمھوري۽ سياسي پارٽي جو چيئرمين جنھن جي لاءِ جناب زرداري صاحب فرمائيندي پيشن گوئي ڪري ٿو ته: ھُو ايندڙ اليڪشن ۾ پرائم منسٽر ھائوس جي تخت تاج تي براجمان ٿيندو. کان حرام جي خزاني سان خريد ڪيل سونو تير وصول ڇو ٿو ڪري؟؟؟؟ پر انتھائي المئي ۽ ڌيان طلب ڳالهه اُھا به- آھي ته جنھن وقت ٺيڪيدار بلاول صاحب کي سونو تير ڏئي رھيو ھُئو ته ان وقت ڊي آء جي سکر ڊويزن ۽ ايس ايس پي پڻ موجود ھُيا ته پوءِ آخرڪار انھن پوليس جي اعلي عملدارن ھڪ روپوش ماڻھو کي ھٿن ۾ ھٿ ڪڙول ڇو نه ھنيا؟؟؟ ۽ اُھو سڄو منظر هو پنھنجي اکين سان باوردي ھوندي ڏسندا رھيا. ته ڇاا ملڪ جو قانون صرف مسڪين ۽ بيگناھ ماڻھن کي پڪڙ ۾ آڻڻ لاءِ ٺھيل آھي؟؟ باقي جيڪي ڏاڍا سي گابا بنبا؟؟؟
اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون ھڪ ڀوتار جي جوھر خطابت جو ته سنڌي قوم عوام جي بدنصيبي چئجي ته ھُو صدين کان وٺي قبيلائي. جاگيرداري ۽ پير پرستي واري دقيانوسي سماج ۾ رھندا پيا اچن جيتوڻيڪ ھن وقت 21ھين صدي جنھن کي ڪمپيوٽر.انٽرنيٽ. سجاڳي يا حقيقي جمھوريت جي پاسداري ڪرڻ ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪرڻ واري صدي چيو پيو وڃي پر پوءِ به- اسان سنڌي ماڻھون چند ويڪائو وڏيرن وٽ ڄڻ ته گروي ٿيل يا گوڏي جو گاھ بنيل آھيون. ۽ ستم ظريفي جي ڳالهه اُھا به- آھي ته ھن وقت سنڌ جا اڪثر ڪري مٿي ڄاڻايل ھمراھ خيرن سان چونڊيل نمائندا پڻ آھن.انڪري سندن ووٽر ۽ عوام وڏي عذاب ۾ مبتلا  آھي. ڇو ته ھُو ھڪ نمائندي ۽ ووٽر جي حيثيت ۾ ڪا به- ڀوتارن سان حُجت يا وري ميرٽ تي نوڪريون گھرڻ ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي گُھر نٿا ڪري سگھن.
وڏو ويل اُھو به- آھي ته ووٽر جڏھن ڀوتار جي اوطاق تي وڃن ته به- انھن جي پيرين پون ۽ جيڪڏھن ڇٺي ڇهھ ماهي سردار سائين سندن  ڪکن تي قرب جا قدم ڀري اچن تڏھن به- ھُنن جا پير ڇھڻا پون ٿا. ڀوتار سنڌي قوم جي بلوچ قبيلن سان تعلق رکندڙ هجن يا سماٽن سان، هو اتر سنڌ جا هجن وچولي سنڌ يا ڏکڻ سنڌ جا هجن پر همراهن جون عادتون ۽ مشغلا هڪجھڙا هوندا آهن.
بھرحال ڪجهه ڏينھن اڳ چانڊيا قبيلي جي سردار ۽ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو جي ھڪ ڀاءُ برھان خان چانڊيو جيڪو نوابزادو ھُئڻ سان گڏوگڏ پنھنجي ايم پي اي ڀاءُ جي چونڊ تڪ جو انچارج پڻ آھي. تنھن اڳوڻي چانڊڪا جاگير جي ھڪ ڳوٺ ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي انتھائي جوش.جذبي ۽ پراعتماد لھجي ۾ فرمائيندي چيو ته اوھان ٽڪي جا ووٽر اسان کي خصيص قسم جو ووٽ ڏئي اسان سردارن کان لکين ڪروڙين روپين جا فائدا وٺڻ جي ڊمانڊ ڪيئن ٿا ڪري سگھو؟؟ ڇو ته اوھان صرف اسان کي پنجن سالن ۾ ھڪ ڏينھن ووٽ ڏيو ٿا. اسان ته ان جي عيوض سال جا 364 ڏھاڙا اوھان جي خدمت ڪندي پنھنجو پگھر وھايون ٿا.جنھن وقت ڀوتار صاحب اھڙي قسم جا الفاظ استعمال ڪري رھيو ھُيو ته سندس ڀر ۾ بيٺل سندس واٺا ۽ چمچا کيس داد ڏيندي تاڙيون وڄائي رھيا ھُيا ۽ ويچارا ووٽر پڻ ڀوتار سائين جي منھن مبارڪ ڏانھن اچرج مان نھاري رھيا ھُئا.سو جتي اھڙا مغرور ڀوتار  ۽ مجبور ووٽر ھُجن ته پوءِ ڪيئن پنھنجو مٿو منھن پٽي سگھجي. اسان صرف ڀوتار لاءِ شاھ سائين جي ھڪ بيت جون ھي سٽون عرض ڪنداسين ته:
چڱا ڪن چڱايون، مندايون مندن
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
ھا اڃان ھڪ ڳالهه ڏاڍي سنسنيخيز ۽ باشعور ماڻھن لاءِ توجھه طلب آھي ته ھڪ ھفتي دوران سنڌ سرڪار زرداري صاحب جي فرمائش ۽ حڪم تي سنڌ پوليس جي ھڪ ڀلوڙ ايماندار آفيسر انسپيڪٽي جنرل اي ڊي خواجا کي ٻه ڀيرا برطرف ڪرڻ جا نادري حڪم صادر ڪري ھُن جي منصبي فرضن جي ادائگي ۾ رڪاوٽون ۽ روڙا اٽڪايا آھن پر شڪر ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ زرداري اينڊ ڪمپني جي منفي سوچ ۽ خواھش کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو.اسان کي سمجهھ ۾ ڪو نه ٿو اچي ته  ھن وقت جڏھن نيشنل ايڪشن پلان موجب دھشتگردن انھن جي پٺ ڀرائي ڪندڙن ۽ سھولتڪارن خلاف وفاقي فورسز پوري ملڪ سميت سنڌ اندر پڻ اي ڊي خواجا جي سھڪار سان  آپريشن کي ڪاميابي ۽ ڪامراني طرف وٺي وڃي رھيا آھن ته پوءِ اھڙين فيصلاڪن ۽ حساس گھڙين ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا پويان پ پ قيادت ۽ سنڌ سرڪار پير کوڙي ڇو پئجي وئي آھي ۽ اھي ڪھڙا ڪارڻ آھن جو سنڌ جي تاريخ ۾ نسبتن ٻين سڀني آءِ جيز کان وڌيڪ بھتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ خواجا صاحب ھمراھن جي اک جو ڪنڊو بنجي ويو آھي.
ھتي ان ڳالهه کي به- ھرگز نظرانداز نٿو ڪري سگھجي ته ايندڙ اليڪشن ۾ اي ڊي خواجا جھڙي اصول پرست آءِ جي ھوندي پ پ وارا پوليس آفيسرن ذريعي سنڌين کان ووٽ وٺي سگھن انڪري يارن جي خواھش آھي ته جھڙا سندن پرڪار آھن تھڙن ارڪانن ۽ ڪرت وارا آفيسر ھُجن جن کان ھُو ڪمداري ۽ منشي وارو ڪاروبار ڪرائي سگھن.
آخر ۾ اسان کي اُھو معلوم ڪري وڏو تعجب ٿئي ٿو ته خواجا صاحب کي ھٽائڻ لاءِ سنڌ سرڪار تڙ تڪڙ ۾ وائڙائپ جو مظاھرو ڪندي ھڪ ته سول سرونٽ جي قائدن قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ان جون ڌڄون اڏائي ڇڏيون.ٻيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ شايد اُھو پھريون ڀيرو ٿيو ھُجي ته آء جي کي ھٽائڻ لاءِ ڪابينا جو پھريون ڀيرو خصوصي اجلاس سڏائي ان ۾ ملڪ، سنڌ، سنڌي قوم ۽ عوام، قانون، انصاف جي ابتڙ فيصلو ڪري اُھو ثابت ڪيو ته پ پ جي قيادت ۽ سنڌ سرڪار جي والي وارثن کي صرف ۽ صرف پنھنجي ذاتي، ڪاروباري مفادن جي پورائي لاءِ اھڙا آفيسر کپن جيڪي کائو ۽ کارايو واري فارمولي تي عمل پيرا ھُجن.
روزاني عوامي  آواز 08 اپريل 2017ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو