Tuesday, April 24, 2018

جمهوريت ۽ موسمي پکين جون اڏامون!


شفيق الرحمان شاڪر
پاڪستان ۾ مضبوط ۽ مستحڪم جمهوري نظام جي قيام جي دعويدار سياستدانن جي کوٽ ناهي جيڪي هر پارٽيء ۾ موجود آهن ۽ هروقت پنهنجن تقريرن ۽ گفتگوء ۾ جمهوريت خلاف ٿيندڙ سازشن جو ماتم ڪندا رهن ٿا.جڏهن اهي جمهوريت جي دردن ۽ سورن جو ذڪر ڪرڻ لڳندا آهن ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ته جمهوريت جي ان زبون حالي ۽ مظلوميت هنن ويچارن جي اکين جو آرام ۽ دل جو سڪون ئي برباد ڪري ڇڏيو هجي ۽ دنيا خراج تحسين ۽ عقيدت ڀرين نظرن سان انهن جمهوريت جي پرچارڪن جا ڀاشڻ ٻڌڻ لڳي ٿي پر حيرت تڏهن ٿئي ٿي جو اليڪشن جي موسم ويجھي ايندي ئي سياسي وفاداريون بدلائڻ جون روح کي راحت ڏيندڙ هوائون شروع ٿيو وڃن،پرديسي پکي نون آکيرن جي تلاش ۾ پر پکيڙڻ لڳن ٿا ۽ هڪ عجيب قسم جي سياسي اٿل پٿل جي بازار گرم ٿيو وڃي.پاڪستان ۾ جڏهن کان اها نالي ماتر مائي جمهوريت جنم ورتو آهي تڏهن کان سياسي سوديبازين ۽ ذاتي مفادن جي اها لڪ لڪوٽي هلندي پيئي اچي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته پارٽيون بدلائيندڙ اصول پرستن جو ضمير صرف تڏهن ئي ڇو ٿو جاڳي جڏهن سندن پوئين پارٽي واري قيادت جي هٿن مان   حڪومتي اختيار جو رانديڪو کسجندو ٿو نظر اچي ۽ اها ڳالهه به سمجھه کان چڙهيل آهي ته انهن عظيم باغين کي پارٽي۾ گرمجوشيء سان آڌرڀاء ڪندڙ اڳواڻن کي اهڙن هيرن ۽ جواهرن جي ضرورت رڳو ان وقت محسوس ڇو ٿي ٿئي جڏهن اليڪشن جي ديڳ چڙهڻ واري هوندي آهي.سالن جا سال ڏينهن رات جن سياسي اڳواڻن جي باري ۾ اهي گارين جا گل ڇٽيندا ۽ جن کي اهي پوري ملڪ بلڪه سموري دنيا جي سنگين ڏوهارين واري لسٽ ۾ چوٽيء تي رکي تبرو ڪندا رهن ٿا وري اوچتو ئي اوچتو انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جڏهن پوئين قيادت جون ناپاڪيون ۽ نئين قيادت جي پاڪائيء جا قصيدا پڙهن ٿا ته انهن جي منهن تي ڪو گھنج ئي نٿو اچي.نڪ جي اها ڏاڍائي رڳو مهمانن کي ئي ميسر ڪانهي پر انهن عظيم اصولي ميزبانن کي ڇا چئجي جيڪي اختيار ۽ اقتدار جي هوس ۾ انهن ئي مهمانن جا هٿ چمڻ لڳن ٿا جن سندن شان ۾ استعمال ڪرڻ لاء لغت مان ڪوبه گندو ۽ ڪسو لفظ نه ڇڏيو هو.اهائي سياست آهي جو “اڌر ڊوبي اڌر نڪلي” ۽ انهن ئي عظيم اڳواڻن جي چوڻ مطابق ؛ “سياست ۾ ڪي به هميشه جا دوست يا دشمن نه ٿيندا آهن.” سو صاحبو! پاڻ وٽ اهائي سياست آهي جيڪا ويهي ڏسو ۽ دنيا جي ٻين سڌريل سماجن کي به ان جا ڏس ڏيو.جنهن مست موسم جي اسان ڳالهه ڪري رهيا آهيون خوشقسمتيء سان اها پوري آب تاب سان پاڪستان ۾ هڪ دفعو وري پهچي چڪي آهي.تازو پيپلز پارٽيء جو پراڻو اڳواڻ پنهنجون سياسي وفاداريون بدلائي پي ٽي آئي کي پيارو ٿي چڪو آهي. مزي جي ڳالهه اها جو چن ان وقت پي ٽي آئي شامل ٿيو آهي جنهن وقت ڪپتان ڏيڍ ڊزن کان وڌيڪ سندس پارٽيء جي ڪي پي ڪي اسيمبلي جي ميمبرن کي وفاداريون بدلائڻ جي الزام ۾ پارٽيء مان نيڪاليء جو اعلان ڪيو آهي پرساڳيوئي اصول پسند ڪپتان پنجاب اسيمبليء مان مبينا طور تي ووٽ خريد ڪري سندس ئي پارٽيء جي چونڊيل هڪ  سينيٽر جي معاملي تي  ته خاموش آهي ئي پر نون ليگ جو وزيراعظم جيڪوسينيٽ چئرمين تي وفاداريون خريد ڪري ڪامياب ٿيڻ تي ساڻس ملاقات ڪرڻ به عظيم ڏوهه سمجھي ٿو سو سندس پارٽيء جي انهن ميمبرن خلاف ڪا به سزا تجويز ڪرڻ لاء تيار ناهي جن پنهنجون وفاداريون تبديل ڪري ووٽ ڏنا.
ڪجهه ڏينهن پهرين ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن مسلم ليگ نون کان علحدگيء جواعلان ڪيو هو انهن پنجاب ۾ هڪ نئون صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان هڪ محاذ بنائڻ جو اعلان ڪيو آهي.انهيء محاذ جي اڳواڻي ڙحيم يار خان سان تعلق رکندڙ خسرو بختيار ڪري رهيو آهي جيڪو پارٽيون بدلائڻ جي معاملي ۾ گھڻو مشهور آهي.اهو گروپ وڌيڪ ٻين ميمبرن سان محاذ ۾ شامل ٿيڻ لاء رابطا ڪري رهيو آهي.پر نون ليگ ڇڏيندڙن جو اهو پهريون گروپ ناهي،ان کان اڳ به ختم نبوت واري قانون جي معاملي تي به ڪيترن ئي نون ليگي ميمبرن استعفائون ڏنيون هيون جن مان ڪجهه پنهنجون استعفائون واپس وٺي چڪا هئا.2013ع جي اليڪشن کان پهرين به ساڳي موسم آئي هئي جڏهن چئني صوبن جا ڪيترائي روايتي سياستدان ميلي جي صورت ۾ پي ٽي آئي ۽ نواز ليگ جي سياسي ديڳ ۾ اچي ڪريا هئا.هڪ اندازي مطابق نون ليگ اٽڪل سو کن اهڙن موسمي پکين کي پنهنجي سيني تي ويهاريو جيڪي ماضيء ۾ هڪ اهڙي آمر سان سر ۽ ساز ملائيندا رهيا هئا جنهن کي نون ليگ جا بهادر جمهوري اڳواڻ ڦاسي جي تختي تي ڏسڻ گھرندا هئا.انهن ئي نون ليگين مشرف جي محبت ۾ فنا قاف ليگين لاء به پنهن جا ڪلها حاضر ڪيا.پي پي پي جا ڪيترائي اهم اڳواڻ جهڙوڪ شاهه محمود قريشي،فردوس عاشق اعواڻ،بابر اعواڻ،صمصام بخاري ۽ نذر محمد گوندل پي ٽي آئي ۾ شامل ٿي چڪا آهن.ان کان سواء عمران خان جي پارٽيء نون ليگ جي محمد سرور سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي پاڻ طرف ڇڪي ورتو.ٻئي طرف نون ليگ به پي ٽي آئي جي ڪجهه اڳواڻن کي پنهنجن صفن ۾ شامل ڪيو آهي. ڪراچيء ۾ اهو عمل پي ايس پي يعني پاڪ صاف پارٽي جي جڙڻ کان پوء شروع ٿيو.ايم ڪيو ايم جا ڪيترائي قومي ۽ صوبائي اسيمبليء جا ميمبر پي ايس پي ڳڙڪائي چڪي آهي.
ڪيترائي سياستدان ۽ دانشور وفاداريون بدلائڻ جي ان سموري تماشي کي اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار قرار ڏين ٿا پر سوال اهو ته خريد ڪندڙ ۽ وڪرو ٿيندڙ ڪير آهن؟ اهي ئي پنهنجو پاڻ کي سياستدان سڏائيندڙ يا ڪي ٻيا؟ جيڪر خريد ڪندڙ ئي نه هجن ته وڪري جي جنس خود بخود مارڪيٽ مان غائب ٿي وڃي ۽ جيڪر ڪو وڪجڻ لاء ئي تيار نه ٿئي ته ڇا ڪندي اسٽيبلشمينٽ؟   سينيٽ جو اڳوڻو چئرمين جناب رضا رباني جتي هڪ طرف ان سموري اٿل پٿل کي “پهريان کان طيء ٿيل” سڏي ٿو ته ٻئي طرف سينيٽ جي تازين چونڊن ۾ پنهنجي پارٽيء جي ڪردار جو دفاع ڪندي به نظر اچي ٿو.سياسي وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي حوالي سان مبينا طور تي پي پي پي تي جيڪي الزام لڳندا رهيا آهن انهن جو ڪو تسلي بخش جواب ڏيڻ بدران انهن کي به رڳو جمهوريت خلاف سازشون ئي نظر اچن ٿيون.پي پي چئرمين بلاول ڀٽو زرداريء کان جڏهن نديم افضل چن جهڙي نظرياتي ڪارڪن جي پارٽي ڇڏڻ جو سبب پڇيو وڃي ٿو ته فرمائي ٿو ته هو نظر آيو ٿي پر نظرياتي نه هو.جڏهن پارٽي سربراهن جي نظر پارٽيء جي نفعي نقصان تان هٽي ذاتي نفعي نقصان تائين محدود ٿي وڃي ته پوء اتي نظرين جو بحث ئي هڪ فضول بحث بڻجي وڃي ٿو.سياسي مبصرن جي خيال ۾ موسمي پکين جي انهن اڏامن ۾ ايندڙ ڪجھه ڏينهن ۾ وڏيڪ تيزي ايندي ۽ انهيء گھڻي ۾ گھڻو نقصان نون ليگ جو ۽ ٻئي نمبر تي پي پي پي جو ٿيڻ جو امڪان آهي.پنجاب ۾ پيپز پارٽيء جو اڳ۾ ئي صفايو ٿيل آهي ۽ هاڻي شايد نون ليگ پنهن جي فطري نتيجي طرف ويندي محسوس ٿئي ٿي جنهن ۾ ڏکڻ پنجاب مان ته نون ليگ جي مڪمل صفائي ٿي سگھي ٿي.ڪجهه روايتي چڱا مڙس پي پي ۾ ته ڪي پي ٽي آئي ۾ هليا ويندا ۽ باقي جيڪي رهيا انهن مان به گھڻا نون ليگ بدران آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ پسند ڪندا ته جيئن ايندڙ ٺهندڙ ڪنهن به حڪومت کي پنهنجون قومي خدمتون پيش ڪري سگھن.نواز شريف کي سزا هئڻ جي صورت ۾ ان محبتي ميلي ۾ مڇر پئجي ويندا جو محبتين جي اڪثريت انهن ڪردارنتي مشتمل آهي جيڪي صرف ڪجهه سال پهرين مشرف واري ملاکڙي جا ملهه هئا ۽ مشرف جي مرضي ماڻڻ لاء انهن ميان صاحب مٿان ايترا ته محبت جا موتي وسايا هئا جو ميان صاحب گھريو ٿي ته انهن کي جيئرو دفن ڪري ڇڏي.پر وقت جو ورتاء چئجي،حالتن جي ستم ظريفي يا ميان نواز شريف جي ناداني جو سندس آسپاس انهن ئي بيوفائن جو هجوم نظر اچي ٿوجيڪي گڏ ضرور رهندا آهن پر صرف انهيء سان جنهن وٽ تخت، تاج ۽ طاقت هجي!

(روزاني عوامي آواز 22 اپريل 2018ع) 



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو