Tuesday, April 17, 2018

جسٽس اعجاز جي گهر تي فائرنگ وارو معاملو اڄ منصف ٿو انصاف گهُري


نسيم بخاري

جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي ٻه ڀيرا فائرنگ واري معاملي جو وزيراعظم شاهد خاقان
 عباسي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ۽ پاڪ فوج نوٽيس ورتو آهي، نه رڳو نوٽيس ورتو آهي پر شرمناڪ واقعي کي ڀرپور لفظن ۾ ننديو به آهي. گڏوگڏ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ سخت کان سخت سزا جي ڳالهه به ڪئي آهي. جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر جي دروازي تي نيم پليٽ گولي جو نشانو بڻي آهي ۽ هڪڙي گولي رڌڻي تائين به وڃي لڳي آهي. واردات ۾ ڪتب آيل نائن ايم ايم پسٽول جي گولي 175 گزن تائين مار ڪندي آهي پر اهو وار فقط خوف پکيڙڻ لاءِ هو، جيڪو پنهنجي پس منظر ۾ نه رڳو اعجاز الاحسن کي خبردار ڪري ويو آهي پر زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ هر ذميوار انسان کي به ڊپ جي سوکڙي عطا ڪري ويو آهي.
اها ڳالهه ڪنهن به حيرت ۽ تعجب کان خالي نه آهي ته جسٽس اعجاز الاحسن جو گهر لاهور جي ماڊل ٽائون هاءِ سيڪيورٽي زون ۾ آهي، جتي پنجاب جي وڏي وزير جو به گهر آهي ۽ (ن) ليگ جو مرڪزي سيڪريٽريٽ به آهي. اتي هٿياربند اچي فائرنگ ڪري هليا ٿا وڃن ۽ انهن جي اڃا تائين گرفتاري توڙي نشاندهي به نه ٿي سگهي آهي. اهو پتو ئي نه پيو آهي ته اهي ڪير هئا ۽ ڪنهن جي آشيرواد سان آيا هئا. جسٽس اعجاز الاحسن جنهن علائقي ۾ رهيو ٿي، اتي 24 ڪلاڪ سيڪيورٽي جو سخت پهرو هوندو آهي، هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي آهي، اهڙي علائقي ۾ هٿياربندن جي ڪامياب ڪارروائي ڪهڙو اطلاع ڏئي رهي آهي. انهن جو ٻه ڀيرا اچي فائرنگ ڪرڻ ثابت ڪري ٿو ته انهن کي ڪنهن جي ۽ ڪيتري ٽيڪ آهي، اهو واقعو هٿياربندن جي بي خوفي جو ته ثبوت فراهم ڪري ئي ويو آهي پر اهو به ٻڌائي ويو آهي ته هٿياربندن اهو واقعو گرفتار ٿيڻ زخمي ٿيڻ ۽ مارجڻ واري اهڃاڻ کي آڏو رکي ڪيو آهي، هنن پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي پنهنجي پويان ڪنهن طاقتور ڌر يا قوت جي ملوث هئڻ جي ته خبر ڏني ئي ڏني آهي پر اهو به ٻڌائي ڇڏيو آهي اهي ڪٿ به ۽ ڪجهه به ڪري سگهڻ جي طاقت رکن ٿا.
ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته سرڪاري سي سي ٽي وي ڪئميرا خراب هئڻ ڪري هٿياربندن جي چرپر رڪارڊ نه ٿي سگهي آهي، اها خبر نه آهي ته سي سي ٽي وي ڪئميرا خراب هئڻ جو هٿياربندن کي علم هو يا نه پر اهو پتو ضرور آهي ته کين هاءِ سيڪيورٽي ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرا جي موجودگي جي کين پڪ ضرور هوندي ان جي باوجود انهن پاران ايڏو وڏو واقعو ڪرڻ ڪا معمولي ۽ نظرانداز ڪرڻ جهڙي ڳالهه نه آهي. ماڊل ٽائون جي حساس علائقي ۾ ڪنهن به ماڻهو کي بنا چيڪنگ اچڻ جي اجازت نه آهي ۽ غير لاڳاپيل ماڻهن جي اچڻ تي سخت پابندي آهي. سيڪيورٽي ذريعا ٻڌائن ٿا ته 10 اپريل کان اعجاز الاحسن جي گهر واري گهٽي جي سي سي ٽي وي ڪئميرا خراب هئي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ڄاڻايل واردات ڪرڻ لاءِ ئي ان ڪئميرا کي اڳ ۾ ئي خراب ڪيو ويو هجي، اها خبر به ڪيترائي شڪ وڌائي ٿي ڇڏي ته رات جي پوڻين 11 وڳي جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي ٿيل فائرنگ وقت پهري تي فقط هڪڙو اهلڪار موجود هو ان وقت جيڪڏهن هٿياربند رڳو خوف پکيڙڻ لاءِ فائرنگ نه ڪن ها، گهر ۾ گهڙي گولين جو مينهن وسائين ها ته تصور ڪريو حالتون ۽ واقعا ڪهڙو منظر پيش ڪندي ڏٺا وڃن ها؟ اهي خبرون به پنهنجي پويان ڪيترائي خدشا ڇڏي ويون آهن ته رات جي وقت پيش آيل واقعي جو اطلاع اهلڪار لاڳاپيل ٿاڻي کي ڏنو پر پوليس جي مٿي تي جونءَ ئي نه چري، جنهن جي جاچ ته پنهنجي جاءِ تي پر واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ واقعي واري هنڌ اچڻ به مناسب نه سمجهيو ۽ انهي لاپرواهي جي نتيجي ۾ هٿياربندن جي دل وڌي ۽ اهي هڪ ڀيرو ٻيهر اچي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.
پنجاب سرڪار جو وڏو وزير شهباز شريف ميان نواز شريف جو ننڍو ڀاءُ آهي نه رڳو ايترو پر پاڻ (ن) ليگ جو نواز شريف جي تاحيات نااهلي کانپوءِ پارٽي سربراهه به آهي. ان جون خاطريون عملي طور تي ڪهڙو ٿيون ٻوٽو ٻارين، اهو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ئي معلوم ٿي سگهندو پر اها خبر جڳ جهان کي آهي ته جسٽس اعجاز الاحسن پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ ۾ شامل هو احتساب عدالت ۾ شريف خاندان خلاف ٻڌڻي هيٺ ريفرنس جو نگران جج پڻ آهي. هو سپريم ڪورٽ مان نواز شريف جي نااهلي، پارٽي سربراهه جي نااهلي ۽ آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت تاحيات نااهلي جي بئنچ ۾ پڻ شامل رهيو آهي. اڄ جيڪڏهن وقت جو منصف ئي غير محفوظ آهي ته پوءِ عام خلق ڪيتري تسلي سان جيئندي هوندي، سو اندازو لڳائڻ گهٽ ۾ گهٽ موجوده حالتن ۾ ڪا ڳجهارت نه رهي آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي ته جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي ٿيل فائرنگ جي ٻن واقعن کانپوءِ چيف جسٽس ثاقب نثار خود پاڻ واقعي واري هنڌي پهچي آءِ جي پنجاب عارف نواز کي گهرائي پيش آيل واردات جي منجهيل سٽ کي سلجهائڻ جي هدايت ڪئي آهي. جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي ٻه ڀيرا فائرنگ کانپوءِ اها ضمانت ڪنهن کان وٺجي ته ان تي ٽيون ڀيرو حملو ٿيندو يا اها خاطري ڪير ڪرائي سگهي ٿو ته هاڻ خود جسٽس اعجاز الاحسن جي حياتي ڪنهن امڪاني خطرن جي گهيري ۾ نه آهي. جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ رڳو هڪ فرد يا خاندان تي نفسياتي دٻاءُ وڌائڻ نه آهي پر اهو واقعو ان سڄي سوچ تي وار آهي جيڪا ملڪ ۽ قوم جي ڀلي لاءِ سدائين پاڻ پتوڙيندي رهي آهي. جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي حملو رڳو معزز جج صاحبن جي جيءَ کي ئي جهٽڪو نه آهي پر ان لڳ ڀڳ هر باضمير ۽ بااصول انسان جي پٽڪي ۾ هٿ وڌا آهن. هر انصاف پسند ماڻهو لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي ۽ هر سوچ ويچار ڪندڙ انسان کي دٻيل نه پر کليل ۽ چٽن لفظن ۾ اهو اطلاع ڏنو آهي ته هن ملڪ ۾ کيس ڪيئن جيئڻو ۽ رهڻو آهي.
جسٽس اعجاز الاحسن تي حملو حقيقت ۾ مثبت سوچ تي حملو آهي جيڪو اهو نياپو ڏئي ويو آهي ته سماج ۾ گهڻ رخي جبر واري جيڪا سالن صدين کان فضا جڙيل آهي ان جو جمود ٽٽڻ نه گهرجي، اهو برقرار رهي ته جيئن جاگيرداراڻو ۽ سرمائيداراڻو ذهن رکندڙ همراهن جا وارا نيارا ٿيندا اچن. اهي ملڪ ۾ لٽ ڦر جي بازار گرم ڪيو ويٺا هجن. پر جڏهن هنن جي اها ڏاڍ مڙسي جڏهن ڪنهن ليکي چوکي هيٺ آئي آهي تڏهن کين ڀرپور بڇان لڳي آهي، هنن کي پنهنجو ڪوڙ جو ٺهيل ڪاڪ محل جهرندي ۽ ڀرندي محسوس ٿيو آهي ته توائي ۾ اچي هنن انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي اخلاقي قدرن جا ڀرم ٽوڙيا آهن. سوال اهو آهي ته هن وقت جڏهن سمورو سماج حڪومت، فوج، جج، وڪيل ۽ حزب اختلاف هڪ آواز ٿي جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي هڪ ٻئي پٺيان ٻه ڀيرا ڪيل فائرنگ تي سراپا حتجاج بڻيل آهيون ته پوءِ آخر ڪهڙا ڳجها هٿ آهن جيڪي جوابدارن کي بچائي رهيا آهن. جن جي اڃا تائين سڃاڻپ به نه ٿي سگهي آهي ۽ جن سڄي ملڪ ۾ ٻڏتر ۽ ٻائيتال واري فضا پيدا ڪري ڇڏي آهي.
جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي ٿيل فائرنگ ظاهري طور تي ڀل ته ڪو جاني ۽ مالي نقصان نه ڪيو هجي پر اها هر پرخلوص ۽ ماڻهو کي نفسياتي دٻاءُ هيٺ آڻي وئي آهي. هاڻ هر قلمڪار، هر وڪيل، هر سماج سڌارڪ ۽ هر منصف نشاني تي آهي. جان جي امان رڳو ان کي ئي ميسر آهي جيڪو مروج مدي خارج ريتن رسمن جو راهي آهي، جيڪو هر اڀرندڙ سج جو سلامي آهي ۽ جنهن ڪڏهن اندر جي انسان جي رهنمائي ۾ ڪڏهن ڪک ڀڃي ٻيڻو ئي نه ڪيو آهي. هاڻ هن سماج ۾ خوف جو جيڪو ماحول طاري ٿي ويو آهي سو فضيلت ڀري انسان مٿان لڙڪندڙ تلوار بڻجي چڪو آهي. اهڙي ماحول ۾ حق سچ جي صدا بلند ڪرڻ اصول پرستي جي واٽ تي هلڻ ۽ سماج ۾ خوشگوار تبديليون آڻڻ واري تمنا جي زبردست قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. جيڪا ماضي ۾ به ادا ٿيندي آئي آهي ۽ حال ۾ به وصول ڪئي پئي وڃي.
حقيقت اها آهي ته جنهن وٽ جيتري طاقت آهي اهو اوترو ئي بدمست ڏٺو ويو آهي هر ڪنهن پنهنجي حيثيت مطابق قانون ۽ اخلاقيات جا بکيا اڊيڙيا آهن. نتيجي ۾ سڄي سماج جو توازن ڊنوان ڊول ٿيو آهي، پڪ سان اسان به ڪٿي نه ڪٿي ان توازن جي بگاڙ ۾ برابر جا ڀائيوار رهيا آهيون. اڄ جيڪڏهن پنهنجي شعوري ۽ لاشعوري طور تي ٿيل غلطين جو پاڻ جائزو وٺنداسين ته يقينن پنهنجون پنهنجون کوڙ ساريون ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون ڏسڻ ۾ اينديون. اسان سڌي اڻ سڌي ريت ڪٿي نه ڪٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن جي ڪار ۽ بدعنوان ماڻهو جو طرف کڻندا آيا آهيون. اسان جو اهو گناهه ڪو ننڍو نه پر وڏو آهي. جنهن جي ازالي جي اڄ جيتري ضرورت محسوس ٿي رهي آهي اوترو ئي ان جي شدت جو احساس اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو.
جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي جنهن به فائرنگ ڪرائي آهي اهو تاريخ جو ۽ عوام جو مجرم آهي. ان جي اها پيٽ ڀرائي رڳو سندس طاقت جي نشي کي ئي نروار نه ڪري رهي آهي پر اهو به ٻڌائي رهي آهي ته هن جو اهو غرور ۽ گهمنڊ عام ماڻهن جي ۽ اسان جهڙن جي تاڙين وڄائڻ جي رد عمل ۾ وڌيو ويجهو آهي. جنهن جي ڪري ان جو ايترو ته دماغ خراب ٿيو آهي جو اهو گهڻي حد تائين بدحواس ٿي ويو آهي ۽ اهو ان جي بدحواسي جو ئي نتيجو آهي ته اعليٰ عدليا جي معزز جج کي ڊيڄاري ڌمڪائي پنهنجي ڪوڙي ساک پت سنوارڻ جي جستجو ڪري رهيو آهي. ان کان اهو وسري ويو آهي ته وقت ۽ حالتون ڪنهن به طور تي هن جي حق ۾ نه آهن. هو جيڪو ڪجهه به ڪري رهيو آهي ان سان ان جون مشڪلاتون گهٽجڻ بدران وڌي ويون آهن. هو گهٻرائي يا نه گهٻرائي پر مستقبل جا آثار اهو چئي رهيا آهن ته هن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهڻو آهي ۽ هن جو مڪروه مهانڊو دنيا جهان آڏو نيٺ نروار ٿيڻو آهي، هن جو وجود مڪمل طرح سان ملياميٽ ٿي وڃڻو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ان لاءِ ڪي گهڙيون ڪي ڏينهن، ڪي مهينا ڪجهه انتظار جي پاڻ کي قيمت ادا ڪرڻي آهي پر ان لاءِ ضروري آهي ته اهو عهد ڪريون ته هر قسم جي ڏوهاري کان پاڻ کي پري رهڻو آهي ۽ ڌرڻو نه پر ان کي ڳارڻو آهي. ان کان ڏڪڻو نه پر ان کي ڪنبائڻو آهي. ان کان ڊڄڻو نه پر خود ان کي ڇرڪائڻو آهي. اهڙي فضا يا اهڙو ماحول اڳ جيڪڏهن ميسر هجي ها ته ڪنهن ۾ اها طاقت ئي نه هجي ها ته جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ ڪرائي پنهنجي بزدلي جو باب رقم ڪرائي ها. اهو ئي سبب آهي جو ڏاڍي شاطر نموني سان ان جي هر چالاڪي پنهنجي پويان نشان مٽائيندي پئي وڃي ۽ ان ڏس ۾ پاڻ آرٽيڪل جي ابتدا ۾ جيڪي منظر ۽ حقيقتون بيان ڪري آيا آهيون سي به ڪيتريون ئي چغليون هڻي ويون آهن. سوال اهو آهي ته انهن جي اصليت عوام آڏو اچي به سگهندي؟
(روزاني عبرت 17 اپريل 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو