Wednesday, April 12, 2017

ڇا اسٽيٽس ڪو ٽٽڻ جو وقت اچي چڪو آهي؟


شفيق الرحمان شاڪر
پاناما ليڪس تي گذريل سال اوچتو جيڪو طوفان اٿيو هو،حڪمرانن ان جي فوري جھٽڪي کان بچاء لاء ڪجھ وقت پنهن جو پاڻ کي سياسي منظرنامي تان هٽائي عوام کي ڪاوڙ پي وڃڻ جو موقعو فراهم ڪيو.هاڻي سمجھوتي بازيء جو تاثر ڏيئي حڪمران سندن خيال ۾ سمجھي ويٺا آهن ته مصنوعي جمود جي ڪيفيت ۾ اهي متحد ٿي پنهن جو داء کيڏي وٺندا ۽ 2018ع جي اليڪشن کان پهرين پهرين ايندڙ پنج سال گذارڻ لاء ڪا نئين سوديبازي ڪري،حزب اقتدار ۽ برسراقتدار پارٽين ۾ وسيلن جي ورڇ جو ليکو ڏيڻ جو ڊرامو تيار ڪري وٺندا.ان ڊرامي جون شروعاتي تياريون هڪ ڊگھي عرصي کان ٿي رهيون هيون،مٿان پاناما ليڪس وار ڌماڪو ٿي ويو.عمران خان ۽ سراج الحق کي ڇڏي ڪري ٻي ڪابه سياسي قيادت پاناما ڪيس جو منصفاڻو فيصلو نٿي چاهي جو اهو انهن کي ڪنهن به طرح سوٽ نٿو ڪري انهيء ڪري اهي سڀيئي ساڳئي پيج تي آهن ۽ ان سياسي ڊرامي جو حصو آهن.جيستائين ايم ڪيو ايم جو تعلق آهي ته ايم ڪيو ايم حڪمرانن  جي گھرجو هڪ ناراض ٻار آهي جيڪو ڪڏهن ڪاوڙجي منهن ڦيري ڇڏي ٿو ته ڪڏهن دهيء جي پيالي تي پرچي پوي ٿو.ان وٽ ايترو نمائندگيء جو حق ڪونهي جو اڪيلي وفاق يا صوبي ۾ حڪومت ٺاهي سگھي،انهن جي سموري سياست دهيء جي پيالي تائين ئي محدود رهي ٿي.ڪڏهن ڌمڪيون ڏيئي پيالي کي لت هڻي ڇڏين ٿا ته ڪڏهن خوش ٿي واپس پيالي تي ويهي رهن ٿا.انهن جو رسڻ ڪجھ ڏينهن لاء آهي ان ڪري انهن جي ڌمڪين ۽ احتجاجن تي هرگز اهو نه سمجھڻ گھرجي ته اهي ڪو ڪرسي ڪيرائڻ ۽ تاج اڇلا.ئڻ جي ڪنهن تحريڪ جو حصو بڻجي ويندا.انهن کي پاڻ به اهو معلوم آهي ته اهي پوري ٻنيء جو قبضو حاصل ڪري نٿا سگھن.انهن جون سوديبازيون دهيء جي پيالي تائين محدود رهنديون.عوام کي پتلين جي ان تماشي مان اميدون لڳائڻ جي ڪا ضرورت ناهي.هاڻي اچون ٿا اصل راند طرف!اصل ران جا ڪردار صرف ٻه آهن؛ هڪ طرف عوام ۽ ٻئي طرف عوامي خزاني تي قابض طبقا. ڪنهن زماني ۾ پيپلزپارتي عوامي امنگن جي ترجمان هئي ۽ حڪمران جٿي بنديون ڪري ڪنهن نه ڪنهن نموني عوامي مفادن تي ڌاڙو هڻي پنهن جي حصي جو شيئر حاصل ڪري وٺندا هئا تنهن هوندي به عوام کي ٿورو يا گھڻو جيڪر ڪو پنهن جو حصو مليو ته ذوالفقارعلي ڀٽو جي پيپلز پارٽيء واري دور ۾ ئي مليو.اهوئي سبب آهي جو ڀٽي کي مختلف سازشن ذريعي منظر تان هٽائي سياسي پتليون گڏ ڪيون وييون.عوامي طاقت کي پرزا پرزا ڪرڻ جي اها مهم ضياءالحق جي دور ۾ عروج کي پهتي ۽ اڃا تائين جاري آهي.انهيء سموري مهم ۾ عوامي قيادت اصل سياستدانن جي هٿ مان نڪري عوام جو رت چوسيندڙ چند شاهوڪار سرمائيدارن جي هٿ ۾ اچي ويئي.ڀٽو جي عوامي طاقت کي متشر ڪرڻ بعد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي صورت ۾ ڀٽو جي علامتي زور کي ٽوڙيو ويو.اڄ نه اهڙو پليٽ فارم رهيو آهي جتي ڀٽو جا چاهيندڙ ساڳئي جذبي سان گڏ ٿي سگھن ۽ نه ئي اها پارٽي قيادت رهي آهي جيڪا پوري پاڪستان جي زنجير بڻجي سگھي.حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي هاڻي صرف ديهي سنڌ تائين محدود ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جو عوام به ڪنهن مناسب متبادل جي ڳولا ۾ آهي.ڀٽو جي اصولن ۽ قربانين جو پرچار ڪرڻ وارا مداري ڀٽو جون تصويرون لڳائي عوامي ڦرلٽ جا دوڪان کوليو ويٺا آهن.اصولن جي جنگ هارائڻ کان پوء موجوده پيپلز پارٽي اقتدار جي جنگ به هارائيندي نظر اچي رهي آهي.شايد تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انهن سياسي پتلين جو تماشو ختم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي جنهن خطري کي انهن سمورن سياسي پنڊتن به سمجھي ورتو آهي،اهي پنهن جي وجود جي آخري جنگ ضرور وڙهندا پوء ان جنگ جو نتيجو ڇا به نڪري! اهي سڀ هڪ آهن ان اسٽيٽس ڪو کي بچائڻ خاطر.انهن سڀني جو گڏيل متفقه نڪتو اهو آهي ته ڪنهن به طرح پاڪستان ۾ حقيقي احتساب جو عمل شروع نه ٿي سگھي،ان سموري هجوم ۾ عمران خان اڄ به اڪيلو آهي ۽ شايد اڪيلو ئي رهي.قوم کي هن گھڻيون اميدون ڏياريون آهن جيڪر ڪنهن به طرح اهي اميدون ٽٽي وڃن ٿيون ته پوء صرف مايوسي ۽ مايوسي آهي.هڪ عظيم مايوسي جيڪا ملڪ کي ڪنهن سخت انارڪيء طرف به ڌڪي سگھي ٿي..قوم جون نظرون پاناما ليڪس جي فيصلي تي ڄميل آهن جيڪو هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچڻو آهي.ڏسجي ته ملڪ جون حالتون ڪهڙي طرف وڃن ٿيون!لڳي ايئن ٿو ته فيصلي جو وقت اچي چڪو آهي ۽ اسٽيٽس ڪو جيڪر مڪمل طور تي ٽٽي نه به سهي پر ان عمارت ۾ هڪ زبردست ڏار ضرور پوڻو آهي.
(روزاني جيجل 10 اپريل 2017ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو