Friday, April 13, 2018

پاڻ ڪرپشن جي رستا روڪ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا؟

نسيم بخاري
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مملڪتي وزير راڻا محمد افضل ايمنسٽي اسڪيم وارو آرڊيننس ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي پ پ جي سيد نويد قمر، تحريڪ انصاف جي شاهه محمود قريشي ۽ ايم ڪيو ايم جي شيخ صلاح الدين سخت مخالفت ڪئي آهي. ايمنسٽي اسڪيم کان اڳ پاڻ وٽ نيب به هڪڙو پيڪيج ڏنو هو ته ناجائز ڪمائي جو 10 سيڪڙو ڏئي 90 سيڪڙو کي جائز بڻائي دنيا جهان جون عيش عشرتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. ايمنسٽي اسڪيم جي حوالي سان ڪالمنگار عديل مهر پنهنجي تازي پوسٽ ۾ حڪومت تي واهه جي ٺٺولي ڪئي آهي، هن لکيو آهي ته ”هفتي کان ٽيڪس ايمنسٽي جو وڏو نالو ٿا ٻڌون. وڏي دل ڪري ٽيڪس چورن کي 98 پرسينٽ معاف ڪرڻ جي اسڪيم متعارف ڪرائي آهي، جن دولت لڪائي ٽيڪس چورائي ملڪ کان ٻاهر ملڪيتون ٺاهيون آهن، اهي فقط ٻه سيڪڙو ڏنڊ ڀري ڏين ته 98 سيڪڙو انهن جو آ، وڃي موجون ڪن ۽ جن ملڪ اندر ملڪيت لڪائي اهي به سو تي 5 رپيا ڀري شرافت جو سرٽيفڪيٽ وٺن.“
هي حقيقت ۾ انهن جي منهن تي ڀر ڪري چنبو وهائي ڪڍيو ويو آ، جيڪي ايمانداريءَ سان ڪاروبار ڪندا آهن ۽ پورو ٽيڪس ڀريندا آهن. هاڻي چوندا هوندا جيڪر اسان به بيمان هجون ها.
چوڻ وارا چون ٿا ته ايمنسٽي اسڪيم مني لانڊرنگ کي تحفظ لاءِ بڻائي وئي آهي. اڳتي هلي ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ڪا پارلياماني پارٽي نيب ۽ ايف آءِ اي کي ٿيندڙ هر جاچ جي حوالي سان ان آڏو جوابدار بڻايو وڃي ۽ کين چيو وڃي ته ڪنهن به ڪارروائي کان اڳ لاڳاپيل ڪرپشن جا فائيل سندن حوالي ڪيا وڃن ۽ ڪاميٽي جي اجازت کانپوءِ ڪا ڪارروائي ڪئي وڃي. سوال اهو آهي ته اهڙي ڪاميٽي جو امڪان يا ان طرح جي صدارتي آرڊيننس جا اهڃاڻ حڪمرانن جو ڪهڙو نقشو چٽي رهيا آهن؟ حڪمرانن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ها ته ايمنسٽي اسڪيم متعارف ڪرائي حقيقت ۾ هنن پنهنجي ڪهڙين نيتن کي نروار ڪيو آهي.
ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ايترو ضرور سوچن ها ته ملڪ ۾ عام شهرين کان جيترو ساليانو ٽيڪس اوڳاڙيو ٿو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ ڪاري ناڻي کي اڇي ڪرڻ لاءِ اوتري وصولي ته يقيني بڻائي وڃي ها.
ايمنسٽي اسڪيم جو هڪ ردِعمل اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪرپشن ڪندڙ به هاڻي اهڙي گنگا مان هٿ ڌوئڻ جو ارادو ڪن. ٻين لفظن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته ايمنسٽي اسڪيم هڪ طرح سان ماڻهوءَ کي بي ايمان ٿيڻ جو لائسنس ڏئي وئي آهي. سوال اهو آهي ته اڳ ئي بدحال ملڪ ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي اهڙي کليل ڇوٽ جو جيڪڏهن ماڻهو لاڀائتو فائدو وٺڻ واري دڳ تي هلڻ شروع ٿي ويا ته هن ملڪ جو حال ڇا ٿيندو؟ پاڻ مٿين سوال جي خوفناڪ پس منظر کان ڪيئن محفوظ رهي سگهون ٿا. ان لاءِ هيٺين وچورن تي انتهائي سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي.
آمريڪا جي نامياري ناولسٽ گيبريئل گارشيا مارڪيز اها ڳالهه 16 آنا سچ لکي آهي ته زندگيءَ ۾ اهميت ان ڳالهه جي ناهي ته توهان سان ڇا پيش آيو پر اهم اهو آهي ته توهان ڇا ٿا ياد رکو ۽ ڪيئن ٿا ياد رکو.
عالمي شهريت يافته اديب جي مٿين وچورن کي سياستدانن جي ستم ظريفن ۽ حڪمراني هوڏ جي پس منظر ۾ خلق جيڪڏهن پنهنجين ساروڻين ۾ ساريندي ته اهو سٽاءُ ڪهڙو هوندو؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن تي ڪنهن گهڻي مغز ماري ۽ ڊگهي بحث جي ضرورت نه آهي.
اسان جو عوام سياستدانن جون سفاڪيون ۽ حڪمرانن جون چالاڪيون چڱيءَ ريت ڄاڻي چڪو آهي. ان ڪري ان جي بيزاري هاڻ ڪنهن بغاوت جو باب قلمبند ڪرڻ طرف وڌي رهي آهي. عوام ان ڳالهه تي هميشه کان حيران ٿيندو آيو آهي ته هن فاني جهان ۾ ناجائز ڪمائيءَ جي ڪڍ قومي اڳواڻ لڳي آخر ڪهڙي ساک پت ٺاهي رهيا آهن ۽ انهن جي اها هلت سندن نسلن کي ڪهڙو نياپو ڏئي رهي آهي؟
عام ماڻهوءَ کي پنهنجي مفلسي ۽ محروميءَ جي شڪايت آهي ئي آهي پر ان شڪايت کي شعلي ۾ بدلائڻ واري ڪا سگهاري ۽ منظم سياسي قيادت موجود نه آهي، جيڪا ايوان ڌوڏي ڇڏي ۽ غاصب طبقن کي لوڏي ڇڏي، نتيجي ۾ پاڻ مايوس ٿي حالتن کي قسمت جو ليکو سمجهي قبول ڪن ٿا. ڇو ته هنن وٽ سندن خيال مطابق ٻي ڪا واٽ ئي نه آهي. اهڙي واٽ جيڪا روشن مستقبل جو ڏس ڏيندي هجي ۽ جنهن ۾ سمورين مايوسين کي مات ملي سگهندي هجي. اهڙي واٽ جيڪا ترقين ۽ خوشحالين جي خوشخبري ڏيندي هجي ۽ اهڙي واٽ جنهن ۾ ڪو به جاگيرداراڻو جبر ۽ ڪو به سياسي ڏمر قومن جي تقدير کي تيلي ڏئي کين تباهه ۽ برباد ڪري نه سگهندو هجي. اهڙي واٽ جنهن ۾ قانون جي بالادستي هجي ۽ ڪنهن به ڀوتار، پير، وڏيري، خان، سردار ۽ مير کي ڪنهن به من مستيءَ جو ڪو به موقعو ميسر نه هجي. اها واٽ بڻائڻ ۽ ان دڳ تي هلڻ پڪ سان اوکو ڪم ته آهي پر اهو ناممڪن نه آهي. اهو هر حوالي سان ممڪن آهي ۽ ان کي ڪو ٻيو نه پر خود اسان کي پاڻ کي ئي يقيني بڻائڻو آهي، جنهن جي شروعات اسان پنهنجي ذات، گهر، پاڙي ۽ شهر کان ڪري سگهون ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان بري کي برو ۽ ڀلي کي ڀلو چوڻ جي جرئت ڪرڻ سکون. اسان ايماندار کي ايمانداري ۽ فرض شناسيءَ جو گهربل مانُ ڏيون ۽ ڪرپٽ بدڪردار توڙي بڇڙي ماڻهوءَ کي سندس افعالن جي آرسي ۾ ڏسون ۽ محسوس ڪيون. اسان جائز معاملن ۾ مددگار بڻجون ۽ ناجائز معاملن کان لاتعلق ٿيون ته سماج جو بگڙيل توازن درست ٿي سگهي ٿو. اسان چونڊن جي سرشتي تي سوال اٿاري ان کي به شفافيت جو شرف بخشرائي سگهون ٿا. ڇو ته موجوده صورتحال ۾ ڪو يونيورسٽي جو شاگرد، ڪو وڪيل ۽ سماجي ورڪر چونڊ گهڻ خرچن سبب وڙهي نٿو سگهي. جيستائين عام ماڻهن جو اليڪشن ۾ بيهڻ ممڪن نٿو بڻجي، تيستائين عوامي راءِ جو درست اندازو لڳائڻ ممڪن ئي نه آهي.
مايا اينجلو چيو هو ته جيڪڏهن توهين ڪنهن شيءِ کي پسند نٿا ڪريو ته انهي کي تبديل ڪريو، جيڪڏهن اوهين تبديل نٿا ڪري سگهو ته پوءِ پنهنجو رويو تبديل ڪري ڇڏيو.
اسان جو الميو اهو آهي ته اسان بدعنوان ڀوتارن ۽ حاڪمن مان بيزار به آهيون پر پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن روپ رنگ ۾ انهن جي غلامي واري قيد ۾ به قيد آهيون. اسان بهتري به چاهيون ٿا ۽ اڻوڻندڙ ماڻهن کي ووٽ به ڏيون ٿا. اسان جا اهي ٻٽا معيار ئي حقيقت ۾ سماج کي مثبت تبديلين جي سوجهري کان روڪيو بيٺا آهن. اسان کي هڪ ڀر ٿيڻو پوندو ۽ هڪڙي دڳ تي هلڻو پوندو. ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته ڪڏهن به ٻه گدرا هڪ مٺ ۾ جهلي نه سگهبا آهن ۽ ڪو به ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن منزلن جو مسافر نٿو ٿي سگهي. حقيقت اها آهي ته اسان وٽ عوام کي منظم ڪرڻ وارو ڪو متحرڪ عوامي سياسي فورم ئي نه آهي. جيڪڏهن اسان وٽ ڪا اهڙي نظرياتي ۽ فڪري سياسي سگهه موجود هجي ها ته اڄ نااهل سياستدان هزارن ماڻهن جي هجوم ۾ پاڻ کي سورهيه ثابت ڪرڻ واري سرگرمي ڪندي نه ڏٺا وڃن ها پر ان جي ابتڙ خلق ڏکڻ ڪوريا جي عوام جيان عوامي سمنڊ جي صورت ۾ ڪرپٽ حڪمرانن سان مهاڏو اٽڪائيندي کين پنهنجي احتجاجي سگهه سان حڪومتي تخت تان لاهي ڦٽو ڪري ڇڏي ها. بلڪل ايئن جيئن ڀرپور عوامي طاقت مئي 2017ع ۾ ڏکڻ ڪوريا جي صدر کي اقتدار تان لهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. ڪوريا جي پُرامن لکين ماڻهن، هفتن تائين هڪ ڀرپور مهم هلائي ۽ مختصر عرصي ۾ تاريخ ۾ پنهنجي احتجاجي جدوجهد جو باب قلمبند ڪيو. ڏکڻ ڪوريا جي صدر تي پنهنجي هڪ دوست کي مالي فائدن ڏيڻ ۽ مختلف ادارن کان ان کي چندا وٺرائي ڏيڻ جو الزام هو. هن صدارتي تعلقاتن کي پنهنجي سنگت جي فائدي لاءِ استعمال ڪيو. اهو ڏوهه هن مٿان ڏمر بڻجي ٽُٽو. هن 2 ڀيرا عوام کان معافي به ورتي پر سندس مقبوليت ۾ آيل گهٽتائي ڏينهون ڏينهن گهٽبي ئي وئي، ۽ حزب اختلاف مواخذ ذريعي ان مان جند ڇڏائي.
ڏکڻ ڪوريا جي صدر 2003ع ۾ سياست ۾ حصو ورتو هو، 91 سيڪڙو جي اڪثريت سان کيس صدارتي منصب ميسر ٿيو هو، هُن ڪڏهن ويچاريو ئي نه هو ته هن جي آمراڻي اقتدار جي پڄاڻي ڪيئن ٿيندي. کيس اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ جابراڻي طرز حڪمراني جي ڏوهه ۾ 24 سال قيد جي سزا ۽ 17 ملين ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻ جو فيصلو اچي چڪو آهي. ڏکڻ ڪوريا جو عوام اهڙي عدالتي فيصلي کي جمهوريت جي سوڀ قرار ڏنو آهي. سوال اهو آهي ته اسان وٽ اهڙو سج ڪڏهن اڀرندو؟ اسان جو عوام ڏکڻ ڪوريا جي عوام جهڙي ڏِک ڪڏهن ڏيڻ لڳندو ۽ ڪرپٽ توڙي بدعنوان ۽ نااهل حڪمرانن لاءِ ناجائز ڪمائي ڪڏهن حيرتن جو سامان مهيا ڪندي؟ دنيا ۾ ڪرپٽ ماڻهن جا موت به پنهنجي پويان ڪيترائي سبق ڇڏي ويا آهن. خود اسان جي ملڪ ۾ به اهڙي موت جو حوالو موجود آهي. خبر نه آهي ته اسان جا حڪمران ان مان الائي ڪڏهن ڪا عبرت حاصل ڪندا.
دنيا ۽ اسان جي ڪرپٽ ماڻهن لاءِ پاڪستان جي اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل منصور الحق جو موت هڪ عبرت بڻجڻ کپي، جنهن کي پنهنجي وطن جي مٽي به نصيب نه ٿي. جيڪو اربين رپين جي ڪرپشن جو مرتڪب ثابت ٿيو هو ۽ نيب سان پلي بارگيننگ ڪري 10 سيڪڙو رشوت جي دولت واپس ڪري ڪيس مان آجو ٿيو هو. 21 فيبروري 2018ع تي هن جي دل جي ڌڙڪن جڏهن هميشه لاءِ بند ٿي وئي ته هن جي جنازي ۾ رڳو 6 ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. هن جي موت جي خبر به نشر نه ٿي. هُو پاڪستان جي درخواست تي آمريڪا ۾ گرفتار ٿيو هو. هن مٿان الزام هو ته هن اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. پاڪستان ۾ هن خلاف تحقيقات شروع ٿي ته هو آمريڪا فرار ٿي ويو. نيب، آمريڪا کي هن جي گرفتاريءَ لاءِ لکپڙهه ڪئي. هو گرفتار ٿيو ۽ آمريڪا جي سڀ کان وڏي رياست ٽيڪساس جي گادي واري هنڌ آسٽن جي معمولي جيل ۾ قيد ڪيو ويو. سندس خاندان پاران عدالت کي چيو ويو ته هن جي ذهني حالت ٺيڪ نه آهي، ان ڪري کيس اسپتال داخل ڪيو وڃي. آمريڪي عدالت اها ڳالهه نه قبولي ۽ کيس جيل جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ واڙيو ويو، جنهن جي شيشي جي در مان سندس چرپر تي نظر رکي ويندي هئي. هن جو ڪمرو ايترو ته ننڍو هوندو هو، جيتري هڪ ماڻهو جي سمهڻ جي جاءِ هوندي آهي. پيئڻ جي پاڻي لاءِ هڪ ننڍڙي ٽونٽي رکيل هئي، جنهن مان ڊائريڪٽ پاڻي پيئندو هو. کيس مانيءَ لاءِ جيل عملي جي نگراني ۾ قطار ۾ بيهڻو پوندو هو.
اهو ئي ماڻهو جڏهن پلي بارگيننگ کانپوءِ پاڪستان پهتو ته شاهاڻي زندگي گذارڻ لڳو. هو جنهن جي هٿن ۾ آمريڪا اندر هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾ زنجير هوندا هئا، اهو ماڻهو جڏهن هتي آيو ته ان جو پروٽوڪول رهائش ۽ آسائش ڏسڻ وٽان هئي. هو جيئن ئي هتي جي سرڪار حوالي ٿيو ته هن جي زندگي ئي بدلجي وئي. کيس ڪنهن سيف هائوس يا انٽروگيشن سينٽر جيل يا ڪنهن ٻي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پڇا ڳاڇا واري هنڌ رکڻ بدران سهالا ريسٽ هائوس ۾ ترسايو ويو، جتي ايئر ڪنڊيشن، فرج، ٽي وي، اخبارن، کاڌي پيتي کان علاوه پنهنجي مرضي سان گهمي ڦري سگهندو هو. هن جو جڏهن 20 آگسٽ 2001 تي جسماني رمانڊ پورو ٿيو ته احتساب عدالت جي حڪم تي کيس عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم جاري ٿيو، جنهن جي فيصلي جي اڃا مس ئي نه سڪي هئي ته احتساب بيورو جي چيئرمين سهالا ريسٽ هائوس کي منصور الحق جو سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو اهو منصور الحق جيڪو گذريل مهيني ارب عمارات ۾ فوت ٿيو ۽ جنهن جي خاندان کيس اتي ئي دفنائڻ جو فيصلو ڪيو.
منصور الحق جا مٿيان وچور پنهنجي پس منظر ۾ ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهن؟ ڇا اهي بدعنوان ماڻهن لاءِ ڪنهن عبرت جو باب نٿا بڻجي سگهن؟ پر سوال اهو آهي ته اسان وٽ هميشه اهڙي سوچ ويچار ڪندڙ ماڻهن کي ئي چريو تصور ڪرڻ واري روش درست به آهي، ان روش تيز رفتاريءَ سان تقويت انڪري حاصل ڪئي آهي جو پاڻ وٽ ڪرپشن کي شرم نه پر فخر جي علامت طور ڏٺو ويندو رهيو آهي. نتيجي ۾ جيڪي ماڻهو اهڙي گنگا ۾ هٿ نٿا ڌوئن ته انهن کي سادو ۽ اٻوجهه سمجهيو ويندو آهي، جيڪا روش درست ناهي ۽ جنهن جي هر سطح تي مزاحمت ٿيڻ گهرجي.
 (روزاني عبرت 13اپريل 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو