Sunday, April 9, 2017

پ پ جي اي ڊي خواجه کان ناراضگي!


نور سنڌي


سنڌ سرڪار پ پ جي ڪرتا ڌرتا قيادت جي حڪم تي آءِ جي پوليس اي ڊي خواجه
 کي هر  حال ۾ هٽائي من پسند آءِ جي مقرر ڪرڻ واري مسئلي کي انا جو سوال بڻائي ضد ٻڌي ويهي رهي آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ هي پهريون موقعو آهي جو سنڌ جي آءِ جي کي هٽائڻ لاۡءِ سنڌ ڪابينا جو اجلاس گهرايو ويو، پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽيون ڀيرو اي ڊي خواجه جي بدلي روڪي کيس ايندڙ فيصلي تائين ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ جو ساڃاهه وند عوام سوال ڪري ٿو ته آخر سنڌ حڪومت اي ڊي خواجه کي هٽائڻ تي ايترو ضد ڇو ڪري رهي آهي. آخر اي ڊي خواجه جو ڏوهه ڪهڙو آهي. هو نه ته ڪرپشن ڪري رهيو آهي، نه ته نااهلي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي نه پ پ قيادت ۽ سنڌ حڪومت مان هن کي شڪايتون آهن، نه ته اهڙو عمل ڪري رهيو آهي، جنهن سان پ پ قيادت يا سنڌ حڪومت کي نقصان پهچي، مختلف وقتن تي خود سنڌ حڪومت سندس ڪارڪردگي جي تعريف به ڪندي رهي آهي ته پوءِ پ پ جي ڪهڙي ناراضگي آهي جو هيڏو تماشو ٿي رهيو آهي، بار بار اي ڊي خواجه کي هٽايو پيو وڃي ۽ هر دفعي سنڌ هاءِ ڪورٽ سندس بدلي روڪي کيس ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏي ٿي.
مختلف موقعن تي پ پ جي چيئرمين، ڪو چيئرمين ۽ سنڌ جي وڏي وزير پاران پوليس ۾ سياسي مداخلت ختم ڪرڻ، پوليس آفيسرن کي ميرٽ تي مقرر ڪرڻ، پوليس جي ڪارڪردگي هر لحاظ کان بهتر بنائڻ جا اعلان ڪندا رهيا آهن، پر هن وقت تائين سنڌ اندر نه ته پوليس مان سياسي مداخلت ختم ٿي آهي نه وري پوليس ۾ سڌارا آندا ويا آهن، ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه وارو سلسلو جاري آهي. اي ڊي خواجه سنڌ حڪومت سان تعاون ڪري رهيو آهي، ڪڏهن به اٽڪاءُ ۾ نه آيو آهي. تقريبن 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز سنڌ حڪومت جي خواهش مطابق مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ نااهلي جو مظاهرو ڪندڙ ايس ايس پيز به شامل آهن. ان جي باوجود آصف علي زرداري اي ڊي خواجه تي ناراض ڇو آهي؟ ان جو جواب ته پ پ قيادت وٽ هوندو پر سياسي تجزيه نگار اهو ٻڌائين ته ڪيترن ئي مسئلن تي ۽ ڪجهه ايس ايس پيز جي مقررين جي حوالي سان اي ڊي خواجه سنڌ حڪومت جو چوڻ نه مڃيو، اهو به سبب ٿي سگهي ٿو ته اي ڊي خواجه مختلف پروگرامن ۾ کُليل طرح اهو چوندو رهيو آهي ته ”سنڌ ۾ پوليس کي اليڪشن کٽڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي“ پر هاڻ ائين ٿيڻ نه ڏبو، جڏهن ته اي ڊي خواجه سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت ختم ڪرڻ پئي چاهي، هو پوليس ۾ سڌارا آڻڻ ٿو چاهي، پوليس نظام کي بهتر بنائڻ چاهي ٿو، شايد هن جون اهڙيون کريون ۽ اصولن تي مبني ڳالهيون پ پ قيادت کي سمجهه ۾ نه آيون ۽ اي ڊي خواجه کي پنهنجي اک ۾ ڪنڊو محسوس ڪيو، نتيجي ۾ وقت کان اڳ امڪاني عام چونڊن جي حوالي سان به پ پ قيادت کي کٽڪو هجي ته عام چونڊن ۾ هو مسئلو نه ڪري.
ماضيءَ تي نظر وجهبي ته پوليس کي چونڊ کٽائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. اي ڊي خواجه جا اهي لفظ خالي لفظ نه آهن. حقيقت اها به آهي ته پهريون ڀيرو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اي ڊي خواجه پوليس ۾ انگريز دور وارو قانون ۽ ڍانچو ختم ڪري جديد دور جي حساب سان پوليس ۾ انقلابي سڌارا آڻڻ لاءِ سمري ٺاهي سنڌ حڪومت کي ڏني، جيڪا اڃا تائين سنڌ اسيمبلي مان پاس نه ڪرائي وئي آهي. سنڌ حڪومت جا اي ڊي خواجه سان اختلاف پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتين تان شروع ٿيا، اڳ ۾ پوليس ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪندي اقتداري ڀوتارن جي ڏنل لسٽن مطابق ڀرتيون ٿينديون هيون، جنهن ۾ پوليس ۾ اڻ فٽ ماڻهن کي به سفارش تي ڀرتي ڪيو ويندو هو. اڳوڻي ڊي آءِ جي بشير ميمڻ به ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون ته کيس صوبي بدر ڪيو ويو ۽ وفاق سندس خدمتون قبوليندي کيس آزاد ڪشمير ۾ آءِ جي طور مقرر ڪري ڇڏيو، جتي سندس ڪارڪردگي ۽ ساک جو پڙاڏو آهي.
هڪ ٽي وي چئنل جي هڪ مشهور پروگرام ۾ اينڪر پرسن اهو انڪشاف ڪيو آهي ته پ پ قيادت کي اي ڊي خواجه سان ڪيترن ئي ڳالهين جي ڪري تڪرار آهي، پر هن وقت تڪرار جو سبب سنڌ حڪومت جي چوڻ تي ٽنڊوآدم جي اي ايس پي اظفر خان کي اتان بدلي نه ڪرڻ تان ٿيو آهي. حقيقت اها به آهي ته ٽنڊوآدم جو اي ايس پي جنهن جي مقرري سانگهڙ جي اڳوڻي ايس ايس پي ڊاڪٽر سميع الله سومرو ڪرائي ۽ اي ايس پي سالن کان ٽنڊوآدم ۾ هلندڙ جوا جون ٽڪريون، منشيات ۽ فحاشي جا اڏا، ٻيون سماجي برايون ۽ ڏوهه ختم ڪرايا. ڊاڪٽر سميع الله سومرو جهڙي باهمت فرض شناس ايس ايس پي جي بدلي هڪ ايم اين اي سان اصولي اختلافن ڪري ڪرائي وئي. اي ڊي خواجه کي هٽائڻ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ٽيون دفعو بحال ڪرڻ وارو عمل هن وقت سنڌ ۾ سياسي حقلن کان وٺي عام ماڻهن تائين مکيه موضوع بڻيل آهي. عوام جي اڪثريت سنڌ حڪومت جي اهڙي عمل تي ناراض آهي، سندن چوڻ آهي ته اي ڊي خواجه جهڙي سٺي آفيسر کي آخر ڇو ٿو هٽايو وڃي. نجي ٽي وي چئنلن کان وٺي پرنٽ ميڊيا تائين اڪثريت اي ڊي خواجه جي حمايت ۽ سنڌ حڪومت جي اهڙي عمل کي غلط قرار ڏئي رهي آهي. ڪجهه ميڊيا اي ڊي خواجه کي بهترين آفيسر چوندي مٿس تنقيد به ڪري رهي آهي ته جڏهن هو ايس پي هو ته سندس ڪارڪردگي بهترين رهي، آءِ جي ٿيڻ بعد عوام جي وڏي اميد هئي پر پوليس ۾ سڌارا نه آڻي سگهيو ۽ اها حقيقت به آهي، پر ڳالهه اها آهي ته آصف زرداري اي ڊي خواجه کي شروع کان خبر نه آهي ڇو پسند نه ٿو ڪري ۽ پوليس جي بهتر ڪارڪردگي، سڌارا آڻڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته سنڌ حڪومت جو آشيرواد هجي. ٻنهي جا خيالات ۽ رستا الڳ هوندا ته پوءِ اي ڊي خواجه ڪهڙي ريت سڌارا آڻي سگهندو؟ جيڪڏهن پ پ قيادت پوليس ۾ سياسي مداخلت بند نه ڪئي ته پوءِ اي ڊي ڪهڙا سڌارا آڻي سگهندو، ان جي باوجود هن پوليس جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ لاءِ هر طرح سان ڪوششون ڪيون. ساڃاهه وند ڌرين کي حيرت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کان وٺي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ تائين اي ڊي خواجه جي ڪارڪردگي جي ساراهه به ڪئي پئي وڃي ۽ کيس بار بار هٽايو به پيو وڃي. پ پ قيادت ۽ سنڌ حڪومت جي اهڙي عمل تي عوام حيران آهي، ان کي اهڙو فلسفو سمجهه ۾ نه ٿو اچي. پ پ ترجمان فرحت الله بابر جو ميڊيا تي بيان آيو آهي ته ”سنڌ ۾ رڳو عوامي نمائندن جو حڪم هلندو“ ساڃاهه وند ڌرين جو چوڻ آهي ته عوامي نمائندن جو حڪم اکين تي، بلڪل انهن جي لاءِ حڪم جي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته عوام کين ووٽ جي طاقت سان ايوانن ۾ موڪليو آهي پر چونڊيل نمائندن کي عوام جي خواهش موجب حق جا فيصلا ڪرڻ گهرجن. عوام جي خواهش ۽ مفادن کي سامهون رکيو وڃي. اي ڊي خواجه سنڌ جي عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو، عوام جي اڪثريت ان کي چاهي ٿي ته پوءِ بنا سبب بنا ڏوهه جي ان جي بدلي ڇو ۽ عوام جي خواهشن جي ابتڙ اهڙا فيصلا عوام جي ووٽ جي توهين آهي. سنڌ ۾ پوليس ۽ تعليم ۾ سياسي مداخلت عوام کي پسند نه آهي ته پوءِ سياسي مداخلت ڇو ٿي رهي آهي؟ پ پ سان وابسته نظرياتي ورڪر به اي ڊي خواجه کي هٽائڻ واري فيصلي تي خوش نه آهي. پ پ ترجمان فرحت الله بابر جي ان بيان ته وفاقي حڪومت کي سنڌ ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، ان کي درست قرار ڏيون ٿا، ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت جا وزير ۽ ڪجهه سياستدان اي ڊي خواجه جي بدلي تي سياست چمڪائي رهيا آهن، فرحت الله بابر جو اهو بيان به صحيح آهي ته ”سنڌ ۾ رڳو عوامي نمائندن جو حڪم هلندو“ پر ساڃاهه وند ڌريون فرحت الله بابر کان اهو سوال ڪن ٿيون ته سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسر کي آخر برداشت ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين جو چوڻ آهي ته ڊگهي عرصي کان سنڌ ۾ پوليس ۽ تعليم سميت هر سرڪاري کاتي ۾ سياسي مداخلت انهن کاتن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سڀ کاتا ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي ويا آهن. نوڪرين کان وٺي آفيسرن جي مقررين تائين ميرٽ جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي. پنهنجا نوازڻ جو ۽ ڪرپشن جو ڌنڌو زور شور سان جاري آهي. عوام جي خواهش جو احترام نه پيو ڪيو وڃي، غريب وڌيڪ غربت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کي ڪهڙي ريت خوشحال ۽ پرامن بڻائي سگهبو؟
(روزاني عبرت 9اپريل 2017ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو