Friday, April 7, 2017

اي ڊي خواجا جي تبديلي ڇو ۽ ڇالاءِ؟


غلام محمد ڪنڀر
هن وقت اي ڊي خواجا کي هٽائڻ جي حوالي سان سنڌ ڪابينا به هٽائڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ ٻيهر سان نوان بحث ۽ مباحثا شروع ٿيندي نظر پيا اچن هتي اهو سوال انتهائي اهميت جوڳو آهي ته اي ڊي خواجا کي هٽائڻ کان پوءِ پوليس ۾ ڪهڙا سڌارا ايندا؟ تبديليون اينديون جيڪر آيون ته اهي ڪهڙي قسم جون عوامي ڀلائي وٽان انصاف جوڳيون هونديون اهي هن کان هٽي ڪري ٻيون به ڳالهيون ٻڌجڻ ۾ اچن ٿيون جيڪي تمام معنيٰ خيز آهن تن تي ڌيان ڌرڻ جي ضرورت آهي هن سان گڏ اهو به سوال اٿاريو پيو وڃي ته آخر سنڌ حڪومت کي هن وقت ئي اي ڊي خواجا کي هٽائڻ واري سوچ ڪئين آئي؟ ۽ هن پويان هن جا ڪهڙا مقصد آهن جيڪي اي ڊي خواجا کي هٽائڻ سان حاصل ڪري سگهجن ٿا؟ انتظامي طور تي پوليس کاتو  به هن وقت اي ڊي خواجا واري مامري تي منتشر بڻيل نظر پيو اچي هر ڪو پريشان آهي ته هاڻ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ پر تنهن باوجود جيڪي هن حوالي سان ماضي جا تجربا اسان آڏو رهيا آهن تن کي سامهون رکي سوچجي ته گهڻو ڪجهه اسان کي سمجھه ۾ اچي ويندو.
سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ٻه آءِ جي پڻ نظر آيا هڪ موقعي تي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته هي ڇا پيو ٿئي هڪ آءِ جي پنهنجي چارج ڇڏڻ لاءِ تيار نظر نه آيو ته ٻيو پاڻمرادو ئي پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو جنهن سان سنڌ جو پوليس کاتو اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو ته هاڻ هو ڪنهن جا حڪم مڃندو پر بعد ۾ عدالتي حڪم بعد  اهو منجھارو ختم ٿيو  ۽ ٻيهر سان  آءِ جي سنڌ طور اي ڊي خواجا  سامهون آيو پر اي ڊي خواجا خلاف شروع ٿيندڙ سلسلو ڪنهن به طور تي خاموش ٿيڻ لاءِ تيار نه پئي نظر آيو جنهن ڪري ڪافي سارا منجھارا سوالن جي صورت ۾ نظر آيا آهن جن کي نظر انداز ڪري ڇڏڻ ڪنهن به ريت چڱي ڳالهه ناهي پر تنهن باوجود انهن کان هٽڻ ۽ پنهنجي راءِ کي برقرار رکڻ جا نتيجا ڪنهن به وقت مسئلن کي جنم ڏيئي سگهن ٿا  جيڪي بعد ۾ سماجي طور تي اسان لاءِ پيچيدگيون پيدا ڪري سگهن ٿا.
ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيرن، چيف سيڪريٽري، اسپيشل اسسٽنٽ ۽ هن سان لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي  جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اي ڊي خواجا جون خدمتون وفاق حوالي ڪيون وينديون ۽ انهي عهدي تي سينئر پوليس آفيسر عبدالمجيد دستي کي مقرر ڪيو ويندو چيو پيو وڃي ته هن حوالي سان سنڌ ڪابينا جي منظوري بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ کي باقائدگي کان آگاهي ڏني ويندي جنهن کان پوءِ فيصلو ڪري وفاق کي سنڌ ۾ نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ لاءِ نئين سري سان خط لکيو ويندو هن وقت سنڌ ۾ نئين آءِ جي لاءِ عبدالمجيد دستي مضبوط اميدوار آهي ته هن سان گڏ غلام قادر ٿيٻو جي نالي تي ڪجهھ اعتراض سامهون اچڻ کان پوءِ انهيءَ جي نالي کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سينئر آفيسر خادم حسين ڀٽي جي رٽائرڊمينٽ ۾ ڪجهه مهينا بچيا آهن جنهن ڪري انهيءَ ڊوڙ مان سندن جو نالو خارج ڪيو ويو آهي.
سنڌ ڪابينا جي اي ڊي خواجا کي هٽائڻ واري فيصلي بعد ڪجهه بحث وري ڇڙي پيا آهن پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ اڳوڻي اطلاعات کاتي جي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته اي ڊي خواجا ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ اختلاف ڀرتين تي شروع ٿيا آهن ۽ سنڌ حڪومت جي پاليسين تي هن عمل نه ڪيو وفاق کي اي ڊي خواجا ايترو ئي پسند آهي ته هن کي پنجاب ۾ مقرر ڪري لاڙڪاڻي ۾ 90 ارب روپيا لڳائڻ واري ڳالهه کي هن هٿ ٺوڪي قرار ڏيندي چيو ته سنڌ سرڪار  رڳو اي ڊي خواجا سان ان ڪري نه پئي ٺهي ته هن پاران ڪيل ڀرتيون ۽ ترقين تي اعتراض هئا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ فيصل سبز واري جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت من پسند آفيسر کي مقرر ڪري 12 آءِ جي هيل تائين تبديل ڪري چڪي آهي هن جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ خبرپختون خواهه ۾ بهترين پوليس آفيسر آندو جنهن شگر ملن لاءِ پوليس کي نه استعمال ڪيو پر سنڌ ۾ پوليس کاتي جي اندر سياسي بنيادين تي ڀرتيون ڪيون ٿيون وڃن وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ جو چوڻ آهي ته پوليس ڪم نٿي ڪري سگهي سنڌ ۾ هن کي غير سياسي بڻايو وڃي. اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي جي دور ۾ دهشتگردي گهٽ ٿي پر هن تي ڪرپشن جو الزام لڳي ويو. سنڌ ۾ هر سال آءِ جي تبديل ٿين ٿا اهو سوال سنڌ سرڪار سان ٿيڻ کپي پي پي جي سينيٽر سيد غني به اهو چيو آهي ته پوليس کاتي کي غير سياسي بڻائڻ گهرجي پر سنڌ ۾ پوليس کاتي جي صورتحال خراب ناهي ۽ ڪراچي جي 298 آفيسرن جي شهادت تي هيل تائين ڪجهه به ناهي ٿي سگهيو ۽ انهن جي وارثن کي اڄ ڏينهن تائين انصاف ناهي مليو غلام حيدر جمالي جي دور ۾ امن جي صورتحال تمام بهتر هئي پر اي ڊي خواجا سان اختلافن واري ڳالهه صحيح ناهي پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ٻڌائي آخر اي ڊي خواجا کي سندن تي ڪهڙو اعتراض آهي؟ اسان ڪي پي ڪي ۾ پوليس کي غير سياسي بڻايو نواز ليگ اڳواڻ اطلال چوڌري جو هن حوالي سان وري اهو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ آفيسرن جي بي عزتي برداشت نه ڪئي ويندي.
سنڌ ۾ پي پي جي خراب گورننس ڀٽو جي پارٽي کي سياسي ڪچري جو ڊير بڻائي ڇڏيو آهي ۽ سندن جي خراب ڪارڪردگي جھموريت تي وڏو طعنو آهي ۽ ڪرپشن جھموريت لاءِ وڏي گار آهي سٺن آفيسرن جي تذليل سنڌ ۾ ٿيڻ ڪري امن جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو  اهي سڀ خبرون اهڙي قسم جون آهن جيڪو ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ضرور سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏهن ٿيون تن تي هاڻ وقت آهي ته بغير وقت وڃائڻ تي سوچيو وڃي ۽ وقت وڃائڻ کان اڳئي اهڙي قسم جا قدم کنيا وڃن جيڪي انهي حوالي سان سهارا جوڳا بڻجي سگهن اي ڊي خواجا جي حوالي سان سنڌ ڪابينا جي ٿيل اجلاس جي حوالي سان اها به خبر ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته وزيراعليٰ سنڌ هن تي تمام گهڻو ناراض آهي خانگي ٽي وي جاگ موجب ته صوبائي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن بدلين واري مامري کي اشو بڻايو ۽ هن سان گڏ اي ڊي خواجا جي حق ۾ عمران خان جي بيان تي به بحث ڪئي وئي چيو ويو ته هو عمران خان جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ نواز شريف سياسي طور تي هن کي استعمال پيو ڪري ۽ هن پوليس کاتي کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه به پوليس کاتي لاءِ ناهي ڪيو اهي سڀ ڳالهيون اهڙي قسم جون آهن تن تي بحث ٿيڻ سان گڏ پوليس کاتي ۾ سڌارن جي حوالي سان سوچيو وڃي ته اهي ڪهڙي نموني سان ۽ ڪئين ممڪن آهن ۽ هن کاتي کي ڪهڙي طرح سان عوام لاءِ سازگار بڻائي سگهجي ٿو ڇا چهرن جي تبديلي سان هن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪا تبديلي اچي سگهي ٿي جيڪر اچي ٿي ته چهرا تبديل ٿيڻ کپن جيڪر نٿي اچي ته هن مان ڪهڙو فائدو؟ اهي سڀ ڳالهيون نه صرف سوچڻ جون آهن پر انهن طرف بغير وقت وڃائڻ جي ڌيان ڌرڻ کپي هن کان اعلاوه اسان وٽ هميشه پوليس کاتي ۾ مختلف قسم جا مختلف موقعن تي تجربا ٿيندا رهيا آهن ۽ هن کاتي کي ٻن حصن ۾ به ورهايو ويو، پر عوام کي ڇا مليو ڪهڙو انصاف حاصل ٿيو ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪهڙو سنديشو ڏنو ويو ۽ هن سان گڏ ڪهڙي صورتحال ۽ چڱائي پوليس جي عوام آڏو سهارا جوڳي سامهون آئي آهي.
اها ڳالهه  سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿي ته سنڌ ڪابينا پاران اي ڊي خواجا کي هٽائڻ واري فيصلي کان پوءِ  پوليس کاتي ۾ ڪهڙي تبديلي جا امڪان آهن ۽ ڇا ٿيندو ۽ عوام کي هن تبديلي سان ڇا حاصل ٿي سگهندو اهي سوال ۽ هن کان هٽي ڪري کوڙ ساريون ڳالهيون اي ڊي خواجا کي هٽائڻ جي حوالي سان هن وقت زير بحث آهن جن جو هاڻ ته ڪو ڇيڙو ئي ناهي رهيو ۽ ماڻهو ٻيهر هن حوالي سان سوال اٿاريندي نظر ٿا اچن ۽ هو سوچن ٿا ته هاڻ ڇا بچيو آهي، ڇا ٿيندو؟  پر جيڪي به ٿئي سنڌ حڪومت جيڪي به قدم کڻي فيصلا ڪري اهي سڀ عوامي اُميدن وٽان هجڻ کپن ۽ هنن ۾  عوام جي راءِ کي اهميت ڏني وڃي اهڙو ڪوبه فيصلو جلد بازي ۾ نه ڪيو وڃي جنهن سان عوام کي رليف ملڻ بجاءِ ڀوڳنائون برداشت ڪرڻيون پون انهي لاءِ نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري کان اڳئي سنڌ حڪومت کي سنڌ پوليس ۾ سڌارن لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ سان گڏ انهيءَ جي حال ماضي ۽ مستقبل کي ڏسڻ گهرجي تنهن بعد ئي ڪي قدم کنيا وڃن ته اهي ضرور بهتري طرف ويندا ۽ عوام کي به اهڙن قدمن مان ڪنهن حد تائين انصاف ملي سگهندو. باقي چهرن جي تبديلي سان ڪي به مقصد حاصل نٿا ڪري سگهجن.
(روزاني عوامي آواز 7 اپريل 2017ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو