Tuesday, April 10, 2018

ڇا سنڌ ۾ ووٽ وٺڻ سڱ وٺڻ کان به ڏکيو ڪم آهي؟



محمد خان دائود
بابا ووٽ جو ڇا ٿيندو؟
ڇا ٿيندو؟!!!
جڏهن اليڪشن جو وقت ايندو انهن ماڻهن جي انبوهه کي ڀرينداسين ٽرڪن ٽرالين،گڏهه گاڏين ۾ ٿيلين ۾ ڀت ڀري انهن کي ڏينداسين ووٺ ملي ويندا تون پريشان نه ٿي،تون بس تقرير ڪرڻ سکي وٽ اليڪشن جي زماني ۾ توکي ڳالهائڻو پوندو، بس ايترو سکي وٺ جئين ڪم ٿي وڃي،پوءِ انهن اٻوجهن کان اهو به وسري ويندو ته انهن ڪنهن کي ووٽ ڏنو؟ انهن جو چونڊيل همراهه ڪهڙو هو؟ ۽ ڪهڙو توهان کي هتي رهڻو آهي؟تون وڃي ڪراچي ۾ وسج پوءِ ڪڏهن دبئي ڪڏهن آمريڪا!
ڇڏ بابا ووٽ جو فڪر اڃان اليڪشن ۾ ٽائيم آهي گهمي ڦري وٺ!“
اهو مٿيون ٽڪرو امر جليل جي  ڪالم
“سنڌ تان ڪارو سج ڪڏهن لهندو!“
تان ورتل آهي جنهن ۾ ان ڳالهه جو اظهار ٿيل آهي ته سنڌ ۾ وڏيرن،ميرن،پيرن،سردارن،جاگيردارن.پاڳارن،ڏوڪڙ پئسي وارن،هلندي پڄندي وارن،اثر و رسوخ وارن،با اثر ماڻهون جو سنڌ مان ووٽ وٺڻ ڪو مسئلو ناهي.انهن کي اهو فڪر ئي نه هوندو آهي ته انهن کي ووٽ ڪئين ملندو؟!
پهرين بااثر پاڻ ان اليڪشني ٽڪساٽ ۾ شامل هوندا آهن،جڏهن هو گهوڙن وانگر پوڙها ٿيڻ لڳندا آهن. ته پنهنجي ٻارن کي ٻيا ڪم ڪار ڇڏائي ان الڪيشني ٽڪساٽ ۾ شامل ڪرائي ڇڏيندا آهن.پوءِ اُهي ان راند جا نوان کلاڙي هوندا آهن .انهن کي اها خبر نه هوندي آهي ته سنڌ انهن کي ووٽ ڪئين ڪندي؟ تڏهن انهن کي ٿوري پريشاني گهيري ويندي آهي.پر انهن جوانڙن کي اهي پراڻا کلاڙي جن جي هٿن ۾ نوان ڄار هوندا آهن اهي بي فڪر هوندا آهن ۽ پنهنجي ٻارن کي به اهو ئي دلاسو ڏيندا آهن ته
“اوهان ڪوئي فڪر نه ڪريو اهي اٻوجهه اوهان کي ئي ووٽ ڏيندا بس اليڪشن جو وقت اچڻ ڏيو اسان جا ڪمدار ا نهن کي پاڻ ئي ٽريڪٽر ٽرالي ۾ جانورن جئيان سوار ڪندا ۽ هو ووٽ ڏئي ايندا“
ها سنڌ کي ڪا به خبر ناهي.سنڌ ته  بس انسانن جو هڪ هجوم آهي ان کي ڪهڙي خبر ته اهئي با اثر ڪهڙي راند کيڏي رهيا آهن؟
اُهي پاپي سمجهن ٿا ته اهي بس ماس آهن!ماڻهون آهن،اهي به شعور کان وانجهيل انهن کي ڪهڙي خبر؟ پر انهن ماڻهون جي ميڙ کي ڪير ٻڌائيندو اهو سڏ ته
“جهونجهڪڙي جو آيو سڏُ
ڳاڙهي جي ڳٽ ڳٽ سان گڏ
مڌ کان پنهنجو پاڻ پلي
ايڏو پاپي جيو نه پڏ!
ڪارو ڪارونڀار ته ڏس
آهي ڇا ماڻهوءَ جو هڏ!“
پر سنڌ جا مارو ماڻهون ايترا اٻوجهه ڇو آهن جو هو ووٽ ڏيڻ کان پوءِ اهو به ڀلجي ٿا وڃن ته انهن گذريل سال اليڪشن ۾ ووٽ ڪنهن کي ڏنو ؟ هوڏانهن جي تڪ جو چونڊيل نمائندو ڪير آهي؟۽ هو هاڻي ڪٿي آهي؟ان جي زميواري ڇا آهي؟يا هو انهن جي زندگيءَ کي ڪئين تبديل ڪري سگهي ٿو؟يا هو ڇونڊيل نمائندو انهن جي ڪهڙي ڪم اچي سگهي ٿو؟.سنڌکي ڪا به خبر ناهي.سنڌ جا ووٽر بس هلندا رهن ٿا ڪيٽي جي بندر کان ويندي ڪشمور جي پهاڙن تائين ٿر جي لُڪ کان ويندي ڪشمور جي ساوڪن تائين دادو جي جبلن کان ويندي ڪوهستان جي پهاڙن تائين سکر جي ساڌ ٻيلي کان ويندي شڪار پور جي لڪي در تائين ڀٽائيءَ جي نگريءَ کان ويندي هالا جي حويليءَ تائين سنڌ کي ڪا خبر ناهي ته ان جو ووٽ ڪير وٺي رهيو آهي ۽ اهو ووٽ ڪهڙي ڪم جو آهي سنڌ کي ته اها به خبر ناهي ته اُهي ڀوتار ووٽن جي وقت غريبن جي جڳين ۾ رات جي اجهاڻل تارن جيان ڇو لهي ايندا آهن؟!سنڌ کي ته اها به خبر ناهي ته اهي وڏيرا اڪثر انهن غريبن جون فاتحون انهن اليڪشن اچڻ وقت ئي ڇو ڪندا آهن؟انهن اٻوجهه انسانن کي اها به خبر ناهي ته انهن جا اهئي چونڊيل نمائيندا ووٽن کان پوءِ ڪيڏاهن گم ٿي ويندا آهن؟!!.انهن سٻاجهڙن ماروڙن کي ته اها به خبر ناهي ته جڏهن ووٽ ويجهو ايندا آهن ته اهئي نواب جاگيردار سردار ڪٿان نازل ٿي ڳوٺن ۾ پکين جي ولر جيان لهڻ شروع ڪندا آهن؟!سنڌ کي ته اها به خبر ڪونهي ته اتي ووٽ جو اهڙو هيڻو حال  ڇو ٿي ويو آهي؟ ووٽ جو تقدس ڇو ناهي؟سنڌ کي ته اها به خبر ناهي ته سنڌ جا رهواسي ووٽ جي طاقت کي ڇو نٿا سمجهن؟سنڌ کي ته اها به خبر ناهي ته سنڌ اهو ڪڏهن سمجهندي ته هڪ ووٽ سان تمام وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي!
سنڌ اهو ڪڏهن سمجهندي ته ان جواهو هيڻو حال هڪ ووٽ هڪ فرد سان ئي سُڌري سگهي ٿو!
سنڌ اهو ڪڏهن سمجهندي ته ووٽ وٺڻ وارا تمام ٿورا آهن ۽ ووٽ ڏيڻ وارا تمام گهڻا آهن!
سنڌ اهو ڪڏهن سمجهندي ته پنڊال ۾ ويهي منرل واٽر جون بوتلون پيئڻ وارا تمام ٿورا آهن. ۽ انهن جا ڀاشڻ ٻڌي اڄ مرڻ وارا تمام گهڻا آهن!
سنڌ اهو ڪڏهن سمجهندي ته پنڊالن ۾ ويهي تقريرون ڪرڻ وارا تمام ٿورا آهن.پر انهن تقريرن تي تاڙيون وڄائڻ وارا تمام گهڻا آهن!
سنڌ اهو ڪڏهن سمجهندي ته اُهي هٿ تمام ٿوراڙا آهن جنهن جي هٿن جا آڱوٺا ڪارا نٿا ڪيا وڃن پر اُهي هٿ تمام گهڻا آهن جيڪي بس پنهنجي هٿن جا آڱوٺا ئي ڪارا نٿا ڪن ،پر انهن آڱوٺن سان گڏ پنهنجا منهن به ڪارا ڪن ٿا!
سنڌ اهو ڪڏهن سمجهندي ته انهن ٻارن جو تعداد تمام ٿورو آهي جيڪي ٿر ۾ مرڻ کان بچي وڃن ٿا پر انهن ٻارن جو تعداد تمام گهڻو آهي جيڪي ٿر ۾ روز مري رهيا آهن!
سنڌ اهو ڪڏهن سمجهندي ته ان جي شهرن جا ٻار جيڪي اسڪول وڃن ٿا انهن جو تعداد تمام ٿورو آهي پر سنڌ جي ڳوٺن جا ٻار جيڪي اسڪول نٿا وڃن انهن جو تعداد تمام گهڻو آهي!
سنڌ هاڻي ٿڪجي پئي آهي سنڌ جي نيڻن جا ڏيئا اجهامڻ تي آهن.سنڌ جو نور لڙڪن ۾ وهي رهيو آهي اهو نور جيڪو انهن فردن سان گڏ کنڀجي ويو جن کي ڪئي ورهيه گذري ويا آهن.
تڏهن به سنڌ جا اٻوجهڙا ماڻهون بي خبر آهن.انهن کي ڪا به خبر ناهي ڇو جو سنڌ کي ۽ سنڌ جي ماڻهو کي لاعلم رکيو ويو آهي!
هاڻي ته سنڌ جي نور جا سڀ ڏيئا اجهامڻ تي آهن
“تو لئه تڪيندي ڏيئا اجهاڻا
ڇو ڪونه آئين تون رات راڻا؟
سنڌ اهو ڪڏهن سمجهندي ته سموري سنڌ اگهي آهي.سارو جهان سگهو آهي،
سنڌ اهو ڪڏهن سمجهندي ته اهي جيڪي بااثر آهن اهي بس با اثر آهن.اهي سنڌ جا سور نه ته سمجهي سگهن ٿا ۽ نه ئي انهن جو درمان ڪري سگهن ٿا.پر اچڻ واري اليڪشن ۾ سموري سنڌ وري به نچندي ڪڏندي انهن ئي ٽريڪٽر ٽرالين ۾ مال جيان واڙيل هوندي وڏيرن جي فون جا ڪڙڪا هوندا ۽ سموري سنڌ لائنن ۾ لڳل هوندي وڏيرا چونڊيا ويندا انهن جا اُهي ٻار چونڊيا ويندا جن کي هاڻي کان ئي فڪر لاحق ٿيل آهي ته انهن کي ووٽ ڪير ڏيندو؟
پر زرداري صاحب سمجهي ٿو ته سنڌ ۾ ووٽ وٺڻ سڱ وٺڻ کان به ڏکيو ٿي پيو آهي جڏهن ته سنڌ زرداريءَصاحب جي ان ڳالهه تي مسڪرائي به نٿي سگهي سنڌ ڪئين مسڪرائي؟!جڏهن سموري سنڌ جو حال هيڻو آهي.سنڌ هڪ اذيت مان گذري رهي آهي.اهڙي اذيت جنهن ۾ بس درد ئي ڪونهن پر دردن سان گڏ پڇتاءُ به آهي اهڙو پڇتاءُ جنهن ۾ بابا فريد جا اهي لفظ کي ڪم اچي سگهن ٿا ته
“ڏکهان دي ٻانهن سيراندي اي“
سنڌ جي سيراندي بس ڏک آهن ۽ اهي اهڙا ڏک آهن جن جو درمان به ٿي سگهي ٿو پر انهن ڏکن جو درمان ڪير ڪري؟
سنڌ !زرداي صاحب کي بس اها وينتي ڪري رهي آهي ته اوهان منصور ٿي سوليءَ تي نه چڙهي وڃون.سنڌ ۾ سمورا اٻوجهه ماڻهون به اوهان جا ووٽ به اوهان جا ۽ نه ئي سنڌ ۾ اوهان لاءِ ووٽ ڪو سڱ کان به مشڪل آهي بس خدارا سنڌ جي واهر ڪيو هاڻي ته سنڌ جي اکين مان نور به ختم ٿي چڪو آهي!
(روزاني عوامي آواز 10 اپريل 2018ع)



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو